; سنڌي شخصيتون: محمد مراد چانڊيو

06 May, 2023

محمد مراد چانڊيو

محمد مراد چانڊيو

سندس وڇوڙو!

اصغر ميراسي



اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ،

آديسي اٿُي وِيا، مَڙِھِيوُن مُون مَارِينِ،

جي جِيءَ کي جِيَارِينِ، سي لاھُوتي لَڏي وِيا.


موت برحق آھي هر ڪنهن کي موت جو مزو چکڻو به ضرور آھي. جيڪو هن دنيا ۾ آيو آھي انکي هن دنيا کي الوداع به چوڻو پوندو پر ڪي موت، گهر خاندان، دوستن، شهرن توڙي علائقن کي وڏو نقصان ڏئي ويندا آھن. هنن جي وڇڙي وڃڻ سان هر چهري تي مايوسي ڇانئجي ويندي آهي، شھر سنسان لڳندا آھن، تحريڪون ماٺار وٺي وينديون آھن، اوطاقون ويران ٿي وينديون آھن. ڪچهرين ۾ مزو ناهي رهندو. هر طرف ويراني نظر ايندي آھي. سندن خال ڀرڻ لاءِ وقت لڳندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن اهڙا انسان وقت کان اڳ مري ويندا آھن، جن جي مري وڃڻ سبب سندن خال ڪڏھن به ڀرجي ناهي سگهندو. پر دل دماغ کي يقين ڏياربو آھي ته فلاڻو دوست، اڳواڻ ليڊر ھاڻي اسان ۾ ناھي رھيو پر سندس پٽ ڀاءُ رشتيدار هن ڌرتيءَ تي موجود آھن، اهو پارٽي، گهر، دوستن کي سنڀالي ويندو، جيئن هو سڀني شين کي ڪوَر ڪري پيو. هي به ان طرح سڀني مسئلن کي هلائي سگهي ٿو.

اهڙي طرح گذريل ڏينهن منهنجو دوست، ڏک سک جو ساٿي سياسي اڳواڻ مون سميت سڀني پارٽي جي دوستن کي گڏ کڻي هلندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو جو اڳواڻ محمد مراد چانڊيو وائيٽ سيل گهٽجي وڃڻ سبب ڪراچيءَ جي نجي اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. سندس تڏو اباڻي ڳوٺ نهال تنيو ۾ وڇايو ويو. اتي ئي جنازي نماز به ادا ڪئي وئي. جنھن ۾ پ پ شھيد ڀٽو، عوامي جمهوري پارٽين جي مرڪزي اڳواڻن سميت شھر جي سياسي، سماجي، ادبي، مذهبي ڌرين ۽ علائقي جي هزارين ماڻھن شرڪت ڪئي. جنازي ۾ شريڪ ماڻھو اوڇگارون ڏئي ميت کي چنبڙي زارو قطار روئندا رهيا.

مراد چانڊيو جي سياسي حوالي سان ڳالهه ڪبي ته هو سياسي گهراڻي سان واسطو رکندڙ پڪو پختو سياسي اڳواڻ هيو. مراد چانڊيو ۶ جُون ۱۹۷۳ع ۾ وارھ ڀرسان ڳوٺ نهال تنيو ۾ ايم آر ڊي جي اسير محمد صلاح چانڊيو جي گهر ۾ جنم ورتو. محمد صلاح چانڊيو ايم آر ڊي تحريڪ دوران اتر سنڌ ۾ سڀ کان اول ڦٽڪا کاڌا. سندس چاچو حريف خان چانڊيو جيڪو هن وقت عوامي جمهوري پارٽيءَ جو اڳواڻ پڻ آھي، جيڪو زندگيءَ جو ڳچ عرصو عوامي تحريڪ ۾ رهيو، هو مير مرتضيٰ جي وطن واپسيءَ بعد پ پ شھيد ڀٽو ۾ شامل ٿيو، جنھن جو مير جي تمام ويجهن ساٿين ۾ شمار آھي. مير جي شهادت بعد سياسي طور خاموشي اختيار ڪري ويهي رهيو پوءِ ۲۰۱۰ ۾ عوامي جمهوري پارٽيءَ جو بنياد وجهي سياسي سرگرمي شروع ڪئي. سياسي گهراڻي سان تعلق رکندڙ محمد مراد چانڊيو ۱۹۸۵ ۾ سياست جي شروعات سجاڳ ٻار تحريڪ کان ڪئي. سنڌي شاگرد تحريڪ جي سرگرم ڪارڪن تائين هن سياسي جدوجهد ڪئي. ۱۹۹۳ ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جي وطن واپسيءَ بعد مير جي انقلابي جدوجهد کان متاثر ٿي ۱۹۹۴ ۾ شهيد ڀٽو ۾ شامل ٿيو، جنهن کان پوءِ ۲۰۰۷ ۾ پ پ شھيد ڀٽو اڪثريت راءِ سان سٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو، جيڪو ۲۰۱۳ تائين صدر رهيو. جنهن کان پوءِ ۲۰۱۳ ۾ ئي تعلقه جو صدر چونڊيو ويو. ۲۰۱۸ تائين صدر رهيو. پارٽي ۾ اختلافن سبب ڪارڪن طور حياتيءَ جي آخري هڏڪي تائين ڪم جاري رکيو. مراد چانڊيو، شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس اولاد سان بي انتها پيار ڪندو هيو. جڏھن ڪو به مخالف پارٽي تي يا ڀٽو فيملي تي تنقيد ڪندو هيو ته ان کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندو هيو پوءِ سياسي اسٽيج هجي سوشل ميڊيا هجي يا نجي ڪچهري هجي، هو ڪڏھن به مير جي اولاد يا سندس گهراڻي تي تنقيد برداشت نه ڪندو هيو. محمد مراد چانڊيو جو ان قبيلي سان تعلق هيو، جيڪو پنهنجي عورتن کي گهر کان ٻاهر ڪڍڻ عيب سمجهندو آھي. اهڙي سخت مجاز رکندڙ قبيلي سان تعلق هجڻ، ان علائقي ۾ رهي ڪري پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس وڏي نياڻي انعم چانڊيو هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگلشن ڊپارٽمنٽ ۾ پڙھي رهي آھي. سندس پٽ سعيد مراد چانڊيو هن وقت پنجاب جي سي يو ڪاليج انٽر ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آھي. سندس ٻي نياڻي پارس وارھ جي گرلس هاءِ اسڪول ۾ نائين ڪلاس ۽ آخري نياڻي ماهه نور ستين ڪلاس ۾ پڙهي رهي آھي.

اربع ڏهاڙي ساڍي ٽين وڳي فون آئي ته يارُ اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو. زمين پيرن هيٺان نڪري وئي. هن يار جو وڇوڙو صرف مون لاءِ ئي نه شھر لاءِ ۽ پارٽيءَ لاءِ به وڏو نقصان ٿيو آھي. ڇو ته مراد جيان ڪو به ماڻهو دوستن کي ائين گڏ نٿو ڪري سگهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۱ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

محمد مراد چانڊيو

الوداع منھنجا محبوب مراد

اصغر ميراسي

موت برحق آھي هر ڪنهن کي موت جو ذائقو چکڻو به ضرور آھي جيڪو هن دنيا ۾ آيو آھي ان کي هن دنيا کي الوداع به چوڻو پوندو پر ڪي موت گهر، خاندان، دوستن، شهرن توڙي علائقن کي وڏو نقصان ڏئي ويندا آھن هنن جي وڇڙي وڃڻ سان هر چهري تي مايوسي ڇائنجي ويندي آهي شھر سنسان لڳندا آھن تحريڪون ماٺار وٺي وينديون آھن اوطاقون ويران ٿي وينديون آھن ڪچهرين ۾ مزو ناهي رهندو هر طرف ويرانگي نظر ايندي آھي، سندن خال ڀرڻ لاءِ وقت لڳندو آھي ڪڏھن ڪڏھن اهڙا انسان وقت کان اڳ مري ويندا آھن. جن جي مري وڃڻ سبب سندن خال ڪڏھن به ڀرجي ناهي سگهندو. پر دل دماغ کي يقين ڏياربو آھي ته فلاڻو دوست اڳواڻ ليڊر ھاڻي اسان ۾ ناھي رھيو پر سندس پٽ ڀاءُ رشتيدار هن ڌرتي تي موجود آھن اهو پارٽي، گهر، دوستن کي سنڀالي ويندو جئين هو سڀني شين کي ڪور ڪري پيو هي به ان طرح سڀني مسئلن کي هلائي سگهي ٿو

اهڙي طرح گذريل ڏينهن منهنجو دوست ڀرجلهو هر ڏک سک جو ساٿي سياسي اڳواڻ مون سميت سڀني پارٽي جي دوستن کي گڏ کڻي هلندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو اڳواڻ محمد مراد چانڊيو وائيٽ سيل گهٽجي وڃڻ سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. مراد چانڊيو جي ميت کي اباڻي قبرسان پير تاج محمد ۾ سڏڪن لڙڪن پارٽي جي نعرن سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو محمد مراد چانڊيو وارھ جي سياست جو برجستو اڳواڻ رهيو، شهر جي مسئلي تي مختلف تنظيمن پاران ڪيترن ئي جڙندڙ ڪاميٽين ۾ احتجاجن، ريلين ۽ بک هڙتالن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو.

مراد چانڊيو جي سياسي حوالي سان ڳالهه ڪبي ته هو سياسي گهراڻي سان واسطو رکندڙ پڪو پختو سياسي اڳواڻ هيو. مراد چانڊيو ۶ جون ۱۹۷۳ع ۾ وارھ ڀرسان ڳوٺ نهال تنيو ۾ ايم آر ڊي جي اسير محمد صلاح چانڊيو جي گهر ۾ جنم ورتو. محمد صلاح چانڊيو، ايم آر ڊي تحريڪ دوران اتر سنڌ ۾ سڀ کان اول ڦٽڪا کاڌا. سندس چاچو حريف خان چانڊيو جيڪو هن وقت عوامي جمهوري پارٽي جو اڳواڻ پڻ آھي جيڪو زندگي جو ڳچ عرصو عوامي تحريڪ ۾ رهيو، هو مير مرتضيٰ جي وطن واپسي بعد پ پ شھيد ڀٽو ۾ شامل ٿيو جنھن جو مير جي تمام ويجهن ساٿين ۾ شمار آھي مير جي شهادت بعد سياسي طور خاموشي اختيار ڪري ويهي رهيو. پوءِ ۲۰۱۰ ۾ عوامي جمهوري پارٽي جو بنياد وجهي سياسي سرگرمي شروع ڪئي. سياسي گهراڻي سان تعلق رکندڙ محمد مراد چانڊيو ۱۹۸۵ ۾ سياست جي شروعات سجاڳ ٻار تحريڪ کان ڪئي. سنڌي شاگرد تحريڪ جي سرگرم ڪارڪن تائين هن سياسي جدوجهد ڪئي. ۱۹۹۳ ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جي وطن واپسي بعد مير جي انقلابي جدوجهد کان متاثر ٿي ۱۹۹۴ ۾ شهيد ڀٽو ۾ شامل ٿيو. جنهن کان پوءِ ۲۰۰۷ ۾ پ پ شھيد ڀٽو اڪثريت راءِ سان سٽي جو صدر چونڊيو ويو، جيڪو ۲۰۱۳ تائين صدر رهيو. جنهن کان پوءِ ۲۰۱۳ ۾ ئي تعلقه جو صدر چونڊيو ويو ۲۰۱۸ تائين صدر رهيو پارٽي ۾ اختلافن سبب ڪارڪن طور حياتي جي آخري هڏڪي تائين ڪم جاري رکيو.

مراد چانڊيو شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس اولاد سان بي انتها پيار ڪندو هيو جڏھن ڪو به مخالف پارٽي تي يا ڀٽو فيملي تي تنقيد ڪندو هيو ته ان کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندو هيو پوءِ سياسي اسٽيج هجي سوشل ميڊيا هجي يا نجي ڪچهري هجي هو ڪڏھن به مير جي اولاد يا سندس جي گهر تنقيد برداشت نه ڪندو هيو محمد مراد چانڊيو جو ان قبيلي سان تعلق هيو جيڪو پنهنجي عورتن کي گهر کان ٻاهر ڪڍڻ عيب سمجهندو آھي اهڙي سخت مجاز رکندڙ قبيلي سان تعلق هجڻ ان علائقي ۾ رهي ڪري پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ اهم ڪردار ادا ڪيو سندس وڏي نياڻي انعم چانڊيو هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ انگلشن ڊپارٽمنٽ ۾ ۳ سال پڙھي رهي آھي سندس پٽ سعيد مراد چانڊيو هن وقت پنجاب جي سي يو ڪاليج انٽر ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آھي. سندس ٻئي نياڻي پارس وارھ جي گرلس هاءِ اسڪول ۾ نائين ڪلاس ۽ آخري نياڻي ماهنور ست ڪلاس ۾ پڙهي رهي آھي. هڪ اها نياڻي به سندس کي جيڪا پنهنجي جي پيار کان محروم رهجي وئي مراد چانڊيو اولاد سان بي پناھ محبت ڪندو ڪڏھن ڪڏھن هيئن به ٿيندو هيو جو سعيد مراد ٻار هجڻ ناتي وڏا وڏا انگل ڪندو هيو اهي انگل پورا ڪرڻ مراد جي وس جا نه هوندا هيا پر ڪوشش ڪندو هيو ته سعيد جا انگل پورا ڪيا پوءِ ڪيتري به ڇو نه تڪليف اچي. هو پريشان ٿيندو هيو آءٌ چوندو هيومانس ته يار هو ٻار آھي هن جي ڪا ڳالهه جيڪڏھن پوري نه ٿي سگهي ته خير آھي چوندو هيو اولاد سڀ ڪجهه آھي اسان مٿان فرض ٿو ٿئي ته هنن کي سڀ سهولتون سندن جي هر خواهش پوري ڪجي هو اهو محسوس نه ڪن ته بابا وٽ ڪجهه آھي يا ناهي. سو ۶ مهينن جي نياڻي طيبه پنهنجي دلبر بابا سان انگل نه ڪري سگهي

مراد چانڊيو پ پ ش ڀ جو اڳواڻ هجڻ سان گڏ وٽنري ليب اسسٽنٽ ۳ گريڊ ۾ ملازمت ڪندڙ ملازم هيو جنهن جي پگهار تمام گهٽ هئي سندس جو آخري ڀاءُ شاهمراد چانڊيو پرائمري جا پنج درجا پاس ڪري هاءِ اسڪول ۾ داخل ورتي تي هن جي پڙھائي جا خرچ به وڌڻ لڳا پوءِ انٽر پوري ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھڻ جي خواهش ڏيکاري محمد مراد جي پگهار به گهٽ هئي ٻئي انڪم سورس به نه هيو سندس جو والد محمد صلاح سياسي ڪارڪن هجڻ سان گڏ محلي ۾ ڪريانه جو ننڍڙو دڪان هلائيندو هيو ان مان صرف گهر جو ڪجهه گذر سفر ٿيندو هيس انڪم گهٽ ھجڻ سبب ڀاءُ کي يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ رڪ جا چڻا چٻاڙڻ برابر هيا پر مراد جي اها سوچ هئي ته جيڪڏھن پنهنجي خاندان ڳوٺ علائقي جي بهتري ڪرڻي آھي اولاد ڀائرن کي تعليم ڏيارڻي پوندي انهن کي اهو محسوس ناهي ڪرائڻو ته اسين غريب آھيون اسان مڊل ڪلاس سان واسطو رکون ٿا اوهان کي وڏي تعليم يا سنڌ جي ڪنهن وڏي يونيورسٽي ۾ نٿا پڙهائي سگهون وسائل گهٽ هجڻ باوجود پنهنجي ننڍي ڀاءُ شاهمراد چانڊيو کي چيائين ته ڪيترو به خرچ اچي آءُ تونکي يونيورسٽي داخلا وٺي ڏيندس پوءِ ڪوشش ڪري شاهمراد کي دخلا وٺي ڏنائين ان کي وڏين تڪليفن سان تعليم ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پنهنجي پگهار مان ۷۰ سيڪڙو ڀاءُ کي ماهوار ڏيندو هيو باقي بچيل پگهار مان دوستن گهر اولاد جو ڏکيو سکيو ڪم هلائيندو هيو ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو وڏي ڀاءُ جي تڪليفن کي رائگان نه ڪرڻ ڏنو هن ڏينهن رات هڪ ڪري محنت ڪئي هو پنهنجي محنت ۾ ڪامياب ويو ملائيشيا مان پي ايڇ ڊي ڪري هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر پڻ آھي.

هونئن محمد مراد ۽ آءٌ هڪ ئي محلي جا آھيون تمام ننڍڙو هيس محمد مراد پنهنجي والد جي ڪريانه دڪان تي ڪجهه ٽائيم ڏيندو هيو آءٌ شي وٺڻ ايندو هيس ته پيار ڏيندو هو، ۲۰۰۴ ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي ميٽنگ هئي جنهن ۾ مونکي نياز حيدري وٺي ويو محمد مراد ان وقت سٽي جو سينيئر نائب صدر هيو صدر احسان عباسي هيو صدر جي غير موجودگي ۾ اجلاس جي صدارت محمد مراد ڪئي ميٽنگ ختم ٿيڻ بعد جيئن ئي ٻاهر نڪتاسين ته چيائين ميٽنگ ۾ ڪير وٺي آيو هوئي مون سوچيو منهنجو اچڻ محمدمراد کي سٺو نه لڳو آءٌ ٿورو گهٻرائجي ويس هو منهنجي چهري کي ڏسي سمجهي ويو چيائين ڇا ٿيو پريشان ٿي ويو آھين مون نه ها ڪئي نھ ڪئي. چيائين مونکي خوشي ٿي آھي ته منهنجي پاڙي جو هڪ نوجوان مير جي پارٽي ۾ شامل ٿيو اڄ کان پوءِ مڪمل سرگرم ٿي وڃ ان ڏينهن کان پوءِ هر روز رابطي ۾ رهندو هيو ۲۰۰۶ ۾ مون پنهنجو دڪان کوليو اتي هي روزانو جي بنياد تي ايندو هيو محمد مراد سان پوءِ صرف تنظيمي واسطو نه پر دوستي ٿي وئي دوستي به اهو جيڪا دوستي روح جي رشتن ۾ جوڙي ويندي آھي ۲۰۱۲ ۾ چيائين تيار ٿي ڪوھ مري گهمڻ ھلنداسين ۷ جولاءِ تي تيار ٿي محمد مراد ذوالفقار ڇٽو ۽ آءُ نڪري پياسين سکر کان ڪوچ وسيلي لاهور پهتاسين هوٽل ۾ روم بڪ ڪرايو چار ڏينهن لاهور رهي تقريبن سموريون پڪنڪ جون جگهيون گهمياسين جنهن کان پوءِ مري وياسين چار ڏينهن اتي رهياسين جتان سڀاڻي واپسي هئي رات جو اچانڪ مال روڊ تي وارھ جا ديوان دوست مليا جن مراد کي چيو گهمڻ آيا آھيو ته ناران ڪاغان وڃو رات جو جئين روم تي مٽي آياسين تي چيائين سڀاڻي ناران ڪاغان هلڻو آھي مون ۽ ذوالفقار چيو اسان وٽ ايترا پيسا ناهن جو اوڏانهن هلئون چيائين پگهار اڪائونٽ ۾ پئي آھي خرچ مان ڀريندس وارھ واپسي تي حساب ڪنداسين جيڪڏھن نه ٿين ته خير آھي ٿين ته ڏيجو دوستن سان ڪهڙا حساب آھن سندس سان صفر ۾ ايترو مزو آيو جو جيڪو اڄ تائين نٿو وسري ڇو ته سندس هوئين لاڙڪاڻه حيدرآباد ڪراچي سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ هر مهيني ۾ هڪ ٻه دفعو نڪرڻ ضرور ٿيندو هيو.

مونکي جيڪا به تڪليف ٿيندي هئي ته فوري طور کيس آگاهه ڪندو هيس ۽ مونکي يقين هوندو هيو ته منهنجي تڪليف دور ٿي ويندي پوءِ ڪهڙي به ڇو نه هجي انسان جي زندگي ۾ ڏک سک ايندا آھن منهنجي روزگار ۾ ٿوري تنگي آئي چيائين روزگار گهٽ ٿي ويو اٿئي چيومائين خبر اٿئي ته ايترا پيسا ناهن جو نئون دڪان کوليان ان ۾ ڊيڪوريشن ڪرايان. چيائين پاڻ وٽ به ايترا پيسا ناهن. پوءِ سوچي سوچي چيائين منهنجي نالي تي لون کڻ. دڪان ٺهرائي، روزگار ڪري اولاد کي سٺي تعليم ڏيار. اولاد پڙهي پيئي ته ڄڻ سڀ ڪجهه ٿي ويئي. مون کي سختي سان چوندو هيو ته اولاد کي تعليم ڏيار پنهنجا خرچ گهٽ ڪر دڪان کي ٽائيم ڏي نياڻين کي تعليم ڏيار جڏھن تنهنجون نياڻيون پٽ پڙھي ويندا ته تنهنجو مسقبل سڌري پوندو. صرف تنهنجو نه پر خاندان جو سڄي ذات جو مستقبل سنوارجي ويندو.

اربع ڏھاڙي صبح جو تقريبن ۱۰ وڳي دڪان تي آيو. ڏندن جي مهارن مان رت سميل ڪري پئي. مون چيو مراد ڇا ٿيو آھي، ڏندن مان رت پيو اچي. چيائين ٻن ڏينهن کان رت سمي پيو لاڙڪاڻه جي ڊاڪٽر لطف سان مشورو ڪيو آھي، جنهن ٽيبليٽ لکي ڏنيون پر فائدو ناهي پيو. پوءِ مون چيو هل ته ڊاڪٽر عاشق ڀٽي ڏانهن ٿا هلئون. چيائين هل. ڊاڪٽر وٽ پهتاسين. ڪجهه ٽيسٽون لکي ڏنائين ۽ ٽيبليٽ به ڏنائين، جن عارضي طور فائدو ڏنو. ٽيسٽون آيون. بھرحال جنهن کان پوءِ وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي نڪري وياسين، جتي يارن جي يار، پارٽي لاءِ ڪل وقتي ڪارڪن، شھرين جي هر ڏک سک ۾ ساٿ ڏيندڙ، انسان ذات سان بي پناهه محبت ڪندڙ ۲۰۲۲-۷-۲۷ تي اربع ڏهاڙي ۳. ۳۰ وڳي فون آئي ته يار اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو. زمين پيرن هيٺان نڪري وئي. هن يار جو وڇوڙو صرف مون لاءِ نه شھر لاءِ پارٽي لاءِ وڏو نقصان ٿيو آھي. آءٌ ته ائين پيو چوان تي محمد مراد جي وڇڙي وڃڻ بعد وارھ مان پ پ شھيد ڀٽو ختم ٿي وئي ختم ائين ٿي وئي آھي ته مراد جيان ڪو به دوست دوستن کي ائين گڏ نٿو ڪري سگهي باقي اهڙا دوست هن وقت به وارھ ۾ موجود آھن جن جو دلين ۾ مير لاءِ سمايل آھي رهندو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۳۱ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


محمد مراد چانڊيو

سندس وڇوڙي تي

غفار ميرجت

سنڌ اها ماءُ آھي جيڪا هميشه جوڌن پُٽن کي جنم ڏيندي رهي ٿي جن جو ڳانڍاپو سڌو سنئون عوام سان هوندو آھي اهڙن ڪرادارن منجهان محمد مراد چانڊيو به هڪ هيو، محمد مراد اهو شيشو هو جنهن جي ٻنهي پاسن کان نهارڻ سان ساڳيا منظر ڏسي سگهبا آھن، محمد مراد چانڊيو جي سوچ ۾ سنڌ دوستي سندس زندگي جو مقصد نغمو ۽ دل گيت بڻيل هئي جنهن جي ڌن ۽ ترنم جي نشي ۾ سرشار ٿي هو جدوجهد جي ميدان ۾ ڪڏھن به نه ٿڪو پر مراد اڳتي وڌندو رهيو، شاھ صاحب اهڙي ڌرتي جي عاشقن لاءِ چيو آھي ته :

عاشَق زهر پِياڪَ، وِهُ ڏسِي وِهُسَنِ گھڻو؛

ڪڙي ۽ قاتلَ جا، هميشه هيراڪَ؛

لڳين لنؤ، لَطِيفُ چئي، فَنا ڪيا فِراقَ؛

توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ، ته به آهَ نه سَلِن عامَ کي.

واقعي محمد مراد سنڌ ڌرتي جو اهڙو عاشق جنهن جي دل ۾ قوم ۽ وطن جي محبت جو ميخون لڳل هيون. وارھ شھر ۾ هر احتجاج ۾ اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪندو هيو، مراد جي بهادري جو ته مثال ئي نه هو هر ڏکئي وقت کي چيلنج سمجهي مقابلو ڪندو هيو، محمد مراد منهنجي پيارن ۽ رازدار دوستن منجهان هڪ هيو، جيڪڏهن هڪ يا ٻه ڏينهن ڪچهري نه ٿيندي هئي ته هڪ ٻئي کان فون تي خير خيريت ڀڇا ڪندا هياسين هن جي وفات سان رڳو سندس پارٽي پ پ شھيد ڀٽو نه پر وارھ ۾ هر مسئلي تي ٿيندڙ جدوجهد کي نقصان رسيو آھي، هن وقت اسان کي اهو فاضل راهو چونڪ اداس پيو لڳي جنهن چونڪ تي مراد مختلف وقتن تي ٿيندڙ احتجاجن کي گونجدڙ آواز ۾ تقرير ڪندو هيو، نااهل حڪمرانن کي چتاءُ ڏيندو هيو، مراد واقعي مراد هيو مراد جو مطب اميد هو واقعي اسان جي اميد هيو. هن جي وڇوڙي اسان جي دلين کي ڪومائي ڇڏيو. ساڙي. ڳاري ڇڏيو.

ڀٽائي درد کي هيئن به سهيڙيو آھي ته

ڏُونگَـرَ! ڏُکويُنِ کي، ڳَلِ نه سُڪا ڳوڙها؛

هُو جي پَهَڻَ پَٻَ جا، سي ڀَڄِي ٿِيا ڀورا؛

گُوندَرَ جا گھوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪَيو!

مراد جو وڇوڙو اسان کان برداشت نه پيو ٿئي پر ۷۰ سالن جي والد چاچا محمد صلاح کان ڪيئن برداشت ٿيندو هوندو، دنيا ۾ غم تورڻ جي تارازي اعجاد ناهي ٿي جو ڪنهن جي غم جو وزن ماپي سگهون اهو چاچو محمد صلاح جنهن ايم آر ڊي تحريڪ دوران جيل ڪاٽيا ڪوڙا سٺا، لانگ بوٽن جا ٿڏا ۽ ظلم سٺو پر موڀي پُٽ مراد جي وڇوڙ تي هو چڪنا چور نظر آيو. چاچي محمد صلاح کي مراد جي يادن گهيري ۾ آڻي ڇڏي اتي اسان ڪنهن کي آٿت نه پئي ڏئي سگهياسين ڇو ته مراد اسان جو به سهارو هيو مراد جي وڇوڙي سان اسان به غم جي گهيري ۾ هياسين. اسان ته مراد جي ۱۸ سالن جي پُٽ سعيد وانگر لڙڪن جي لهرن ۾ ٻُڏندا رهياسين. اسان ته مراد جي ڀاءُ شاهمراد ۽ اصغر کي به ڀاڪر ڀائي غم هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري سگهياسين ڇو ته مراد جي غم اسان سڀني کي بي ستو ڪري وڌو هيو.

اسان تي مراد جو وڇوڙو تير تي برسيو هيو تڏي تي مراد جو هر دوست زخمي نظر آيو هر ماڻھو جي اکين ۾ نيرن نيسارا ٺاهي ڇڏيا هيا. مراد جي وڇوڙي کي ڪجهھ ڏينهن ته گذري ويا پر ڪالھه جڏھن چاچا محمد صلاح اصغر جي سيلون تي آيو ۽ اسان جي وچ ۾ مراد کي نه ڏٺو ته اوڇنگار ڏئي روئي ڪُرسي تي بي ستو ٿي ڪري پيو مون چاچا محمد صلاح کي ڀاڪر پائي چيو چاچا اسان به مراد جا دوست تنهنجا ٻچا آهيون

ڏُونگَـرَ! ڏُکويُنِ کي، دِلاسا ڏِجَنِ؛

گَھڻو پُڇِجي تِن کي، جِن وَٽان هوتَ وَڃَنِ؛

تُون ڪِئن سَندا تن، پَهَڻَ پيرَ ڏُکوئِيين؟

شايد اسان جي انهن لفظن سان چاچا محمد صلاح کي ڪجھ وقت لاءِ حوصلو ضرور مليو هوندو پر جڏھن مراد کي گهر جي اڱڻ تي گهمندي ڦرندي نه ڏسندو هوندو ته سندس ان يادن سان ڪيئن منهن ڏيندو هوندو ڪراڙپ ۾ بهادر انسان چاچا محمد صلاح کي جوان پُٽ جو وڇوڙو ڪيئن تڙپائيندو هوندو چاچا محمد صلاح وقت کي ڪيئن ريجهائيندو هوندو ڀٽائي جي هن شعر وانگر ته

ٻَئِي ويٺا رُوَنِ، ڏُکِي ڏُونگَـرَ پاڻَ ۾؛

ڪنهن کي ڪِين چَوَنِ، مَنجِھنِ جو پِرِيتَڻو.

محمد مراد جي وڇوڙي سان وارھ ۾ تمام وڏو خال پيدا ٿيو آھي محمد مراد جي ڪيل جدوجهد هميشه ياد رهندي. ڌڻي اسان کي به اها همٿ ڏيندو ته مراد جي خاندان سان هر وقت گڏ ھونداسين جيئن مراد اسان سان هر وقت گڏ هوندو هيو

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۶ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


محمد مراد چانڊيو

هو جو وڃڻا ويراڳي سي ڪيئن جهلجن

اصغر ميراسي

اڄ جڏھن قلم کڻي سنڌ ڌرتي جي دادلي پٽ محمد مراد چانڊيو جي سالگره جي ڏھاڙي تي مون لکڻ شروع ڪيو ته منهنجي ذھن ۾ سنڌ جي انهن جوڌن پُٽن جو سمورو پسمظر اُترِيِ آيو. سنڌ ڌرتي زرخيز هُجڻ ڪري سدائين حملي آور لشڪرن جي گهوڙن جي سبن هيٺيان لتاڙبي رهي آھي. پر تاريخ جي اها به حقيقت آھي ته، ان زخمي سنڌ پنهنجي سيند مان رت وهائيندي به زخمي ماء هُجڻ باوجود اهڙن انمول هيرن کي جنم ڏنو آھي، جن ارغون ترخان ۽ مغلن کي تڙي ڌرتي ماءُ جي ڳچي مان غُلامي جا ڳٽ لاٿا آھن. ان سنڌ جي بهادر جوڌن پٽن مان محمد مراد چانڊيو به هڪ هيو.

استاد بخاري جي هن شعر جيئن

آ سهڻو موت ڀلو ڪنهن ڪوجهي جيون کان،

هڪ زنده گيت ڀلو سئو مئلن بيتن کان،

دل عشق اجهل چونڊيو سوداء ڇڏي سارا،

هڪ سورهيه يار ڀلو سئو ڊڄڻن سڄڻن کان.

محمد مراد جنهن وارھ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ نهال تنيو ۾ سياسي ورڪر محمد صلاح چانڊيو جي گهر ۾ ۶/۵/۱۹۷۳ع تي جنم ورتو. محمد مراد هوش مس سنڀاليو ته ضياءَ مارشلا جو دور هيو سنڌ جي هر شھر، گهٽي، وستي، واهڻ ۾ لانگ بوٽن جا ڪڙڪاٽ هيا. جتي حق جو آواز بلند ڪرڻ وڏو گناھ هيو. ان دور ۾َ محمد مراد پنهنجي چاچي حريف خان چانڊيو جو هٿ پڪڙيان وقت جي انقلاب چونڪ جي سڃاڻپ رکندڙ اڄ جي فاضل راهو چونڪ تي ان ضياء مارشلا جابر جنرل جي خلاف نعرا بلند ڪيا. اهو محمد مراد جنهن سچائي جو دامن پڪڙي اخلاق کي پنهنجو زيور سمجهي نئون سماج اڏڻ لاءِ ان دوستن جي چونڊ ڪئي جيڪي سندس سياست جي ڏکين پيچرن تي ساٿي بڻجي هليا. ان دور ۾ سياست ڪرڻ عوام جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ ڄڻ ته ڪبيرا گناھ هيو. ان دور ۾ محمد مراد چانڊيو عوامي تحريڪ جي ذيلي تنظيم سڄاڳ ٻار تحريڪ سان جڙي سياست جي شروعات ڪئي ۽ هن ظلم جبر ڏاڍا خلاف سگهارو آواز بڻجي چونڪن چوراهن تي ضياءَ مارشلا کي للڪاريندو رهيو. ان ئي دور ۾ ڪجھ نسل پرست ماڻھن ”بي ايس او“ جو يونٽ کولي نسل پرستي کي فروخت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته محمد مراد چانڊيو ساٿين سان گڏجي ان گروھ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ چيو ته سر زمين سنڌ محبت پيار پنهنجائپ جي ڌرتي آھي ھتي نسل پرستي جي نالي سياست ڪرڻ هرگز نه ڏينداسين جنهن تي ان گروھ محمد مراد ۽ ان جي ساٿين تي حملو ڪري سندن کي زخمي ڪيو ۽ زخمي حالت ۾ محمد مراد اصول تي بيهي نسل پرست گروھ سان وڙهيو جنهن کان پوءِ ان گروھ کي ”بي ايس او“ جو يونٽ جي جرئتي ئي نه ٿي. اهڙا ئي ماڻھون تاريخ امر ٿين ٿين ٿا. اها هڪ حقيقت آھن ته جن ماڻھن سنڌ ڌرتي ماءِ سمجهي تحفظ ڪيو آھي سنڌ ماءِ به انهن جوڌن پٽن کي مان مرتبو بخشو آھي. ان جو مثال محمد مراد جي وفات آھي ويجهي تاريخ ۾ شايد ٿيو هجي ته محمد مراد جي جنازي ۾ سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان پُھتلن سياسي سماجي عالم دانشورن جي اک آلي هئي محلي توڙي شھر جي گهٽين ۾ ٻار سياسي سماجي مذهبي ڌرينبجا اڳواڻ به روئيندي نظر آيا هڪ ٻئي کي اهو چئي سڏڪا پئي ڀريا ته هي عمر محمد مراد جي وڃڻ جي نه هئي. ڇا اهڙو سياسي اڳواڻ وارھ ۾َ ٻيو نوجوان پئيندا ٿيندو جيڪو سڀني کي پيار ڏي عزت ڏي يا گڏ کڻي هلي. هو ته شھر جي مڙني مسئلن تي سڀني کان اڳ ڀرو رهيو. هو ته ڪڏھن به ڪنهن سان منهن ۾ گهنج وجهي نه ڳالهائيندو هيو مراد شھر اندر محبتن جا وڻ پوکيي ۽ پنهنجائپ جي ڇانوَ پيندا ڪئي. اهو ئي سبب آھي ته محمد مراد جڏھن ڪنهن هوٽل يا چونڪ چورهي تي بيهندو هيو ته چاهندڙ سندس وٽ ٽولن جي صورت ۾ پهچي ويندا هئا. ان جو سبب محمد جي سچائي ايمانداري ۽ بردباري جي پوک پوکيل هئي ان ڪري ئي محمد مراد جو وارھ شھر يا آس پاس سميت سموري سنڌ ۾ مان مرتبو هيو ايتري قدر جو محمد مراد کي سموري سنڌ سڃاڻيندي هئي هوائين محمد مراد پاڪستان پپيلزپارٽي شھيد ڀٽو جو تعلقه صدر هيو. محمد مراد ۱۹۹۳ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جي جلاوطني ختم ڪري پاڪستان اچڻ بعد پنهنجي چاچي حريف خان چانڊيو سان پ پ شھيد ڀٽو ۾ شموليت اختيار ڪئي. جنهن کان پوءِ ميرمرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس اولاد سان ايترو ته پيار ٿي ويس جو مير تي يا ان جي اولاد تي هڪ لفظ به برداش نه ڪندو هيو. جيڪڏھن ڪنهن محفل ۾ سياسي بحث مباحثي ۾ تنقيد ڪندو هيو ته محمد مراد برداش نه ڪندو هيو ايتري قدر جو ڪاوڙجي پوندي هو ڪڏھن ڪڏھن سندن سان چڙي به پوندو هو يا ڪچهري مان اٿي هليو ويندو هو پر محمد مراد ۾ اها به خاصيت هوندي ته جنهن سان مير جي اولاد تي تنقيد ڪرڻ وقت چڙي به پوندو هيو پر وري ڪاوڙ جهڪي ٿيڻ کان پوءِ پاڻ ئي ان دوست وٽ وڃي ڪنڌ ۾ ڀاڪر وڃهي ڪچهري ڪندو هيو اها خوبي تمام گهٽ ماڻھن ۾ هوندي آھي ۽ چوندو هيس ته يار مون تي جيتري تنقيد ڪرڻي اٿئي ته ڪر پر منهنجي محبوب قائد شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ ان جي اولاد تي تنقيد نه ڪيو ڇو ته اهي ھڪ ته سياست نٿا ڪن نئي وري حڪمران رهيا آھن جو ڪنهن جو حق لٽو هجن اها اجائي تنقيد مونکان برداش نٿو ٿئي. آءُ اوهان لاء حاضر آھيان. محمد مراد جي ڪچهري جو محور شھيد ڀٽو. عوامي حق ۽ سنڌ هوندي هئي جئين چوندا آھن ته مسلمان جي ڪچهري ۾ رسول ڪريم جو ذڪر نه نڪتو ته اها ڪچهري حرام آ ائين ئي محمد مراد جي ڪچهري ۾ مير ۽ سندس اولاد پ پ شهيد ڀٽو ۽ سنڌ جو ذڪر نه نڪتو ته محمد مراد لاءِ اها ڪچهري ڄڻ حرام هوندي هئي. محمد مراد جي زندگي بابت تاثراتن ڪالمن تي مشتمل آدرشي مخلص انسان ڇپيل ڪتاب ۾ محمد مراد جي والد محمد صلاح ذڪر ڪيو آهي ته هڪ ڏينهن آءُ ۽ حريف خان محمد مراد سان گهر اندر ڪچهري ڪري رهيا هياسين ته مون محمد مراد کي چيو پ پ شھيد ڀٽو ۾ ڇا رکيو آھي. تعلقي صدر هجڻ ناتي ايتري ٿو سرگرمي ڪري روز احتجاج مظاهرا بحث مباحثا پنهنجا تعلقات ٿو خراب ڪري جيڪڏھن ڪو ڪيس وغير داخل ٿي ويئي ته پارٽي وارو پڇڻ به نه ايندئي ببيي فاطمه يا جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو به سياست نه پيا ڪن نه وري دور دور تائين انهن جي سياست ڪرڻ نظر نٿي اچي. حريف خان خاموش ٿي ويٺي ڏٺو ٻڌو. پر محمد مراد چڙي پيو اکين ۾ ڳوڙها اچي ويس چيائين مونکي نه روڪيو جيڪڏھن مون مان تنگ ٿيا آھيو ته آءُ اوهان جو گهر ڇڏي ويندس پر مير ۽ ان جي اولاد سان بي وفائي نه ڪندس جڏھن اهو لفظ نڪتس ته ساهه جي آخري دم تائين انهن جو آھيان ته آء پنهنجي موڀي پٽ جا اهي لفظ ٻڌي پريشان ٿي ويس خاموشي اختيار ڪري ويس. محمد مراد جو پ پ شھيد ڀٽو سان بي انتهاء پيار هيو هو سچي ورڪر سان گڏ بهادر بردبار اڳواڻ هيو اها هڪ حقيقت آھي شھيد مير مرتضىٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري لا گهڻي ۾ گهڻا احتجاجي ريليون. ڌرڻا مظاهرا وارھ ٿيا آھن ان جو سبب محمد مراد جي محنت هئي جتي به پ پ شھيد ڀٽو جو پروگرام ٿيندو هيو ته مراد دوست تيار ڪري نڪري پوندو هيو اهو نه سوچيندو هيو ته پئسا آھن يا نه مهينو ڪئين گذريندو اهو نه سوچيندو هيو ته جن به دوستن کي پاڻ سان گڏ وٺي ٿو وڃان ته انهن وٽ ڏوڪڙ آھن به يا نه. حصو پتي ڏيندا به يا نه بس اهو چوندو هيو ڪهڙا دوست فلاڻي پروگرام لاء تيار ٿا ٿين پوء دوست نڪري پوندا هيا واپسي ۾ جنهن دوست وٽ جيترا ڏوڪڙ هوندا هيا ڏئي ڇڏيندا هيس جنهن وٽ نه هوندا هئا ته خير آ. چوڻ جو مقصد هو پارٽي سان حد کان وڌيڪ سچو هيو هڪ رات محمد هاشم ڇٽو جي هوٽل تي ويٺا هياسين ته اچانڪ فيس بڪ تي اسٽيٽس اکين اڳيان گذريس چيائين ميڊم غنويٰ ڀٽو ڀائو علي احمد جي پارٽي رڪنيت ختم ڪري ڇڏي آھي ته ان وقت ميڊم جي ان فيصلي تي مونکي ڏک ٿيو ۽ اکين ۾ پاڻي اچي ويو پر محمد مراد چيو خير آھي مايوس نه ٿيو اسان ڪهڙو پارٽي ۾ اقتدار لاء ڪم پيا ڪيون اسين محبت ۾ پيا هلون خير آهي محترم پارٽي مان ڪڍندي مير ۽ ان جي اولاد جي اسان جي دل مان محبت ته نٿي ڪڍي سگهي. محترم غنويٰ ڀٽو ۷۰ ڪلفٽن تان ۳۲ ڪارڪنن جي ميمبر شپ خارج ڪرڻ جي هڪ لسٽ تيار ڪئي جيڪا لسٽ نڪرڻ کان اڳ ظاهر ٿي وئي ان ڏينهن تي ببيي فاطم ڀٽو لاڙڪاڻه المرتضيٰ هائوس آيل هئي ڪارڪنن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري هيو جڏھن اسان محمد مراد سان گڏ ببيي سان ملاقات ڪئي ته محمد مراد تعارف ڪرائيندي ببيي کي چيو ته ميڊم غنويٰ ڀٽو هڪ لسٽ پئي جاري ڪري جنهن لسٽ ۾ منھنجو نالو شامل آهي محمد مراد جا اهي لفظ ببيي ٻڌندي چيو اوهان منهنجي اسپيشل لسٽ ۾ شامل آھيو اهڙا لفظ ٻُڌي محمد مراد گلاب جي گل جيان ٻھڪي پيو ملاقات بعد مسڪرائيندي خوش ٿيندي چيو بس منهنجي لاء هي ڪافي آھي جو مير جي نياڻي مونکي چوي منهنجي اسپيشل لسٽ ۾ آھيو مراد نه وڪيو نه جهڪيو ڀٽائي جي هن شعر وانگر ته

اي نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائين سون تي،

اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪان ڪُريت،

پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.

مير ۽ سندس اولاد سان بي انتهاء پيار ڪندڙ اڄ اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو پر هن جو ڏنل پيار محبت سندس جي ڪيل اڳواڻي اڄ به ياد آھي رهندي ڇو ته هن اهڙو پيار ڏنو ۽ زندگي گذارڻ جو ڏانُ سيکاريو جيڪو نٿو وسري سگهي محمد مراد جنهن سان به هڪ ڀيرو ڪچهري ڪندو هيو اهو سندس جو مريد بڻجي ويندو ھيو محمد مراد به سندس سان ساٿ نڀائڻ جو وچن ورجائيندو هو هفتي ۾ ٻه ڀيرا فون تي سندس سان رابطو ضرور ڪندو هيو اهڙي پيار ڏيڻ عيوض اڄ به دوست پارٽي ڪارڪن سندس جون سارون ساري اکين ۾ آب آڻي رهيا آھن اڄ محمد مراد جي جنم ڏھاڙو آھي خوشي سان گڏ اهو دلي ڏک آ ته هي عمر محمد مراد جي وڇڙڻ جي نه هئي؛

گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئن ٿورا ڏينهڙا،

ڪڏھن منجھ ڪوٽن، ڪڏھن راهي رڻ جا.

چار ڏينهن اڳ المرتضيٰ هائوس ۾ ببيي فاطمه ڀٽو کي شادي مبارڪ ڏيڻ بعد محمد مراد جي زندگي بابت ”آدرشي مخلص انسان“ ڪتاب ڏنو ۽ جڏھن ببيي کي اهو چيو ته هي ان شخص جي زندگي بابت ڪتاب اوهان کي تحفي طور ڏيان پيو جنهن کي اوهان چيو هيو ته محمد مراد اوهان منهنجي اسپيشل لسٽ ۾ آھيو. اهي لفظ ببيي ٻڌي چيو اڇا محمد مراد هن دنيا ۾ ناهي رهيو

اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،

آديسي اُٿي ويا، مڙھيون مون مارين،

جي جيءَ کي جيئارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

سندس لاء نيڪ خواهشون. الله پاڪ سندس کي جنت الفردوس عطا ڪندو. اڇي پني تي نوٽ لکي ڏنو. مونکي يقين آھي جيڪڏھن محمد مراد اڄ زنده هجي ها ۽ بيبي فاطمه جي شادي جي خبر پوندي شھر اندر دهل شرنائين تي پاڻ به رقص ڪري ها پنهنجي سنگت کي ان خوشي ۾ شامل ڪري ها دنيا کي ڏيکاري ها ته اسين اڄ ڪيڏا خوش آھيون. پر بدقسمتي سان هو اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو. اڄ محمد مراد جي پنجاهين سالگره آھي سندس کي ڪيل سياسي جدوجهد تي سلام پيش ڪريان ٿو.

 

(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۽ عبرت حيدرآباد ۾ ۶ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا