; سنڌي شخصيتون: شائسته آرزو گجر

12 May, 2023

شائسته آرزو گجر

شائسته آرزو گجر

نھايت سادي، سلجھيل، سڀاويڪ ۽ شائستہ، شاعرا، اديبا، ليکڪا سان مختصر ڳالھ ٻولھ.

ڳالھ ٻولھ: علي محمد درد سولنگي.



سوال: اوھان جو نانءُ ولديت سميت؟

شائسته آرزو: شائسته گجر. والد جو نالو؛ غلام حيدر خان گجر.

سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟

شائسته آرزو: ۲۲ مارچ ۱۹۷۴ع. ضلعي شڪارپور جي تعلقه ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ نوشهرو ابڙو ۾.

سوال: ادبي نانءُ.. ؟

شائسته آرزو: آرزو گل، ھاڻي شائسته آرزو گجر.


سوال: تعليم، نوڪري، پيشو؟

شائسته آرزو: ايم اي سنڌي، بي ايڊ، پي ٽي سي، نوڪري ڪا به نه

سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟

شائسته آرزو: بختاور مئگزين نومبر ۱۹۹۲ع.

سوال: ادبي استاد؟

شائسته آرزو: ڪو به نہ.

سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟

شائسته آرزو: ننڍڙي هيس ته گهر ۾ رسالا ۽ گل ڦل ڏسندي هيس، دل چوندي هئي مان به ايئن لکان.

سوال: ڪهڙيون شيون ۽ ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟

شائسته آرزو: ھر ڏکوئنيدڙ دانهن ۽ آھ، هر درد پو اهو عورت جو هجي يا مرد جو. من کي موهيندڙ هر منظر، ڪو آلاپ هجي يا ڪو هوا جو جهوٽو.

سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟

شائسته آرزو: ٻاراڻي رسالي سارنگ ۾ اقوال زرين شايع ڪرائيا.

سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهيو؟

شائسته آرزو: بختاور، هالار، همرچو، هفتيوا سنڌو، ڪڏهن ڪڏهن عوامي آواز مئگزين، نئون نياپو.

سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟

شائسته آرزو: غزل، وائي، نثري نظم ۽ نثري ٽڪرا لکيا اٿم، باقي وڻنديون سڀ ئي صنفون آهن.

سوال: لکيل ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟

شاہسته آرزو: تعداد ڪو خاص نه، هالار ۾ ئي لکيون هيم ڪجھہ.

سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟

شائسته آرزو: ڪو به نه.

سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟

شائسته آرزو: حيرت ۽ ڪجهه ناراضگي جنهن سبب مون نالو تبديل ڪري ڇڏيو، نه ته پهريون غزل بختاور مئگزين ۾ ئي شائسته گجر سان شايع ٿيو هو.

سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟

شائسته آرزو: منهنجون ٻه سهيليون ڪملا اوڏ ۽ شبروز جوڻيجو ۽ هڪ ڀاڻيجو جاويد احمد، جيڪو هن وقت ڊاڪٽر آھي ۽ برونائيءَ ۾ پيو رهي.

سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟

شائسته آرزو: روح جي غذا، روحانيت جي اظهار جو هڪ اهڙو نمونو جو ٻڌندڙ جي اندر ۾ سمائجي وڃي. احساسن جي اظهار جي اهڙي ٻولي جنهن جو لفظ لفظ روح جي تارن کي ڇهي ٿو.

سوال: محبت اوهان جي نظر۾؟

شائسته آرزو: محبت هڪ اهڙو پاڪ جذبو، جيڪو مٿو نه روح کان سجده ڪرائي ٿو. اها محبت ئي هجي ٿي جنهن سان هر رشتو ۽ انسان امر نظر اچي ٿو.

سوال: پسنديده شاعر، شاعرائون اديب ۽ اديبائون؟

شائسته آرزو: خليل جبران، امر جليل، آغا سليم، نجم عباسي، سراج، نورالهديٰ شاه، مهتاب محبوب، پوپٽي هيراننداڻي، سوڀو گيان چنداڻي، رسول بخش پليجو، علي نواز وفائي، ايوب کوسو، جامي چانڊيو، عبدالغفار تبسم، بخاري، شيخ اياز، سجاد مهر.

سوال: پسنديده شخصيت؟

شائسته آرزو: حضرت علي سائين، خليل جبران، ذوالفقار علي ڀٽو.

سوال: پسنديده ڪتاب، گل، رنگ، موسم ۽ پھر؟

شائسته آرزو: ڪتاب: انڌا اونڌا ويڄ: رسول بخش پليجو، جبران جو پيغامبر، گل سڀ وڻندا آهن، گلاب ۽ رابيل وڌيڪ. رنگ، گيڙو. موسم، سيارو. پهر: اونهاري جون شامون ۽ سياري جون سرد راتيون.

سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/ خوشي؟

شائسته آرزو: بس لکڻ ۽ ڇبجڻ جو شوق هوندو هو، جڏهن لکڻ شروع ڪيو ۽ ڇپجڻ لڳس اها ئي خوشي ۽ مهرباني... اها ته پٽ بي ڊي ايس جي ڊگري پيو ڪري.

سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟

شائسته آرزو: پهريون ڏک، ۲۰۱۵ ۾ لاڙڪاڻي جي ھڪ ھاسپيٽل ۾ جڏهن اچانڪ ڀيڻ جو منهنجي اڳيان ساھ پرواز ٿيو. سڏڪو... ڀيڻ جي دم ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي کان رتو ديرو تائين ايترو رنس جو آواز بند ٿي ويو هو. صدمو... ڀيڻ جي ٻارهين مهيني امان، امان بعد ٻي ڀيڻ ۽ ڀيڻ جي چوٿين مهيني چاچي جو وڇوڙو.

سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟

شائسته آرزو: اڄ ڪير به حقيقت پسند ناھي رهيو، هر عام به خاص جيان ٿي ويو آھي. هر عورت پارلر، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ، ڪپڙن جو ڏيکاء ٿي چاهي ٿي، باقي جيڪا وقت ۽ حالاتن جي چڪيء ۾ پيڙهجي ٿي ته اھا اڄ به پيڙائن ۾ آھي.

سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟

شائسته آرزو: ڇا چئجي؟ ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ جتي هن کي خوبصورت غزل ۽ ربائيء سان ڀيٽا ڏني وڃي ٿي، اتي اها به عورت هئي، جنهن امانت مغل گلاب جي گلن جهڙي کي پنهنجي قرب ۾ قيد ڪري اندر انا لوڀ لالچ جي لهس ۾ ساڙي سوڙهو ڪيو، ايئن ئي عورت هر روپ ۾ هر جاء ڪٿي شعوري، ڪٿي لاشعوري طور لهس ضرور ڏئي ٿي.

سوال: اڄ ڪلھ جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟

شائسته آرزو: عقل، علم اڄ به ساڳيو ئي آھي، انسان ۾ اڃان وڌيڪ ترقي ۽ شعور آيو آھي، اڄ به بهترين سرجڻهار آهن.

سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ ۽ ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟

شائسته آرزو: عام کي ڇڏيو، خاص علم رکندڙ به ساڙ رکي ٿو، هڪٻئي کي همٿايو نه ٿو وڃي، اڳ صرف لنگهو ۽ ملان، پر هاڻي سڀ ئي ياڦٻان ياڦٻان ۽ لنگهي واري ڪار، پوء جڏهن اهڙا ئي ماڻهو مٿي پهچن ٿا ته سلسلو ٽٽي ئي نه ٿو ۽ پوء وڏيون مڇيون ننڍين کي ڳڙڪائن. جڏهن ته ٻين قومن ۾ ايڪو آھي اڳتي وڌڻ جو.

سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟

شائسته آرزو: تنقيد براء اصلاح هجي ته بهترين، ڇو ته خامين ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ سان انسان ۾ خوبيون پيدا ٿينديون آهن. پر هاڻ آزاديء سبب هر ڪو پاڻ وڏو ٿي پيو آھي، انڪري سهپ نه. جيڪو انتهائي غلط ۾ غلط عمل هجي ٿو.

سوال: ادبي، سياسي، سماجي تنظيمن سان وابستگي؟

شائسته آرزو: نه ڪنهن سان به.

سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟

شائسته آرزو: خوبصورت واديءَ جيان جتي ساھ، سوچ ۽ من کان غم وسري الست بربڪم ٿيو وڃي، ان نغمي جيان جنهن کي اسان بار ٻڌڻ چاهيندا هون ۽ پنهنجي منهن جهونگاريندا رهندا آھيون.

سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟

شائسته آرزو: زندگيء جي ڀيانڪ حقيقت جيڪا ڪنهن کي ياد ناهي.

سوال: نفرت ڇا آهي؟

شائسته آرزو: الله جا ٺاهيل ست ئي جهنم.

سوال. دل اوهان جي نظر ۾؟

شائسته آرزو: دل به ڏاڍي ڏنگي مائيء جهڙي، ٻارن جيان نازڪ نفيس، سمجهي وڃي ته، لقمان ۽ سقراط ٿيو وڃي.

سوال: ايندڙ ڪتاب/ سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟

شائسته آرزو: ارادن ۾ شامل آھن.

سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟

شائسته آرزو: ان جو جواب ڪو ٻيو ڏئي ها ته بھتر، مان ڪجھ چوان ته متان پاڻ پنهنجي تعريف لڳي. باقي صوفي سڏائيان، حال مست مال مست، الاهي برداشت، صبر ۽ سهپ جي عادت آھي، جهڳڙن کان لنوائيدي آھيان، پنهنجو هجي يا پرائو، حق سچ چئي ڏيڻ واري فطرت رکي آھي.

سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟

شائسته آرزو: ڏيکاءُ ڪندڙن تي.

سوال: مليل مڃتا، ايوارڊ، شيلڊون، سرٽيفڪيٽ؟

شائسته آرزو: جڏهن شروع ۾ لکڻ شروع ڪيم، تڏهن هالار ڊائجسٽ پاران ۲۰۰۱ ۾ مڃتا سرٽيفڪيٽ.

سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟ اوهان ڇا محسوس ڪنديون آهيون؟

شائسته آرزو: خوشي.

سوال: درد ڇا آهي؟

شائسته آرزو: زندگيءَ جي ڳجهي حقيقتن جي سمجهه ۽ ساڃاه ڏيندڙ، درد ڪٿا سمجهي ڪي سلجهي وڃن ڪي داناءَ ديوانا ٿيو وڃن.

سوال: اوهين جيڪو لکو ٿيون يا جيڪو ڪجھ لکيو اٿو، انهيءَ مان مطمئن آهيو؟

شائسته آرزو: بلڪل، ڇو ته مون جيڪو به ۽ جيترو به لکيو، پاڻ پنهنجي شوق ۽ مطالعي جي بنياد تي ئي لکيو، منهبجي لکت مان اگر غلطي ڪڍي به وڃي ته مان ناراض ڪونه ٿيندس، ڇو ته پنهنجي منهن محنت ڪئي آھي.

سوال: اوهان شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟

شائسته آرزو: ڪو به نه.

سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟

شائسته آرزو: عورت سان الميو يا مسئلو ساڳيو ئي رهيو آھي، بدليو ناهي، عورت آ ته ڊڄڻي آ، بي عقل، جيڪو عقل کڙيء ۾ اٿس، سج لٿي بعد اهو به نڪري ٿو وڃيس، يا گهٽ نظر سان يا وري عقابي نظر وڌي وڃي ٿي. پر الائي ڇو مرد کي بيبي زينب کان تارا ٻائي، بينظير کان شيخ مجيب رحمان جي ڌيء ياد ناهن اينديون.

سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟

شائسته آرزو: ساڳي ڳالھ چوندس، ته عورت کي ڪم عقل سمجهي يا وري پوئتي ڪيو ٿو وڃي.

سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟

شائسته آرزو: مجبوري بلڪل نه، شوق مان اڃان به ننڍڙو سمجهندس. لکڻ ۽ پڙهڻ منهنجو عشق.

سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟

شائسته آرزو: ٿڌڙي هير.

سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟

شائسته آرزو: ڀٽائي سرڪار جي اها سٽ؛ “لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيء نه وهي.” ۽ ماسٽر چندر جا ٻول؛ ”قسمت ڪيون جدايون، ڪنهن تي ميار ناهي.“

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور سنڌ ۾ ۰۷ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا