; سنڌي شخصيتون: پروفـيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ

03 May, 2023

پروفـيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ

پروفـيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ

شھاب الدين المعروف ظفرعلي محمدي (رٽائرڊ) جج



پروفيسر ڊاڪٽر عبد الوحيد انڍڙ جن مزدورن جي عالمي ڏھاڙي تي سال ۱۹۶۳ع ۾ محترم حضرت ميان عبدالحليم انڍڙ جن جي گھر ھاليجي شريف ۾ جنم ورتو ۽ جڏھن ته سندس اباڻو ڳوٺ ميل انڍڙ (واري ڳوٺ) آھي.


پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ ھاءِ اسڪول پنوعاقل مان مڪمل ڪئي. انٽر ڊگري ڪاليج گھوٽڪي مان ڪرڻ بعد گريجوئيشن عطا حسين شاهه موسوي ڪاليج روھڙي مان ڪئي ۽ بعد ۾ پوسٽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان مڪمل ڪئي.

تعلقي پنوعاقل جي انڍڙ قبيلي کي خداوند ڪريم خداداد صلاحيتن سان نوازيو آهي ۽ انڍڙ قبيلي بزرگ ھستين. درويش فقيرن حافظن. محققن اديبن شاعرن. ناليوارن استادن ۽ اعليٰ تعليم يافته ھستين کي جنم ڏنو آھي. پروفيسر عبدالوحيد انڍڙ جن به انھن مان ھڪ آهن.

ڊاڪٽر صاحب علمي روحاني خاندان سان وابستا آهي. پاڻ عربي شعبي جو مصداق آهن ۽ قليل عرصي ۾ پاڻ مڃرايو اٿن. ڊاڪٽر صاحب ۶۰ کان وڌيڪ ڪتابن جا مصنف آهن ۽ ساڳي وقت سندس ۱۰۰ کان وڌيڪ مقالا آرٽيڪل ڇپجي چڪا آهن. جڏهن ته تصنيفن ۾ سکر ڏسڻي، مدرسا مظھرالعلوم کڏي ڪراچيءَ جون ديني ۽ سياسي خدمتون، سندس پي ايڇ ڊي (ٿيسز)، گنجينهء عرفان، ترجمو سنڌي ملفوظات مالڪان، حافظ محمد صديق ڀرچونڊي رح وارن جي فارسي ملفوظات جو سنڌي ۾ ترجمو، گھوٽڪي ضلع جي تاريخ ۽ ثقافت، سکر: تاريخ و تمدن (اردو)، تاريخ قبيلا انڍڙ (اردو)، حيات حضرت ھاليجوي رح ۽ ان کان علاوه ڪيترائي نصابي ڪتاب آھن، جن مان لکين شاگرد مستفيض ٿيا آهن.

پاڻ پاڪ آرمي جي تعليمي شعبي ۾ بطور ايجوڪيشن آفيسر خدمتون سر انجام ڏنائون. ان کان علاوه غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج ۾ بطور اسلامڪ اسٽڊيز جي وزيٽنگ فيڪلٽي ميمبر طور خدمتون سر انجام پڻ ڏنائون.

ڊاڪٽر صاحب جن ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽوٽ سنڌ حيدر آباد جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر به رھيو. ان کان علاوه مختلف پبلڪ سيڪٽر ڪاليجن ۾ گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪلاس جو ۲۰ سالن کان وڌيڪ عرصو انچارج ۽ ٽيوٽر رھيو. پنج سال حڪومت پاڪستان جي زير نگراني ماڊل ديني مدرسا اسڪول اينڊ ڪاليج سکر جو پرنسپال رھيو.

ڊاڪٽر صاحب جن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ بطور عربي ۽ اسلاميات جي ماھر طور ڪم ڪيائون. سندس وڌيڪ خدمتن جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ۾ واضح ڪبو ۽ ھن وقت پاڻ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن (ميل) سکر ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج ۾ بطور پرنسپال فرائض سر انجام ڏئي رھيا آهن.

پاڻ ھڪ با اخلاق ۽ اعليٰ درجي جا محقق آهن ۽ سندس تحريرن کي سنڌ جي ساڃاه حلقي ۾ وڏي پذيرائي ملي آهي. راقم الحروف ھميشہ کانئس ادبي گر وٺڻ ۾ ڪڏهن به عار محسوس ڪونه ڪيو آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب جن به ھميشہ خنده پيشانيءَ سان منهنجي رھنمائي ڪئي آهي.

اسان شھر واسين کي به ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ صاحب تي فخر محسوس ڪرڻ گھرجي جن پنهنجي علم ذريعي شھر پنوعاقل جي نيڪ ناميء ۾ اسان جا ڪنڌ فخر سان بلند ڪيا آهن.

ڊاڪٽر صاحب جن عمري کان علاوه سال ۲۰۱۷ع ۾ حج جي سعادت پڻ حاصل ڪئي. کين ٻن فرزندن ۽ پنجن نياڻين جو اولاد آھي.

رب پاڪ کان دعا آهي ته مالڪ ڪريم ڊاڪٽر صاحب ۽ سندس اولاد ۽ جملي خاندان کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي.

 

(شھاب الدين محمدي جي فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا