; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر شبيب الحسن

12 May, 2023

ڊاڪٽر شبيب الحسن

ڊاڪٽر شبيب الحسن

همدرد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کان پينل انٽرويو



روزاني عوامي آواز جي ٽيم همدرد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر شبيب الحسن کان انٽريو ڪيو. انٽريو ۾ حيڪم سعيد جي زندگي، سندس حڪمت، همدرد يونيورسٽي ۽ ملڪي تعليم نظام بحث هيٺ رهيا. هيءَ يونيورسٽي ڪراچي جي نادرن باءِ پاس واري علائقي ۾ قائم آهي يونيورسٽي جو باني سنڌ جو اڳوڻو گورنر ۽ حڪمت جو ماهر حڪيم سعيد آهي.


سوال: سائين انٽريو جي شروعات جيڪڏهن ان کان ڪجي ته حڪيم سعيد صاحب جو ويزن ڪهڙو هو ۽ اڄ توهان هن کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

جواب: حڪيم سعيد صاحب تحقيق جي حوالي سان شروعات ڪئي، سندس ويزن حڪمت ۽ دانائيءَ جو هو جنهن کي نظر ۾ رکندي حڪيم صاحب هن يونيورسٽي کي قائم ڪيو. اڄ يونيورسٽيءَ ۾ ستن مختلف شعبن ۾ڪم ٿي رهيو آهي جنهن ۾ انجنيئرنگ، قانون، مئنيجمينٽ سائنس، سوشل سائنس ۽ فارميسي موجود آهن. هي اهڙو ادارو آهي، جنهن ۾ هر قسم جي اُها ڳالھ ٻولھ ٿي سگهي ٿي جنهن مان معاشري جي بهتري ممڪن هجي. اسان تعليم، صحت ۽ سوشل ڊيولپمينٽ تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهيون.

سوال: توهان جو سڀ کان گهڻو ڪم ڪهڙي شعبي ۾ آهي؟

جواب: اهو نٿو چئي سگهجي ته ڪنهن هڪ شعبي تي گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي، طب جو شعبو، جنهن ۾ فارميسي، ايسٽرن ميڊيسن ۽ ميڊيڪل ايم بي بي ايس، بي ڊي ايس، ان سان گڏوگڏ انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل سائنسز ۾ به سٺو ڪم ٿي رهيو آهي.

سوال: ان تاثر کي ڪيئن ٿا ڏسو ته ماڻهو هوميو پيٿڪ کان وڌيڪ ميڊيڪل سائنس کي ترجيح ڏئي رهيا آهن؟

جواب: ڀلي ڪنوينشل ميڊيسن هجي يا ٽريڊيشنل ميڊيسن هجي، ٻنهي جي پڙهائي ان ئي انداز سان ڪئي ويندي آهي پر انهن فيڪلٽيز ۽ شاگردن کي پاڻ ۾ سوچ ويچار ڪري ڪو نتيجو اخض ڪيو ويندو آهي.

سوال: تحقيق مان سماج کي ڪهڙو فائدو ٿيو آهي؟

جواب: يونيورسٽي جو شروع کان وٺي هينئر تائين مرڪز تحقيق رهي آهي. سڀ کان پهريان جيڪا لائبريري ٺهي اها به تحقيق جي سهولت لاءِ ٺهي ته جيئن ماڻهن کي ٻڌايو وڃي ته اسان ڪو به ڪم ڪيون ٿا ته ان پويان هڪ تحقيق موجود آهي. گھڻي ڀاڱي اهي ڪم ڪيا ويا جن ۾ دوا جو معيار بهتر ٿئي ۽ ماڻهن کي فائدو پهچندو رهي اسان مارڪيٽنگ لاءِ ڪم نه ڪيو آهي، هر سال رڳو تحقيق جي لاءِ ٻه کان اڍائي ڪروڙن جي فنڊنگ ڪندا آهيون. هتي هر شعبي جو پنهنجو ريسرچ جنرل موجود آهي. هينئر جيڪو صحت جو نوبل انعام مليو سو مليريا تي ڪم جي حوالي سان هو اسان وٽ هڪ تحقيق ۲۰۰۵ع ۾ ايسٽرن ميڊيسن ۾ ٿي ان تي ٿيسز لکي وئي ان تي پي ايڇ ڊي ٿي پر بدقسمتيءَ سان انهيءَ کي ان ريت نه ڇاپيو ويو اُن ٿيسزز ۾ ساڳي ڳالھ موجود هئي.

سوال؛ اوهان وٽ ست فيڪلٽيز آهن، اوهان ٻڌائي سگهو ٿا ته اوهان وٽ شاگردن جو ڪيترو تعداد آهي ڇا ٻين ملڪن جا شاگرد به هتي پڙهڻ اچن ٿا؟

جواب: اسان وٽ ست مختلف فيڪلٽيز آهن، ۽ پوري ملڪ مان شاگرد اسان وٽ آهن. هيءَ يونيورسٽي اهڙِي آهي جنهن بابت اوهين چئي سگهو ٿا ته هتي سموري ملڪ جي شاگردن جو گلدستو موجود آهي، اسان وٽ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ڌار ڌار بهترين هاسٽلز آهن جن ۾ اسان وٽ هڪ هزار ڇوڪرن جي گنجائش آهي، ڇوڪرين لاءِ ست سو جي گنجائش موجود آهي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون. جيڪي اسان وٽ ٻين شهرن ۽ ٻين علائقن مان ايندا آهن. . مجموعي طور تي اسان وٽ جيڪي شاگرد آهن اهي ست هزار کان وڌيڪ آهن جيڪي هن يونيورسٽي ۾ پڙهن پيا انهن مان ڪجھ پرڏيهي به آهن. هاڻي خير انهن جو تعداد پهريان کان گهٽ آهي، ڇو جو هاڻي دنيا ۾ گهڻا تعليمي ادارا اچي ويا آهن. اسان جا شاگرد چين وڃن پيا. انهيءَ کان پهرين ملائيشيا ويا هئا. . ته هاڻي ماڻهن وٽ موقعا گهڻا آهن. پرڏيهي شاگرد مختلف هنڌن تي وڃي سگهن ٿا. اسان وٽ پهرين گهڻا هئا پر هاڻي گهٽ آهن پر اڃا به اسان وٽ اچن ٿا.

سوال؛ اوهان پنهنجن شاگردن کي ٻين ملڪن ۾ تحقيق لاءِ موڪليندا آهيو ڇو ته اسين ڏسون ٿا ته هوميو پيٿڪ جو جيڪو گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي اهو ته جرمني ۾ ٿي رهيو آهي. ته جرمني جي ڪنهن اداري سان اوهان جو الحاق يا ڪو رابطو؟

جواب؛ پهرين ته آئون اهو چوان ته اسان وٽ صرف طِب نه پر اسان وٽ سائنس جون به فيڪلٽيز آهن. اسين هر فيڪلٽي کي اهو موقعو ڏيندا آهيون ته جيڪڏهن هو پنهنجي ڪنهن به ميمبر کي ٻاهر پڙهڻ يا تحقيق لاءِ موڪلڻ چاهين ته اسان وٽ اهو آپشن موجود هوندو آهي. اهي ويندا آهن. اسان پنهنجن شاگردن کي تحقيق جي حوالي سان يا مختلف ڪمن جي حوالي سان ملڪ کان ٻاهر موڪليندا آهيون انهيءَ سلسلي ۾ هڪ تحقيقي ڪم جي حوالي سان گذريل هفتي اسان جو استاد انگلينڊ ويو هو. هن هتي پنهنجو پيپر ڏنو آهي جنهن جي گهڻي واکاڻ ڪئي وئي، انهيءَ کان پندرنهن ڏينهن پهريان استاد ملا. ئيشيا ۾ پيپر پيش ڪري آيا آهن. ته اهي موقعا ملندا رهندا آهن ۽ اهي حاصل به ڪيا ويندا آهن. ٻيو ته ٻين يونيورسٽيز سان اسان جو الحاق آهي پروفيسرن کي اسان مقرر ڪيو آهي، جيڪي اسان جي مدد ڪندا آهن. تحقيق جي ڪم جي حوالي سان ڪيترين ئي يونيورسٽين سان به اسين رابطي ۾ آهيون ته اهڙا پروگرام هجڻ گھرجن جيئن شاگرد هتان ڪورسز ڪري ڪيڏانهن وڃن ته اُتي ڪم ڪري سگھن.

سوال؛ اوهان همدرد يونيورسٽي کي ڪراچي يونيورسٽي ۽ ٻين يونيورسٽين جي ڀيٽ ۾ ڪيئن ٿا ڏسو؟

جواب: ڏسو! يونيورسٽي ڪهڙي به هجي انهيءَ سان ڪو به فرق نٿو پوي. پر فرق انهيءَ سان پوندو آهي ته اوهان شاگردن جي تربيت ڪهڙي ڪريو ٿا، انهن جي ذهني اوسر ڪيئن ٿي ٿئي ته جئين هو مارڪيٽ ۾ وڃي يا اڳتي جيڪا سندس زندگي آهي اها ڪئين ٿا گذارين، ته منهنجي لاءِ ته ڀلي ڪراچي يونيورسٽي هجي يا همدرد يونيورسٽي هجي پر مون لاءِ شاگرد اهميت رکي ٿو ته شاگرد کي اسين ڪيئن ٿا تيار ڪيون اسان کي يونيورسٽيءَ جي بجاءِ شاگردن تي ڌيان ڏيڻ گھرجي.

سوال؛ اڄڪلھ هي صورتحال آهي ته خانگي شعبي ۾ ڪيترا ئي ماڻهو اچي ويا آهن. جن جو اهو خيال آهي ته تعليم واري شعبي ۾گهڻا پئسا آهن اهي ڪمائڻ به گهرجن. اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟

جواب: ڏسو، آئون انهيءَ کي ايئن سمجهان ٿو ته پئسو اهڙي شي آهي يا رزق اهڙي شي آهي جيڪو اوهان کي ملندو. . انهيءَ جو واعدو الله تعاليٰ پاڻ اوهان سان ڪيو آهي. . اهو ته اوهان کي ملندو ئي ملندو ته هروڀرو انهيءَ پويان اوهان نه ڀڄو. . پنهنجي اندران اها شي ڳوليو پوءِ اوهان ۾ ڪهڙي اهڙي شي آهي؟ جنهن ڪري اوهان دنيا ۾ موجود آهيو. اوهان پاڻ کي ڳوليندا پنهنجي هنر کي سڃاڻيندا. پوءِ اوهان چوندا ته مونکي بهتري آڻڻي آهي. . مونکي ڪهڙي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي. . ڪهڙي تربيت حاصل ڪرڻ گهرجي. . ته جيئن آئون انهن صلاحيتن کي بهتر استعمال ڪري سگهان. ٻيون شيون پاڻ ئي اينديون. رزق پاڻ ايندو. عزت پاڻ ايندي. اوهان انهن شين پويان نه ڀڄو. اهي شيون جيڪڏهن ملڻيون هونديون ته بلڪل ملنديون پر اهي ان وقت ملنديون جڏهن اوهان پاڻ کي سڃاڻيندا. اسان جي تعليمي نظام جي اها ئي بدقسمتي آهي ته اسين انهن شين تي ڌيان ڏيڻ بدران. . اهو سيکاريندا آهيون ته پئسا ڪيئن ڪمائڻا آهن.

سوال؛ ڊاڪٽر صاحب اسان وٽ تعليم ۽ صحت هاڻ وکر جي صورت ۾ موجود آهن ۽ اسان کي اُهي هاڻ خريد ڪرڻيون پون ٿيون، اوهان جو انهيءَ بابت ڇا خيال آهي؟

جواب؛ بدقسمتي سان ايئن آهي، اسان وٽ جيڪي به حڪومتون رهيون آهن انهن ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائي ۾ به صحت ۽ تعليم ماڻهن کي نه ڏئي سگهيون. تعليم ۽ صحت بنيادي ضرورتون آهن جيڪي ماڻهن کي هر صورت ۾ ملڻ گھرجن پر جڏهن کان نجي شعبي ان ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي ته عوام کي تعليم ۽ صحت کان محرومي ملي آهي. انهيءَ ڪري هن قسم جا ادارا جئين همدرد يونيورسٽي يا ٻيا ماڻهو به انهيءَ قسم جو ڪم ڪن پيا ته عوام کي مفت صحت ۽ مفت تعليم جي سهولت حاصل ٿئي. شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني وڃي ۽ صحت جي حوالي سان دوائن ۾ رعايت ڏني وڃي. . پر اهو نجي شعبي کي به سوچڻ گهرجي ته اوهان کي صرف وٺڻو ناهي پر سماج کي واپس به ڪرڻو آهي ۽ اسان جي اداري همدرد جي هميشه کان پاليسي رهي آهي ته سماج جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو آهي.

سوال؛ وائيس چانسلر صاحب اوهان ٻڌايو ته اوهان وٽ مختلف فيڪلٽيز ۾ مختلف شاگرد آهن. . پي ايڇ ڊي به ڪن پيا. . ته ڇا اوهان ٻڌائي سگهو ٿا ته هن وقت اوهان وٽ ڪيترا پي ايڇ ڊي ڪندڙ رجسٽرڊ آهن؟

جواب؛ درست انگ ٻڌائڻ به ڏکيو هوندو. ڇو جو ست مختلف فيڪلٽيز آهن جن ۾ مختلف پروگرام آهن. .، پر اهو ضرور چئي سگهان ٿو ته سمورين فيڪلٽيز ۾ انهيءَ حوالي سان بهتر ڪم ٿي رهيو آهي. اسان وٽ چڱو خاصو تعداد رجسٽرڊ به آهي جيڪي پنهنجو ڪم ڪن به پيا. . انهيءَ ڪري هنن کي ڊگريون به ملن پيون. “هيڪ” جيڪا ريگيوليٽري اٿارٽي آهي ته انهيءَ سان الحاق ته لازمي آهي، انهيءَ جي هدايتن تي هلندا آهيون. . انهيءَ کان بنا يونيورسٽي نٿا هلائي سگهون.

سوال؛ پاڪستان معيار طرف وڌي رهيو آهي يا اسين صرف پي ايڇ ڊيز يا ڊگري هولڊرز پيدا ڪريون پيا. ؟

جواب: انهيءَ حوالي سان منهنجي سوچ ٿوري مختلف آهي ته اسان تعليمي نظام کي بهتر انداز ۾ ناهي هلايو، اسين اعليٰ تعليم تي ته ڌيان ڏيون پيا پر جيڪو استاد آهي ان جي تربيت جي ضرورت آهي. پرائمري تعليم ۾ ڇا هجڻ گھرجي. هو ڪٿان کان پڙهي آيو آهي؟

هن جو ورتاءَ ڪهڙو آهي، انهن سڀني شين تي اسين ڌيان ناهيون ڏيندا. . اعليٰ تعليم تي ته ڌيان ڏيڻ گھرجي پر بنيادي شروعاتي تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي اسان بلڪل انهيءَ مسئلي تي ڌيان ناهي ڏنو. ان تي ڪنهن به دور ۾ ڌيان ناهي ڏنو ويو. جيڪو ٻج اوهان پوکيندا اهڙو ئي فصل ايندو. اسان جو تعليمي نظام اهو ئي آهي جيڪو اڄ کان سئو سال اڳ هو. هڪ ڪلاس ۾ پنجاھ يا ان کان به وڌيڪ شاگرد هوندا آهن. ۽ استاد چاهي ٿو ته اهي سڀ هڪجهڙا ٿي وڃن اهي سڀ هڪجهڙا نٿا ٿي سگهن. . انهيءَ ڪري جو ۵۰ ئي مختلف گهرن مان مختلف حساب سان آيل آهن. مطلب اهو ته بهتري اچي رهي آهي پر انهيءَ ۾ اڃا وقت لڳندو اسان سڀني کي ان بابت سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو.

No comments:

راءِ ڏيندا