محمد عثمان ڏيپلائي
زندگي ۽ علمي ادبي خدمتن جو خاڪو
ترتيب ۽ تحقيق : تاج جويو
تعارف:
نالو: محمد عثمان ميمڻ
ولد جو نالو: حبيب الله ميمڻ
جنم جو هنڌ: ڏيپلو، ضلعو
ٿرپارڪر
جنم جو سال: ۱۳جون، ۱۹۰۸ع
وفات: ۷ فيبروري، ۱۹۸۱ع
تعليم:
ڇهه درجا سنڌي ڏيپلي ۾ پڙهيائين. ڪلاس ۾ اڪثر پهريون يا
ٻيو نمبر کڻندو هو.
اردو، فاسي، عربي، گجراتي، هندي
۽ گرمگي ذاتي شوق سان سکيائين.
اديب فاضل، (۱۹۵۷ع ۾) سنڌ
يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.
مئٽرڪ (۱۹۶۸۸ع ۾ )، ۶۰ ورهين جي ڄمار ۾، سيڪنڊري
بورڊ، حيدرآباد مان ڪيائين.
علم جفر، نجوم، رمل ۽ سامدرڪ (هٿ
ڏسڻ جي علم ) جي به ڄاڻ رکندو هو.
خانگي ڌنڌا ۽
ملازمتون:
ٽندي باگي، بدين، کپري، ميرپورخاص
۽ عمر ڪوٽ جي مختلف زميندارن وٽ ويهارو سال منشي / ڪلارڪ ٿي رهيو. ] مرحوم خان صاحب
عطامحمد پليءَ وٽ پڻ وڏو عرصو ملازم رهيو. [
ڏيپلائي صاحب جا
پرائمريءَ ۾ استاد
ماستر عبدالله
ماستر پونم چند
ماستر رامجي ڀيل
ماستر حاجي ابوطالب
ماستر عبدالرحيم
ماستر پير محمد
ماستر هيمراج
ماستر موشنڪر
پهرين اخبار (دستي): ۱۹-۱۹۱۸ع ۾، پرائمريءَ ۾
پڙهڻ دوران، فرحت آثار، نالي سان هڪ دستي اخبار، هم ڪلاس دوستن واسطي ڪڍيائين.
پهريون مضون: ۱۹۲۴ ع ۾ ۱۶ سالن جي عمر ۾ محمد
بن قاسم بابت لکيائين، جيڪو دهليءَ مان نڪرندڙ
اردو رسالي مناديءَ ۾ ڇپيو.
پهريون افسانو: چنڊ سهڻو يا
نسان عنوان سان لکيائين، جيڪو ”ترقي“ رسالي ۾ ۱۹۲۷ع ڌاري ڇپيو.
پهريون ڊرامو: غيرت عرف نورجهان
جو پٽ“ (۱۹۴۱ع ۾)
لکيائين.
پهريون ڪتاب: قرآني دعائون“
عنوان سان لکيائين، جيڪو مسلم ادبي سوسائٽيءَ ڇاپيو ۽ انعام ڏنو.
پهريون افسانن جو مجموعو: گلشن
عبرت، جي نالي سان شايع ٿيو.
پهريون ناول: ”سنگدل شهزادي، ۱۹۳۸ ع ۾ پنهنجي اداري
اسلاميه دارالاشاعت، ميرپور خاص، مان ڇپايائين.
پهريون ضبط ٿيل ناول: ” ڏاهري
رنگ محل “ (۱۹۴۲ع (
پسنديده اديب ۽
شاعر:
جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويم،
شيخ اياز، حيدربخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ابراهيم منشي، فيص احمد فيض، علامه،
ڪڪرشنچندر، سعادت حسن منٽو، خواجه احمد عباس، جوش مليح آبادي، ديوان سنگهه مفتون، گوريخش
سنگهه، ميجرآفتاب حسن، پرل ايس بڪ، اوستروسڪي، ۽ مئڪسم گوريڪي.
ڪتاب، جن کان
متاثر ٿيو:
1. جيئن
ڏٺو آهه مون: از ـ جي. ايم. سيد
2. امڙ،
(ناول): از گورڪي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين.
3. جديد
معلومانت سائنس: از ـ ميجر آفتاب احمد
4. دار
و رسن کي آزامائش: روسي ناول، جنهن جو اختصار، سسي نيزي پاند جي نالي سان ترجمو
ڪيائين.
5. محمد
ابراهيم جويي جا ترجمو ڪيل ڪتاب: تعليم، ايميلي، گليلو، وحشي جيوت جا نشان ۽ ٻيا
6. بهشت
تترين: عبدالحليم شرر
7. غبار
خاطر: از ابوالڪلام آزاد
8. پريت
مارگ: از گوربخش سنگهه
9. ناقابل
فراموش: از ديوان سنگهه مفتون
پسندديده فلمون:
1. نيا
سنسار
2. زندگي
يا طوفان
3. مدر
انڊيا
4. بيجو
باورا
5. ويٽ
نام
6. دوگز
زمين
ادارا، اخبارون
رسالا، ڪتابي سلسلا، جيڪي ڏيپلائي صاحب شروع ڪيا.
اسلاميه دارالاشاعت، ميرپور خاص: ۱۹۳۸ع ۾، پنجاهه روپين
جي موڙيءَ سان شروع ڪيائين.
ماهنامه ” عبرت “ ۱۹۴۱ع ۾ ڪڍيائين.
ماهوار”عبرت“ جو ڪتابي سلسلو: ۱۹۴۱ ع ۾ شروع ڪيائين.
هفتيوار ” عبرت: ۱۹۴۳ع ۾ ڪڍيائين.
قرآن پريس: ۱۹۴۸ع ۾ شروع ڪيائين.
اداره لطيفي: ۱۹۴۹ ع ۾ شروع ڪيائين.
اداره انسانيت: ۱۹۵۲ع ۾ شروع ڪيائين
روزاني ” عبرت: ۱۹۵۳ع ۾ ڪڍيائين.
ماهوار ” انسان “: ۱۹۵۷ع ۾ ڪڍيائين.
روزاني” عبرت“ قاضي عابد ۽ قاضي
مهمد اڪبر کي وڪرو ڪيائين: اپريل، ۱۹۵۸ع ۾
”رسالو”اسنان“ هفتيوار: مئي ۱۹۵۹ع ۾ ڪڍيائين.
ماهنامه ” ساڻيهه“ ڊائجيسٽ: ۱۹۶۹ع ۾ ڪڍيائين.
روزني سنڌ ٽائيمس: ۱۹۶۹ع ۾ ڪڍيائين.
خاص ڳالهيون:
پهريون ڀيرو چشمو پاتائين: ۱۹۲۹ع ۾ (۲۱ ورهين جي ڄمار ۾ )
پهريون ادارو قائم ڪيائين:
اسلاميه دارالاشاعت، ميرپورخاص، ۱۹۳۸ع ۾
اسلاميه دارالشاعت ۽ قرآن پريس
کي ساڙيو ويو: ۱۹۷۲ع جي لساني فسادن دوران
جماعت اسلاميءَ جي رُڪنيٽ
اختيار ڪيائين: ۱۹۴۳ع ۾
جماعت اسالاميءَ کان علحدگي اخيار: ۱۹۴۸ع ۾
ڏيپلائي صاحب، جيل ۾ ٽي ڀيرا
ويو:
(۱) ۱۹۵۸ ع ۾،
(۲) ۱۹۶۱ ع۾، ۽
(۳) ۱۹۷۳ ع ۾
آخري ڪتاب:
انقلاب ايران
انعام يافتهه ڪتاب:
(۱) قرآني دعائون، (مسلم
ادبي سوسائٽيءَ جو انعام يافته)
(۲) گلشن عبرت، (سنڌي
ادب جي صلاحڪار بورڊ جو انعام يافته)
(۳) امڙ (ناول): (سنڌي ساهت، جو انعام يافته)
(۴) سانگهڙ (ناول) رائٽرز گلڊ جو انعام يافته)
ضبط ٿيل ڪتاب:
(۱) ڏاهري رنگ محل (۱۹۴۲ع )
(۲)گلستان حسن (۱۹۳۹ع )
(۳) ۱۸۵۷ ع جي آزاديءَ جي جنگ (۱۹۵۷ع )
(۴) غازي انورپاشا(۱۹۵۷ ع)
(۵)جپاني گڏي (۱۹۵۷ ع )
(۶)امڙ (ناول) (۱۹۵۷ع)
(۷) شيخ المشائخ (۱۹۷۵ع)
پابندي وڌل
اخبارون ۽ رسالا
(۱)هفتيوار اخبار”
انسان،
(۲) روزاني ” سنڌ ٽائيمس،
ڏيپلائي صاحب جا مختلف رسالن ۾
ڇپيل اهم مضمون، تبصرا، جائزا وغيره.
ماهوار نئين زندگي، حيدرآباد
سنڌي ادب جا قديم اشاعت گهر، (۱) آڪٽوبر ۱۹۶۱ع
سنڌي ادب جا قديم اشاعت گهر، (۲) دسمبر، ۱۹۶۱ع
سنڌي ادب جا قديم اشاعت گهر، (۳) اپريل، ۱۹۶۲ع
سنڌي ادب جا قديم اشاعت گهر، (۴) جون، ۱۹۶۲ ع
پاڪستان جي تعمير، آگسٽ، ۱۹۶۷ ع
برک سائنسي کوجنائون ۽ ايجادون،
اپريل، ۱۹۸۲ ع
سماهي، مهراڻ
تاريخ ريگستان: رائچند راٺوڙ (تبصرو)
۱/۱۹۵۶ ع
جهان آرا: عبدالرزاق عبدالسلام (تبصرو)
۱/۱۹۵۶ع
آفتاب ادب: حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي (تبصرو ) ۱/۱۹۵۶ ع
بلو کوکر: صاحبسنهگهه شاهاڻي (تبصرو
) ۱/۱۹۵۶ ع
خوش خصلت خاتون، : بيگم بادام
ناتون (تبصرو) ۱/۱۹۵۶ ع
سڌارٿ: پروفيسر ايسرداس (تبصرو)۱/۱۹۵۶ ع
سنڌ جو سينگا: عبدالڪريم سنديلو
(تبصرو ) ۱/۱۹۵۶ ع
عشق نه آهي راند، : (تبصرو )۱/۱۹۵۶ ع
ڪامل جو ڪلام: جهمٽمل
ڀاوناڻي(تبصرو) ۱/۱۹۵۶ ع
ڪنول ڪلي: اداره، انسانيت، حيدرآباد(تبصرو)
۱/۱۹۵۶ ع
گل ڦل: پرمانند ميوارام (تبصرو)
۱/۱۹۵۶ ع
گل ڦل: پرمانند ميوارام (تبصرو)
۲/۱۹۵۶ ع
ڦل چونڊ: هريرام ماڙيوالا
(تبصرو) ۲/۱۹۵۶ ع
موجوده سياسي مسئلا: جي. ايم. سيد
(تبصرو)۲/۱۹۵۶ ع
اڃا رات باقي آ پرڀات پبليڪيشن،
بمبئي (تبصرو) ۲/۱۹۵۶ ع
چمڪندڙ نزندگي، اداره انسانيت، حيدرآباد
(تبصرو) ۲/۱۹۵۶ ع
راحت ڀري زندگي: ڊيل ڪارنيگي (تبصرو)
۲/۱۹۵۶ ع
راسيلاس: نولراءِ شوقيرام
آڏواڻي (تبصرو)۲/۱۹۵۶ ع
سدائين جوان، سدائين نروڳو:
هندستان ڪتاب گهر (تبصرو) ۲/۱۹۵۶ ع
سنڌ جو سفر: لطف الله گجراتي، مترجم:
قادربخش نظامڻي (تبصرو) ۲/۱۹۵۶ ع
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ: ڀيرومل
مهر چند آڏاڻي (تبصرو) ۲/۱۹۵۶ ع
سون ورنيو دليون: لالچندامر
ڏنومل (تبصرو ) ۲/۱۹۵۶ ع
شاهه جا گمُ ٿيل بيت: شيخ محمد
سومار (تبصرو)۲/۱۹۵۶ ع
شوڀدا: شرت چندر چئٽر جي
(تبصرو) ۲/۱۹۵۶ ع
تاني: گوبند مالهي (تبصرو) ۳/۱۹۵۶ ع
اشرف العلوم، (مثنوي مولانا روم
جو سنڌي ترجمو):
دين محمد فيروزشاهي (تبصرو) ۳/۱۹۵۶ ع
سنڌ گورنمنٽ ڪاليج آف ڪامرس ۽
ايڪانامڪس جو ڪاليج مخزن. سال ۱۹۵۶-۱۹۵۵ ع: (تبصرو۳/۱۹۵۶ ع
مهراڻ جون موجون: پاڪستان
پبليڪيشن، ڪراچي (تبصرو) ۳/۱۹۵۶ ع
شرم ٻوٽي: گوبند مالهي، (تبصرو) ۳/۱۹۵۶ ع
گل: ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي (تبصرو)۳/۱۹۵۶ ع
هدايت الانشاءِ؛ مولوي هدايت
الله مشتاق (تبصرو)۳/۱۹۵۶ ع
بهار ادب: رسول بخش خمار (تبصرو)۴/۱۹۵۶ ع
ادبي خط: محمد عثمان ڏيپلائي
(تبصرو)۴/۱۹۵۶ ع
پنج تنتر: نارائڻداس بليجا(تبصرو)۱ـ۲/۱۹۵۶ ع
ايسپ جون اکاڻيون: (تبصرو)۱ـ۲/۱۹۵۶ ع
خورشيد، (ڊرامو): مرزاقليچ بيگ
(تبصرو)۱ـ۲/۱۹۵۶ ع
جناب سيد غلام مرتضيٰ شاهه سنائي،
سماهي مهراڻ، سوانح نمبر، ۳-۴/۱۹۵۶ ع
آنجهاني ڊاڪٽر ٽلومل (تبصرو) ۳-۲/۱۹۵۶ ع
اسلام جا ڏنل بنيادي انساني حق:
خطبت الوداع (مضون) ۱۹۸۰/۴-۳ع
هفتيوار ” انسان، حيدرآباد، جا
ڪي خاص نمبر
شهيد انسانيت، (ابراهيم لنڪن )
نمبر۳ مئي، ۱۹۵۹ع
جنگ آزدي (۱۸۵۷ع) نمبر مئي، ۱۹۵۹ع
محرم نمبر ۱۳-۲۰ جولاءِ ۱۹۵۹ع
شهزادو ڪريم آغا نمبر۲۷ آگسٽ، ۱۹۵۹ع
آزادي ۽ ڀٽائي نمبر ۱۷- آگسٽ، ۱۹۵۹ع
قائداعظم نمبر ۲۸. ڊسمبر، ۱۹۵۹ع
شاهه لطيف نمبر ۸ـ آگسٽ، ۱۹۶۰ع
عيدميلادالنبي نمبر ۵- سيپٽمبر، ۱۹۶۰ع
ٽالسٽاءِ نمبر ۱۲- ڊسمبر، ۱۹۶۰ع
قائداعظم نمبر۲۶-ڊسمبر، ۱۹۶۰ع
سچل نمبر ۲۷ فيبروري ۱۹۶۱ع
جيل جا مشاهدا
(ڏيپلائي صاحب، مختلف وقتن تي (۱۹۵۸ع ۾، ۱۹۶۱ ع ۾ ۽ ۱۹۷۳ع ۾) جيل يا ترا ڪئي،
ان دوران پاڻ، جيل جي مشاهدن، تي مشتمل ڪيترا مضمون ۽ افسانا لکيائون، جن مان ڪن
جو ٽفصيل هن ريت آهي؛
جيل جو تيل (جيل جا مشاهدا ):
هفتيوار انسان، حيدرآباد، سنڌ ۱۸ مئي، ۱۹۵۹ع
جيل جون ٻيڙيون (جيل جا
مشاهدا): هفتيوار، انسان، حيدرآباد سنڌ، ۱-جون ۱۹۵۹ع
ڪاڪوس هڙتال (جيل جا مشاهدا):
هفتيوار انسان، حيدرآباد، سنڌ، ۲۹جون، ۱۹۵۹ع
جيل جو ڊاڪٽر (جيل جا مساهدا )
هفتيوارا، انسان، حيدرآباد، سنڌ ۶ جولاءِ ۱۹۵۹ع
نئون ڳاڻيٽو (جيل جا مشاهدا):
هفتيروار، انسان حيدرآباد، سنڌ ۱۳-۲۰ جولاءِ ۱۹۵۹ع
نئون ڳائيٽون (جيل جا مشاهدا):
هفتيوار، انسان، حيدرآباد، سنڌ، ۲۷جولاءِ ۱۹۵۹ع
جيل جو جمعو (جيل جا مشاهدا):
هفتيوار، حيدرآباد، سنڌ، ۱۷- آگسٽ، ۱۹۵۹ع
اُٺ پوڙهو ٿيو ته به (جيل جا
مشاهدا): هفتيوار. انسان، حيدرآباد، سنڌ، ۱۴ سيپٽمبر، ۱۹۵۹ع
ڳجهه ! (جيل جا مشاهدا)؛
هفتيوار، انسان حيدرآباد، سنڌ ۱۶ نومبر، ۱۹۵۹ع
جيل جي جهڙتي
اسپيلشل امام (افسانو)
مهرباني خوني (افسانو): سماهي
مهراڻ.
ماهوار/ هفتيوار. انسان جي ڪجهه
اهم ايڊيٽوريل
انسان امر آهي (ايڊيٽوريل):
ماهوار انسان، ۱۴ سيپٽمبر. ۱۹۵۸ع
نوان جمهوري حق (ايڊيٽوريل ):
گهتيوار انسان، ۲۹ جون، ۱۹۵۹ع
لوممبا جي شهادت(ايڊيٽوريل):
هفتيوار انسان، ۲۰ فيبروري، ۱۹۶۰ع
مسٽر کهڙي جي آزادگي (ايڊيٽوريل):
هفتيوار. انسان، ۷- مارچ، ۱۹۶۰ع
هڪ هيبناڪ انڪشاف (ايڊيٽوريل):
جناب ذوالفار علي ڀٽي بيان ڏنو هو ته تعليمي ڪميشن، جي سفارشن جي عمل ۾ اچڻ سان
سنڌي زبان کي ڪو به نقصان نه رسندو،. ان جي جواب ۾ هي ايڊيٽوريل لکيو ويو. هفتيوار،
انسان
سنڌ جون رڙيون(ايڊيٽوريل):
هفتيوار. انسان، ۸ – آگسٽ، ۱۹۶۰ع
هفتيوار/ روزاني ”عبرت “ جا ڪي
اهم ايڊيٽوريل
علامه وفائيءَ جي گهٻارهٽ (ايڊيٽوريل ): هفتيوار. عبرت، ۲۴ مئي ۱۹۴۶ع
سنڌ وزارت جي تبديليـ خوش آمديد
آغا غلام نبي خان (ايڊيٽوريل): هفتيوار عبرت، ۸ –فيبروري، ۱۹۵۰ع
عظيم پنجاب جو نذرانو(ايڊيٽوريل):
روزاني عبرت، ۲۶ اپريل، ۱۹۵۷ع
هفتيوار انسان ۾ ڇپيل ڪجهه اهم
مضمون تبصرا، ۽ تنقيدون
وُري آباد مئخانا ٿين ٿا، :
هفتيوار انسان۳ ئئي، ۱۹۵۹ع
سنڌي قوم، بعد، سني ثقافت، ۽
سنڌي زبان، : هفتيوار، انسان۲۲جون، ۱۹۵۹ع
مهراڻ، جو سالگرهه نمبر (تبصرو):
گفتيوار. انسان، ۷ ڊسمبر، ۱۹۵۹ع
نئين دنياـ سنڌيت نمبر (تبصرو):
هفتيوار، انسان ۲۹ـ فيبروري، ۱۹۶۰ع
لوڪ ادب سان حيرتناڪ هاڇو
(تنقيد/ تبصرو): هفتيوار. انسان، ۱۳-جون. ۱۹۶۰ع
تعليمي ڪميشن جي رپورٽ، پنهنجي
ئي اکرن جي آئيني ۾: هفتيوار انسان ۱۳ جون، ۱۹۶۰ع
شاهه جو سه آتشو (مضمون):
گهتيوار، انسان لطيف نمبر۸- آگسٽ، ۱۹۶۰ع
سنڌيـ سنڌي ڊڪشنري (ن. ب. بلوچ
) تبصرو: هفتيوار. انسان، ۶ نومبر، ۱۹۶۰ع
ٽالسٽاءِ موجوده دور جو هڪ عظيم
ترين انسان (مضمون): هفتيوار انسان، ٽالسٽاءِ نمبر ۱۲ ڊسمبر، ۱۹۶۰ ع
لطيفي ديڳ جو ڍڪڻ لاهيندـ حضرت
سچل سرمست (مضمون)؛ هفتيوار انسان، ۲۷ فيبروري، ۱۹۶۰ع
مهراڻ مينڌارا: ظهور انصاري (تبصرو..
۲۹ فيبروري ۱۹۶۰ع
اردو يا سنڌيـياـ اردو ۽ سنڌي؟
اتنقدي خط جو جواب ) هفتيوار انسان، ۹ مئي، ۱۹۶۰ع
مُهراڻ، جو نئو نمبر (تبصورو):
هفتيرار انسان ۹ مئي ۱۹۶۰ع
ماهوار انسان/ اداره انسانيت، جا
ڇپايل مختلف اديبن جا ڪي اهم ڪتاب
پيغام لطيف: ج. ايم. سيد
نئين سنڌلاءِ جدوجهد (۲ ڀاڱا ): جي. ايم. سيد.
۱۹۵۳ع
آمريڪي شاعر (ڊان ويشٽ): مترجم،
احساس بدوي، اداره، انسانيت،
هاريءَ جي سجاڳي (ناول):ازـ
ڪرشچندر، مترجم: عبدالغفور انصاري ماهوار، انسان، ۲۸ سيپٽمبر، ۱۹۵۳ع
ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري(ناول):ازـ
ڪرشنچندر، مترجم: سراج الحق بسمل، ماهوار انسان ۸ فيبروري، ۱۹۵۴ع
پار داڻا: ابن حيات پنهور.
شاهه جا گُم ٿيل بيت: ماستر
محمد سومار شيخ، اداره انسانيت، آڪٽوبر، ۱۹۵۷ع
روس جا چاليهه سال: قادربخش
نظاماڻي، اداره انسانيت، آڪٽوبر، ۱۹۵۷ع
ماڻهو ۽ ڌرتي: غلام حيدرڄامائي، اداره انسانيت،
روزه رسڳڪي (ترجمه صيام محمدي)
مترجم: مولوي محمد بلوچ
پاره الم (قرآن شريف، سنڌي
ترجمي سان بيتن ۾ سمجهآڻيءَ سميت): از ـ مولانا احمد ملاح: اداره تبليغ قرآن، حيدرآباد،
سنڌ
پاره سيقول (قرآن شريف، سنڌي، سنڌي
ترجمي سان بيتن ۾ سمجهاڻيءَ سميت): ازـ مولانا ملاح، اداره تبليغ القرآن، حيدرآباد،
سنڌ
پاره عم (سوليءَ سنڌي ترجمي ۽
سمجهاڻيءَ سان) قرآن پريس، حيدرآباد، سنڌ
صحيح بخاري: مترجم ـ مولانا دين
محمد وفائي، مرتب محمد عثمان ڏيپلائي، اسلاميه دارالاشاعت، حيدرآباد، سنڌ
ڏيپلائي صاحب جي
ڪجهه ڪتابن جا اردو ترجما
غاري صلاح الدين: مترجم ـ محمد حفيظ
الرحمان حفيظ بهاولپوري، عزيز المطابع بهاولپور
غاري احمد شاه ابدالي:
مترجم. محمد حفيظ الرحمان حفيظ بهاوکپوري عزيزالمطابع بهاولپور
نور توحيد: مترجم ـ محمد حفيظ
الرحمان حفيظ بهاولپوري، عزيز المطابع بهاولپور
عروج اسلام: مترجنمـ محمد حفيظ
الرحمان حفيظ بهااولپوري، عزيز المطابع بهاولپور
فتح اسلام: مترجم ـ محمد حفيظ
الرحمانحفيظ بهاولپور، عزيز المطابع بهاولپور
سيرته محمدي: مترجم ـ محمد حفيظ
الرحمانحفيظ بهاولپوري، عزيز المطابع بهاولپور
اورنگرب عالمگير: مترجم ـ محمد
جحفيظ الرحمان هفيظ بهاولپوري، عزيز المطابع بهاولپور
سانگهڙ (ناول): مترجم: ثريا
ڏيپلائي، فکشن هاؤس، لاهور
ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن جي لسٽ
(الف )
اسلامي تاريخي ناول
روم جي راڻي عرف شڪست حسن
هوشربا نازنين
ڪارا ڪافر
نازنين يورپ (ٻي صليبي جنگ)
دختران اسلام
شاه امان الله
فتح فلسطين
نيل ڪنوار عرف فتح مصر
غازي اسپين عرف عضمت جي قيمت
آخري اميد
ڪاشيءَ جا پاپڙ
ڪنيز اسلام
ٽيپو سلطان
حيدرعلي
ايراني شهزادي
شيرشاه ۽ همايون
نور توحيد
شوڪت اسلام (ٻه حصا)
عروج اسلام (ٻه حصا)
جلوه اسلام
فتح اسلام
گمراه مسلمان عرف هندو مسلم
اتحاد
فتح ايران
سومناٿ جي سندري عرف گجڻيءَ جي
دانهن
غازي محمود غزنوي
غازي اورنگزيب
گلستان حسن عرف ڪوه ڪاف جي پري
هوشرباشهزادي
سنگ دل شهزادي
نازنين سمرنا
حور بغداد
آفريقا جي شهزادي
شيوا جي شيش محل
چين جو چنڊ
قسطنطنيه جي شهزادي
جنگ ترڪ وجرمن
فتح المقدس
انقلاب سنڌ عرف فتح پاڪستان
احمد شاه ابدالي
افضل شهيد
مينا بازار
ڏاهڙي رنگ محل
سبڪتگين ۽ جئه پال
فتح ير موڪ
بلبل ايران
(ب)
ناول (مختلف موضوع)
هندستان کان پاڪستان (خواجه
احمد عباس جي ” سردار جي: ڪرشنچندر جي پشارو ايڪسپريس. قدرت الله شهاب جي يا خدا، ۽
ٻئي مواد جي آڌار تي لکيل )
ڪُتي جو.... ؟
(ت) ناول: قومي آزاديءَ بابت
۱۸۵۷ع جي آزاديءَ جي جنگ
شير ايران
غازي مصطفيٰ ڪمال
جپاني گڏي (پرل ايس. بڪ جي ناولDrogon seed
جو
ترجمو ۽ اختصار
غازي انور پاشا
ڪنول ڪلي
سانگهڙ
سمرقند جو صوف (چار حصا)
سسي نيزد پانڊ (روسي ناول ترجمو
۽ اختصصار)
ڪوريا جي ڪنوار
مجاهد ڪشمير
انقلاب ايران
ريف جو مجاهد
سوڊان جي سونهن
(ث)
ناول:
روزنامه “عبرت “ ۾ قسطورار صورت
۾ ڇپيل، پر ڪتابي صورت ۾ نه اچي سگهيا.
زلف چين
مصري جاسوس
(ج)
اڻپورا ناول
مڪليءَ جون محفلون (محمود
غزنويءَ جو ملتان تي حملو) روزنامه عبرت ۾ قسطوار ڇپيل
جي ڪاڪ نه هليا ڪاپڙي (ابن رشد
جي حياتيءَ بابت) هفتيوار انسان ۾ قسطور اڻ ڇپيل:
پر رسالي بند ٿيڻ ڪري، وڌيڪ
قسطن ڇپڻ جو سلسلو منقطع ٿي ويو.
(ج)
ناول (اهم ترجما)
امڙ: مئڪسم گورڪيءَ جي ناول مدر جو ترجمو (چار حصا)
سسي نيزي پانڊ (روسي اديب
اوسترو وسڪيءَ جي ناول How the steel was tempered ) جو اختصار ۽ ترجمو )
چوڏهين صديءَ جا چاردوريش
انساني حق (اقوام متحده جو
انساني حقن جو چارٽر )
جپاني گُڏي (پريل ايس. بڪ جي
ناول dragon seed جو ترجمو ۽ اختصار ناٽڪ
غيرت عرف نورجهان جو پُٽ (۱۹۴۱ع)
ڪانگريس ناٽڪ (۱۹۴۵ع)
ڪانگريسي ڄار (۱۹۴۶ع)
نجومي (۱۹۴۸ع )
اسلام تي مقدمو (نعيم صديقيءَ جي ڪتاب تان ورتلـ ۱۹۴۹ع )
سجائي موڙي (۱۹۵۱ع )
شاهدي: مهرڻ، اونهارو (۱۹۵۵ع) ۾ ڇپيل
ڏڪار (۱۹۵۶ع )
واڀيڙو: مهراڻ (۱۹۵۶ ع) ۾ ڇپيل
ڪورٽ ناٽڪ (۱۹۵۷ع )
ڊاڪٽر (۱۹۵۷ع)
آزاد چونڊ (۱۹۵۹ع)
پئنچاتي پدمڻي(۶۰-۱۹۵۹ع)
بي وقتي ٻانگ: ڪتاب سک جي وستي،
(۱۹۹۱ ۾ ڇپيل
افسانا ۽ افسانن
جا مجموعا
خيبر جون خوبيون (مجموعو)
رنگارنگي دنيا (مجموعو)
درگاه شريف (اردوءَ ۾ مترجمـ
مولانا شوڪت ٿانوي، سنڌي ترجمو ۾. ع. ڏيپلائي
شان مسلم
بغداد جو ڌاڙيل
مجاهدان اسلام (مجموعو)
گلشن عبرت (مجموعو)
اُبتو ڦيرو
اسپيني شهزادو
اسپيشل امام
اقبال جي ڀيڻ
اڪيلو مُنارو
اورنگرزيب جو انصاف
اوليائن جي مار
بابر جو قاتل
بزدل نورجهان
بئي گدرا
پارس
پنج گُڏيون
پوڙهو اُٺ
ڀڳل موٽر
ڀلي ولايت
تپيدار جي رپورٽ (ترجمو)
ٺاڪوءَ جي ڦڪي
ٺٽي جا ڏاڙهون
ٽٽ شاهه
جيل جو تيل جيل جو ڊاڪٽر
جوڙي (ترجمو)
حضرت خالد جو روضو
پنڊ جو جبل
چنڊ سهجڻو يا انسان
حق جو رعب
دستگير جي يارهين
ڏاڏا جي سرنگي
ڍڳن جو لشڪر
راضي شاهه جي روڪ
رڊبيبي
سائنس جو پٽ
سڃي جو سر
شاه جي ڏگري
شاهي پروانو
شرڪ ناس (مجموعو)
علماءِ حق جو شان
غدار دکن
غدار جي عزت
غيرت جو ٽهڪو
قلندر جو هندورو
مرشد جي ڪهاڙي
ڪاڪوس هڙتال
ڪاليءَ جي ڪريپا
ڪاوڙيل مريدياڻي
کدڙيءَ جي گادي عرف مرشد جي
ڪِڪي
کنڊ جون ڳوڻيون
پيپتار جو ٻڪر
گڏهه جو پيءُ
ڳُڙ جو سير
لڏيندڙن جون نشانيون
مرشد جو اُٺ
مرشد جو ٻڪر
مرش جون ٽنگون (مجموعو)
مرشد جي پڳڙي (ترجمو)
مرشد جي ڌيءَ (مجموعو)
مصري عامل
معصوم مجهاهدو
نانگي شاه جو ڪندو
بڀاڳي مريدياڻي.
بڀاڳي مڱ
نٿ جو حج (مجموعو)
نرماديءَ جو فرق
نقارن جا قيدي
نيت جو ڦل
وڏيري جي رات
ووٽن جي پيٽي
هلر (ترجمو)
يزيد جو ڀيڻويو
آخري سبق (مجموعو )
ڍڳن جو لشڪر
راجا هري سنگهه جي درٻار
رت پياڪ رهزن
بهادر مسلمان
دل ۾ لٿل درد
مظلوم مهاجر (ترجمو)
ديکو مجهٿ جو ديده عبرت نگاه هو !
بيل جي جهڙتي
ڳُجهه
گابڙو
ڦلڙي
آفيم جو جبل
ڪونڍير
جيل جو جمُعو
شينهن مارشيدي (ترجمو)
مسلمان بادشاه (مجموعو)
وتعز من تشاءُ
سيد جو اُٺ
مجاهد جي اک
سيد ۽ ڪنڀر
ٽيٽِاڻي (مجموعو)
شريف ڪمانڊر
بلوچ جي چماٽ
مصطفيٰ جو قيدي
لڳيءَ جي لپاٽ
پُٽ جي قيمت
تاريخ
انسان جي تاريخ
هندستان جي سچي تاريخ
دنيا جي تاريخ
فتوحات اسلام
هندستان جي اسلامي تاريخ (انتخاب
تاريخ ڊاڪٽر تاراچنڊ)
سرفروشان اسلام
بخارا جو ختمو
لال جهنڊو
تاريخ بهادران اسلام
تنقيد
بقول اياز
شيخ المشائخ
لطيفيات
شاهه جو رسالو (مڪمل)
شاهه جو رسالو (پاڪيٽ سائيز)
ککر ۾“ کڙو
نفسيات
چمڪندڙ زندگي (ترجمو)
راحت ڀري زندگي (ترجمو)
بهتر زندگي (ترجمو)
لسانيات
سنڌي اُستاد (رهبر )
اُردو استاد (رهبر)
شخصيات
سيرت محمدي
سيرت الرسول
سيرت حيدر
سيرت الفاروق
سيرت الصديق
سيرت عثمان
ارشاد الخالفاءُ
سيرت الفاطمه
شهيد ِڪربلا
سيرت امام حسين
شاه جيلان
وهابين جو بابو
دينيات
قرآن شريف (سنڌي ترجمو)
قرآني دعائون
قرآني خزانو
قرآني انقلاب: ازـ مولانا
ابوالاعليٰ مودوديي (ترجمو)
اسلامي حڪومت: ازـ مولانا
ابوالاعليٰ مودودي (ترجمو)
اسلام جو سياسي نظريو: ازـ
مولانا ابوالاعليٰ مودودي (ترجمو)
سلامتيءَ جورستو: از ـ مولانا
ابولاعليٰ مودودي (ترجمو)
صداقت القرآن
مطالب القرآن
ارشاد القرآن
اسلام ۽ ايمان: ازـ مولانا
ابوالاعليٰ مودودي (ترجمو)
ايمان جي ڪسوٽي (ترجمو)
ايمان مفصل(ترجمو)
ايمان مفصل (ترجمو)
پنج سورتون
تعليم القرآن
جهاد جي حقيقت (ترجمو)
حج جي حقيقت (ترجمو)
حقيقت اسلام (ترجمو)
خطبات اسلام: ازـ مولانا
ابوالاعليٰ مودودي (ترجمو)
روزي جي حقيقت (ترجمو)
دين جي حقيقت ترجمو)
زڪوات ۽ خيرات (ترجمو)
سچو ايمان (ترجمو)
عبادتون(ترجمو)
ڪلمو پاڪ (ترجمو)
ڪلمي پاڪ جي حقيقتا ازـ مولانا
ابوالاعليٰ مودودي(ترجمو)
مسلمان ٿيڻ لاءِ علم جي ضرورت
(ترجمو)
مسلمان عورت (ترجمو)
نماز جي حقيقت (ترجمو)
يارنهن سورتون ۽ نماز (سولي
سنڌي ترجمي سان )
نوٽ: (۱) محمد عثمان
ڏيپلائيءَ جي ڪتابن جي هيءَ لسٽ سندس فرزند محترم محمد علي ڏيپلائيءَ حاصل معلومات
موجب ترتيب ڏئي ڏني آهي. هن ڪتاب ۾ اها لست سن وار ڏيڻ جو ارادو هو، پر ڪتابن جا
مختلف ڇاپا ملڻ (۽ اڪثر پهرين ڇاپن جي اڻهوندا ) سبب ائين ٿي نه سگهيو.
(۲) ڏيپلائي صاحب جيئن
ته بسيارنويس، (گهڻو لکندڙ ) ليکڪ هو، اُن ڪري سندس ي ڪتاب / افسانا هن لسٽ ۾ درج
نه ٿي سگهيا هوندا، بهرحال ڪوشش ڪئي وئي آهي ته وڌ ۾ وڌ ۽ تصديق ٿيل معلومات هجي. (ت.
ج )
***
ميان محمد عثمان ولد ميان حبيب الله ميمڻ ڏيپلائي
جي ايم سيد
ميان محمد عثمان، ۱۳ جون ۱۹۰۸ع تي ڏيپلي ضلعي
ٿرپارڪر ۾ ڄائو. سندس والد ننڍو واپاري هو. اتي ئي ڇهه ست درجا سنڌي پاس ڪيائين. ستن
ڀيڻن جو هڪڙو ڀاءَ هئڻ ڪري، کيس مائٽ مٺِءَ ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ موڪلي نه سگهيا. فارسي،
هڪ مولويءَ کان پڙهيائين. آهستي ڪري گرجراتي، هندي، گُرمکي، اردو۽ ٿوري انگريزي به
سکي ويو. عربيءَ جي تعليم ڪا نه اٿس، پر قرآن شريف سمجهي ويندو آهي.
پهرين واپار ڪيائين، پر ان مان
گذر معاش ڪارفي نه ملڻ ڪري، زميندارن جي ملازمت ۾ٽيهن سلان تائين رهيو. هي ٽنڊي
باگي، بدين کپري، ميرپورخاص ۽ عمر ڪوٽ جي مختلف زميندارن وٽ رهيو.
هن کي ننڍي هوندي کان اخبار ۽
آکاڻين پڙهڻ جو شوق هوندو هو. انهيءَ زماني ۾ حڪيم عبدلخالق. خليق، مورائي رسالو
ترقي ڪڍندو هو، جنهن جي پڙهڻ ڪري کيس مضمون نويسيءَ ۾ دلچسپي پيدا ٿي. حڪيم صاحب جي
ٻئي رسالي. علمي دنيا، ۾ پهريون افسانو، چنڊ سهڻو يا انسان ۽ وري انهيءَ رسالي ۾
فريبي دنيا لکيائين. ۱۹۳۴ع ۾، حيدرآباد ۾ حڪيم عبدالخالق سان ملاقات ٿيس. هن
جي چوڻ تي ڪي قرآني دعائون، لکي مسلم ادبي سوسائٽيءَ ذريعي شايع ڪرايائي. حڪيم
عبدالخالق جي ناول سندري، عبدالعليم شرر ۽ راشدالخيري جي ناولن به اثر ڪيو ٿو
ڏسجيس. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته منشي صادق، نسيم حجازي ۽ ايم. اسليم جا ناول به هن پڙهيا
آهن. هن مولوي خير محمد نظاماڻيءَ جي صلاح سان سنگ دل شهزادي، لکيو جنهن جي رٿا
منشي صادق جي ڪتاب. آرمينا ڪا چند تان ورتل هئي.
هن پوءِ اسلاميه دارالاشاعت، اول
ميرپورخاص ۾ قئم ڪيو.
ڏيپلائي صاحب طبيعت جو پُپ خلوص
جذباتي انسان آهي، ان ڪري هن ابتدا کان وٺي مختلف عمل ۽ رد عمل جي چڪرن ۾ ڦاسي، تبليغي
جو ش سان ڪيترن مضموننن تي پئئي کليوآهي. سندس پهريون رد عمل مولوي حاجي عبدالرحيم
پڇمي ۽ مولوي حاجي احمد ملاح جي ثرن هيٺ پير پرستيءَ خلاف پيدا ٿيو. هي جڏهن لکڻ
ويهندو آهي ته جوش ۽ جنون وچان معياري زبان کي خير باد ڪري، طنز ۽ نڪته چينيءَ کي
حد تائين پهچائي ڇڏيندوآهي. مرشدن جي خلاف جڏهن لکيو اٿس ته مرشد ڏاڙهي، مرشد جون
ٽنگون، مرشد جو گهوڙو، مرشد جي نٿ وغيره جهڙن عنوانن سان لکي وڃي پار پيو آهي. وري
جڏهن ملا واري مذهب جو شوق جاڳيو اٿس ته شيواجي شيش محل. ۽ ڏاهري رنگ محل جهڙا
ڪتاب لکي، هندو سوسائٽيءَ تي حد کان ٻاهر حملا ڪيا اٿس، ته ٻئي طرف مسلمان بادشاهن
۽ حملي آور ُورن کي ڪي منجهان ڪجه بنائي ڏيکارڻ جي ڪوکشش ڪئي اٿس. اهڙيءَ طرح پيرن
جي بدعتن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻندي وڃي. فرقي پرستيءَ ۾ ڦاٿو ۽ گهڻائي ڪتاب لکي ويٺو. حقيقت
۾ لکڻ جي مشين آهي. خيال ايندي هڪ ناول لکي ويندو آهي. جهڙيءَ طرح لکڻ ۾ مشق اٿس، اهڙي
پڙهڻ ۾ درڪ اٿس. ڪيڏو به ڪتابا حلد پڙهي ويندو آهي.
۱۹۴۲ع ۾ هي ميرپورخاص
مان نڪري اچي حيدرآباد ويٺو ۱۹۴۸ع ۾ پنهنجي پريس ورتائين.
انهيءَ وچ۾ مولانا مودوديءَ جي
جماعت اسلاميءَ جو اثر ٿيو ٿو ڏسجيس. ان تحريڪ کي زور ٺائڻ لاءِ هر ڪا ڪوشش ڪيائين،
پر اهو اثر گهڻو وقت نه رهيس ۽ سال ۱۹۴۹ ع کان هي ترقي پسند ادب ۽ ترقي
پسند ماڻهن جي آثر هيٺ آيو، جنهن هيٺ هي مذهبي مهندارن کي سرمائيدارن،
زميندارن، سيٺين ۽ حاڪمن جا ڇاڙتا سمجهڻ لڳو. پوءِ انسانيت جي نالي ۾ نوان ڪتاب ۽
مضمون لکڻ شرع ڪيائين. رسالو انسان جاري ڪيائين. ان سلسلي ۾ چار داڻا ۽ ماڻهو ۽
ڌرتي ڪتاب لکرائي شايع ڪيائين ۽ ڏکڻ کان سج ٿو اُڀري، ڪورٽ ناٽڪ ڏڪار ناٽڪ، امڙُ (ترجمو
) وغيره ڪتاب لکيائين ۽ پڌرا ڪيائين. ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پوءِ هي حب الوطنيءَ جي
رنگ ۾ رڱجي ويو. ان تي لکندي هڪ جڳهه تي چوي ٿو ته ” سنڌ جي باشندن سان هن وقت
پاڪستان ۾ اهڙو ظلم روا رکيو ويو اهي، جهڙو جپانين، چيئين سان ڪيو. فلسطين جي عربن
تي يهودين ڪيو ۽ فرينچن الجيريا ۾ ڪيو “
هن عجيب معجون مرڪب آهي. هڪ طرف
” اسلاميه دارالاشاعت “ ذريعي مذهبي ڪتاب ڇاپيا آٿس ۽ ڇا پي رهيو آهي. ، ته ٻئي
طرف. اداره انساانيت، معرفت ترقي پسند ادب ۽ حب الوطنيءَ تي ڪتاب لکي رهيو آهي. جپاني
گُڏي، ۱۹۵۷ع جو بلوو غازي انور پاشا وغيره ڪتاب سندس انهيءَ سلسلي
جون ڪڙيونآهن. ڪجهه وقت هي حر تحريڪ کي پراسرار قومي تحريڪ ثابت ڪرڻ لاءِ ڪتابن
لکڻ پٺيان لڳو رهيو. سندن لکيل وڏو ناول سانگهر پڙهڻوٽان آهي. ڪيتريون سٺيون
ڳالهيون ان ۾ لکي ويو آهي. هن اڪثر ذريعن جي پرواهه نه پئي ڪئي آهي. مقصد حاصل ڪرڻ
لاءِ ڪي به ذريعا استعمال ڪرڻ ۾ دريغ نه ڪندو آهي.
خوشتر آن باشد که سرِ دلبران
گفته آيد در حديث ديگران
جو پيرو ڪار ارهيو آهي. هن جي سموري زندگي هڪ جذباتي ۽
مخلص انسان جي عمل ۽ ردعمل جي مختلف مرحلن مان گذريآهي. هڪ حد تائين منهنجي حالت
به اهڙي رهي آهي. چوندا آهن ته دوزخ جو رستو به چڱن جذبات سان جڙيل هوندو آهي. ڏيپلائي
صاحب مختلف مضمونن تي ۱۲۱ کن ڪتاب لکيا آهن. انهن مان ڪيترا ڪتاب ضبط ٿيا
اٿس. ٻه دفعا تُرنگ جو تيرٿ به ڪري آيو آهي. باوجود گهڻي محنت ۽ مزدوريءَ جي مالي
حالت درست نه رهي اٿس. ان جو مکيه ڪارڻ اهو آهي ته هن جذبات کي اڳيان ۽پيٽ کي
پٺيان پئي رکيو آهي. تازا ردعمل هن کي نيشلز ۾ سوشلزم طرف ڌڪي رهيا آهن، پر بنيادي
طرح جذباتي هئڻ ڪري هن جو هوش، جوش مٿان اڃا غلبو ڪري نه سگهيو آهي. هوش جي غلبي
کان سواءِ صحيح نيشنلزم ۽ سوشلز ۾ جي راه هٿ اچڻ مشڪل آهي. کيس ٽي فرزند آهن (۱) محمد علي (۲) عبدارحمان ۽ (۳) حبيب الرحمان
(نوٽ: هن کان پوءِ ڏيپلائيءَ صاحب
جي ۱۲۱ ڪتابن جي لسٽ ڏني وئي آهي، جيئن ته ڏيپلائي صاحب جي
ڪتاابن جو ڌار تفصيل ڏنل آهي. ان ڪري ورجاءَ ۽ طوالت سبب هتي اها لسٽ نه ڏني ئي
آهي.
سڪرميءَ ۽ سڦلتا بابت هڪ مضمون
پڙهيو، جيڪو آڄ آءُ هتي وري پڙهڻ چاهيان ٿو، هيءُ مضمون مون ۶ سپٽمبر ۱۹۷۹ع تي دنڌ گرئجوئيٽس
ائسوسيئيشن طرفان ڏيپلائي صاحب سان ملهايل. ادبي شام، جي موقعي تي پڙهيو هو. ان
موقعي تي مون چيو هو ته:
”انسان جي عظمت هيءَ آهي ته هو پنهنجي وس آهر پاڻ
مان ٻاهر نڪرڻ ۽ ڌرتيءَ کان مٿي اُٿڻ جو اُمنگ رکي ۽ اُدم ڪري ـ پاڻ مان ٻاهر نڪرڻ
جو مظلب آهي ته پنهنجي مفاد سان گڏ بئي جي ۾ جي مفاد جو خيال ڪري، بلڪ پنهنجي مفاد
کان پهريائين ۽ اُن کان وڌيڪ ٻئي جي مفاد کي اهميت ڏئي.
ڌرتي کان مٿي اثڻ جو مطلب آهي
ته گهڙيءَ جي مفاد کي گهڻي وقت جي مفاد لاءِ هاڻي جي مفاد کي وصءِ جي مفاد لاءِ
قرنبان ڪري،
”محترم محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي
جيئن آءُ سڃاڻان، تيئن منهنجي نظر ۾ وپ ٻين لاءِ جيئڻ جي اهڙي اُمنگ ۽ مستقبل جي
بهتريءَ لاءِ اهڙي اُدم جو هڪ مثال آهي.
آءُ ڇو ٿو چوان ته ڏيپلائي صاحٻ،
منهنجي لاءَ انهي بنايادي انساني عظمت جو هڪ مثال آهي؟ انهيءَ ڪري، جو جڏهن کان
آءُ سندس واقف ٿيو آهين، لڳ ڀڳ ٽيهارو سالن جو عرصو چئجي، تڏهن کان مون کين پنهنجي
مفاد کان گهڻو لا پرواهه ۽ سندسن دل، مستقبل جي ايدان ۾ سدائين ڀريل ڏٺي آهي. تڏهن
مون کين آئيندي جو ڪو نه ڪو سحڻو خواب لهندي ڏٺو آهي۽ پوءِ پاڻ ئي اڪثر اُن کي
پنهنجي اسڪيم نمبر هڪ سئو هڪ، سڏي ٿورو کنگهي، نڙيءَ کي سوئي، عام طرح وڏو، پر
ڪڏهن ننڍو ٽهڪ ڏيئي، ڪنهن نهنڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جو نقل کڻي ٻڌائيندا، جنهن کي ٻڌي،
حال کان بيخبر ۽ لاپرواهه سندس پآڻ جهڙي ئي انهيءَ مستقبل جي خفتيءَ تي کل به اچي
ويندي ۽ قياس به ڏيپلائي صاحب جي حال کان اها لاپرواهي ۽ مستقبل ۾ اها محويت
پنهنجي لاءِ نه، پر سدا. ئين پنهنجي ڪم جي حوالي سان ٻين جي ڀلائيءَ يعني عام
ڀلائي ءَ لاءِ هوندي آهي.
***
محمد عثمان
ڏيپلائي
اسان جو بزرگ
ساٿي
محمد ابراهم جويو
ڪائنات جي هر ذي حيات شي کي موت
جو ذائقو چکڻو آهي، بلڪ ان جي هر بيجان سيءِ به، پنهنجي پاڻ ۾ ۽ پنهنجي اندر هر
گهڙيءَ انهيءُ موت ۽ حيات جو آما جگاهه رهي ٿي ۽ انهيءَ فنا ۽ تزخليق جي تماشي کي،
خود پنهنجي ذات جي حوالي سان، ڏسي ٿي ۽ ماڻي ٿي.
درحقيقت اهو موت ۽ حيات جو
سلسوئي آيه، جيڪو سڄي ڪائنات جي اُپجڻ ۽ قائم رهڻجو بنيادي سبب به آهي، بنيادي
محرڪ به آهي. هن سڄي ڪائناتي مانڊاڻجي ڪارڪردگيءَ ۽ بقا جو اصول ۽* ضمانت به اهائي
فنا ۽ تخليق جي عمل آرائي آهي.
اسين انسان، جي هن ڪائنات جا ئي
جزا آهيون، سي اُن موت ۽ حيات، فنا ۽ تخليق جي اثر کان ۽ ان جي دائري عمل کان هر
گز محفوظ نه آهيو ۽ نه رهي سگهو ٿا.
اسان انسانن جو امتياز هن سلسلي
۾ رو ايترو آهي، جو اسين فنا ۽ تخليق جي ان اصول کي سمجهي ان جي قانونن کي ۽ انهن
جي ڪاريگريءَ ۽ ڪارستانيءَ کي سمجهي، انساني حيات کي خاص طرح ۽ حيات عموميءَ کي
عام طرح، اُن جي مطابقت سان بيهاري ۽ هلائي، سکيو بنايون ٿا، وڌايون ٿا ۽ وجهايون
ٿا ۽ دلپسن ۽ سڦل ڪريون ٿا. ٻي ڪابه جاندار شيءِ سواءِ اسان انسانن جي، ائين نه
ڪري ٿي ۽ نه ڪري سگهي ٿي.
رڳو پنهنجي جيئن جي وٿيءَ کي ٿو
ڏسجي ته اسان ان کي ابتدائي دور جي ۲۰، ۲۵ سالن جي اوسط سان
وڌائي، خوشحال ۽ مهذب ملڪن ۾ ته ۷۰، ۷۵ سالن جي اوسط تائين
آندو آهي. اها اسان جي ڪاميابي پنهنجيءَ جاءِ تي، اسان جي تخليقي سگهه ۽ صلاحيت جي
تمام وڏي ڪاميابي آهي.
پر انساني حياتيءَ جي وٿي، انفرادي
طور، ڪيتري به وڏي، ۳۰ سال هجي يا هڪ سئو سال ٿئي، ان مان ان فرد جي ذات
لاءِ ڪو خاص فرق ڪو نه ٿو پوي، ڇو ته هن جي حياتي، سڀڪنهن جي حياتي، نيٺ به
پڄاڻيءَ تي پهچڻي آهي ۽ پهچي ٿي.
حضرت عيسيٰ مسيح جي حياتي ۳۰ سال ۽ ۹ مهينا ٿي، پر ڪيڏي
نه اها پڪ ۽ عظيم، امر حياتي هئي هن جي دور ۾ توڙي اڄ اسان وٽ، ان کان ٻيڻيءَ بلڪ
ان کان ٽيڻيءَ عمر جا به ڪيترا مڻهو جيئن ٿا، پر انهن جي نيٺ به مرڻ کان پوءِ ڪو
چئي سهندو ته هو مري ڄاوا ۽ پنهنجي حياتي سجائي ۽ سڦلي ڪري ويا افسوس آهي، جو ائين
فط ڪن خاص ماڻهن لاءِ چئي ٿو سگهجي ۽ اها هڪ بيحد وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي.
ڄمڻ ۽ ڄڻڻ زندگيءَ جي طعي
ڪارڪردگي آهي، ان ۾ انساني امتياز ۽ عظمت، انساني شرف ۽ تڪريم جو ڪو نشان يا عمل
دخل ڪو نهي اها عظمت ۽ اهو خصوصي شان فقط ان ۾ ظاهر ٿو ٿئي ته ڪنهن انسان پنهنجي
زندگي ڪيتري قدر حيات دشمن يا انسان دشمن طاقتن جي ٽڪر ۾ گذاري۽ اجتماعي حيات
انسانيءَ جي ڪيتري اضافي، ڪيرتري سک، ڪيتريءَ سونهن ۽ ڪيريءَ سڦلتا لاءِ مّصوص ڪئي
۽ خرچ ڪئي.
ائين ڪا زندگي فقط تڏهن ٿي خرچ
ٿئي. پوءِ اها ڪيتري به مختصر زندگي ڇو نه هجي، جڏهن اها پاڻ لاءِ نه پر ٻين لاءَ
خرچ ٿئي ؛ مطلب ته حيات دشمن طاقتن خلاف وڙهنديم، جن کا انسان دشمن طاقتون يا
بديءَءُ جو شيطاني طاقتون چئون ٿا، ڪيتريقدر ڪو فرد پنهنجي زندگي ائين ڪڙي ڪري ٿو،
پنهنجو سُک سهنج ۽ پڻ پنهنجو ساهه قربان ڪري ٿو، اوتري قدرئي، مهذب انساني قدرن
موجب چئجي ٿو ته ان فرد جي زندگي سهج ۽ سونهن ڀري ۽ سڦلي گذري ۽ ان جو موت به سرهو
سيبتو ٿيو. في الدنيا حسنة وفي الآخرة
حسنة جو مطلب اهو ئي آهي. دنيا جو مطلب
زندگي ۽ آخرت جو مطلب پڄاڻيءَ يا موت کان پوءِ نتيجي طور پوئين لاءِ ڇڏيل خير ۽
ڀلائي.
مون اڳي هڪ موقعي تي پنهنجي
دوست ۽ ساٿيءَ محترم ۽ مهربان، حق آشنا۽ انسان دوست، محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم جي
زندگيءَ جي اهڙيءَسڪرميءَ ۽ سڦلتا بابت هڪ مضمونپڙهيو، جيڪو اڄ آءُ هتي وري پڙهڻ
چاهيا ٿو، هيءُ مضمون مون ۶ سپٽمبر ۱۹۷۹ع تي سنڌ گرئجوئيٽس
اسوسيئيشن طرفان ڏيپلائي صاحب سان ملهايل ” ادبي شام جي موقعي تي پڙهيو هو. ان
موقعي تي مون چيو هو ته.
”انسان جي عظمت هيءَ
آهي ته هو پنهنجي وس آهر پاڻ مان ٻاهر نڪرڻ ۽ ڌرتيءَ کان مٿي اُٿڻ جو اُمنگ رکي ۽
اُدم ڪري. پاڻ مان ٻاهر نڪرڻ جو مطلب آهي ته پنهنجي مفاد سان گڏ ٻئي جي مفاد جو
خيال ڪري، بلڪ پنهنجي مفاد کان پهريائين ۽ اُن کان وڌيڪ ٻئي جي مفاد کي اهميت ڏئي.
ڌرتي کان مٿي ٿيڻ جو
مطلب آهي ته گهڙيءَ جي مفاد کي گهڻي وقت جي مفاد لاءِ ۽ هو
هاڻي جي مفاد کي پوءِ جي مفاد لاءِ قربان ڪري.
”محترم محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي
جيئن آءُ سڃاڻان، تيئين منهنجي نظر ۾ هو ٻين لاءِ جيئن جي اهڙي اُمنگ ۽ مستقبل جي
بهتريءَ لاءِ اهڙي اُدم جو هڪ مثال آهي.
اءُ ڇو ٿو چوان ته ڏيپلائي
صاحجھب، منهنجي لاءِ انهيءَ بنيادي انساني عظمت جو هڪ مثال آهي؟ انهيءَ ڪري، جو
جڏهن کان آءُ سندس واقف ٿيو آهيا، ، لڳ ڀڳ ٽيهارو سالن جو عرصو چئجي، تڏهن کان مون
کين پنهنجي مفاد کان گهڻولاپرواهه ۽ سنسندل، مستقبل جي اميدان ۾ سدائين ڀريل ڏٺي اهي،
جڏهن به مون کيساڻن دلجمعيءَ سان ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، تڏهن مونکين آئيندي
جو ڪو نه ڪو سهڻو خواب لهندي ڏٺو آهي ۽ پوءِ پاڻ ئي اڪثر اُن کي پنهنجي اسڪيم نمبر
هڪ سئوو هڪ سڏي ٿورو کنگهي، نريءَ کي سوئي، عام طرح وڏو پر ڪڏهن ڪڏهن ننڍو ٽهڪ
ڏيئي، ڪنهن نهن ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جو نقل کڻي ٻڌائيندا، جنهن کي ٻڌي، حال کان
بيخبر ۽ لاپرواهه سندس پاڻ جهڙي ئي انهيءَ مستقنبل جي خفتيءءَ تي کل به اچي ويندي
۽ قياس به. ڏپيلائي صاحب جي حال کان اها لاپرواهي ۽ مستقبل ۾ اها محويت پنهنجي
لاءِ نه، پر سدائين پنهنجي ڪم جي حوالي سان ٻين جي ڀلائيءَ يعني عام ڀلائيءَ لاءِ
هوندي آهي. زندگيءَ ڏانهن سندس روش مون کي ڪنهنناٽڪ يا کيل جي اهڙي ائڪٽر يا ڪردار
جيان لڳندي آهي، جنهن کي اها هر گز پرواهه نه هوندي آهي ته هو اسٽيج جي وچ ته، ڪنڊ
۾ يا پٺيان بيٺو آهي، يا هن کي ڏسندڙن يا ٻڌندڙن کان ڪيتري واهه واهه ملي رهي آهي،
پر هو فقط پنهنجي سونپيل يا پسند ڪيل ڪردار جي ادائگيءَ ۾ محو هوندو آهي.
ڏيپلائي صاحب زندگيءَ جي ناٽڪ ۾
پاڻ لاءِ ڪهڙو ڪردار پسند ڪيو ۽ شروع کان يعني پنهنجي سن شعور کان ۽ هيلتائين اهو
ادا ڪندا آهيا آهن، ان جي ٺڄاڻ ضروري آهي ۽ پوءِ ئي چئي سگهبو ته پاڻ اهو ڪردار
پنهنجي وس آهر پاڻ کان پاسي ٿي ۽ ڌرتيءَ کان مٿڀرو اُڀري ادا ڪندا آيا آهن يا ـ ۽
جي هائو ته ڪيتري قدر. ڪو انسان ڪيتريءَ وٿ جو آهي، اُن جو ڪاٿو به ائين زندگيءَ ۾
سندس ڪردار جي سڃاڻپ ۽ ان ڪردار جي سندس ادائگيءَ جي عوع مان ئي ٿي سگهندو آهي: ۽
نهنته ڪنهن انسان کي ڄاڻڻ ايتروئي مشڪل آهي، جيترو ٻيءَ ڪنهن اوچي کان اوچي غيب جي
ڳالهه کي يا شيءِ کي.
جيئن عام کيل ۾ تيئن زندگيءَ جي
کيل ۾ به ماڻهوءَ لاءِ فقط ٽي ڪردارئي ادا ڪرڻ لاءِ موجود ٿين ٿا. هيرو جو ڪردار، ولين
جو ڪردار ۽ سائيڊ رول، سڄي کيل جو مقصد آهي ته شيطان کي يعني بديءَ کي شڪست اچي يا
ڪم از ڪم اُن سان جنگ جاري رھي. اُن ۾ ٻئي
ڪردار يعني بديءَ جي دوستيءَ ۽ بديءَ جي دشمنيءَ کان سواءِ ڪنهن تماشائيءَ جي رول
جي ڪا گندجائش ڪانهن هوندي آهي ۽ هر ڪردار پنهنجيءَ جاءِ ته اهم آهي ۽ اُن جي عظمت
جو بنياد جيئن مٿي مون عرض ڪيو، ان ڳالهه ۾ آهي ته اهو ڪيتريءَ ڪاميابيءَ سان ادا
ٿئي ٿو يا ڪيو وڃي ٿو.
محترم ڏيپلائيءَ جي زندگي هيرو
جي زندگي رهي آهي، خاموش، پائدار ۽ لاڳيتي: پنهنجي والاد لاءِءَ کپنهنجي ڳوٺ ڏيپلي
لاءِ پنهنجي ضلعي ٿر لاءِ ۽ پنهجن هم وطن لکن انسانن لاءِ ۽ پڻ انهن ٿورن پاڻ جهڙن.
اڌ چرين اڌ سياڻ، شصسن لاءِ جيڪي پاڻ کي اديب چوائين ٿا. سندس اولاد پنهنجي سڄي
ماڻهپي لاءِ ۽ پنهنجي سڄي دنيوي مان ۽ مرتبي لاءِ پاڻ لي سندن شڪر گذار سمجهي ٿو. ٿر
جو ڏيپلو، سنڌ ۾ خاص طرح تعليم ۽ عملداريءَ جي ميدان ۾ اڄ ايترو، جو اڳرو آهي، اُن
۾ ڏيپلائي صاحب جي همرچي (همراهه اچو! ) جي هوڪاري ۽ پڻ سندن ذاتي مثال جو هڪ
رهنمائي رول رهيو آهي. سنڌ ۾ ته ڏيپلائي يعني ”ڏيپلي“ وارو، اڃ فقط محترم محمد
عثمان ڏيپلائي صاحب جن پاڻ ئي سڏجن ٿا ۽ ڳڻجن ٿا.
اسين اڄ ٿر جي صحرائي فضا ۽ پڻ
ٿر جي عام ماڻهن جي مسڪينيءَ مان ۽ مريادا سان ايترا ته شناسا آهيون، اُن ۾ ٿر جي
ٻين عوام دوست ۽ محب وطن اديبن ۽ سماجي ڪارڪنن سان گڏ ڏيپلائي صاحب جي خاص ادبي ۽
سماجي ڪوشش جو وڏو دخل رهيوآهي. سنڌ جي ذهني فضا تي آڻ ڄاڻائيءَ اٻوجهائيءَ ۽
ويساهه وسوڙپ جي جيڪا ڪارٺ ڇانيل رهي آهي، اُن جي ڪوري ڪڍڻ ۽ صاف ڪرڻ جي هلندڙ عمل
۾ ڏيپلائي صاحب جي قلمي فڪري ڪوشش جو هڪ بنههه وڏو ۽ اتساهڪ رول رهيو آحي. سنڌ جي
ادبين لاءِ محترم ڏيپلائيءَ جي ڏاهپ ۽ نماڻائي، همت ۽ حوصلو، سچائي ۽ سادگي، اورچائي
۽ محبت، اڄ به هڪ وڏو مثال آهي. هن وت هو هڪ ناچاڪ پيرسن ماڻهو آهي، ٻه ڀيرا فالج
جو حملو ٿيل اٿس، سندس هٿ جي لکندڙ آڱرين ۾ ايتروست نه رهيوآهي، تڏهن به تازو پاڻ
“ايراني صورتحال تي ناول لکيو اٿن.
نيڪيءَ ۽ بديءَ جي دائمي جنگ ۾،
ڏيپلائي صاحب رڳو، قلم کان ئي ڪم ڪو نه ورتو آهي. سندن زبان، هن جهاد ۾ سندسن قلم
کان وڌيڪ مصروف ۽ مستعد رهي آهي. جيڪي سندن ڪچهريءَ ۾ ويٺا آهن ۽ ويهندا رهن ٿا، انهن
کي معلوم آهي ته هو پنهنجي ڳالهين ۾ ڪوڙ، منافقئيءَ ۽ مڪر جي خلاف، ڏهڪاءَ ڏاڍ ۽
طلم جي خلاف، ٽرڙائپ، بي ايمانيءَ ۽ بداعماليءَ جي خلاف ڪيريءَ بي ريائي ۽ بي
ڊپائيءَ ۽ بي تڪلفيءَ سان ڳالهيون ڪندا ۽ ڳالهيون ٻڌندا، کلندا ۽ چٿرون ڪندا، نقل
نظير ۽ ٽوٽڪا کڻندا ۽ ٻڌائيندا، ڳالهه ڳالهه تي منجهائينداڙ سوال پڇندا ۽ ٽيڪا
ٽپڻيون ڪندا رهند آهن. ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ ته ڪو کانئن سکي. ٻئي جي ڳالهه ٻڌندي
ٻڌندي، کين اهڙي ڪا نئين تز ۽ تکي ڳالهه يا اچي وئي ته اتي جو اُتي، ٻارن وانگر
آڱوٺي ۽ اـر جو ڇلو ٺاهي ويهي رهندا ته مٿان اها وسري نه وڃي. وقتي، پاڻ ئي
ڳالهائيندي ڳالهائيندي، آتي جو اُتي پنهنجي قميص جي ڪنڊ ۾ ڳنڍ ٻڌي ڇڏيندا.
هوڏانهن اڳئين جي ڳالهه ٿي نه آهي يا سندن پنهنجي هڪڙي
ڳالهه ختم ٿي نه آهي، ۽ هيڏانهن اهو آڱرين جو کلو کُلليو نه آهي۽ قميص جي ڳنڍ ڇڙي
نه آهي. بس ڪجهه کنگهڪار، ڪجهه نڙيءَ جي صفائي، ڪجهه ٽهڪ ٻڌبو ۽ ڏيپلائي صاحب جي
اصلي سون جهڙي صاف ۽ املهه ڪا ڳلاهه، ڪوٽوٽڪو ۽ڪو نئون نقل نطير شروع ٿي ويندو. ويجهڙائيءَ
۾ منهنجي اها شديد خواهش رهي آهي ته ننڍڙو ڪو ٽيپ رڪارڊر منهنجي ڪارائيءَ ۾ ٻڌل يا
کيسي ۾ پيل هجي ۽ ڏيپلائي صاح جون اُهي ڳالهين مان اٿندڙ اڻکٽ ڳالهيون ائين رڪارڊ
ڪري ڇڏيان، جو کين خبر به نه پويـ رڳو تنهن ڏينهن آءُ ۽ ڏيپلائي صاحب اڪيلا
وٺاهئاسين ته ڪنهن ريت ڪو گدڙ جو نقل ڇڙي پيو... پوءِ ته ڏيپلائي صاحب گدر جا
ايترا نقل ۽ توٽڪا ٻڌايا، جو دل ۾ آيم ته ڪنهن تازه دم ننڍيءَ ٽهيءَ جي ليکڪکي چون
ته هڪڙي ڪنهن وڏي ڪتا جي ترتيب هٿ ۾ کڻي، جنهن ۾ سنڌي سماج جي لوڪ ڏاهپ، جيڪا ائين
گدڙ کي لوڪ ڪردار بڻائڻ بيان ڪئي وئي آهي، آها اُن ۾ جمع ٿئي ۽ هميشه لاءِ محفوظ
ٿي وڃي.... ته ڏيپلائي صاحب جي چهري ۽ سندن زباني ڳالهه ٻولهه به بديءَ جي خلاف
سندسن جيون سنگرام ۾ هڪ عملي اظهار آهي، ۽ جن سندن اُهي ڇر ڪائيندڙ ۽ سرت ۽ ساڃهه
ڏيندڙ ڳالهيون ٻڌيون آهن، اُهي ئي جو قدر ڪري سگهندا.
مون ڏيپلاڻيءَ صاحب جي ادب جو
يا ذاي ڪردار جو مطالعو ڪيو آهي، ته مون کي ائين ڏسڻ ۾ آيو آهي ته، سواءِ سندن
ابتدائي تصنيفي دور جي، جنهن کي پاڻ ئ. ي پنهنجو جاهليت جو دور، سنڏيو ۽ پڻ لکيو
اٿن، زندگيءَ جي منچ تي ڏيپلائي صاحب جي سامهون بديءَ جا چار زندگه نشان يا ڪردار
رهيا آهن ۽ اهي هي اهن: اوهان کي اسان کي سڀني کا انهن جا نالا معلوم هجڻ گهرج، ڇو
ته پوءِ ئي، سنڌ جي حوالي سان، ڏيپلائي صاحب جي سورميائي ڪردار کي اسين سمجهي
سگهنداسين. ڏيپلائيءَ جي آڏو اُهي چار ولين هي آهن. هڪڙو پير، ٻيو ملو، ٽيون
زميندار۽ شاهوڪار، ۽ چوٿون ڪامورو. بلڪل انهيءَ ترتيب سان ـ ۽ ان ۾ يعني اُن ترتيب
۾ ڏيپلائي صاحب سان البت اختلاف جي گنجائش سا ٿي سگهي ٿي ـ ۽ سنڌ ۾ سنڌي سماج جي
سموري نڀاڳ ۽ ناڪاميءَ لاءِ پڻ انهيءَ چونڪڙي وارا آُهي چار ذميدار رهيا آهن. ڏيپلائي
صاحب جي قلم ۽ زبان جي سموري قوت، سندن افسانا، ناول، ناٽڪ ۽ ٻيا علمي ڪتاب ۽ مضون
جن جو رڳو شمار ۽ نالن جو تفصيل ئي ڪو هن موقعي تي اسان کي ٻڌائي ها ته به چڱو؛
يعني ڏيپلاڻي صاحب جي سموري تصنيفي ڪاوش ۽ ڪوشش، سنڌ جي انسانن کي انهن چئن نوڙن
مان ڇڏائڻ ۽ آزاد ڪرئڻ ۾ مصروف رهي آهي، ۽ سنڌ جو اسان چئو کنڀو ٻڌل به انهن چئن
نوڙن ۾ آهي ۽ اهيئي چار سنڌ جي مظلوم ۽ محڪوم سماج لاءِ سموري قوت ۽ سموري اقتدار
جا ملڪ آهن، ۽ ڇا ڪاڻ ته خود اُهي پاڻ بهڪن ٻين جا غلام ۽ محتاج آهن، انهيءَ ڪري
هڪ پاسي بزدل، بي عزت ۽ ويچارا به آهن يعني پنهنجن آقائن جي ڳيان، جن جا ڇاڙتا، ڪمدار
۽ چغل بڻجي کين جيتڻو پوي ٿو، ۽ ٻئي پاسي هو پاڻ ڪٺور، بيحِس ۽ طاقتور آهن، ڇو ته
سندن هٿن ۾ نور آهن. پنهنجي هم وطن ۽ هم قوم هيڻن ۽ زبان هوندي بي زبان گگدامن کي
ٻڌي رکڻ لاءِ اهڙن اکين ڍڪيل، اڻٽر، بي همت ۽ بيڪار پر نوڙ هٿن ۾ کڻ يگهمندڙ بکين
۽ خونخوار چئن وليني ڪردارن سان وڙهڻ، هڪ وڏي بي غرضيءِ ۽ بلندي نگاهيءَ جو ڪم آهي،
سواءِ اُنهن جي، جيڪي پاڻ کان پاسي ٿيڻ ۽ ڌرتيءَ کان مٿي اُٿي جو اُمنگ رکن ٿا ۽
عمل ڄاڻن ٿا، ٻئي ڪنهن وس جي ڳالهه ناهي.
انسان جي واقعي عطمت هيءَ آهي
ته هو پنهنجي مفاد سان گڏبلڪ اُن کان پهريائين ۽ اُن کان وڌيڪ ٻئي جي مفاد کي اهم
سمجهي ۽ اُن جو خيال ڪري ۽ ٻيو ته فوري ۽ وقتي مفاد کي دور واري ۽ دائمي مفاد تي
قربان ڪري ـ ۽ انهيءَ ڪريئي پهريائين مون چيو هو ته آءُ پنهنجي بزرگ ۽ پياري دوست
۽ ساٿيءَ محترم محمد عثمام ڏيپلائيءَ کي جيئن سڃاڻان ٿو، تيئن منهنجي نظرن ۾ هو
ٻين لاءِ جيئڻ جي اهڙي امنگ ۽ مستقبل جي سرخروئيءَ لاءِ اهڙي اُدم جو هڪ نمايان
مٿال آهي، ۽ ان لاءِ آءُ کين سلام ڪريان ٿو. “
هتي منهنجو ۶ سيپپٽمبر ۱۹۷۹ع تي پڙهيل اُهو مضون
پورو ٿيو.
ڏيپلائي مرحوم، تحقيق هڪ پربهار
شخصيت جو مالڪ هو. آپيبازي ۽ نراسائي، هن جي ڪوهين ويجهو به ڪڏهن ڪانه آئي. پوين
ڏينهن ۾ آءُ اڪثر ساڻس گڏبو هوس ۽ جيتوڻيڪ سندن شگفته طبيعت مان اهائي تازگي پئي
بکندي هئي، پر سندن ضعف جو خيال رکندي، آءُ کين ڳالهائڻ جي گهڻي تڪليف ڏيڻ کان عذر
ڪندو هئس. ڪجهه سندن ٽوٽڪا ۽ پر لطف گفتا ۽ ڳالهين هلندي ٻڌايائون، جنهن تهمون کي
نشي جا کيپ ڏئي ڇڏيا ۽ رستي پنڌ، سُتي ويٺي ڪيئي ڏينهن پيو اُن کي وري وري چوندو ۽
هونگاريندو هئس. اهو شعر انساني اُمنگ ۽ اڌمي جي اٿاهه ۽ اکٽ اايڪتا بات آهي. شعر
آهي.
لکهي جائيگي کتاب دل کي تفسيرين
بهت،
هون گي لي خوابب جواني تيري تعبيرين بهت
ٻيو شعر جيڪو به مون
کي کانئن بنهه پوئين ملاقات ۾ مليو، ۽ پوءِ اڪثر پاڻ اهو پڙهندا هئا، سو عظيم مقصد
لاءِ ۽ اعليٰ عشق جي راهه ۾ انسان جي پرشوق سرفروشيءَ بابت آهي شعر اهي ته:
چڙها منصور سولي پر پکار پريم
والون کو
يه اُس کي بام کازينه هه، که
آئه جس کا جي چاهي
هن شعر کان پوءِ
ڏيپلائي مرحوم هر ڀير لطيف سائينءَ جو هيءُ بيت پڙهنو هو ۽ پڙهندي دل ڀڄي پوندي
هئس ۽ اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ايندويون هيس ؛
تون جي ڪالهه مئي، ته ڪالهه ئي
گڏينءَ پرينءَ کي
ڪڏهن ڪانه سُئي ته ڪا سگهي گڏي
سڄڻين!
هڪڙو نظم، جيڪو جيدي
سنڌي شعر جي هڪ لافاني تخليق آهي، اهو به آءُ ڏيپلائي مرحوم جي ياد جي هن موقعي تي
پڙهي ٻڌائڻ گهرن ٿو، ڇو ته هيءُ نظم کين ڏاڍو وڻندو هو ۽ وقت بوقت پاڻ اُهو پڙهندا
هئا. ڪيترائي ڀيرا هيءُ نظم پرهندي پاڻ مون کي ٻڌائيندا هئا ته ڪنهن موقعي تي هي نظم
پاڻ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي سندن پير سنيءَ ۾ پڙهي ٻڌايو هئائون ته شيخ صاحب
جي دل تي اُن جو اهڙو دل ڀِڄائيندڙ اثر ٿيو هو، جو سندن اکين مان ڳوڙها زارو قطار
وهي نڪتا هئا! هي نظم ڏيپلائي مرحوم پنهنجي زندگيءَ جي آخري لکيل ۽ ڇپايل ڪتاب ”
انقلاب ايران، ۾ به آندو آهي. نظم انهن مسيحي صفت انسانن بابت آهي، جيڪي فوري سپک
قربان ڪريءَ ذاتي مفاد پسنديءَ کان مٿي اُڀري، دائمي چڱائيءَ ۽ ٻين جي خير ۽
ڀلائيءَ لاءِ زندگيءَ جا ڏينهن گذاري، هن دنيا ۾ پنهنجو وارو وڄائي ويا. نظم شيخ
اياز جو رچيل آهي:
جي پنهنجو نور نچوئي ويا ۽
تُنهنجي جوت جلائي ويا،
سي لڙڪ مٽيءَ ۾ لوئي ويا، پر ڇا
ڇا موتي پائي ويا!
سي وڻ وڻ لوڏي واءُ ٿيا، سي پن پن ۾ پڙلاءُ ٿيا،
جن بن بن بين وڄائي ويا، جي تن
من واري ڳائي ويا.
مون ڌرتي تنهنجا ڌڱ ڏٺا، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا،
جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني، سي
وارا وير وڄائي ويا.
مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا، مون سوريءَ تي سومان ڏٺا،
اي ڌرتي! ڇا ڇا ڪونڌر ها، جي
پنهنجا ڪنڌ ڪپائي ويا!
مون ويندي تن جا پير ڏٺا، مون ڇاڇا مڙس مٿير ڏٺا!
جي ڪيئي سج اُڀاري ويا، جي ڪيئي
سج سمائي ويا.
مون ڪاتيءَ هيٺيان ڪنڌ ڏٺا، مون
ساڻا ساڻا سنڌ ڏٺآ،
مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا، جي
لوئيءَ لڄ بچائي ويا!
سي جيءَ جيارا ماڻهو ها، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها،
جن ساهه ڏئي، ويساهه ڏنو، جي دل
۾ دود دُکائي ويا.
ڪلهه رات مسافر آيا ها، جن
پنهنجا جيءَ جلايا ها،
ٿي ڇاڇا ڄرُ ڪا ڄاڻ ڪري! هو
ڪيڏا مچ مچائي ويا.
ڇا ڇا نه وسيهر ـ ونگ هيا! پر
نانگاير نسنگ هيا!
جي تنهنجو روپ نکاري ويا، جي
تنهنجي سيندڌ سجائي ويا.
ڇانعرا ها، ڇا نينهن هيا! هو
مڙس هيا يا شينهن هيا!
جي ڏونگرـ ڏيل ڏڪائي ويا، گجگوڙ
ڪري گرمائي ويا.
آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا، پر مون کي اهڙا مڙس
وڻيا،
جي سارو جڳ جرڪائي ويا، پر پنهنجو پاڻ ڀلائي ويا.
جن پاسو ورتو ڪوڙ ڪنان، هي مڙس
نه ويندا مور منان،
جن واڪي واڪي وس ڪيا، جي سرو سچ
ٻڌائي ويا.
جن پاسو ورتو ڪوڙ ڪنان، هي مڙس
نه ويندا مور منان،
جن واڪي واڪي وس ڪيا، جي سارو
سچ ٻڌائي ويا.
هو بادل بادل آيا ها، جن جل ٿل
ڀال ڀلايا ها.
اي کيت کِڙو، اوشال ٽڙو! هو
پنهنجا مينهن وسائي ويا.
ويا پريت ڏئي هو پاڻيارا، اڄ
ڪينجهر تن جا ڪاڻيارا،
ڇا راڱا تن سان سان رُڃ ڪيا، جي
تنهنجي اُڃ اجهائي ويا!
هو پيار ـ پتنگا کامي ويا، ۽
ڪيڏو دور اُڏامي ويا !
پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾، هو
پنهنجي جوت سمائي ويا
اڄ ڇو هه انهن جا ڇوليءَ ۾، اڄ ٻول انهن جا ٻوليءَ ۾،
اي ڌرتي ؟ تنهنجي جهوليءَ ۾ جي
سوريهه سيُس ڇپائي ويا.
هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل! هي
جهوليءَ جهوليءَ گل ڦل!
ويا سانول ڇا ڇا ارڏا ڪنڌ، اڏي!
جي توکي ميندي لائي ويا.
هي برهه به ڪوئي بڙ آهي! ڇا
جانٺي اُن جي جڙ آهي!
مون اُن ۾ ڪيئي ڏار ڏٺا، جي
ڇانو ڪري، من ڀائي ويا.
اي آري! تنهنجي اُڍ هئي، پر
ڏنگر ڏاڍو ڏاڍ ڪيا !
هي تنهنجا پيارا پيراها، جي پنهنجو پنڌ پڄائي ويا
ڪيئن تو کي ڪاري ٻاٽ مڃان، ٿي
چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃان،
آٽم ٽم ٽم ٽم لاٽ اڃان، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا.
هيءَ جانِ ته اچڻي وڃڻي آ، پر
مرندي مات نه مڃڻي آ،
مون اهڙا سو سانو نت ڏٺا، جي
پنهنجو هٺ هلائي ويا.
ڏس! باک ڀليري آئي آ، ڏس! سنڌ
مٿان سرهائي آ!
ڇو تن جي لاءِ ”اياز“ رُنين، جي
مارو ماڳ مٽائي ويا!
سو اسان کي روئڻو ڪونهي، ڏيپلائيءَ جهڙين زندگين تي
روئڻو ناهي. مون کي يقين آهي ته ڏيپلائيءَ مئو ناهي، هو جيئرو آهي. هن جو ڪم، هن
جا پيرا، هن جا اسان جي مٽيءَ ۾ لويل لڙڪ، موتين جهڙا، هن جا اسان جي دل ۾ ڊُکيل
درد، هن جا اسان کي ٻڌايل سچ، هن جا اسان جي جل ٿل تي وسايل مينهن، هن جي جلايل
جوت، جيڪا اسان وٽ جيسين اسان جي سنڌي ٻولي زندهه آهي، سدا چمڪندڙ لات جيان ٽم ٽم
ٻرندي رهندي، ۽ هن جون اسان جي هن مائيدار مائيتيٻوليءَ ۾ اسان وٽ ڇڏيل ڳالهيون ۽
امر ٻول، هن جي اسان کي ڏنل اها سڄي دين، اسان وٽ سدا موجود رهندي، بت يا جسم ڪا
شيءَ ڪانهي.. مٽي آهي، جا وري به مٽيءَ سان وڃِ ٿي ملي ۽ مٽي ٿيو وڃي. پر
هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل! هي
جهولي جهوليءَ ۾ گل ڦل!
ويا سانول ڇا ڇا سڳ ڇڏي، ڇا جندڙيءَ
کي جرڪائي ويا.
اهي مشعل، اهي گل ڦل، اهي سون
ورنا سڳ، جيڪي اسان جي زندگين کي اجارڻ وارا آهن، اُهي اسانوٽ اسان جو سرمايو آهن،
اسان جو ورثو آهن. اسان جي اصل مٽي اها آهي، جنهن ۾ اسان جون پاڙون بيٺل آهن. اسنا
جي وڏن به اهائي الملهه مٽي اسان وٽ ڇڏي، اسين پاڻ به پنهجن پونيرن لاءِ اهائي
ڪجهه ڇڏي سگهنداسين ۽ا انهن جا پونيان به انهي ئي اکنڊ جوت جي ڪا تازي چڻنگ ٻاري، پنهنجن
وپونيرن لاءِ ڇڏيندا... ۽ انساني تهذيب جي وڌندڙ اکٽ اجالي کي وڌيڪ ۽ وڌيڪ جرڪائڻ
لاءِ ائين اسين پنهنجي حصي جي اُها ئي جيءَ جيار امر جوت آڻيندا رهنداسين: ڇو ته
بني نوع انسان جي هن ويع مانڊاڻ ۽ گوناگو هتذيبي تجمل ۾ اسن جو، اسان جي سنڌ جو، ۽
اسان جي سنڌي تهذيب جو، جيڪو حصو ۽ جيڪو ڪردار آهي، سو اسان کي ئي ادا ڪرڻو آهي. ۽اُهو
اسان کان سواءِ ٻيو ڪو ادا ڪري ئي نٿو سگهي.
اسان کي پنهجن عظيم بزرگن، ڏيپلائيءَ
جهڙن مٿيرن مڙسن، ڪونڌرن، ساه سيبائيندڙ ماڻهن ۽ جو ڳيئڙن جي حيات ۽ موت کي انهيءَ
معنيٰ ۾ ڏسڻو، پرکڻو ۽ پنهنجي پنهنجي پيش قدميءَ لاءِ نشانِ راهه بڻائڻو اهي شال اسان کي انهيءَ
پرک، انهيءَ پسند ۽ انهيءَ پيروريءَ جي سرت ۽ سگهه نصيب ٿيندي رهي.
ڏيپلائي مرحوم جي ياد، ڏيپلائي
مرحوم سان عقيدت ۽ هن جي ڪم سان پيار ۽ وفاداري، اسان کان بس اِهوئي گهري ٿي.
****
هڪ گمنام سپاهي
پير علي محمد
راشدي
هتان جي (سنڌ) هڪ
گمنام سپاهيءَ کي خدا ڪارڻ نه وسارڻ گهرجي، جنهن ساري زندگي قوم جي خدمت ڪئي، مگر
قوم کان معاوضوه نه ورتون. ساري عمر محنت ڪئي ۽ محنت ڪندي ڪندي مري به ويو، مگر نه
مزدوري طلب ڪيائين، نه احسان ڌريائين. بکون ڪڍيائين ته
فاقهه مست رهيو، جيل ۾ ويو ته مشقت کي مسرت سمجهايائين، غيرن کيس ستايو ته به ڪجهه
نه ڪڇيائين، پنهنجي لاپرواهي ڪئي ته اُف نه ڪيائين. صحافت ڪيائين ته صحافت کي
امانت سمجهائين. ايترو لکيائين، جو سندس جسماني قوتون جواب ڏئي ويون، مگر همت نه
هاريائين. اڌ رنگ ٿيس ته بيهوش رهيون، مگر انهيءَ حالت به وات مان ڪڏهن ڪڏهن آواز
نڪتو ته ”واسڪوٽ آڻيو، رڪشا گهرايو، دفتر وڃڻو، رڪشا گهرايو،
دفتر وڃڻو آهي، ڪم ڪرڻو آهي“.
ڪم سان محبت جو هيءُ حال هو، جو
هڪ سئو چاليهه ڪتاب (بعض ضخيم ۽ ڪيترن ئي جلدن تي مشتمل) ۽
هزارين مضمون لکڻ کان سواءِ ڪيئي رسالا ۽ اخبارون به هلائيندو رهيو. انسان
هو يا جن، هيءَ سندس صحافت ٿي يا ڪٽر هندؤ ۽ انگريز کان بغاوت جي علامت، اهو فيصلو
ڪرڻ مشڪل هو.
سورهن ورهين جي عمر ڻ باهه دُکي
۽ چوهٺ سالن تائين نه اجهاڻي. دل جي باهه هئي، لڳي ته نه اُجهاڻي. انهيءَ باهه جي
ڪرشمن جو اهلِ بصيرت کي خوب اندازو ورهيو آهي. جتي اها باهه ڀڙڪي، لوهه کي سون
بنائي ڇڏيائين. ان جي جلايل عاشقن جي پيرن جا نشان اڄ به نجد جي صحرا کان وٺي جامع
مسجد دهليءَ جي ڏاڪڻين جي سامهون تائين، جتي سرمد ستل آهي، اهلِ دل جا سجده گاهه
بنيل آهن.
اسلام جو هي سپاهي، سنڌ جي هڪ
اهڙي علائقي جي پيدائش هو، جتي هر طرف محرومي، مايوسي ۽ اونداهي ڇانيل هوندي آهي، ٿرپارڪر
جو ريگستان، جنهنجون وسعتون ته ناقابل پيمائش آهن، مگر اتي رهڻجو انسان جي پنهنجي
سخت جانيءَ کانعلاوه ڪو به سامن ناهي، نه رستا، نه پاڻي، نه روشني، نه تعليم، نه
خوراڪ جي پيداوار، نه جانورن لاءِ گاهه، نه علاج جو انتظام، هر چيز جو مدار وقتي
برسات تي. برسات نه هجي ته ڏڪار، خانه بدوشي، ڀڄ ڀڄان، رفاقت جي لاءِ هرڻ ۽ هرڻيون
۽ ماڻهو هاڻي انهن کي به ماري ماري ختم ڪري چڪا آهن. باقي نانگ هر طرف، اٿندي
ويهندي، سُمندي نانگ ئي نانگ، طرح طرح جا ٽپو ڏئي، گهوڙيسوارن کي ڏنگ هڻڻ وارا. ڏنگ
هڻن ته علاج جو انتظام نايه، سواءِ جهاڙ ڦوڪ جي - ته اهڙيءَ ويرانيءَ مان جيڪو به
شخص توهان جي خدمت لاءِ اٿندو، اهو دل جليو ئي هوندو.
ڳالهائيندو ته وات مان باهه جا
شعلا نڪرندا، لکندو ته قلم جي چُهنب مان رت ٽمندو! هن جي سوچ سنڌ جي دل جلي ڳوٺاڻي
جي سوچ هئي. هن جو آواز حرومين جي ماريل ڳوٺاڻي جو آواز هو. سندس تحرير جي تلخي هر
هلائيندڙ هاريءَ جي قنوطيت جو عڪس هئي. هي اهو انساني ڌڻ هو، جيڪو انهيءَ وقت
تائين ڳالهائڻ جي قوت کان محروم رهيو هو ۽ اُهو معلوم نه ٿي سگهيو هو تهپيدا ڇو
ٿيو، ۽ هيءَ محنت ۽ مشقت صرف ان جي ئي ڇو مقدر بڻي؟
لازم هو ته جڏهن هيءُ دل جليو
سپاهي ميدان ۾ آيو ته ان کي سڀ کان اول انهن خبائتن سان نبرڻو هو، جن سندس ڄاڻ
مطابق سندس قوم جي زندگي زهر ڪري ڇڏي هئي. سندس سامهون پنج خباثتون هيون.
(۱) انگريز
(۲) وياج خور (۳) وڏيرو، (۴) پير، ۽ (۵) خاڪم بدهن جناب
مُلا.
هڪ سندس ملڪ کي غلام بنائي رکيو
هو ۽ نوڪرشاهيءَ کي آزاد ڇڏيو هو، اُها قوم جو رت چوسيندي رهي.
ٻيو سندس معيشت ۽ سياست کي
تباهه ڪرڻ بعد هاڻي ايتريقدر بيباڪ ٿي ويو هو، جو ناهيءَ تابڪار
پنهنجي لٽرچر ذريعي خود خدا۽ هاديءَ برحق خلاف به محاذ قائم ڪري ڇڏيو هو. مسلمانن جو
جيڪو حال انهن جي هٿان ٿي رهيو هو، اها خاموشيءَ سان سهڻ جي چير هئي، ٻڌائڻ جي
ڳالهه نه هئي ۽ جيڪڏهن ڪو گستاخ ٿي ڳالهائيندو هو ته ان کي جيل ۾ وجهرايو ويندو.
ٽيون غريبن جي پيٽ ۾ پنهنون قوم
جي بي علميءَ جو فائدو وٺندي، ان جي ذهن ۽ ايمان کي ڊانو اڊول ڪرن لاءَ اهڙين ڪار
گذارين ۾ مصروف هئا. جو جن جي بيان ڪرڻ جي هآني هه همت نه ٿي رهي آهي. ڇا ڪاڻ ته
گناهن جي باهه ۾ سڙيل انهن ٻوٽن کي ٻيهر سر سبز ڪرڻ لاءِ نئين سربهار جي موسم جي
آمد جو غلغلو بڌڻ ۾ اچي رهيو آهي.
بهر حال انهيءَ باغي سپاهيءَ
اهڙين مصلحتن جو ڪو به خيال نه ڪيو هو قلم جو خنجر هٿ ۾ کڻي هڪ ئي وقت سڀني ڏانهن
ڊوڙيو.
هيءَ ڳالهه ياد رکڻ جي آهي ته
جيڪڏهن انهيءَ سليٽ کي، جنهن تي هڪ ئي مقيصد سان هڪ ئي مضمون، خط جي مختلف قسمن ۾
لکيل هو، صاف نه ڪيو وڃي ها ته سنڌ جي مسلمانن جو جاڳي پوڻ، قائداعظم جي لشڪر ۾
داخل ٿين، پاڪستان جو سپاهي بنجڻ، منزل گاهه جو معر ڪو ڪرڻ ۽ وياج خور هندو
۽سامراجي انگريز کي گهٽ ۾ گهٽسنڌ جي علائقي مان خارج ڪرڻ، منهنجيءَ ڄاڻ ۾ قرين
قياس نه هو. ايتر۲قدرهه گير انقلاب لءِ انساني ذهن کي تيار ڪرڻو هو ۽ اه
ڪم انهيءَ سپاهي سرانجام ڏنو.
هن پنهنجو مرڪز حيدرآباد ۾
بنايو، جيڪو شهر انهيءَ زماني ۾ ڪافر قلعو سمجهيو ويندو هو. مخالف جي گهر ۾ ويهي
هن ڪم ڪيو. ، دربلا باش گرد بلا مباش. اتي انهيءَ زماني ۾ (متعصب ) هندو سياستدانن
۽ قلمڪارن جو ڳڙهه هو. مسلمانن خلاف جيتريون سياسي سازشون ٿيون هيون. اهي حيدرآباد
مان شروع ٿيون هيون. اسلام ۽ مسلمان خلاف جيترو زهر يليو لٽريچر تيار ڪيو ويندو ه،
اهو اتان تيار ٿيندو هو. انهن جا ڪيترا رسالا ۽ روزانه اخبارون اتان ئي نڪرنديون
هيو. سنڌي لٽريڇچر جي تاريخ ۾ جيتريون ممتاز هندو شخصيتون نظر اچن ٿيون، انهن سڀني
جي پيدائش اتان جي هئي. انهن سڀني جو هڪ ئي وقت قلمي محاز تي مقابلو ڪرڻ دل گردي
جو ڪم هو. جڏهن ته اگريز سرڪار جي پٺڀرائي به انهن کي حاصل هئي.
انهيءَ سپاهيءَ جو نالو به عرض
ڪريا ؟ محمد عثمان ڏيپلاڻي مرحوم، جنهن جي وفات ۷ فيبروري ۱۹۸۱ع تي ٽي سال اڳ ٿي هئي.
اناِلله واناِ اليه راجعون.
ڪنهن عربيءَ جي شاعر ڪهڙو نه خوب چيو آهي.
تمتع من شيم عوار نجد
وما بعد العشيت من عوار.
(نجد جي صحرا جي خوشبودار گاهه مان جيءَ ڀري
لُطف اندوز ٿيو، اهو هڪ ئي شا، ۾ بهار آور هوندو اهي
اسان وٽ به سنڌ جي
صحرا مان هڪ شام بهار شيميم آئي هئي ۽ گذري وئي. هاڻي نه اها شام بهار، نه اها
خوشبوءِ ۽ نه اُن مان لُطف وٺڻ وارا. هر شيءِ عارضي، هر
شيءِ فاني، رهي نام الله کا
***
ڏيپلائي
قلندر صفت
مصلح، اديب ۽ صحافي
ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ
سنه ۱۹۳۰ع کان سنه ۱۹۳۵ع واري دور ۾، جڏهن
آءُ هاءِ اسڪول جو شاگرد هئس، تڏهن ڏيپلائي صاحب جو نالو پهريون دعو منهنجي ڪن تي
پيو اھن وقت هن ميرپورخاص ۾ “ اسلاميه دارالاشاعت، قائم ڪيو هو.
ڏيپلي جو نوجوان محمد عثمان ولد
حبيب الله ميمڻ صرف ست درجا سنڌي پڙهيل هو، پر سندس ڪتابي علم کان سندس عقل گهڻو
ئي ڏوو هو. جنهن عقلمنديءَ همٿ ۽ حوصلي سان ٿر جي هڪ غريب نوجوان ٽيهن سالن جي عمر
اندر پنهنجو گهر ڇڏي، گهر ڇڏي، ميرپورخاص جهڙي شهر ۾ پنهنجي علميءَ جي شروعات ڪئي
۽ مسلسل محنت سان اڳتي وڌي ڪامياب ٿيو، تنهن ۾ سنڌ جي نوجوانن لاءِ ترقيءَ جو هڪ
وڏو سبق سمايل آهي. سنه ۱۹۳۵ ع کان سنه ۱۹۸۰ع تائين ۴۵ سالن جو وڏو عرصو
ڏيپلائي صاحب جي مسلسل جدوجهد ۽ ڪاميابين جو دور آهي، جنهن ۾ سندس جزوي ناڪامين کي
سندس وڏين ڪاميابين ڍڪي ڇڏيو.
ڏيپلائي صاحب مرحوم جي سوانح
عمريءَ تي گهنو ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ سمجهدار صاحبن لکيو آهي. سندن تجزيي توڙي
مرحوم ڏيپلائيءَ جي عملي ڪوششن، ڪاوشن ۽ تحريرن جي مطالعي مان سندس لياقت ۽ قابليت
جا ڪئين رُخ معلوم ٿين ٿا. هو صحافي، ايڊيٽير، اديب، پبلشر، مصنف، افسانه نگار ۽
ڊرمه لکندڙ هو. هو اسلامي تاريخ کان باخبر ۽ صحيح اسلامي جذبو رکندڙ هو. وطن جي حب
سان سرشار ۽ وطن جي آزاديءَ جو علمبرادر هو. هن اسلامي دنيا جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ
پتوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. محترم ڊاڪٽر محمد علي صديقيءَ جي چوڻ مطابق انهون نه هر مسئلي
پر قلم اُڻهايا، ۽ بقول محمود شام صاحب، وه ايک فعال شخص اور ايک مصلح تهه.
اڳتي هلي هن پنهنجي مسلم معاشري
جي دفاع ۽ اصلاح طرف توجهه ڪئي ۽ ٻه عملي قدم کنيا: پهريون ته سنڌ جي ڪٽر هوندو
لکندڙن. سڀ نه آريا. سماجين ۽ هندو اخبارن جي ايڊ يٽرن طرفان مسلمانن جي خلاف
مچايل هلچل، مسلامن هيروز جي ڪردار ڪشي ۽ اسلامي عقيدن جي بيحرمتيءَ خلاف قلم
کنيائين. پنهنجين تحريرن ۽ تصنيفن ذريعي مخالفن جا جهڙا الزام، تهڙا زوردار جواب
ڏنائين ۽ بالاآخر اُن ڪٽر گروههه کي ماٺ ڪرائي ڇڏيائين. مير پور خاص جي اخبار
مسلمان جو نامور ايڊيٽر ۽ اديب محمد هاشم مخلص ۽ حيدرآباد جي اخبار جو ايڊيٽر مولي
نور محمد نظاماڻي، جيڪي ڏيپلائي صاحب سان اول وڙهيا، پوءِ سندس قلمي جهاد کان
متاثر ٿي، جيڪي ڏيپلائي صاحب سان اول وڙهيا، پوءِ سندس قلمي جهاد کان متاثر ٿي، سندس
قدران ٿيا.
هندو لکيڪن جو جواب ۾ ڏيپلائيءَ
جيڪي ڪتاب لکيا، تن اُن وقت جي سنڌي مسلمان نوجوانن ۾ خوداعتمادي ۽ خودداريءَ جي
لهر آندي. انگريزن پنهنجي سامراجي سازش سان سنڌ جي مسلمانن کي اقتصادي توڙي تعليمي
ترقيءَ کان پري رکيو ۽ هڪ اهڙي ةضا پيدا ڪئي، جو مسلمان ڄٽ سڏجڻ لڳا. سرڪاري
ڪامورا اُن وقت کُلي طور چوندا هئا ته هي ڄٽن جا پُٽ ڪين پڙهندا ! اهڙي ماحول۾ خود
مسلامنن تي حقارت نفسي طاري ٿي. هو پاڻ کي واقعي جاهل سمجهڻ لڳا. پر جڏهن
ڏيپلائيءَ جا ڪتابن تي ڪتاب اچڻ لڳا، تڏهن مسلامنن جي عام طبقي ۾ ڪجهه ساهه پيو. ڏٺائون
ته مسلمانن ۾ به ڪو ايترا ڪتاب لکي سگهي ٿو. جيڪڏهن اسان مان ڪو صاحب اُن دور جا
لکيل ننڍا وڏا ڪتاب گڏڪري ۽ ساهميءَ جي هڪ پُڙ ۾ ڏيپلائيءَ جا ڪتاب رکي ۽ ٻئي پڙ ۾
اُن وقت جي هندو ليکڪن جا، ته ڏيپلائيءَ وارو پاسو ڳرو ي ويندو!
ٻيو جرئت وارو قدم ڏيپلائي صاحب،
سنڌ جي مسلم معاشري جي اندروني اصلاح وارو کنيو ۽ جاهل عوام جي وهمن، وسوسن ۽ جاهل
پيرن جي ڪرتوتن جي خلاف لکڻ شروع ڪيائين. ڪڇ جي مولوي عبالرحيم پڇميءَ اڳ ۾ ئي اها
اسلامي تحريڪ شروع ڪئي هئي، جنهن جو ٿر پارڪر ۽ لاَڙ ۾ وڏو اثر ٿيو هو ۽ ڏيپلائي
به ان کان متاثر ٿيو. هن پنهنجي معاشري جي تعمير ۽ ترقيءَ خاطر سخت تنقيد ڪئي، پر
اها تنقيد هن پنهنجن ئي بنياد ٻاهرين ۽ ڌارين نظرين تي ڪو نه رکنيو. ڏيپلائيءَ جي
انهيءَ روش ۽ ڪردار ۾ هڪ وڏو سبق سمايل آهي. هن پنهنجن نوجوانن تي ٻاهرين ۽ ڌارين
نظرين جا هٿيار استعمال ڪو نه ڪيا. سندس ڀيٽ ۾ اصلاح ۽ ترقيءَ جي ڪن ٻين دعويدارن،
پنهجن معيارن۽ مثلن بدران، ٻاهرين نظرين ۽ انقلابن جا ڳڻ ڳايا ۽ پنهنجن کي ڌارين
نظرين جا سبق پڙهيا. انهن اُها نئين اصطلاحي ٻولي ڳالهائي، جيڪا صرف هڪ مخصوص
گروهه کي سمجهه ۾ ٿي آئي. ۹۵ سيڪڙو سنڌين کي اڃا تائين سندن
ٻولي سمجهه ۾ نه ٿي اچي!
سنڌي مسلم معاشري جي غلط روين ۽
غلط رُخن جي اصلاح خاطر ڏيپلائيءَ جيڪي تنقيدي ڪتاب لکيا، تن گهڻيءَ حد تائين عام
پڙهيل طبقي ماصلاح جو احساس پيدا ڪيو. ڏيپلائيءَ کان اڳ شمس السدين بلبل، مرزا
قليچ بيگ ۽ علي خان ابڙي جي اصلاحي تحرين ۽ تصنيفن مٿينءَ سطح تي اثر پيدا ڪيو، پر
ڏيپلائيءَ جي عوامي رنگ وارين تحريرن ۽ ڪتابڙن، عوامي سطح تي اثر پيدا ڪيو.
جڏهن ڏيپلائي مرحوم پنهنجي
ذهانت ۽ محنت سان پريس جو مالڪ ٿيو ۽ ڪتاب لکڻ، ڇاپڻ ۽ اخبار هلائڻ وارو ٿيو، تڏهن
ڇپائيءَ جي ڪم ۾ ٻين جي مدد ڪيائين. ان وقت مولوي حاجي احمد ملاح صاحب، ڪلام پاڪ
جو سنڌي بيتن ۾ ترجمو ڪري رهيو هو، پر ڇپائيءَ جي مسئلن ۽ مشڪلاتن ڪري، ڪنهن به سندس
مدد ڪا نه ٿي ڪئي. انهيءَ مشڪل ڪم ۾ ڏيپلائيءَ سندس مڪمل مدد دل
کولي ڪئي. هن ڪلام پاڪ جي آيتن سان ڪتاب ۾ بيتن کي سهڻي سٽاءَ سان بيهاري، نموني
طور هڪ سيپارو سهڻو ڪري ڇپايو. مون کي ياد آهي ته
هڪ دفعي مولوي صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مون کي ملڻ آيو
ته خاص انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪيائين. ڪمپوزنگ ۽ ڇپائيءَ جي مسئلي جي حل ٿيڻ کانپوءِ
مرحوم ارباب الهجڙئي ٿر واري، مولوي صاحب جي بيتن واري معني
سان سڄو ڪلام الله ڇپائي پڌرو ڪيو.
هن موقعي تي آءُ مناسب سمجهان
ٿو ته ڏيپلائي صاحب جي مون تي ڪيل هڪ احسان جو ذڪر ڪريان، جيڪو ساڳئي وقت سنڌي
ٻوليءَ ۽ ادب تي پڻ سندس احسان آهي. آءُ سنه ۱۹۶۰ ع کان سنه ۱۹۷۰ع وارن سلان ۾ سنڌي
لوڪ ادب بابت تحقيق، ڪتابن جي تياري ۽ ڇپائيءَ ۾ مشغول هئس. ڪم وڏڏي ڪاميابيءَ سان
ٿي رهيو هو ته هڪ وڏي روڪ سامهون آئي. ڪراچيءَ جي هڪ انگريزي اخبار ”سنڊي پوسٽ، لوڪ
ادب جي هڪ تازي ڇپيل ڪتاب مناظرا تي بيجا تنقيد ڪئي ته ان ۾ گارين واري زبان
استعمال ڪيل آهي ۽ ڪتاب اخلاقي اعتبار کان ڪريل
آهي. ان بعد اها ڪوشش شروع ٿي ته ڪراچيءَ جي ڪمشنر طرفان ڪتاب مناظرا تي بندش
وجهائي وڃي.
مون اهو مناسب سمجهيو ته اخبار
جي ايڊيٽر تي بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو وڃي ته جيئن معاملو ڪورٽ جي حوالي ٿئي ۽ ڪابه
اختياري ڪتاب خلاف قدم کڻي نه سگهي. ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايو ويو هو، پر
جڏهن بورڊ توڙي ٻئي ڪنهن به طرفان ان جو خاطر خواه آسرو
نه آيو، تڏهن مون پنهنجي سر ڪيس وڙهڻ جو فيصلو ڪيو. ڪيس هلندي، جج جي
آڏو اها حقيقت رڪارڊ ڪرائڻي هئي ته ڪتاب ۾ استعمال ڪيل زبان ۽ اصطلاح، عام سنڌي
ٻوليءَ ۾ رائج آهن ۽ معيار کان ڪريل نه آهن.
اخبار جي ايڊِٽر طرفان پير محمد
چنا وڪيل هو، جنهن ڪورٽ ۾ مون تي وڏيون جُلهون پئي ڪيون. ويتر اهو معلوم ٿيو ته
سنڌ يونيورسٽيءَ جا ڪي اُستاد ڪي ٻيا صاحب منهنجي خلاف ۽ ڪتاب جي خلاف ڪورٽ ۾ بيان
ڏيڻ لاءِ سنڀري رهيا آهن. اهڙي دل شڪن ماحول ۾ ڏيپلائي صاحب اڳتي وڌيو ۽ دل و جان
سان منهنجو ساٿ ڏنائين. هو ڪورٽ ۾ مهنجي طرفان شاهديءَ ۾ آيو ۽
مناظرا ڪتاب جي ٻوليءَ ۽ ان ۾ آيل لفظن ۽ اصلطلاحن جي خاطرخواه وضاحت ڪري، ڪتاب کي
معياري ثابت ڪيائين. ڪيس اٺ سال هليو ۽ مون گهڻو ڪجهه
سٺو! پر حالت بدليا ۽ ڪتاب تي بندش ڪا نه پيئي. مون
ڏيپلائيءَ جو احسان ڪو نه وساريو.
آخري ڳالهه، محمد عثمان ڏيپلائي مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ ۽
مُهم جو انسان هو. هو سنڌ جي انهن قلندرانه صفت ڳاڻ ڳڻين
شخصيتن ان هو، جن نتيجن کان بي نياز ٿي، ڏک بک ۽ توڪل تي سنڌ جي عوام جي خذمت ڪئي.
نااُميديءَ جو وٽس نالو ئي ڪونه هو. هو ڪنهن به ناڪاميءَ کان مايوس نه ٿيو!
(مارچ ۲۰۰۰ع، ڪراچيءَ ۾ ڪيل
تقرير)
***
ڏيپلائي
هڪ برجستو
انسان
جمال ابڙو
(۱)
آھيان گهڻو اڄاڻ، پر
سور پريان جا ساڻ مون،
ڪر بيلي آهن ٻيلهه، سور پريان
جا ساڻ مون.
ڀانيان لڪ ليون، جي سور پريان
جا ساڻ.
لطيف سائينءَ جي بيتن جون هي
سٽون مون ڄاڻي واڻي، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ورسيءَ جي مهل موقعي مطابق چونڊيون
آهن.
اڄڪلهه جا نوجوان ليکڪ، بلڪ
پختا ليکڪ به دانهن ٿا ڪن ته کين سهولتون ميسر ناهن، کين معاوضو نٿو ملي، سندن
بورچيخانو نٿو هلي، کين مڃتا ڪا نه ٿي ملي، سندن لکڻين کي ڪنه ڪوئي پرنٽر ٿو ملي، نه
پبلشر، نه ڊسٽريوبوٽڙ، جي هڙااون وڙان خرچ ڪري ڪتاب ڇپايون ته ڍڳ لڳلا گهر ۾پيا
آهن، ، ڪو مفت ۾ کڻڻ وارو ڪونهي، ائين هو هٿادو محرومين جا دفتر کولوي ويهي ٿا رهن.
شڪوي شڪايت جا انبار، الائي ڪهڙا ڪهڙ روئڻا پيا روئنـ ڪڇي ڪير؟
ڪير چوي ته ڀاو! هي شُور ته سکائون آهن، جي جهولي پائي
جهلٽا آهن، جي مٺائيءَ کي ڪڙائي ٿا سمجهو ته هن پِڙ ۾ پير ڇو ٿا پايو؟ هت ته رڳو
اهن ڪنڊا ۽ ڪنڊ!
ڪنڊا مون پيرن ۾ توڻي لک لڳن،
آڱر آڱوٺي نه مڙي، ڇپون پير
ڇِنن،
ويندي ڏانهن پرين، جتي جات نه
پائيان!
جبل ماري جک، جو آڏو آريجن کي،
ٽوڻي لڪن لک، سڀ لنگهينديس سڪ
سين!
سطيف سائينءَ جي
اهڙن سبقن کان پوءِ باقي ڪجهه چوڻ جي نه ضرورت آهي، نه گنجائش، ته پوءِ جواب به
لطيف سائينءَ جو ٻڌي ته:
لڳي جن لوري، ڏونگر سي
ڏورينديون
سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي
لوڀ،
لڪن ساڻ لطيف چئي منڌ جهيڙي ۽
جهري.
لڪن لوساٽِ، سا سيج چڙهندي سسئي
هاڻي لطيف سائينءَ جي هن
ڪسوٽيءَ تي محمد عثمان حبيب الله ڏيپلائيءَ کي پر کيو، نج سون جيان جر ڪا ڏئي
ظاهرٿيندو. ٿر جي واريءَ جي ڀٽن مان هڪ ڏورانهين ڳوٺ ڏيپلي مان، هڪ نينگر سنڌيءَ
جا ست درجا پڙهي، ڳاڙيهي گل جيان ڦٽي نڪري ٿو. کيس نه آفيسري حاصل ڪرڻ جي محرومي
آهي، نه اڇا ڪپرا پهرڻ جي، نه يونيورسٽيءَ جي ڪئنٽين تي ڪنهن ڪسهڻيءَ ڇوڪري سان
ويهي چانهنن پيئڻ ۽ پيسٽري کائڻ جي، نه ڊگرين حاصل ڪرڻ جي نه بنگلي ۾ رهڻ ۾ ڪار ۾
گهمڻج جي انهن سڀني لوازمانت نه هجڻ يجي باوجود هو نه اڻ ڄاڻ آهي، نه اڪيلو اهي، نه
ڪو وري ڪي آڏا ترڇا لڪ هن کي روڪين ٿا يا رنڊڪ وجهن ٿا: ڇاڪاڻ ته
هن وٽ وڏو مطالعو، سُور پريان جا ساڻ مون آهي، اهڙو املهه ماڻهو
اڄاڻ ۽ اڪيلو ته ناهي، پر سُورن کي سنڏي پيو.. کيس لوري آهي ته ا ماروئڙن جي، جهانگيئڙن
جي پورهتين ۽ هارين نارين جي، پيو سئن هڻي ته: مُرڻ مون سين آءُ ته پُٺيءَ تو پنڌ
ڪيان، ڏکي، ڏک وسار، سيج ڦٽي ڪر سئي؛ ڏک ڏکي ءَ ڏڍ، موٽي مران نه ماءُ موٽڻ کان
اڳي مران، سندس اها سنڌ پوري ٿي.. عمر جي آخري گهڙيءَ تائين جهيڙويندو آيو، ماٺ
ڪري نه ويٺ، پونيرن ۾ به اها لاٽ ٻاري ويو، سندس اولاد (پُٽ ۽ نياڻيون) به ورچي ڪو
نه ويٺا آهن.
شاهه سائين جنهن کي شُور يا
لوري ٿو چوي، سا آهي: مقصد ۽ جذبو جن وٽ اها وٿ ڪانهي، سي ڀلي ويهي روئن يا سرستن
تي بيهي رڙيون ڪن.
ڏيپلائي صاحب، سُر سُکائون ڪر
جهليا، جن کيس جذبو به ڏنو، مقصد به ڏنو، عملم به ڏنو ته امنگ به ڏنو. هو پنهجيءَ
جند ۾ انجمن بڻجي ويو جهڙوڪر ڪرشمو، ليکڪ به پاڻ، پرنٽر به پاڻ، پبلشر به پاڻ ۽
ڊسٽريبيوٽر به پاڻ ڊسٽريبيوٽر به اهڙو انو کوو، جو سنڌ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو گهر هجي،
جنهن ۾ ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب يا لکڻيون ه هجن. اهريون ڪرشمه ساز هستيون قومن کي
جيئاري وينديون آهن.
جنين منهن مڻي، آئون
نه جيئندي ان ري ـ (شاهه)
(ماهوار. سوجهرو ، اپريل۲۰۰۲ع)
(۲)
ڏيپلائي صاحب عجيب
ڀل مانسيءَ جو پتلو هو. تمام مذهبي ۽ءٌ پڪو مسلمان هوندي به جيئين ته هن جي دل ۾ غريب
عوام لاءِ ڀرپور همديردي هئي ۽ هاري ۽ پورهيت جو ڀلو چهيائين ٿي، هو نيڪ نيتيءُ ۽
پوري اخلاص سان کاٻي ڌرجي عوامي تحريڪن جو حامي بڻجي ويو. طعنا مهڻا به مليس، پر
هي مرد مجاهد لاپروواهي ۽ لاغرضيءَ سان نسنگ نروار ٿي بيهي رهيو، ۽ سرڪاري عتاب ۽
مالي نقصن جي پرواهه به نه ڪيائين.
ڏيپلائي صاحب جو هڪ واقعو ياد
ٿو اچيم، جيڪو ڏيپلائيصاحب جي سچائيءَ مخلصيءَ، دليريءَ ۽ بيبيازيءَ جو لکت ۾ اڻمٽ
ثبوت آهي، هي اسان جي عوامي سيسي تحريڪ جوپن لڪل ۽ ڳجهيون ڳالهيون اهن، پر ورهيه
لنگهي ويا آهن، هاڻ ڪو ڀو ڀولو نه آهي.
ڪامريڊ عبدالقادر کوکر ۽
حيدربخش جتوئي پارٽيءَ جا تمام مخلص ۽ متحرڪ ڪارڪن هئا، جن پنهنجي سڄِ حياتي، ڪيريئر
۽ دنياوي ويجهه کي قربان ڪري پاڻ کي هارن جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ڪر ڇڏيو هو.
ٿيو ائين جو جتوئي جيل ۾ واڙجي
ويو. ڪامريڊ عبدالقادير وري رڄ چڱو مڙس، نرم مزاج ۽ اختلاف راءِ کي ريٽڻ وارو
ماڻهو. انهيءَ صورت حال جو فائدو وٺي، هاري پارٽيءَ جي ڪن جو شيلن، حقيقت ۾ پاڻ
هُرتڙن، پارٽيءَ اندر ڏنڊا انقلاب ذريعي اٿل پٿل آڻي قبضو ڪري ڇڏيو ۽ حيدربخش
جتوئيءَ ۽ ڪامريڊ عبدالقادر کي نظر انداز ڪري، پنهنجا من پسند صدر، جنرل سيڪريٽري
۽ ٻيا عهديدار چونڊي بالم ٿي ويهي رهيا، مولوي نذير حسين جتوئتي به ساڻن شامل هو ۽
عهدو به قبول ڪيو هئائين.
پارٽيءَ فيصلو ڪيو ته انهيءَ
صورتحال جو ٽوڙ ڪيو وڃي انهي ءَ ڪم لاءِ تاج محمد ابڙي ۾ مون کي ذميواري سونپي وئي.
پتو ئي نه پوي ته ڇاڪجي. هنن يارن ڇا ڪيو هو، جو اخبارن ۾ خبرون ڇپائي، پاڻ عهدن
تي بقابض ٿي ويهي رهيا، تاج محمد تمام ذهين ماڻهو هو، سو حل ڪڍي آيو. چيائين ته
هاري ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۽ ڪاروائيءَ جا من پسند فيصلا لکي، هاري حقدار، ۾ ڇپائي ٿا
ڇڏيون ! انهيءَ جڙتو مينٽنگ جي ڪاروائي، بحث مباحثٽا ۽ اسوال جواب اهڙي نموني
لکياسون، جو سود پود سچ ٿي لڳو. “ هاري حقدار جو پرچو ڇپائڻ لاءِ حيدرآباد هاري
آفيس وڃڻو هو. ڏهه پنديرهن رپيا مون کي، ۲۵ پندرهن رپيا تاج محمد کي، ريل
جي ٿرڊ ڪلاس گاڏيءَ ۾ چڙهي پياسون.....
... مان ۽ تاج ٻئي ڏينهن جي حڪمت عملي جوڻ ۾
لڳي وياسون. تاج محمد چو ته ڪو مسئو ئي ڪونهي، سڀاڻي هلنداسون هاري حقدار پريس، اُتي
فلاڻا فلاڻا منهنجا واقف آهن، بس، مواد ڪمبپوز ڪري هڪ ڏينهن ۾ پرچو ڪڍي ڏيندا. تاج
محمد ڏاڍو خوش فهم ماڻهو هو. تاج محمد ڇا، هر ڪميونسٽ اهڙو هوندو هو!
.. صبح جو تاج محمد ۽ مان نيراڻو نڪري پياسون.
ڀيڙيون سين پنڌ کي، اچي گاڏي کاتي ۾ هاري حقدار پريس تي پهتاسون. پريس کي تالو لڳو
پيو هو. ٻڌايئاون ته گورنمينٽ بندش وجهي ڇڏي آهي، سو نالو به نه کڻو!
پرچو ڪڍڻ ضروري هو.. مون کي
محترم ڏيپلائي سُجهي آيو. انهيءَ جي پريس ب کوکر محلي ۾ هئي، جتان عبرت اخبار
ڪڍندو هو. واٽ ويندي تاج محمد ڪجهه ناُميدي مان چيو ته ”انهيءَ ملان مان ڇا ورندو“
الائي ڇو، منهنجي دل ۾ يقين هو
ته ڪم ٿيندو ته ڏيپلائيءَ مان، نه ته به صحيح دڳ لائيدنو... ڏيپلائي صاحب مرحوم، الله
سائين جنت ۾ جايون ڏئيس، سڌوسنئون، پر خلوص، هڏڏو کي، غريبن جو همدرد، چڱائيءَ جو
پتلو ۽ وڏي ڳالهه ته عوام جي ڀلي خاطر پنهنجو نقصان سهنڻ وارو ماڻهو هو. وضع دار
به هو، يعني ڊاج ڏيڻ، اندرين هڻڻ وارو ماڻهو نه هو. ، عام زبان ۾ چوندا آهن گشو
هڻڻ ۽ راه تان ٿيڙڻ ـ ڏيپلائي صاحب ۾ اهڙي بوءِ به ڪانه هئي جهڙو اندر تهڙو ٻاهر...
... جڏهن احوال ٻڌايو سونس ۽ مدد لاءِ چيوسونس
ته بناللي چپيءَ جي صاف انڪار ڪيائيين. چي اهو بلڪل غير قانوني ڪم آهي. اخبار رڳو
اُتي ڇچجي سگهيٿ، جتان سرڪاري طرح ڇپائي پڌري ڪئي وڃي. تاج محمد مون ڏانهن منهن
ڪري چيو اٻا ٻڌئي ؟ پر مون آسرو ڪونه لاٿو، مون کي ڏيپلائي صاحب جي چڱائيءَ تي
پورو پورو ويساهه هو. چيو مانس ڏيپلائي صاحب ڪا وٽ ڪڍي ڏيو. گنڀير ٿي چياائين ته ”
توهان کي اها به خبر ڪانهي ته هاري حقدار پريس توڙي هاري حقدار اخخبارن تي بندش
پيل آهي! اول ته اها بندش لهريون، پوءِ ڇپائيءَ جي ڳالهه ڪريو،... “
تاج محمد بي دليون ٿي ويو. چيائين
” ٺڪر مالن مان ڇا ورندو، اسان کي پتائي ويو ! “ ڏيپلائي صاحب جهڙي مخلص ماڻهولاءِ
اهڙا لفظ مون کي نامناسب لڳيا...
... مون کي خبر هئي ته اي ڊي هو نذر محمد ٽڳڙ،
جو تمام يار ويس ۽ فيض وارو تجربيڪار ۽ قابل آفيسر هو... چيائين بندش ته ڪو نه
لاهينددس، پر رڳو هڪڙو پرچو ڪڍڻ ڏيندس، سو به بندش پوڻ واري تاريخ کان هڪ ٻه ڏينهن
اڳ واري تاريخ ۾، پر حڪومت خلاف ڪجهه به نه لکندو... ٽڳڙ صاحب دير ئي ڪانه ڪئي، ڪلارڪ
گهرائي هڪ ۽ آخري پرچو ڪڻ جو اجازت ناموٽائيپ ڪرائي، صحيح ڪري، مهر هڻي ڏنائين... پوءِ
آياسين ڏيپلائي صاحب وٽ کيس اجازت نماو ڏيکاريوسين.... پر اخبار ڇپڻ کان صاف انڪار
ڪيائين. چي: قائدو آهي ته اخبار رڳو اُتي ڇپبي، جتان شايع ٿئي ٿي... منٿ ڪئي سونس
ته ڪو ڳٿو ڪڍ اُٿيو وڃي” هاري حقدار، جو پرچو کڻي آيو. پوءِ وري انهيءَ مانپ ۾ رنک
جوخالي پنو کڻي آيو، چيائين هن خالص پني تي هاري حقدار اخبار جي ڪنهن به سب ايڊيٽر،
ڪمپوزر، يا ڪارندي کانلکرائي اچو ته هي پرچو هاري حقدار پريس ۾ ڇاپيو ويو هو ڪم
ڪري اچو ته پوءِ مان ٿو اخبار ڇاپي ڏيانو !
... اسان ڍڪ ٻه آرام ڪري، گهربل ماڻهو۴ جي گهر پهتاسون چمڪندڙ
اکين سان پڏي اُڪير سان اچي تاج محمد سان مليو.... ڇوڪين، نيٺ ته پارٽيءَ جوڪارڪن
هو... خالص بپني ته اُتي ئي لکي ڏيڻ لاءِ تيار هو. چيوسونسن ته بهتراهو آهي ته
ڏيپلائي صاحب جي روبرو لکي ڏئي.
ٻئي ڏينهن عبرت آفيس پهتاسون ته
اهو شخض اڳي ئي ويٺو هو. ڏيپلائي صاحب هن کان خالي پرچي تي لکائي ورتو ته هي پرچو
هاري حقدار پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.
واه ڏيپلائي صاحب واه دڳ به
لاتائين، قانوني تحفظ به ڏنائين ۽ ڪم جو ذمو به کنيائين، محض انسان دوستيءَ خاطر. چپائين
ته شام تائين جيترا پرچا چئو ڪڍي ڏيانو چيوسون، پنج سئو چيائين هيترا پئسا لڳندا
پئسا ته اسان وٽ هئا ڪو نه سو مون ۽ تاج محمد صلاح ڪري چيو تهٻه سئو پرچا. ڏيپلائي
صحب چيو ته ڪو خاص فرق ونه پوندو توهان کان رڳو پني جا پئسا ٿو وٺان. مزدوري ۽
منافعو ڪو نه ٿو وٺان هڪڙو ته ڏيپلائي ٻيو ميمڻ، سو ائين چوي ـ تعجب خيز ڳالهه هئي.
پر محترم محمد عثمان ڏيپلائي جي مٽي ۽ ضمير بلڪل مختلف هئا.... ڏيپلائي صاحب جي
صدقي، سستي ۾ ڇٽاسون!
(جمال ابڙي صاحب جي
آتم ڪٿا تان ورتل)
***
محمد عثمان
ڏيپلائي
منهنجو مُحسنُ
شيخ اياز
نه ڄاڻان ته ڏيپلائيءَ جو نالو
ٻڌي، مون کي چو اين لائي جو نالو ڇو ياد ايندو آهي! شايد انهيءَ ڪري جو ٻنهي نالن
جو پويون اڌ ساڳيون آهي، يا انهيءَ ڪري جو ڏيپلائيءَ جي منز مزاح ۾ چيني ططنزو
مزاح جي خوشبوءِ آهي، جاٽينءَ کا ڇهين صدي قبل از مسيح تائين جهوني آه، ۽ جنهن جو
اظهار ڪهاڻين ۽ تمثيلن ذريعي ٿيل آهي.
ڪنفيوشس، يونان ۾ سقراط جي جنم
کان ڏهاڪوسال اڳ سن ۵۵۱ قبل از مسيح ۾ ڄائو هو ۽ اُن ۾ به ساڳيو مزاح ٿو
ملي، جو يوناني ـ رومي روايت (Greeco- Roman Tradition) ۾ پوءِ پيدا
ٿيو. ڪنفيوشن اُن جو حصو آهي، جنهن ۾ ڏيپلائي صحب جي چهري تي لڙيل مڇون ڏسي، ڪنفيوشس
کان اڳ ۽ هن کان پوءِ واري چيني طنز ۽ مزاح جي ياد ڏياريدنو آهي، جنهن ۾ اديب، لطيفا
ٻڌائي، انهن سان پنهنجي رووڌيءَ ڌر کي ڦهه ڪري ڪيرائيدنا هئا. ۽ انهن ۾ پنهنجا متا
چڱيءَ طرح سمجهائي سگهندا هئا يا جن سان هو پنهنجي بيان کان ٻارهر، ۽ باطني سڇ به
ڇُهي سگهندا هئا.
سٺ واري ڏهاڪي ۾، جڏهن سنڌي
روزاني اخبار” مهراڻ“ جي ايڊيٽر سردار علي شاهه، منهنجي ۽ مون سن گڏ سنڌ جي ترقي
پسند ادب جي خلاف، اسلام ۽ ديني حميت ۽ غير ت جي نالي ۾ ڪات ڪهاڙا کنيا هئا، روزاداريو
لکندو هو ۽ ڪالم لکارئيندو ۽ پنهنجي اخبار ۾ شايع ڪندو هو: تڏهن حيدرآباد ۾ منهنجي
ملاقات ڏيپلائي صاحب سان، جوبي صاحب جي معرفت ٿي هئي. ان پهرينءَ ملاقات ۾ ئي مون
کي، هن مارن رفاقت جو احساس ٿيو هو ۽ هن سان عقيدت ۽محبت ٿي وئي هئي. پوءِ
حيدرآباد ۾ هن سان اڪثر هر انهيءَ ادبي نشست ۾ ملاقات ٿيندي هئي، جنهن جي صدارت
لاءِ مون کي گهرايو ويندو هو. ان دور ۾ ڪنهن دوعت تي يا رٽز يا فاران هوٽل ۾
منهنجي رهائش وت ملاقات ٿي ويندي هئي ۽ هن جي صحبت جو فيض حاصل ٿيندو هو.
جوبي صاحب، ڏيپلائي صاحب تي هڪ
مضون “ محمد عثمان ڏيپلائي اسان جو بزرگ سساٿي، لکيو آهي:
”ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ ته ڪو
کانئن سکي. ٻئي جي ڳالهه ٻڌندي ٻڌندي، کين اهڙي ڪا نئين، تز ۽ تکي ڳالهه ياد اچي
وئي ته بس ڪجهه کنگهڪار، ڪجهه نڙيءَ جي صفائي ۽ ڪجهه ٽهڪ ٻڌبو ۽ ڏيپلائي صاحب جي
اصل سون جهڙي صاف ۽ املهه ڪا ڳالهه، ڪو ٽوٽڪو ۽ ڪو نئون نقل نظيرر شروع ٿي ويندو....
رڳو تنهن ڏينهن آءُ ۽ ڏيپلائي اڪيلا ويٺاهئاسين ته ڪنهن ريت ڪو گدڙ جو نقل ڇڙي پيو.
پوءِ ته ڏيپلائي صاحب گدڙ جا ايترا نقل ۽ توٽڪا ٻڌايا، جو دل ۾ آيم ته ڪنهن تازه
دم نئين ٽهيءَ جي ليکڪ کي چوان ته هڪڙي ڪنهن وڏي ڪتاب جي ثرتيب هٿ ۾ کڻي، جيڪا سني
سماج جي لوڪ ڏاهپ، جيڪا ائين گدر کي لوڪ ڪردار بڻائي بيان ڪئي وئي آهي، اها ان ۾
جمع ٿئي ۽ هميشه لاءِ محفوظ ڪئي وڃي. “
ڏيپلائي صاحب جي مزاح ۾ جيڪو
سنجيدگيءَ جو پهلو هو، سو نهايت اهم ۽ قابل غور آهي. هڪ چيني لطيفوآهي” لو “
(برهاڻي چين جي شندانگ ضلعي ) جي سرزمين تي هڪ ماڻهو شهر جي دروازي مانلنگهي رهيو
هو. ان وقت هن کي هڪ سنهي ڪاٺِ هٿ ۾ هئي، جي اها هٿ ۾ اڀي ٿي کنيائين ته ايتري
لنبيهئي، جو دروازي مان نه ٿي لنگهي سگهي، جي اها سنئين ٿي کنيائين ته دروازي جي
سوڙهائيءَ سبب اها اتن وڃي نه ٿي سگهي. هن کي ڪو طريقو نظر نه ٿي آيو. ڪنهن بزرگ
کيس چيو ته ” مان ڪو ايڏو وڏو ڏهو ته نه آهيان، پر مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيئي
ڳالهيون ڏٺيون آهن. ڇا تون پنهنجي لٺ کي ٻه اڌڙ ڪري انهيءَ دروازي مان لنگهي نه ٿو
سگهين؟ اهوماڻهو انهيءَ صلاح تي لڪو ۽ پنهنجي ڪاٺيءَ کي وچ مان ٻه ٽڪر ڪيائين.
ان ريت ڏيپلائي صاحب به جڏهن
ڪنهن وڏير، پير، مير، مُلي، مشائخ کي ڪاٺي ڪندو هو ته هن جي لٺ ٻه ٽڪر هوندا هئا. طنز
ومزاح مان هو هڪ ٽڪر جوڪم وٺندو هو ته سنجيدگيءَ مان ٻئي ٽڪرجو. ” اکين جو عيوص، هن
جي اهڙي خوبصورت ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ طرف ڏنيئن (سوئر) مرشد تي طنز آهي ۽ ٻئي طرف
مريدن ـ سانوري ڪمال جي ڪردار، اهڙي ڪمال، اهڙي همدردي۴ سان چٽيا اٿائين، جو
نه رڳو دل ڀرجي اچي ٿي ۽ هن سماج جي سفاڪيءَ لاءِ نفرت ازخود ڀڙڪي اُٿي ٿي ۽ ان جي
مظلوم عوام لاءِ همدرديءَ جو جذبو جاڳي پوي ٿو، پر ڏيپلائيءَ جي فن ۽ شخصيت لاءِ
دل ۾ احترام جو جذبو به اڀريو اچي.
فاصلي جي ڪري هن سان منهنجيون
ايتريون ملاقاتون ته ڪونه ٿيون هيون، پر هڪ وقعو نهايت وضاحت سان ياد اچي ٿو. اونهاري
جي مندهئي ۽ شام جووڳڙو. وڃڻ واروهئس ته ڏيپلائي صاحب مون وٽ سکر اچي نڪتو حال
احوال کان پوءِ هن مون کي ٻڌايو ته هن هڪ ڪتاب ” بقول اياز سايع ڪرايو هو، جنهنجون
ڪجهه ڪاپيون هو مون لاءِ کڻي آيو هو. اهو چئي هن ڪتاب جي هڪ ڪاپي مون کي ڏڌني. مون
پڙهي ڏٺو ته مهاڳ کان اڳ منهنجو سارو غزل” هي سين نه ڏيندي، چئن، ڏنل هو ۽ ان
کانپوءِ مهاڳ جوعنوان هو: سبب هن جهيڙي جو... ؟ مون مهاڳ ڏيپلائي صاحب جي
موجودگيءَ ۾ پڙهيو، جنهن ۾ مهنجي حمايت ۾ ٻئي مواد سان گڏ هيٺيون لطيفو به هو:
”ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن زماني ۾
ڪٿي ڪو هڪڙو شخص هو، جو اهڙا ته عجيب غريب شعبد ڏيکاريندو هو، جو ترت ئي جاهل عوام
کي پڪ ٿي وئي ته هن جي هٿ ۾ جن آهن ۽ انهيءَ ڪري کيس سڏيندا ئي
هئا: فلاڻو خان جنائي. هن لاءِ مشهور هو ته جنن جي وسيلي هر ڪو ڪم ڪري سگهي ٿو ۽
هوا، باهه ۽ پاڻ هن جي وس ۾ آهن وغيره وغيره.
هڪ ڀيري اتي ڪٿي ڪو ميلو ٿي
رهيو هو ۽ سڀ خلق اوڏانهن وڃي رهي هئي. ميلو هڪڙي شاهي ميدان تي ٿيڻو هو ۽ ٻين
رستن کان سواءِ هڪ پيراڱو پڻ هو، جو ان ميدان ڏانهن وڃي رهيو هو. ان
پيراڱي جي پاسي کان هڪ درويش فقيراڻن ڪپڙن ۾ ويٺو هو ۽ سندس بڊڙي
اڳيان پيئي هئي، جا پيراڱي مٿان اچي وئي هئي. جيڪو به ماڻهو اتان ٿي لنگهيو، تنهن
کي وک ٻه پاسو ڪري لنگهڻو ٿي پيو، ڇو ته ميدان کليل هو، ڪا رڪاوٽ ڪانه هئي ۽ ائين
ٿيندي بڊڙي جي ڀرسان پيراڱي جو وڪڙ به ظاهر ٿيندو پئي ويو.
ڪنهن مهل فلاڻو خان جنائي به
وڏي طمطراق سان پري کان ايندو ڏسڻ ۾ آيو. مڇون وڏيون، پيٽ نڪتل، گبت ٿلهو، وڏي آڪڙ
سان ٻانهون لوڏيندو پيراڱي تان هلندو پئي آيو. درويش کي هڪل ڪندي چيائين ”اڙي هٽاءِ
بڊري!“ درويش ڏاڍي نرم آواز سان چيو، ”بابا! ميدان گهڻو پيو آهي، جيئن ٻيا پيا
لنگهن، تيئن تون به لنگهي وڃ! پر درويش کي ڪهڙي خبر ته جنائي خان، جنائي
خان هو! ٻين وانگر هر گز هر گز نه ٿي لنگهي سگهيو! سو جنائي خان هڪدم دهمان ڪيو، ”اڙي
هٽاءِ بدڙي هٽاءِ نه ته... “
” نه ته ڇا... ؟ درويش اکيون مٿي
کڻي سنجيدگيءَ سان پڇيو ”نه ته... ؟ نه ته هڻانس ٿو ٿڏو، ڊيڪندي ويندي“ جنائي خان
تيس مار خان بڻجي شهپرن کي هٿ هڻي، وڏي غرور
سان چيو.
” توکان جي هٽي سگهي ته هٽائينسِ!“
درويش سندس ٽنگ ۾ نظر کپائيندي چيو.
جنائي خان تيئن آڪڙ ۾ اچي ويو، پر
جنائي خان جي ٽنگ زمين ۾ ائين وٺجي وئي، ڄڻ ڪنهن ميخون هڻي ڇڏيون هجنسِ. هاڻي ٿُڏو
هڻي سو ڪيئن هڻي. بس جنائيءَ کي بنهه چڙ اچي وئي، سو کيسي مان ڪجهه
مڻين جا داڻي ڪڍي مٿس اڇلايائين. پوءِ ته ماڻهن ڏٺو ته هڪ زبردست
واچوڙو اُٿيو آهي، جو وڌندو درويش ۽ سندس بدڙي ڏانهن ڪاهيندو پيو اچي. پر جڏهن
واچوڙو وڌي بڊڙيءَ تائين پهتو ته ڳالهه ئي ٻي. بڊڙيءَ جي چوڌاري ٻه چار چڪر ڪاٽي
ائين هليو ويو، ڄڻ هو ئي ڪو نه ۽ هيڏانهن بڊڙي ساڳي هنڌ رهي!
خلق جو ٻُڌو ته جنائي خان جو هڪ
درويش سان مقابلو ٿي رهيو آهي، سو ميلو ٻيلو اتي ئي رهيو،
هشام ماڻهن جا اچي سندن چوڌاري گڏ ٿيا. هاڻي جنائي خان جي وات ۾ گجي اچي وئي. هن
وري به کيسي مان ڪا شيءِ ڪڍي پڙهي اڇلائي ته باهه جا زبردست شعلا پيدا ٿيا. ماڻهو ڊپ کان
هٽي ويا. باهه وڌندي وئي، پر بڊڙيءَ جي ويجهو اچي وسامي وئي! وات مان ڦڻنگون ڪڍندي جنائي
خان زور سان ڪو اسم پڙهيو ۽ وري به ڪا شيءِ اڇلايائين... ماڻهن
ڏٺو ته پاڻيءَ جي اٿل آهي، جيڪا گجگوڙون ڪندي اچي رهي آهي ۽ فقير ۽ بڊڙي ته ڇا
سموري خلق کي لوڙهي ويندي. پر هيءَ آفت جهڙي اٿل به فقير ۽ بڊڙيءَ وٽان موجون
هڻندي، ٻن شاخن ۾ ٿي اڳتي وڌي وئي ۽ غائب ٿي وئي. ڪافي دير تائين برابر جنائي خان
ائين گوڙ ڪندو، گجي وهائيندو، ڪرشما ڪندو
رهيو، پر بڊڙيءَ تي ذرو به اثر
ڪو نه ٿيو. هاڻ فقير جلال ۾ اچي اکيون مٿي کنيون ۽ جنائي خان جي اکين ۾ اکيون
ملائي چيائين:
”حيرت آهي اهڙو ماڻهو، اڃا تائين
چريو نه ٿو ٿئي“!
ھن جو ايترو چوڻ ۽
جنائي خان جون اکيون ٿڙڻ: شهپر هيٺ ٿي ويا، بُت لرزي ويو، هٿ بي اختيار گريبان
تائين پهتا.. ڏسو ته ڪپڙا پيو ڦاڙي، وار پيو
پٽي! مطلب ته جنائي خان سچ پچ چريو ٿي پيو. “
مون مٿيون لطيفو ساري جو سارو
ان ڪري ڏنو آهي، ڇو ته لطيفي ۽ ان سان گڏ مهاڳ واري حصي مان واضح آهي ته ڏيپلائي صاحب
جي ظرافت، نه امير حمزه جي داستان واري طفلانه ظرافت آهي ۽ نه ئي اردوءَ جي مزاحيه
غزل وانگر واهيات آهي، پر اُن ۾ شيخ سعديءَ واري بذله
سنجي ۽ لطافت آهي. باقي سارو مهاڳ پڙهندڙ پاڻ پڙهي ڏسندو ته هن کي محسوس ٿيندو ته
ڏيپلائيءَ ۾ نه رڳو لطافت آهي، پر پاڪيزگي، گمه داني، همه رنگي پڻ آهي.
سردار
علي شاهه سنڌ جو سوونيرو لاهو، ۽ هن کي ۽ هن جي حلقي کي اهڙو جواب جهڙو ڏيپلائي صاحب
”بقول اياز جي مهاڳ ۾ ڏنو آهي، اهڙو مؤثر جواب ان دور ۾
فقط رسول بخش پليجي انڌا اونڌا ويڄ، ۽ مولانا گراميءَ مشرقي شاعريءَ
جا اقدار، ۾ ڏنو هو. جيتوڻيڪ طنز ۽ مزاح ۾ ڏيپلائي صاحب پنهنجو مثال پان هو. سوونيرولاهڪ
Dominicaon راهب
هو، جو ۱۴۵۲ع ۾ ڄائو ۽ ۱۴۹۸ع ۾ مري ويو. هو
فلارينس ۾ فني آزاديءَ جي خلاف وعظ ڪندو هو ۽ نه رڳو مغربي نشاط ثانيه واري سائي
فڪر جي اُڀار جو وڏو مخالف هو، هو مخالفن خلاف ديني عدالتون (inquisitions) قائم ڪرائي، انهن کي جيئرو جلائيندو هو. هو مشهور مصور ليونارڊو
ڊاونسيءَ جو به دشمن هو. نيٺ هن پوپ اليگزينڊر ڇهين
کي ڏاڍو ڪاوڙايو ۽ جيئرو جلايو ويو.
جنرل ضياءَ جي دور ۾ مون کي
ڏيپلائي صاحب جي پيش گوئي پوري ٿيندي نظر آئي هئي. حيدرآباد سردار
علي شاهه، جنرل ضياءَ کي منهنجي خلاف وڏي دانهن ڏني ۽ ٽي ويءَ تي هوبهو جنائي خان
وانگر ڳالهائي رهيو هو. مون ان وقت ربانيءَ کي چيو هو ته ”هن جو بلڊ پريشر ايترو
ته وڌي ويو آهي. جو مون کي هن جو انت ويجهو نظر اچي
رهيو آهي.“ ان تي ربانيءَ چيو: ”ڪيئن چئجي، اڃا ته هو دندنائي رهيو آهي.“
ڪجهه وقت کان پوءِ سردار علي شاهه گذاري ويو هو.
ون يونٽ واري دور ۾ مان سکر ۾
رهندوهئس ۽ ڏيپلائي صاحب سان ملاقات گهڻو ڪري، تڏهنٿيندي هئي، جڏهن وئڪيشن ۾“ مان
حيدرآباد ويندو هئس يا سن ۾ ڪٿي جلسي جي صدارت ڪندو هئس. هڪ ڀيري مان حيدرآباد
فاران هوٽل ۾ ترسيل هئس ته رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي، ٻيڙين تي ماتلي هلڻ لاءِ
دعوت ڏني، جو سندس ڳوٺ هو. رئيس پنهنجي دور جو ياد گار هو ۽ هن جي تصنيف. ڪيئي
ڪتاب ڪافي دلچسپيءَ سان پڙهي وئي (ان وقت منهنجن ڪن دوستن رئيس کي منهنجي خلاف
بدظن ڪيو هو، ڇو ته هو مون کي وائيس چانسلر جي عهدي تي برداشت نه ڪري سگهندا هئا. )
رئيس پاڻ به چڱو ڳائيدنو هو ۽
هو ڳائڻ وقت دف نهايت پياري انداز ۾ هلائيندو هو. هڪ ٻيڙيءَ ۾ ته رئيس جا همنوا، طبلچي،
نوڪر، چاڪر هئا ۽ ٻيءَ ۾ رئيس، مان ڏيپلائي، جويو، رباني رشيد ڀٽي ۽ ڪجهه دوست هئاسين.
ڏيپلائي صاحب منهنجي قريب ويٺو هو ۽ مون سان گفتگو ڪري رهيو هو. ٿوري وت کان پوءِ
سج ڦليليءَ ۾ ٻڏڻ لڳو ۽ پاڻيءَ تي شفق جا رنگ لهرائڻ لڳا. رئيس مون کي جام ڀري ڏنو
۽ ڏيپلائيءَ مون کي منهنجو غزل” هي سئن نه ڏيندي چئن “ تحت اللفظ پڙهي ٻڌايو ۽ چيو
ته ”اياز جڏهن کان تو اهو غزل پهريون ڀيرو، جشن روح رهاڻ ۾، بيسنت هال ۾ پڙهيو هو،
تڏهن کان ان جون سٽون منهنجي اندر ۾ گونجنديون رهنديون آهن. تنهنجو انهيءَ غزل جي
باري ۾ رايو ڇا آهي؟ مون گلاس مان ڍڪ ڀري چيو ” مان ماپ کي ترجيح ٿو ڏيان. “
اتي ڏيپلائي صاحب چيو، ” ڪهڙي
مانپ ؟ ايتري ۾ ئي وٺجي ويو آهين ڇا ”
مون جواب ڏنو، ”ڏيپلائي صاحب !
مان وٺجي نه ويوآهيان. تنهنجي سوال جوجواب ڏئي رهيوآهيان. هڪ لطيفو آهي. ”هڪ ماڻهو
کي جُتي خريد ڪرڻي هئي، سو پنهنجي پيرن کي ڌاڳي سان ماپي ڏٺائين. جڏهن بازار ۾
جُتين جي دڪان تي ويو، تڏهن هن کي اوچتو خيال آيو ته اهو ماپ وارو ڌاڳو ته هو گهر
وساري آيو هو. هن کي اُن وقت دڪاندار جا
ڏيکاريل جُتين جا پادر هٿ ۾ ئي هئا ته چيائين ته ”مان پنهنجي ماپ گهر وساري آيو
آهيان“ پوءِ پادر ڦٽي ڪري، انهيءَ ماپ جي ڌاڳي کڻي اچڻ لاءِ تڙتڪڙ ۾
گهر موٽي ويو. جڏهن گهران ٿي بازار موٽيو ته دڪان بند
ٿي چڪا هئا. دڪاندار، جيڪو دڪان کي قلف ڏيئي وڃي رهيو هو، تنهن
هن کي ڏسي چيو؛ ”تو پيرن ۾ جتي پائي ڇو نه ڏٺي
ته پوري آهي يا نه؟ ماپ جي ڌاڳي لاءِ گهر موٽي ڇو وئين؟“ ماڻهوءَ وراڻيو ته ”موٽي
ان لاءِ ويس جو مون کي پاڻ کان وڌيڪ ماپ تي اعتبار هو!“
ڏيپلائي مرڪيو، ۽ مون کي ڳچيءَ
م۾ ٻانهن کڻي وڌائين ”ڏاهري رنگ محل“ جي مصنف جو راجا ڏاهر، تي نظم لکڻ واري شاعر
جي ڳچيءَ ۾ اهو هار مون کي سدائين ياد رهندو!
ٿوريءَ دير ۾ مون کي چيائين ته
” لطيفا ته مون کي ايترا ايندا آهن، جو مان تو کي ٻڌايان ته ساري رات گذري وڃي، ته
به نه کٽن. تون ائين ٿو سمجهين ڇا ته مون کي شاعريءَ جي پرک نه آهي؟ مون کي ڪوئي
شعر ٻڌاءِ!“ مون هن کي صراحي ڏيئي چيو:
بريز اي پير ميخانه مئي تلخم به
پيمانه
که من در وضع مستانه بي شيرينِ
سخن دارم
”اي ميخاني جا بزرگ پيماني ۾ تلخ
شراب وجهه، ڇو ته مون وٽ مستاني وضع ۾ ڪيئي شيرين سخنن آهن، “
ان وقت سج ڦليليءَ ۾ صفا ٻُڏي
ويو هو ۽ اسان سڀئي ” رباعيات خيام“ تي ڪنهن نڪتل تصوير وانگر لڳي رهيا هئاسون.
ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيڙي ماتليءَ
پهتي. رئيس جو راڳ شروع ٿيو. ڪتين ڪر موڙيا، پر اڃا رئيس نظاماڻي دف تي
ڳائيندورهيو ۽ هن جا ساٿي کيس سُر وٺائيندا رهيا. پنهنجي عادت موجب رئيس جڏهن
ڏيپلائي صاحب جي ڀرسان دف زور سان وڄائي، گهنگهرن جي گهڻ گهڻڪئي ته ڏيپلائي صاحب ڇرڪ
ڀريو ۽ مون کي نڇر مٿان بندوق جي ٺڪاءَ تي آڙيون اُڏامندي نظر آيون.
جنهن وقت ڏيپلائي صاحب جو فرزند
محمد علي مون وٽ آيو ۽ مون کي چيائين ته مان هن کي ڏيپلائيءَ تي ڪجهه لکي ڏيان ته
منهنجي لائبريريءَ ۾ ڏيپلائي صاحب جا فقط ٻه ڪتاب هئا. هڪ، بقول اياز، ۽ ٻيو هن جو
طويل ناول، سانگهڙ، سندس لکيل ڏيڍ سئو کن ڪتابن مان سندس خاندان وٽ به چاليهارو کن
ڪتاب مس سهئا، وٽن بقول اياز جي ڪاپي به ڪانه هئي، جا مون محمد عليءَکي خوشيءَ سان
ڏني ۽ هن کي همٿايو ته هو سارو ذخيرو ڪٺو ڪري ڇپائين. جي الحال هن مون کي ٻه ڪتاب
ڏيپلائي صاحب جا ۽ ٻه ڪتاب هن تي لکيل ڏنا، جنجون هن وٽ هڪ کان وڌيڪ ڪاپيون هيون. انهن
۾ ڏيپلائي صاحب جا ناٽڪ به هئا ۽ اهڙا مضمون به هئا، جن مان مون ڪجهه ٽڪرا
مٿي ڏنا آهن. ناٽڪ پڙهي مان انهيءَ نتيجي تي پهتس ته ڏيپلائي صاحب تي پنهنجي دور
جي اردو ادب جو ڪافي اثر هو، ۽ هن جا ڪجهه ڊراما، آغا حشر جي ڊرامن وانگر ٿا لڳن. جيتوڻيڪ
انهن ۾ به هن جي پنهنجي انفراديت آهي ۽ هن جا موضوع الڳ آهن. هن
جا سڀ ڪتاب هجن ته اندازو لڳائي سگهجي ته هن تي ابوالڪلام آزاد ۽ الهلال،
محمد علي جوهر ۽ همدرد مولانا ظفر علي خان ۽ زميندار، اڪبر
الهه آبادي، شبلي نعماني عبدالمجيد سالڪ، چراغ حسن حسرت
وغيره جو ڪيترو اثر آهي. بهر صورت سنڌ جو ماحول۽ ان جا مسئلا هن جي تحرير ۾ اوليت
رکن ٿا. ڏيپلائي پاڪستان کان اڳ ۽ پاڪستان کان پوءِ مسلم سنڌي ادب جو بئرومئٽر آهي.
جويو ۽ مان ته ٻي مٽيءَ مان ٺهيا هئاسين.
هن وقت منهنجي ميز تي هڪ ڪتاب، ڏيپلائي:
سنڌ جو ڪهنن مشق صحافي، پيو آهي. ڪچي جلد تي ڏيپلائي صاحب جي تصوير آهي ۽ ان جي
هيٺان منهنجو شعر آهي:
آ ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه مڻيا، پر
مون کي اهڙا مڙس وڻيا،
جي سرو جڳ جرڪائي ويا، پر
پنهنجو پاڻ ڀُلائي ويا.
اهو ڪتاب نور محمد عباسيءَ
ترتيب ڏنو آهي۽ ان جي پيشڪش به هن ئي ڪئي آهي. مان هن سان متفق آهيان ته منهنجو
مٿيون شعر ڏيپلائي صاحب جي شخصيت جي عڪاسيڪري ٿو. ڏيپلائي، جو مهنجو محسن هو ۽مون
کي ان وقت ڪم آيو، جنهن وقت ڪيئي، جنائي خان، سنڌ ۾ مون سان وڙهي رهيا هئا، ۽
پنهنجي هر ٽوڻي ڦيڻي سان مون کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا:
جن پاسو ورتو ڪوڙ
ڪنان، سي مڙس نه ويندا مور منان،
جن واڪي واڪي وس ڪيا،
ڪجي سارو سچ ٻڌائي ويا.
***
وساريان نه وسرن
رشيد ڀٽي
”هاڻي محترم محمد عثمان ڏيپلائي
پنهنجو افسانو پڙهندا“ مرحوم مقبول ڀٽيءَ اعلان ڪيو. شايد ۱۹۵۴ع جي هڪ شام هئي. مان
ڪراچيءَ کان حيدرآباد آيو هوس. هتان جي ادبي سنگت جي قيام جي سلسلي ۾، ان وقت هت
يارن جي هڪ جماعت ” سنڌي ادبي انجمن“ جي ناليسان ڪم ڪندي هئي، جنهن جون هفتيوار
ادبي ڪچهريون، تن ڏينهن ۾ گهڻو ڪري ” ڪراچي هوٽل“ ۾ ٿينديون هيون. ان شام جو مون
کي به مقبول ڀٽي پنهنجي تاريخي” سنڌي ڪتاب گهر“ تان ڪراچي هوٽل ۾ وٺي
آيو هو، جتي انجمن جي ڪچهري رکيل هئي.
سڀني يارن سان اُت ڳالهائڻ جو
سٺو موقعو هو. مرحوم گرامي، مرحوم گرامي، مرحوم اميد علي سرائي، حسن علي نظير، شيخ
علي محمد، تنوير عباسي (جو ان وقت شايد اڃا زاهد“ يا مغموم جو تخلص استعمال ڪندو هو)
شمشيرالحيدري، سراج، ابن حيات پنوهر، ٻين ڪن ادب دوست همراهن سنا گڏ ڪچهريءَ ۾
ويٺا هئا. ڏيلپلائي صاحب پنهنجيءَ صدريءَ مان افسانو ڪڍيو ۽ پڙهڻ
شروع ڪيو. افسانو ڏسڻ لاءِ ورتو. حيرت وٺي ويم، ۽ حيرت مرحوم جي اهليت ۽ قابليت تي
اڃا تائين قائم اٿم، ٽي خالي پنا هئا، هڪ اکر به لکيل ڪو نه
هو. ڏيپلائي صاحب دل مان افسانو ٺاهيندو، ٻڌائيندو ويو هو. اسان مان ڪنهن کي به شڪ
نه پيو هو ته ڏيپلائي صاحب ڪو ياد افسانو ٻڌائي رهيو هو.
لکڻ جي فن تي عبور ۽ مهارت، گرفت
۽ اعتماد جي اها انتها مرحوم ڏيپلائيءَ ۾ ۲۶ سال اڳ هئي. هن سڄي عمر پنهنجي
لکڻ جي فن ۾ جو رياض ڪيو هو، ان سان رشتو رکيو هو، تنهن هن کي ادب ۾ ان بلند مقام
۽ بام تي پهچايو هو. منهنجي خيال ۾، جنهن سان ڀانيان ٿو ته ڪو ٻيو دوست مشڪل سان
اختلف ڪندو، اساسن جي ادب ۽ زبان ۾ مرحوم قليچ بيگ کان پوءِ جنهن شخص ادب لاءَ عرق
ريزي ڪئي، آُدم سان مسلسل جهاد ڪيو، سو اسان جو ڏيپلائي صاحب ئي هو. ادب هن جو
آدرش هو، ادب هن جو ذريعو معاش هو، ادب هن جي زندگيءَ جو ساٿي هو، ۽ ان وسيلي ئي
هو زندگيءَ ڀر سنڌي زبان، ادب، سماج ۽ سنڌين جي ذهني انقلاب لاءَ لاڳيتو جهاد
ڪندوآيو: يا عمر جهاد، جو اسان جي ادبي تاريخ ۾ ڪو ڪو خوش نصيب ڪري سگهيو آهي.
ڪيئي مجاهد آيا، هڪ دور ۾
پنهنجو وارو وڄائي هليا ويا، يا بي همت ۽ مايوس ٿي، ڪناره ڪشي ڪري ويا، پر جن
جن مجاهدن، وقت جي ڌارا سان پاڻ مٽايو هر نئين فلسفه حيات کي پنهنجوڪيو، زمان ۽
مڪان جي پابندين کي ٽوڙي ڇڏيو، ۽ صرف هر حالت ۽ ماحول، وقت ۽ جڳهه تي سچ ۽ سونهن، سلڇڻائي
۽ سوڀياجي پيغمبري ڪئي، تن ۾ ڪن آڱرين تي ڳڻڻ وارن بزرگن مان هڪ مرحوم ڏيپلائي هو.
ادبي ۽ قومي تحريڪن ۾ اهڙن بزرگن ۾ مرحوم گرامي، چاچو گدائي مرحيات، مولائي شيدائي
مرحوم، سائين حسام الدين راشدي، مولانا قاسمي صاحب ۽ محترم محمد ابراهيم جويي جا
نال ابه تاريخ ۾ قائم رهندا، پر سچ اهو آهي ته ڏيپلائي صاحب گهڻن ڳالهين ۾ انهن
مجاهدن ۾ ڪجهه مٿڀرئي نظر چاچي ٿو.
مرحوم ڏيپلائي پنهنجي زندگيءَ ۾
ڪڏهن به مدي خارج نه رهيو. هن ڪڏهن پاڻ کي پٺتي نه رکيو. هنجي
سوچ ۽ سمجهه ڪڏهن جامد ۽ دُٻي جو پاڻي نه رهي. هو وهندڙ واهي هئي. هن معاشڙي جيدور
جي هر خاميءَ ۽ اوڻائيءَ خلاف جهاد ڪيو. هر نئين فلسفي
حيات ۽ فڪر کي انهن جي خوبين سميت پنهنجو ڪيو. هن جو ذهن هميشه انساني ارتقاءُ جو
آماجگاه رهيو. هن ڪڏهن به ٻهروپي ٿيڻ نه قبوليو. هنکي لفظ
مصلحت کان چڙهوندي هئي. هو جو اندر رهيو، سو ٻاهرهو. منافقيءَ مان هن ڪڏهن ڄاتو ئي
نه هو. هو سدائين سچ جي سين هڻندو رهيون.
سونهن جو سودو ڪندو رهيو۽ ڪڏهن
به هڪ لحي لاءِ به نه سوچيائين ته ان سين جي سزا ڪهڙي هوندي، يا سودي ۾ گهاٽو
ٿيندو يا لاڀ پلئه پوندو. هن کي رڳو پنهنجو آدرش ۽ مقصد حيات ئي آڏو هوندو هو، جو
هو سنڌي سماج جو سڌارو، سنڌين جي ذهنن ۽ نفس جو تزڪيو ۽ سنڌي زبان ۽ ادب رستي اهو
ڪجهه حاصل ڪرڻ ۽ مآڻڻـ ۽ گذريل اڌ صديءَ جي اسان جي ادبي تاريخ شاهد آهي ته مرحوم
ان ادب ۾ اها ڪاميابي حاصل ڪئي. جا اڳتي هلي سونهري حرفن ۾ لکي ويندي.
مون کي پڙهڻ جو شوق ڏيپلائيءَ
جي ڪتابن ڏياريو. اسلام جي تاريخ مون کي ڏيپلائيءَ جي ڪتابن وسيلي معلوم ٿي. اندر
۾ ستل قومي کي ڏيپلائيءَ جاڳايو. سنڌ جي فرسوده ۽ ناسور نما مڪتبه خيالات ۽ فڪر کي
ڏيپلائيءَ جي ڏيئي ئي هار کاڌل ڪاري رات جيان هيڻو ۽ بي همت ڪيو. نئين دور ۽ فلسفي
کي به ڏيپلائيءَ نه رڳو تهدل سان تسليم ڪيو، پر ان کي پنهنجي لکڻين ۾ به پنهنجو
آدرش ڪري پيش ڪيو.
هند سنڌ ۾ اردو ادب ۾ مولانا
عبدالحليم شرر ۽ صادق سرهندي، ۽ هينئر نسيم حجازي بهترين تاريخي ڪهاڻيون ۽ ناول
لکندڙ مڃيا وڃن ٿا، پر مان دعويٰ سان چوان ٿو ته ڏيپلائي جا اوائلي ڪتاب نور توحيد
کان عروج اسلام، (اٺن جلدن ) تائين نبوت ۽ خلفاءِ راشدين جي دور تائين جي تارخ
ناول جي روپ ۾ جنهن ڪاميابي ۽ دلچسپيءَ سان پيش ڪئي وئي آهي، تنهن سان ان انداز
تحرير ۾ هند سنڌ جو ڪو به ليکڪ بر ميچي نٿو سگهي.
مونکي ياد آهي ته ان وقت
ڏيپلائي مرحوم سنڌي پڙهندر لاءِ هڪ ڪريز هو. مون کي ياد آهي ته ان وقت ڏيپلائي
مرحم سنڌي پڙهندڙ لاءِ هڪ ڪريز هو. سندس مٿيارن تاريخي ناول ۽ ٻيا مذهبي ۽ اسالمي
تاريخ جي موضوع تي لکيل ناول، سنڌ جي مسجدون ۾ رات جو نماز بعد باجماعت پڙهيا
ويندا هئا. ستيارٿ پرڪاش، جي ڪتاب جي جواب ۾ ڏاهري رنگ مهل، لکندڙ، جڏهن پاڪستان
جي قيم بعد آزاديءَ جا انگور ڏسي ٿو، مذهبي نفرت جا دل ڏڪائيندڙ مناظر پسي ٿو، ۽
مذهب کي استحصال جو اوازا استعمال ٿيندو ڏسي ٿو ته ”شوڪت اسلام ۽ فتح اسلام وارو
ڪٽر جنوني ڏيپلائي، هڪ آزاد خيال مومن ۽ صوفي لا ڪوفي ٿي پوي ٿو. پوءِ هي مذهب ۽
سنڌ جي سماجي ميدان ۾ فرسوده ريتن ۽ رسمن جي خلاف جهاد ۾ جٽي ٿو پوي، اهو مرشد جي
ڏاڙهيءَ وارو دور هو. ان کان پوءِ جڏهن ون يونٽ پنهنجا نتيجا ڏيکارڻ شروع ڪيا ته
ڏيپلائي قومي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ پرچارڪ ٿي پيو. هن ڪيترا ڪتاب ان سلسلي ۾
ڇاپيا، سو ته ان دور جي هر ڪارڪن کي معلومآهي، پر ان کان علاوه به هن جوان مڙد
پنهنجي پريس اُن جائز ناجائز (ڏاڍن جي قانون پتندڙ) اشاعت ۽ طباعت لاءِ وقف ڪر ڇڏي.
ان سمي جي ساٿين کان ڏيپلائي وسريو نه هوندو.
ڏيپلائيءَ گرميءَ گدائيءَ ۽ جوبي
جهڙن بزرگن کي پانکان اڳڀروڏسي، سچ پچ ته اسان جو ايمان ۽ جذبو وري جيئرو ٿي پوندو
هو، بزم صوفياءِ سنڌ جي ڪانفرنسهجي يا ڪا سنڌي شام، هوشوءَ جي ورسي هجي يا جشن روح
رهاڻ، ڪنهن شاگرد جماعت جو جشن هجي يا سنڌي ادبي سنگت جو ميڙ، ڪٿي به ڪڏهن به
ڏيپلائيءَ غيرحاضريءَ جو مظاهرو نه ڪيو. ڏيپلائي انهن جهونن جوڳين مان هو، جي
سدائين جوانن جو جيءُ جياريندا رهندا هئا ۽ رهنمائي ڪندا رهندا هئا.
نور توحيد، ڏاهري رنگ محل، ڪُتي
جو پٽ، مرشد جي ڏاڙهي، سانگهڙ، جپاني گڏي، گورڪيءَ جي ماءُ ۽ آخر ۾ ايراني انقلاب،
مرحوم ڏيپلائيءَ جي سوچ ۽ فڪر ۾ ارتقا ۽ تبديليءُ جو نمايان مظهر آهن. انسان جي
ٽهيءُ ۽ ان کان پوءِ واري نسل جو اديب به ذهني ارتقا جي انهن ئي منزلن تان ٿيندو، اڄ
جي ماڳ تي رسيوآهي. مان اهو اعتراف ڪرڻکان به نه هٻڪندس ته مون کي ۽ منهنجي هم عصر
اديبن کي، جن بزرگ اديبن، دانشورن ۽ ادبي اڳواڻن متاثر ڪيو ۽ ذهين سوچ جي اُسرڻ۾
عمل دخل ڪيو، تن مان مرحوم ڏيپلائي به هڪ اهم شخصيت هو.
اڄ ڏيپلائي اسان ۾ نه آهي. اهو
جو ڳيئرو رحلت ڪري ويو آهي. ، جو جيءُ جياريندو هو. اهو واڍوڙو ويو هليو، جنهن
وٽووڃي ڏکندو ڏور ٿيندو و. حيدرآباد جي شهرن۾ ڳريءَ دل سان ايندا هئاسين، هيسيل
هانءَ هوندا هئا، منجهيل من کڻي گراميءَ يا ڏيپلائيءَ وٽ ويهبو هو، ڪا گهڙي کن
ڪچهري ڪبي هئي ته سڀ سور ۽ سوداءَ لحظي ۾ لاهي ڇڏيندا هئا. نراس، آس ۾ مٽجي ويندي
هئي. دلين تان دکن جا دونهانهٽي ويندا هئا. زندگيءَ ۾ اميدان۽ آسن جا سوين سج اڀري
ايندا هئا. ڏيپلائيءَ سان ملڻڌارن حيدرآباد جو سفر اُسڦل لڳندو هو. هر ڀير ڪانئين
ڳالهه ڪندو هو، ڪو نئون خيال ڏيندو هو، ڪا سُنهري سوچ ڏئي ڇڏيندو هو. پر اڄ سي
لاهوتي لڏي ويا، جي جيءُ جياريندا هئا.
اهو اڻٽر ۽ لازمي عمل هو. ارتقا
۾ ائين ئي ٿيندوآهي. نفيءَ جي نفيءَ جو اصول ڪارگر آهي. ڏيپلائي صاحب جي لاڏاڻي جي
نفي، اُهي جيءُ آهن، جي هو پنهنجي ڪمن ۽ تحريرن سان جياري ويو آهي. جيسين اهي
جيئرا آهن، جيسين مرحوم جون تحريورن زنده آهن، جي زندهه رهنديون، ڏيپلائي به جيئرو
هي۽ جيئرو رهندو. هڪ بجاءِ هزارين ننڍڙا ڏيپلائي پيدا ٿي پيا آهن ۽ وڌي وڻ ٿيندا ۽
ڏيپلائيءَ کي زنده رکيو ايندا.
***
محمد عثمان ڏيپلائي
شمشيرالحيدري
هونئن ته هر ڏيپلي جي رهاڪوءَ
کي ڏيپلائي، چئجي، پر اوهين يقين ڪريو ته سنڌ جي هر پڙهيي لکيي ماڻهوءَ جي ذهن ۾
هيءُ لفظط هڪ خاص شخصي اصطلاح جي حيثيت سان ورهين کان وٺي اهڙو ته مڪمل تعارف پيدا
ڪري چڪو آهي، جو هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏيپلائي جي فقط هڪ ئي معنيٰ آهي، محمد عثمان
ود حبيب الله ميمڻ، اصل ڳوٺ ڏيپلو، حال ساڪن حيدرآباد سنڌ، جنهن جا لکيل ناول
سڄيءَ سنڌ ۾ ڏيپلائيءَ جا ناول، جي نالي شان مشهو ر اهن، ۽ اها ئي چيز ڏيپلائي جي
هڪ غير معمولي شخيصت جو جيڪڏهن معمولي تعارف به پيش ڪجي، ته ان لاءِ جيتريقدر
عنوانن جي ضرورت ٿيندي، سي به هڪ الڳ تصنيف جي ضخامت وٺي بيهندا. ڏيپلائيءَ جي
مجاهدانه زندگيءَ جو تصور ڪرڻ سان هڪ وڏي تاريخي جدوجهد جو منظر اکين اڳيان اچي
وڃي ٿو، جنهن ۾ سنڌ جو ستايل ۽ اٻوجهه عوام، رفتي رفتي، هر قسم جي شخصي، خانداني ۽
طبقاتي پرستش جي ڄار کي ٽوڙيندو، مڃتا ۽ عقيدت جي انڌن بُتن کي ڀڃنو، وهم ويساهه
جي مڪارين مان نڪرندو، انسانيت جي روشنيءَ ۾ ڪاميابيءَ سان زندگيءَ جي آزادي راهن
تي ايندو نظر اچي ٿو. سمجهدارن جي هڪ وڏي اڪثريت انهيءَ عمل ۾ ڏيپلائيءَ جي هن
مبارڪ مهم کي قبول ڪري چڪي آهي. سنڌ جي خوشحاليءَ جي انهيءَ جدوجهد جي ترجمان جي
حيثيت سان، ڏيپلائي هاڻي هڪ فرد نه بلڪ نظريو آهي.
محمد عثمان ڏيپلائي ۱۹۰۸ ع ۾ ٿر جهڙي بي
بندوبست علائقي ۾ پيدا ٿيو. ننڍي هوندي کانئي ڏاڍو ذهين هو، ايتريقدر جو ٻاراڻي
درجي ۾ به ڇهين درجي جا سبق لس پڙهي ويندو هو ۽ سندس استاد خود مٿس حيران هوندا
هئا. سندس پيءُ هڪ ننڍڙو واپاري هو، اُن وقت ڏيپلي ۾ انگريزي تعليم ڪانه هئي ۽
بدقسميءَسان ستن ڀيڻن جي هڪڙي ڀاءُ هجڻ ڪري مائٽ کيس اکين کان پري ڪرڻ نه چاهندا
هئا، اُن ڪري پان ست درجا پاس ڪوي پري مٺيءَ وڃي انگريزي پڙهي نه سگهيو. ڏيپلي ۾
رهي سنڌيءَ جا ست درجا پاس ڪيائين ۽ پوءِ واپار ڪرڻ لڳو. انهيءَ ۾ هڪ مولوي صاحب کان
زليخا تائين پارسي جي تحصيل ڪيائين. ذاتي صلاحيتون ته منجهس ڄمندي ئي ڄميل هيو، ان
ڪري گجراتي، هندي، گرمکي، اردو ۽ انگريزيءَ مان به پوري پني واقفيت ورتائين. عربيءَ
جي تعليم باقاعدي ته ڪانه ورتل اٿس، قرآن شريف جو باترجمي مطالعو، سوايترو ته گهڻو
ڪيو اٿس، جو ڪنهن به آيت جو ترجموبنا هٻڪ جي ڪري سگهندوآهي. بلڪ عربيءَ جي ڪابه
عبارت يا شعر وغيره به سمجهي سگهندو آهي. تازو سنڌيءَ ۾ اديب، پاس ڪيو اٿس.
ٿر جي ڏڪاريل حالتن ڏيلپلائيءَ
کي آخر ڏيپلو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو۽ پوءِ هو واپار جي سانگي سان لاءَ ۾ وڃِ رهيو. اتي،
ڪن زميندارن جي آڇ تي، واپار ڇڏي ملازمت اختيار ڪيائين. پنجويهن وريهن تائين ٽنڊي
باگي، بدين، کپري، ميرپور خاص ۽ عمر ڪوٽ تعلقن ۾ مختلف زميندارن وٽ نوڪري ڪندو
رهيو. ملازمت جي فرصت واري وقت ۾ کيس اخبارون ۽ رسالن پڙهن جو ڪافي موقعو مليو. آکاڻين
سان ته ننڍپڻ کان شوق هئس. انهيءَ زماني ۾ رسالن کي به اخبار سڏيو ويندو هو. مسٽر
خوشيرام ۽ تيجسنگهه پنهنجي ماهوار ڪتابي سلسلي کي به ماهوار ناول اخبار ڪري چوندا
هئا ۽ اڄ به ڪي نشر واشعت ۾ مشغول رهندڙ اهڙيءَ سلسلي کي ائين ئي سڏيندا آهن. ڏيپلائيءَ
جو آکاڻين سان اهو شوق چوٿين درجي پڙهڻ وقت اُن حد تائين وڃي پهتو، جو پان هڪ، هفتيوار
ناول اخبار، کڻي ڪڍيائين، جنهن جو نالو رکيائين فرحت آثار اخبارو وري ڪهڙي؟ سڄي
هفتي ۾ هت سان ويهي هڪڙي ڪاپي لکندو هو ۽ وري پنهنجي ڪلاسي دوستن کي پڙهي به پاڻ
ٻڌائيندو هو! ان ۾ نيلوفر پري قسم جون آکاڻيون ۽ ٻاراڻا چٽڪا، جيڪي آٿئي ويٺي ٻين
کان ٻڌندوهو، سي گڏ ڪري شايع ڪندو هو. انهيءَ شوق جي سهاري، هيءُ ننڍڙوايڊيٽر ۽
پبلشر، اڳتي هلي سچ پڇ ته وڏو ايڊيٽر ۽ پريس جو مالڪ بڻجي پيو!
مطالعي جي شوق، ڏيپلائيءَ کي
آخر لکڻ جو ڏانو. سندس پهريون مضمون، مضمون، اردوءَ ۾ دهليءَ جي اخبار، نادي، ۾
شايع ٿيو. دراصل هيءُ خط هو، جو خواجه حسن نظاميءَ ڏانهن محمد بن قاسم جي سوانح
بابتمناديءَ، ۾ شايع ٿيل ڪن غلطين جي درستين بنسبت هو، پر خواجه صاحب اهو شايع ڪري
ڇڏيو. ڏيپلائيءَ کي پنهنجي پهرئين مضمون جي شايع ٿيڻ تي بيحد خوشي ٿي ۽ کيس وڌيڪ
مضمون لکڻ جو شوق جاڳيو. انهيءَ زماني ۾ مولانا عبدالرزاق ۽ حڪيم عبدالخالق خليق
مورائي گڏجي رسالو ترقي ڪڍندا هئا. حڪيم عبداخالق جي طرز تحريز ڏيپلائيءَ تي گهرو
اثر ڪيو، ۽ کيس انهيءَ رنگ ۾ لکڻ جو اشتياق پيدا ٿيو. حڪيم صاحب پوءِ رسالو علمي
دنيا جاري ڪيو، جنهن ۾ ڏيپلائيءَ جو پهريون افسانو چنڊ سهڻو يا انسان شايع ٿيو. انهيءَ
همت افزائيءَ جي آڌار تي هن پنهنجوٻيو افسانو ڪتوبه کاڌو، ڪک به نه ڀري لکيو، جو
پڻ علمي دنيا ۾ فريبي دنيا جي بدليل عنوان سان شايع ٿيو. پيءِ ته ڏيپلائيءَ کي لکڻ
جي اهڙي لهر لڳي وئي، جو مضمون نويس مان ڪتابن جو مصنف بنجي ويو.
۱۹۳۴ع ۾، حيدرآباد ۾
حڪيم عبدالخالق سان ڏيپلائيءَ جي روبرو ملاقات ٿي وئي. ان جي ئي
فرمائش تي هن. قرآني دعائون، ڪتاب لکيو، جو مسلم ادبي سوسائٽيءَ شايع ڪيو. اهوئي
پهريون ڪتاب هو، جنهن تي لفط ڏيپلائي ڇپيو ۽ اڄ تائين اهو ٽريڊمارڪ نه صرف سندس هر
تصنيف جو تعارف بنيل اهي، بلڪ ائڊريس طور به فقط. ڏيپلائي، جو لفظي حوالو ئي ڪافي
آهي.
ڏيپلائيءَ کي جيڪا عام شهرت
حاصل ٿي، سا، ڏيپلائيءَ جا اسلامي تارخي ناول، واري سلسي ذريعي. شروع شروع ۾ کيس
جلوسي ناول پڙهڻ جو گهڻو شوق هو. مشهور ضخيم ناول چندر ڪانتا، بمع ڀوتناٿ، هسنم
ڪرڻ جي حد تائين پڙهيو هئائين. بليڪ، شرلاڪ هومز ۽ آرسين لوپن وارا جاسوسي ناول
سندس خاص پسند هئا.
ان بعد جڏهن مولانا عبدالحليم
شرر، جا تاريخي ناول نظر چڙهيس ته تاريخي ناول پڙهڻ جو شوق جاڳيس، سنڌي ٻوليءَ ۾
جڏهن حڪيم عبدالخالق جو ناول سندري پڙهيائين،
تڏهن سندس دل ۾ هيءَ خواهش پيدا ٿي ته سنڌيءَ ۾ اهڙائي اسلامي تاريخي ناول گهڻي
تعداد ۾شاايع ٿيڻ گهرجي پر حڪيم صاحب اهڙن وڌيڪ ڪتابن لکڻ بغير وفات ڪري ويو. البت
مولانا شرر ۽ علامه راشد الخيريءَ جي ڪجهه تاريخي ناولن جا ترجما شايع ٿيا، پر
پوءِ اُهي سلسلا به خاموش ٿي ويا. ٻئي طرف اُردوءَ ۾ اهڙا ناول ڌڙا ڌڙ
ڇپجي رهيا هئا.
ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو جي اصل
پٽاندڙ، انگريزن کي سخت ضرورت هئي ته هندستان جا مسلمان مجاهد قوم بنجي هندن جو
مقابلو ڪن الناس عليٰ دين ملوڪهم، جي مصداق مسلامنن۾ اهي خيال ائين پکڙجي ويا، جو
ازخود اهڙا ڪتاب لکندڙ مصنف پئي پيدا ٿيا. منشي صادق صديقي، نسيم حجازي ۽ ايم اسلم
جا ناول تيزيءَ سان شايع ٿي رهيا هئا، جن کي پڙهڻ ڏيپلائيءَ جو محبوب مشغلو هو.
۱۹۳۸ع ۾، جڏهن ڏيپلائي
ميرپورخاص ۾ ملازم هو، مولوي خير محمد نظاماڻي به اُتي ئي رهندو هو. ٻئي اڪثر
ملندا رهندا هئا. هڪ دفعي گفتگو ٿي ته جيئن اردوءَ ۾ مجاهدانه اسپرٽ، وارا اسلامي
تاريخي ناول، شايع ٿين ٿا، تيئن سنڌيءَ ۾ به ٿيڻ گهرجن، مولوي صاحب انهيءَ تي
ڏيپلائيءَ کي چيو ته لکي تون ڏي، شايع آءُ ڪرائيندس. البت ڏيپلائي پهريون اسلامي
تاريخي ناول سنگ دل شهزادي لکيو، جنهن جو پلاٽ منشي صادق صديقيءَ جي ڪتاب، آرمينيا
ڪا چانڊ تان ورتل هو. ۽ منشيصادق وري اهو پلاٽ عربي تاريخ” فتوح العجم تان ورتو هو.
مولوي صاحب ته مالي مشڪلاتن سبب
اهو ڪتاب شايع ڪرائي نه سگهيو، ان ڪري ڏيپلائيءَ پنهنجو ڪتاب پاڻ ڇپائڻ بعد کيس
خيال آيو ته اهو سلسلو اڳتي به هلڻ گهرجي. ائين ئي هن سماهي ڪتابن جي سلسي جو
اعلان ڪري ڇڏيو. انهجيءَ اعلان کي عمل ۾ آڻيندي ” اسلاميه دارالاشاعت “ جي نالي
سان، ڏيپلائيءَ پهريون مرتبو ميرپورخاص ۾ هڪ ننڍڙو ادارو قائم ڪري ورتون اُن طرح
شوق ئي شوق ۾ پنجاهه روپين جي اُڌاري رقم سان شروع ڪيل انهيءَ کي هن وقت هزارن
روپين جي ونهوار تي پهچائي چڪو آهي.
سڀ کان وڏي خصوصيت، جيڪا
ڏيپلائيءَ کي سنڌ جي مڙني شخصيتن تي امتياز ۽ فوقيت ٿي بخشي، سا آهي ڏيپلائيءَ جي
پيريـ مرشديءَ خلاف بغاوت ۽ مسلسل جهاد. هن مجاهد جي سڄي عمر انهيءُ جدوجهد کي
منظم ڪرڻ ۾ گذري آهي. سچ پچ ته سندس هن شاندار ڪارنامي کي جيڪڏهن اسين سنڌ جي سر
زمين تي آب حيات، جي جوءِ جاري ڪرڻجي استعاري سان ياد ڪيون تهاهو بلڪل بجاٿيدندو. سنڌ
۾ ورهين کان وٺي جيڪا عام جهالت ۽ ذهني پست حآليءَ جي حالت قائم آهي، تنهن اسان کي
قومي ترقيءَ جي هر شعبي۾ اڳتي وڌڻ کان روڪي رکيو آهي. علم، هنر معاش، اقتصاد، سياست،
اخلاق، مطلب ته اسينزندگيءَ جي هر مرحڪلي ۾ پست هئاسون ۽ پست آهيون.
اڄ جڏهن دنيا جا مسورا ملڪ ۽ؤ
قوومون اجتماغي طرح، ا انفرادي طرح اسان جي بنهه ويجهو ٻيون پاڪستاني قوميتون، پنهنجي
پنهنجي حال کي بهتر کان بهتر بنائڻ ۾ اڳريونآهن ۽ؤ ٻئي طرف جڏهن جيدي سائنس جي
تازه ترين اندڪشافن، زندگيءَ جي سمورن قديم تصوراتي نظرين تان پردو هٽائي، انسان
جي عملي ڪردار کي ڪائنات جي ويع اخيارن سان همڪنار ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن اسان جي
سنڌي سٻاجهڙي جو هيڻو حال اجهو هيءُ آهي جو اڃا به وتي ٿو، خاڪ چپٽيءَ لاءِ ڀٽون
ڀيٽيندو ۽ ٽوڻن ڦيڻن کي دردن جو دارون سمجهندو!
ڏيپلائيءَ جي طبيعت ۾ اوهام
پرستيءَ جي خلاف بغاوت سڀ کان اول علامه شرر جي ڪتاب فردوس برين پڙهڻ سان پيدا ٿي.
اهو ڪتاب کيس مشهور مبلغ توحيد مولانا عبدالرحيم پڇمي مرحوم
سن ۱۹۲۲ع ۾ پڙهايو هو، جڏهن ڏيپلائي اڃا به چوڏهن ورهين جو هو. مولانا
پڇميءَ جي پر اثر تبليغ لاءَ ۽ ڪڇ جي لکها ماڻهن کي پير پرستي ۽
جي جهم من ڪڌي، توحيد جي راهه تي آندو. جين ته انهيءُ پٽ ۾ اهو پهريو شخص هو، جنهن
شرڪ جهڙي زبردست ڪوٽ کي ٽڪرون هنيون ان ڪري کيس بيحد سخت تڪليفون درپيش آيون، ليڪن
سٺ سالن جي لڳاتار تبليغ آخر اهڙو اثر پيدا ڪيو، جنهن جي ڪا حد ئي ڪا نه آهي.
ڏيپلائي پوءِ فردوس برين جو ڳچ
جيترو ترجمو گلستان حسن جي نالي سان شايع ڪيو، جنهن ۾ حسن بن صباح جي بهشتي ساڳيو
ڪتاب ڪاليج جي ڪورس تي رکيل آهي. ڪتابن جو اهو سلسلو ٻه سال سماهي هليو، پوءِ
ماهوار ٿيو ۽ اڄ تائين جاريآهي. انهيءَ سلسلي جي ذريعي ڏيپلائي مرشد جي پوئتان ائين
مرشد جي درگاهه ۽ اُن جي ڪرامت ته خير پر مرشد جي گڏهه ۽ گهوڙي، بلڪ مرشد جي
ڪياڙيءَ ۽ ڪن جي پاپڙيءَ تي به ويهي ناول جوڙيا اٿس! ان طرح سنڌ جي ويساهه وسوڙل
عوام کي تهه در تهه فريبن ۽ مڪارين کا واقف بنائڻ لاءَ ڏيپلائيءَ جيڪا جاکوڙ ورتي
آهي. اسان جي آئيندي جي خوشحاليءَ جي حق ۾ اُن جي اهميت، بنيادي طرح نهايت ئي بلند
آهي.
ڏيپلائيءَ جي ذهني ارتقا جي
نباب ۾ آريا سماجي هندن سان سندس مقابلي بازيءَ وارو دور خاصي اهميت رکي ٿو. آريه
سماجين رفان ڊزن کن اهڙا ناول شايع ڪيا ويا، جن ۾ مسلمان بادشهن جي خانگي حالات کي
نهايت تلخ ته جنسي چئلينج هو، جنهن ۾ مغل شهنشاهن جي اخلاقي ڪردار تي بريءَ طرح
حملا ڪيا ويا هئا. ظاهر آه ته سخت تعصب جي هوا هلندي، باهمي ڪشمڪش جي ڪا معمولي
چڻنگ به وڏي ڀنڀٽ جو ٻاغث بڻجي سگهي ٿي.
مسلمانن ۾ هن قسم جي تحريڪ لاءِ
نفرت جو رد عمل فطري هو. ڏيپلائي، جنهن اُن وقت خود کي هڪ مبلغ اسلام ڄاڻي سوچيو
ٿي ۽ محافظ دين ڄاڻي لکيو ٿي، تنهن جي دل جي حالت انهيءَ غيرت جي ٽهڪن کان بلڪل
غير بنجي وئي. گند گند سان صاف ٿئي نه ٿئي ليڪن مسلمان بادشهن جي توهين جي تلافيءَ
لاءِ ڏيپلائيءَ وري هندو راجائن جا پول پڌرا ڪيا: مغل رنگ محل جي مقابي ۾ ڏاهري
رنگ محل سچ پچ ته وڏي هلچل سچائي ڏني. فساد دفع ڪرڻ لآءِ آخر سرڪار اُهو ڪتاب ضبط
ڪيو.
حالانڪ مغل رنگ محل کي ڪاليج جي
نصاب ۾ شامل ڪيو ويو هو. ڏيپلائيءَ وري ٻيو ڪتاب لکيو ڪُتي جو... ؟ (پٽ) هن ڪتاب
کي به ڪافي شهرت ملي. هندن جي مقابلي ۾ ڏيپلائيءَ جي هن ديني قدم کي مسلمانن ۾
گهڻي قدر ساراهيو ۽ ڦهلايو ويو. ان طرح ڏيپلائيءَ جي ڪتابن کي هاڻ هڪ وسيع مارڪيٽ
پڻ ميسر ٿي وئي.
۱۹۴۱ع ۾ جنگ جي زور سبب
نيوز پرنٽڪنٽول آرڊ جاري ٿيو، جنهن موجب ڪتابن لاءِ اخباري ڪاغذ جي استعمال تي
بندش وڌي وئي. اخبارن ۽ رسالن کي ته سرڪاري اگهه تي پنو ملي سگهيوٿي پر ڪتابي
ڪاغذجي قيمت بلئڪ ۾ پنجوڻِ فرق تي پهچي وئي. ڏيپلائيءَ ان ڪري پنهنجي ڪتابي سلسي
کي ماهوار رسالي عبرت جو نالو ڏنو جيئن پنو آسانيءُ سان ملي سگهي. پر جلد ئي پني
لاءَ به پيپر ڪنٽرول آرڊر جاري ڪيو ويو، جنهن موجب وري صفحن جي تعداد تي به پابندي
وڌي وئي، جنهن ڪري لاچار ڏيپلائيءَ کي پنهنجي سلسلي کي هفيتوار ڪري هلائڻو پيو:
وري جڏهن ۱۹۵۳ع ۾ ساڳيو تماشو شروع ٿيو، تڏهن حالتن پٽاندر هفتيوار
عبرت کي روزانه اخبار بنائڻ جو خيال ڪيائين.
ڏيپلائيءَ عبرت کي روزانه بنائڻ
جي منظوري فقط پني گهڻي ملڻ سبب ٿي وٺڻ چاهي، پر اها اجازت کيس تڏهن عنايت ٿي، جڏهن
ڪرنافلي ڪاغذ نڪتو ۽ پني جي تنگي گهني قدر ٿي وئي.
ليڪن ون يونٽ کان پوءِ اخبارن
تي ايتريقدر ڪڙيون پابنديون وڌيون ويون، جو ڪا نئين اخبار جاري ڪرڻ سنڌين لاءِ
مشڪل بلڪ محال ٿي پيو، اُن ڪري انهيءَ اجازت کي ضايع ڪرڻ مناسب نه سمجهي، ڏيپلائيءَ
روزانه عبرت اخبار جاري ڪئي ۽ اڄ تائين ان کي هلائيندو اچي عبرت جو نالو مشهور
ترڪي اديب ؤ صحافي نامق ڪمال جي اخبار تن ورتل آهي، جنهن سلطان عبدالحميد جي
آپيشاهيءَ خلاف بغاوت ڪرڻ ۽ ترڪ عوام کي جمهوريت ملڻ جي مطالبي لاءَ هڪ بي نظير
ڊرامو وطن لکيو ۽ پوءِ عبرت اخبار هلائي. جنهن جذبي سان ڏيپلائيءَ پنهنجي اخبار جو
نالو تجويز ڪيو هو.
واقعي انهيءَ جذبي جو ڀرپور
اظهار اُن جي مضمونن ۾ ملي ٿو. جاگيرداري ۽ ڪاموراشاهيءَ جي خاتمي ۽ ملڪ ۾ جمهوري
انصاف جي بحاليءَ جي عام مطالبي خصوصا سنڌ جي صوبائي خودمختيار حيثيت متعلق سڀني
مسئلن تي عوام جي حقن جي ترجماني، سخت کان سخت انداز ۾ جيتريقدر ڏيپلائيءَ جي عبرت
۾ اچي چڪي آهي، شايده ئي ان کانوڌيڪ ڪنهن ٻئي پرچي ۾ نظر اچي. ليڪن افسوس آهي جو
ڌيپلائيءَ عبرت جي اشاعت کي وڏيي پيماني تي پهچائڻ کان مجبور آهي، جنهن ڪري سنڌ جا
اڪثر ماڻهو انهيءَ اخبار جا مفيد مضمون پڙهڻ کان محروم آهن.
ان وچ ۾، ۱۹۴۲ع ۾ ڏيپلائي مستقل
طرح حيدآباد اڇي رهيو، ۽ اسلاميه دارالاشاعت جو ڪتابي سلسلو ۽ عبرت اخبارپڻ ان طرح
حيدرآباد ڻ منتقل ٿيا. ۱۹۴۵ع ۾ ڏيپلائيءَ پنهنجي موجوده پريس ورتي. اُن کان
اڳ سندس ڪتاب اڪثر مهمد خان غنيءَ واري هاشمي پريس مان ڇپيا هئا. حيدرآباد واري
دور ۾ ڏيپلائيءَ جو جماعت اسلاميءَ سان اتفاق ۽ اختلاف قابل ذڪر آهي. مولانا
مودوديءَ جي ديني احياءَ جي سلسلي ۾ ڪيل تقريرن ۽ جماعت اسلاميءَ جي ابتدائي تنظيم
کان ڏيپلائي گهِڻ قدر متاثر ۽ پراُميد ٿيو. سندس خيال هو ته جماعت اسلاميءُءَ کي
زو۴ر ٺائڻ سان پاڪستان حڪومت الاهيهه جي قيام وارين ڪوشش کي
تقويت پهچندي ۽ ان کي اقتدار ۾ آڻڻ هر سچي مسلامن جو فرض آهي. انهيءَ فرض جي احساس
سان ڏيپلائيءَ جماعت ساسلاميءَ جي پوري پوري پٺڀرائي ڪئي. مودودي صاحب جي هر تازي
تقرير ۽ ڪتابن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيائين. پنهنجي اخبار ۽ؤ ڪتابن ۾ هن
تحريڪ جي تبليغ ڪيائين ۽ آخر سڄي ساري پرس ئي جماعت اسلاميءَ کي پنهنجي لٽريچر ڇڇڻ
لاءِ سپرد ڪري ڇڏيائين. جلدئي، جڏهن جماعت ساسلاميءَ کي توقع کان زياده اقتدار
حاصل ٿي ويو ۽ ان جي اندورني مصلحتن۽ سياسي مفادن جي پاليسي رفتي رفتي عيان ٿيڻ
لڳي، تڏهن ڏيپلائي کي نهنجي فرض جي حقيقت به معلوم ٿي وئي ۽ هو يڪ لخت انهيءَ
جماعت کان بدظن بلڪ متنفر ٿي ويو ۽ ڏيپلائيءَ لاءِ پنهنجن سمورن گذريل مرحلن تي
نئين سر نظر وجهڻ جو موقعو آندو، ۽ آخر هن پنهنجي تجربن کي هڪ مستقل نتيجي تي
پهچائڻ جو عزم ڪري ورتون. ان باري ۾ ڏيپلائيءَ پنهنجي خود سر گذشت سوانح ۾لکي ٿو.
”آخر مون هي تماشو به ڏٺو
ته جيڪي به شخص مذهبي فريب ڏين ٿا، سي سڀ درحقيقت ڪنهن نهن ڪنهن صورت ۾ سرمائيدارن،
زميندارن، سيٺين ۽ حڪمن جا ڇاڙتا آهن۽ عوام کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سمجهي ٻجهي يا
بيخبريءَ ۾ سندن انساني حقن کان محروم رکن جي ڪوشش ڪن ٿا. هر انسان لاءِ پهريون
فرض آهي، پنهنجا جائز ۽ بنيادي انساني حق حاصل ڪڻ ٻيون سڀ ڪوششون ان کان پوءِ جون
آهن: ڇا ڪانتهجنهن شخص کي صحيح معنيٰ ۾ انسان ئي تصور نٿو ڪيو وڃي، ان جون باقي
طلبون ڀلا حيثيت ئي ڪهڙي ٿيون رکن؟
هارين سان زميندارنجو جيڪو ويل
آهي، سومون پنجويهه سال چِٽين اکين سان سندن اندر ويهي ڏٺو آهي. ڪارخانن اندر
مهينن جا مهينا رهي مزدورن سان سيٺين جو برتاءُ به مطالع ڪيو اٿم. پيرن ملن ۽
ليڊرن جي فريبي زندگيءَ کي ڏسڻ جو مون کي ڪافي موقعومليو آهي ۽ سندن قلابازيون به
مون پوريءَ طرح پروڙيون آهن. اُهي ڳالهيون آهن، جن منهنجي خيالن ۾ تبديلي آندي، ۽
مون جڏهن انهيءَ تصور هيٺ شوع ٿيا آهن ته انسانذات کي بهتري بهتري۽ بهبودي ميسر
ڪري ڏجي، مگر جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ انهن جي پيشوائن ۾ خود غرضي ايندي ٿي وڃي ۽ هو
آخر مذهب جي منشا کي ئي بگاڙي چڪا آهن.
هر مذهب جي صحيح پيروي اهائي ته
مظلوم انسانيت کي خودغرضيءَ جي زنجيرن مان آزاد ڪرڻجي ڪوشش ڪجي، جيڪي پاڻ سمجهيو
ويو آهي، سو عوام تائين پهچائجي. هنن کي سندن پستيءَ جو احساس ڏياري، منجهن اها
اميد ڪجي ته اها پستي به بلنديءَ ۾ بدلجي سگهي ٿي. اهو ڪو لوح محفوظ جو لکيو ڪو نه
آهي، جو ميٽجي ئي نه سگهي اُهي ته وڏن ماڻهن جا دوکا آهن، جي اسان کي اهڙن لفظن ۾
پيا باور ڪريا وڃن ته:
توڙي هلين تڪڙو، توڙي وجهين وک
لکين منجهان لک، ذور ضايع نه
ٿئي!
انهن ئي خيالن منهنجي دل مان هر
قسم جي تعصب ۽ ڪٽرپڻي کي ڪڍي ڇڏيو ۽ غير مسلمان لاءِ جيڪا قدري نفرت هئي، سا به
هاڻي نه رهي آهي. منهنجي نظر۾ هر انسان هڪ انسان آهي. ۽ بس
ڪفر است در طريقه ما ڪينه داشتن،
آئيــــن مان ست سينه چو آئينه
داشتن.
نون خيالن واري انسان دوست
ڏيپلائيءَ هاڻي تجربن کي نئون روپ ڏيڻ شروع ڪيو. ۱۹۵۲ع ۾ هن اداره
انسانيت قائم ڪيو، ان جي ذريعي انسانيت جي معياري قدرن کي عام ڪڻ لڳو. ان سلسلي ۾
هن ماهوار انسان اخبار جاري ڪئي، ڪيترائي بهترين ڪتاب شايع ڪيا. اڄ تائين اها اخبار
جاري ڪئي ڪيترائي بهترين ڪتاب شايع ڪيا. اڄ تائين اها اخبار جاري آهي، ۽ سلسله
انسانيت، جا ڪتاب هڪ منفرد معيار سان بدستور شايع ٿي رهيا آهن، چار داڻا، ماڻهو ۽
ڌرتي آمريڪي شاعر ۽ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري جهڙا بهترين ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ نمايان
اضافو آهن.
۱۹۴۷ع واري ورهاڱي جيڪي
حيرت انگيز تبديليون آنديون، تن کان پوري ملڪ جو ماحلو متاثر ٿيو، نه صرف تاريخخ
جي هڪ قديم وحدت ۾ بن الڳ الڳ ورهاستن جي وجود جنم ورتو ۽عوام الناس جي ذهنن ۾ وطنيت
جا نوان ناتا داخل ٿيا، بلڪ ان بعد جلدئي جيڪي هنگامي حالتون پيدا ٿيون، يا پيدا
ڪيون ويون، انهن زندگيءَ جي اقتيصادي ۽ معاشرتي تقاضائن جي نبياد تي، پاڪستاني
عوام جي مختلف فطري گروهن ۾ هڪ بنيادي ۽ جمهوري عمل جو احساس بيدار ڪيو. اهو
جمهوري عمل هو پنهنجي تڏي سان محبت ون يونٽ کان پوءِ انهيءَ احساس
جي مڪمل شرح پنهنجي پوري پس منظر سان، ماحول جي رڳ رڳ مان ڦٽي نڪتي، جنهن ۾ قوميت
جي احترام کي پاڪستانيزندگيءَ جو بنياد قرار ڏنو ويو.
صوبائي خودمختياريءَ جي انهيءَ
جدوجهد، ڏيپلائيءَ جي مطالعي کي هڪ خوشگوار وسعت بخشي ۽ سندس دلي امنگن کي سنڌ جي
سرزمين سان وابسته ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ وطن جي باري ۾ ڏيپلائي هڪ وڏي مبالغي ۾
مبتلا هو.
”شروع کان مذهبن جي چڪر ۾ اچڻ
سبب، منهنجو اهوئي تصور هو ته مسلم هين هم، وطن هٿسارا جهان همارا۽ ان تازه
خدائوان مين بڙا سب سي وطن هي ان ڪري مون کي وطن سان ڪابه محبت ڪانه هئي. پاڪستان
بڻجڻ بعد جڏهن سڀ کان اول ڪراچي سنڌ کان کسي وئي ۽ پوءِ سنڌ جي زمين، جائدادن، نوڪرين،
واپار، تعليم ادب ۽ زبان تي غير سنڌي ڀائرن جون برادرانِ يوسف، واريون بدنيت نظرون
اٿيون... جي اڳتي هلي عظيم پنجاب عرف ون يونٽ جي روپ ۾ نروار ٿيون تڏهن منهنجي ذهن
کي سخت صدمو پهتو. وري جڏهن انهيءَ احساس سان سمورن اسلامي ملڪن ۽ پاڪستان جي
باهمي تعلقات، وچ مشرق جي موجوده حالات، ۽ مغرب مشرق جي بين الاقوامي صورتحال جو
جائزو ورتم، تڏهن هن حقيقت کي سڀ کان اهم ۽ ضروري محسوس ڪيم ته سڀ کان اول آهي پنهنجو
وجود، ان بعد پنهجو گهر ۽ وطن، ان کانئي وڌيڪ ڳالهيون سوچي سگهجن وجود ان بعد
پنهنجو گهر ۽ وطن، پنهنجي تڏي سان محبت ناهي اهو سامين، ڪهيرين گرگلن ۽ واگهڙين
وانگي سدائين رولو رهي ٿو، ۽ ان لاءِ هن دنيا ۾ ڪو به صحيح ٺڪاڻو ڪونهي.
”آءُ پوري يقين سان محسوس ڪريان
ٿو ته سنڌ جي باشدن سان هن وقت پاڪستان ۾ بلڪل اهڙوئي ظلم روا رکيو ويو آهي، جهڙو
جپانين، چينين سان ڪيو. فلسطين وارن سان يهودين ڪيو، فرينچ الجيريا وارن سان ڪري
رهيا آهن. انگريز ڏکڻ آفريقا وارن سان ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه عرصو اڳ آئرلنڊ ۽
ڪئناڊا وارا انگريزن کان، ۽ الجيريا جا مظلوم فرينچن کان، جهاد ڪري پنهجي جند
ڇڏائي رهيا آهن، ليڪن سنڌ جي حالت کي ٿو ڏسجي ته سيءُ ٿو وٺي. خدانخواسه جيڪڏهن
اهائي غفلت اڃا ڪجهه وقت قائم رهي ته اسان جوحال به فلسطين جهڙوئي بنجي ويندو ! ان
ڪري، هر ڪنهن دورانديش اديب ۽ اڳواڻ کي گهرجي ته هو قوم کي خوب سجاڳ ڪري، ۽ ان کي
پنهنجي وطن جي محبت ۾ اهڙو ته سرشار ڪري، جو ان کي ڪو به ڀنڀلائي نه سگهي. “
هيءَ آهي ڏيپلائيءَ جي ذهني
ارتقا جي موجوده منزل، جنهن کي بهر حال سندس مطالعي جو بهترين نتيجو، ۽ سندس شخصيت
جو بهترين رخ قرار ڏئي سگهجي ٿو.
هاڻي ڏيپلائي هڪ وطن پرست ۽
انسان دوست انسان بنجي چڪو، جنهن کي پنهنجي وطن جي سرزمين سان محبت آهي۽ سموري
انسان ذات کي پنهنجي پنهنجي وطن ۾ آباد ۽ شاد ڏسڻ چاهي ٿو. هڪ طرف هو” اسلاميه
دارالاشاعت، جي ذريعي سنڌ جي ماڻهن کي مذهب جي صحيح سمجهاڻي ڏئي رهيو آهي، ٻئي طرف
اداره انسانيت، جي معرفت عالمگير انسانيت جي بهترين اُصولن جي تبليغ ڪري رهيو آهي.
ءٌ وري ٽئي طرف عبرت جي سلسلي سان ادبي ۽ سياسي بيداريءَ جا اسباب پيدا ڪري رهيو
آهي. هاڻي وطن سان وابستگيءَ جو حق ادا ڪرڻ جو خيال آيو، ته هن ان لاءِ لطيف پبليڪيشن
جي نالي سان الڳ ادارو قائم ڪيو. جپاني گڏي ۽ ۱۸۵۷ع جو بلوو ۽ غازي
انور پاشا، اُهي جوش ۽ جذبي سان ٽمٽار ناول پڙهڻ سان يڪلخت دل ۾ قومي غيرت ۽
آزاديءَ جو ولولن جو طوفان مچيو وڃي. هر قوم کي وقت جي احساس ڏيارڻ لاءِ پنهنجي ذاتي
تلقين کي بنياد بنائڻ جي عيوض، تارخ جي مثالي تجربن سان
حالت جي ڪيفيت ٻڌائي ٿو. هو سنڌي عوام جي مخصوص نفسياتي مزاج
کي پوريءَ طرح سمجهي چڪو آهي. عوام جي ذهني سطح تي، آسان مثالن سان، مشڪل مسئلن کي
سلجهائڻ وارو اڄ اسان وٽ اهو ئي هڪ شخص آهي. ڏيپلائي.
ڏيپلائيءَ جي هيءَ خوبي ڪيڏي نه
وڏي آهي، جو بيڪ وقت ڪيترا سارا ادارا هلائي رهيو آهي، ۽ هر هڪ اداري جي طرفان، الڳ
الڳ مدت جي مقرريءَ سان، ڪيترا سارا ڪتاب باقاعدگيءَ سان شايع ٿي رهيا آهن! هو هن
وقت تائين ڪل ڏيڍ سئو کن ڪتاب کي چڪو آهي. ڊاڪٽر چوندا آهن ته هلندي گاڏيءَ ۾ ڪتاب
پڙهڻ سان نظر گهٽجي وڃي ٿي، پر ڏيپلائيءَ جي خيال موجب هلندي گاڏيءَ ۾ ڪتاب لکڻ
سان نظر تيز ٿي وڃي ٿي، بلڪ گاڏيءَ جي رفتار گهٽجي وڃي ٿي. ڏيپلائيءَ
جي لکڻ جي رفتار ايتري ته تيز آهي، هڪ اسٽيشن کان ٻيءَ اسٽيشن تئين هڪ عدد ناول
تيار! کيس قليچ دوران چئجي يا علامه راشدي الخيريءَ جو مثال ؟ ڪيتروئي هل بکيڙو
هجي، ڏيپلائيءُ جي خيالن ۾ رولو نه ايندو. کانئس قلم ۽ ڪاغذ کسي وٺو، هو اوهان کي
پنهنجي لکيت جو ٿبوت ضرور ڏيندوهو. بنالکيي لکيو پڙهڻ سان اوهان کي هي يقين ڏياري
سگهي ٿو ته هو پنهنجي هڪ مرتبو سوڇي ورتل مضمون کي بروقت ڪاغذ تي درج ڪرڻ جومحتاج
نه آهي. ڪيترائي مرتبا هو وڏين وڏين اسٽيجن تي ڊگها سارا لکيل، مقلا ۽ ناٽڪ پڙهي
چڪو آهي ۽ پوءِ پتو پيو آهي ته سمورا ڪاغذ ڪور
هئا، جن کي هو اٿلائي اٿلائي پڙهي رهيو هو! جهڙيءَ طرح وري سندس پڙهڻ به هڪ، شهسواري،
آهي ـ ڄڻ سچ پچ گهوڙي تي چڙهي آيو هجي ! اوهين يقين ڪريو ته امروز اخبار جا ڳتيل
ڇهه ئي صفحا هو فقط اڌ منٽ جي اندر پڙهي پورا ڪري وٺندو آهي! وري اوهين جنهن به
هيڊنگ تي هٿ رکندا، ڏيپلائي صاحب کي هيڊنگ شناسيءَ جو هنر حاصل آهي. ان جو هڪڙو
سبب هي به آهي جو هو حالات جي تبديلين جو ايتري قدر
ته مطالعو رکي ٿو، جو کيس ڪنهن خاص صورتحال جو ردعمل اڳ ۾ ئي معلوم ٿي وڃي ٿو. اڪثر
مرتبا ائين به ٿيو اهي، جو ڪنهن جلسي ۾ ڪو مشهور مولانا صاحب پنهنجو وعظ ڪرڻ لاءَ
اچڻو هوندو، يا ڪو ليڊر صاحب پنهنجي بيان جاري ڪر بابت اعلان ڪري چڪو هوندو، ته
جيستائين اهو مولوي صاحب پنهنجووعظ مبارڪ ڪرن لاءِ تشريف فرما ٿئي، ۽ ليڊر صاحب پنهنجو
ولولي انگيز بيان پريس ۾ پهچائي، ان کان اڳئي ڏيپلائي صاحب انهن جو خلاصو پنهنجي
دوستن جي اڳيان آئوٽ ڪري ڇڏيندو آهي. ٻئي ڏينهن سچ پچ ته اهو وعظ ۽ اهو بيان ائين
ئي هوندو، جيئن ڏيپلائيءَ جي ذهن ۾ آيوهو. ان لاءَ هو شرط جو پابند آهي. اکر البت،
اکلي ولکانو قسم جا اٿس، جن کي، الهنو کان سواءِ ٻيو فقط مير غلام علي خان لس پڙهي
سگهي ٿو!
ڏينهن جي چئن ئي پهرن مان ڪنهن
بهموقعي تي اوهين ڏيپلائي صاحب وٽ وڃو.. هو اوهان کي ڪا نه ڪا هڪ پراسرار ۽ ڪنهن
کي به نه ٻڌائڻ جهڙي، ڳالهه ضرور ٻڏائيندو. ڪا سازش، ڪو انڪشاف، ۽ پوءِ ان لاءَ
اوهان کي ائين به ضرور چونندو ته هيءَ حقيقت ڪنهن سان به نه ڪج ليڪن اهائي حقيقت
هو هر اچڻ واري دوست کي انهنئي لفظن جي تاڪيد سان چوندو آهي، ۽ وري ڀُلجي ويندو
آهي. اهڙي طرح، سندس هر سازش هڪ انڪشاف، ۽ هر سازش هڪ انڪشاف، هر، انڪشاف، هڪ سازش
آهي. انهيءَ ئي سبب کان مولانا گرمي صاحب ائين چاهيندو آهي ته ڏيپلائي صاحب جي ڪهن
کي به نه ٻڌائڻ جهڙي ڳالهه ٻڌڻ وارن مان شل آءٌ پهريون ماڻهو نه هجان! ۰يپلائي صاحب ۽ گرمي صاحب
جي اڪثر انهيءَ ئي ڳالهه تي لڳندي آهي. گرامي صاحب ڪوشش ڪري هر روز ڏيپلائي صاحب کان
سندس نه ٻڏاائڻ واري ڳالهه ٻڌي ايندو آه، ۽ پوءِ ڪوشش ڪري پهرين ئي ملڻ واري کي
ٻڌائي ڇڏيندو آهي، ۽ ڏيپلائي صاحب به شايد ان ڪري پنهنجي هر ڏينهن جو تازو انڪشاف
پهرين گرامي صاحب کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ۽ پوءِ وري ميار به ڏيندو اٿش!
ڏيپلائيءَ جي شخصيت تي ٻه چيزون
بُريءَ طرح حاوي آهن. ٽهڪ ۽ ٽوٽڪا. ٻهيِر ٻڌي کلڻ واري کي ته ٻوڙوئي چئبو، پر
ڏيپلائي صاحب کي سندس ٽهڪ ئي ڪنن جو ڪم ڏيندا آهن. يعني تهڪ ڏيڻ کان سواءِ هن لاءِ
ڪا به ڳالهه ٻڌيڻ نهايت مشڪل ٿي پوندي آهي. جيڪڏهن ٽهڪ نه آيو، ته پڪ ئي پڪ اها
ڳالهه نه لڳي. پوءِ وري ٻيهر گفتگو شروع ڪجي، يا کيس غير حاصر سمجهي انتظار ڪجي!
ڏيپلائي صاحب جي آفيس، دوستن لاءَ هڪ معقول انتظار گاهه آهي.
جيڪڏهن خود موجود آهي ته بروقت، ۽ جيڪڏهن سندس انتظار ئي ڪرڻو پئجي وڃي، ته في
دوست جي حساب سان هڪ عدد چانهه جو ڪوپ ۽ هڪڙو ڪيڪ ـ اها سندس انتظار جي مقرر في
آهي. البت هيءَ آزمودي جي ڳلاهه آهي، جو هو پاڻ گهرائيندوآهي ته فقط پنهنجي لاءِ
انتظار جي عيوضي۾ فقط چانهه ۽ ڪيڪ مقرر آهن.
”ڏيپلائيءَ جا ٽوٽڪا،
انهيءَ نالي سان جيڪڏهن ڪو ڪتاب ڇپائجي ته ان هڪڙي ئي ڪتاب جا ايترا جلد تيار
ٿيندا، جيترا، اسلاميه دارالاشاعت، جا جملي ڪتاب، ۽ پوءِ اهو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾
لوڪ ادب جي لغت جي طور تي هر حالت جي حوالي لاءِ استعمال ڪري سگهبو. اوهين يقين
ڪريو ته ڏيپلائي صاحب ”ٽوٽڪي باز نه بلڪ ٽوٽڪي ساز آهي. هو ٽوٽڪن جي صنف جو موجد
آهي، خالق آهي. گهر ڳالهه ۽ هر قسم جي واقعي تي فورن۽ جي اللبديهه ٽٽڪي جو استعمال،
ڏيپلائيءَ جي ڪامل خصوصيت آهي. ڏيپلائيءَ جي گلي منا ڳالهه ڪندي هلڪي ٽونڪار نڪتي،
ته ڄڻ ٽوٽڪي کي سنگل اچي ويو. ٽوٽڪا وري اهڙا عجيب، اهڙاتيز ۽ اهڙا خطرناڪ، جهڙي
کنوڻ. ۽ پوءِ وري انهيءَ کنوڻ ۾ ٽهڪن جي برسات ! ٽهڪ ۽ ٽوٽڪا، ڏيپلائيءَ جي مڪمل
زندگي آهن. جيڪڏهن صرف ڏيپلائيءَ جا ٽوٽڪا ئي ڪنهن طرح قلمبند ٿي سگهن ها، ته ڪم
از ڪم سندس اڌ زندگي ته محفوظ ته وڃي هاـ پر مصيبت هيءَ آهي جو خود ڏيپلائيءَ کي
لکڻ وقت ياد نٿا اچن ۽ ٻئي کي وري ياد ڪرڻ وقت لکڻ نٿا اچن!
ڏيپلائيءَ کي نئين نسل جي
نوجوانن سان نه صرف قلبي ربط ۽ حقيقي انس آهي، بلڪ هوانهنجي آئينده اهميت ۽ احترام
جي واقفيت پڻ رکي ٿو. هو بخوبي ڄاڻي ٿو ته اڄ جي تاريخ جي ترتيب، انهن ئي نوجوانن
جي اختيار ۾ هوندي۽ اُهي ئي قوم جي مستقبل جا نمائندا آهن. اهوئي سبب آهي، جو هو
سنڌ جي هر ادبي ۽ قومي رجحان ۾ نئين نسل جي نمائندگيءَ کي ترجيح ڏئي ٿو. هن ڪڏهن
به پنهنجيذاتي بزرگيءَ کي پاڻکان ننڍن دوستن جي اڳيان تڪلف ۽ برتريءَ جو سبب نه
بنايو آهي، بلڪ انهن جي همراهيءَ ۽ همخياليءَ کي پنهنجي فخر جو بعث ٿو ڄاڻي. ڏيپلائي
هڪ بهترين دوست آهي. زنده دل، مهربان، همدرد ۽ رفيق. دل جو اهڙو تونگر آهي، جو نه
صرف سندس دوست ۽ واقفڪار، بلڪ هر ماڻهو منجهانئس نيڪيءَ جي هر ڪا اُميد رکي سگهي
ٿو.
ڏيپلائيءَ جي باري ۾ هيءَ ڳالهه
شايد تمام ٿورون ماڻهن کي معلوم هوندي ته باوجود اُن جي جوهڪ وڏي ساري پريس
۽ڪيترنئي ادارن جو مالڪ اهي، ليڪن شروع کان ئي سندس گهرو گذارن جو ذريعو اهائي
زمينداري نوڪري هئي جنهن کي تازو چند مهينا اڳ ترڪ ڪيو اٿس، اُن ڪري کيس مولائي
لڏي، ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. ڪڏهن خان ڪڏهن قلندر.
ڏيپلائيءَ جي ادبي حيثيت لاءِ
ايترو چوڻ ڪافي آهي. ته هو سنڌ جي موجوده دور جو وڏي ۾ وڏو ناول نگار ۽ ناٽڪ نويس
آهي. بلڪ سچ ته هن وقت انهن ٻنهي صنفن جو ڪو به لکڻ واروئي موجود ڪو نه آهي.
الحاصل، ڏيپلائي
بذات خود هڪ نظريو، بذات خود هڪ ادارو، بذات خود هڪ لائبريري ۽ بذات هڪ انڪشاف آهي.
شال، هي سنڌ جو مايه ناز مجاهد، اديب۽ انسان وڏي ڄمار ماڻي۱
(مهراڻ، سوانح، ۳-۴، سال ۱۹۵۷ )
***
محمد عثمان
ڏيپلائي
سنڌي مشاهيرن
۾ هڪ اهم نالو
غلام رباني آگرو
ويهين صديءَ جي مشاهير ۾ محمد
عثمان ڏيپلائي هڪ اهم نالوآهي. ڏيپلائي صاحب سان منهنجو غالئبانه تعارف ۱۹۵۲ع ڌاران ٿيو. ان کان
ڇهه سال اڳ سن ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان ٺهيو ته ملڪ جي ٻين صوبن وانگر سنڌ جا اڪثر
هندو باشندا به هندستان لڏي ويا. مان ساهتي پرڳڻي جي محبت ديري جتوئي پنئچائتي مڊل
اسڪول ۾ انگريزيءَ جو ٽيون درجو پڙهندوهئس هندو ماستر هليا ويا، ته رڳو اسان جو
اسڪول بند ڪو نهٿيو، ساهتيءَ جا سڀ انگريزي اسڪول بند ڪو نه ٿيو، ساهتيءَ جا سڀ
انگريزي اسڪول بند ٿي ويا تر ۾ رڳو هڪ هاءِ اسڪول وڃي باقي بچيو، ڊڀري واري سائين
الله آندي شاهه جو، مسلمان ٻآرن جي تعليم لاءَ ٺهرايل، مدرسه هاءِ اسڪول، نوشهروفيروز،
پر اهو اسان جي ڳوٺ آڳرن کان ٻارهن ڪوهه پري هو. ۽
منهنجي عمر ٻارهن ورهيه هئي، سو منهنجي
پڙهائي مسئلو ٿي پيئي.
تن ڏينهن ۾ ڪنڊياري تعلقي ۾ پرائمري
اسڪولن جي مٿان ٻه سپروائيرز هوندا هئا: انهن ۾ هڪڙو منهنجو والد بزرگوار
عبداللطيف آگرو هوندو هو. بابا سائينءَ کي تعليم جو ڏاڍو شوق هو. تن ڏينهن ۾ هند
سنڌ جي مسلمان باشندن ۾ اڃا
اِهو تاثر هو ته جيڪو ٻار انگريزي پڙهندو، سو ڪرستان نه ٿيندو، ته
گهٽ ۾ گهٽ انهن واريون عادتون ته پڪ پرائيندو، مطلب ته دين ايمان کان هليو
ويندو. بابا پڪو مسلمان هو، پنجاهه سالن ۾ ڄاڻي
واڻي نماز قضا ڪونه ڪيائين، پر تعليم جي باري ۾ سندس پڪو پختو عقيدو هو ته تعليم
هندو يا مسلمان يا ڪرستان ڪانه ٿيندي آهي. انهيءَ تي ڪفر ۽ اسلام جو ٺپو هڻڻ ۽
مذهبي خانن ۾ ورهائڻ غلط آهي، نه ته رسول پاڪ ائين ڪو نه فرمائي ته علم حاصل ڪريو،
پوءِ توڙي چين ملڪ ۾ ملي، سو مان پنهنجي اولاد کي هر حال ۾ انگريزي پڙهائيندس.
منهنجي تعليم جو مسئلو انهيءَ
ريت حل ٿيو. مون وڃي نوشهري مدرسي هاءِ اسڪول ۾ داخل ورتي، جتي رهائش لاءِ بورڊنگ
هائوس موجود هو. منجهس پنجاهي کن شاگرد رهندا هئا. هڪڙي شاگردن جو نالو هو الله
بخش ذات جو ڦُل هو. مون وانگر کيس به اسڪولي ڪتابن سان گڏ، ناولن ۽ قصن پڙهڻجوشوق
هوندو هو، پئسن تي ڪتاب خريد ڪندوهو، پر مون کي پڙهڻ لاءِ مفت ڏيندو هو. گهڻي ۾
گهڻا ڪتاب ڏيپلائي صاحب جا لکيل هوندا هئا. هوندا ناول يا قصي جي نموني ۾ هئا. پر
اسلامي رنگ ۾ هوندا هئا. سندس ڪتابن جو اثر، ٻآراڻيءَ اوستا ۾، جلد ئي
منهنجي ذهن تي جادوءِ وانگر چڙهي ويو.
مون کي به الله بخش ڦل وانگر
ڏيپلائي صاحب سان ملڻ جو شوق ٿيو، پر ڪابه صورت نظر ڪا نه آئي. اڳتي هلي
ڏيپلائي صاحب، پيرن ۽ مرشدن خلاف ڪتاب لکيا. الله بخش ڦُل چيو ته ڏيپلائي صاحب جا
پيرن جي خلاف لکيل ڪتاب دلچسپ ته آهن، پر منجهانئن تبليغي انداز جي بوءِ اچي ٿي. پر
ان جي باوجود اسان جي ذهن تي ڏيپلائي صاحب جي برگزيده شخصيت جي عزت ۾ ڪو به فرق ڪو نه
آيو.
مان نوشهري فيروز مان مئٽرڪ
پاس ڪري، حيدرآباد آيس، ته ٻه ورهيه ڦليليءَ واري ڪاليج ۾ سائنس پڙهيم، پر ڏيپلائي
صاحب سان ملاقات نصيب ۾ ڪانه هئي. حيدرآباد مان ڪاچيءَ هليو ويس، اتي ايس. ايم
ڪاليج ۾ آرٽس پڙهڻ لڳس ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪري ڪيم. رهڻ لاءِ ميٺارام هاسٽل ۾
جاءِ ملي، پر ۱۹۵۸ع ۾ مارشل لالڳو، ته هاسٽل ڇڏڻي پئي. گانڌي گارڊن جي
ڀرسان، لارينس روڊ تي، شو مارڪيٽ ۾ هڪ فلئٽ ۾ جوبي صاحب ۽ جمال رند سان گڏ رهڻ لڳس.
اهو جلئٽ اصل ۾ اسان جي دوست سراج ميمڻ ڪرايي تي ورتو هو، پر ڪراچيءَ مان بدلي ٿيو،
ته فلئٽ اسان کي ڏئي ويو. جڏهن اسان فلئٽ خالي ڪيو ته فلئٽ جي چاٻي مون امانت با
سلامت کيس وڃي ڏني. ان وچ۾ هڪ ڏينهن ڏيپلائي صاحب سان ملاقات ٿي وئي جوبي صاحب سان
دوستي هئس، سووٽس ڏينهن ٻن لاءِ مهمان ٿي آيو.
مون کي ڏيپلائي صاحب سان ملي
ڏاڍي خوشي ٿي، پر حيرت به لڳم، ڇو ته هي ڏيپلائي صاحب انهيءَ سخص کان بلڪل مختلف
هو، جنهن و تصورمون سالن جا سال ذهن ۾ سانڍيوهو. هيءُ ڏيپلائي صاحب سنڌي سليمي
ماڻهو هو. سنڌي سلوار قميص، مٿي ۾ ٽوپي ڳالهائڻ ٻولاهئڻ ۾ کل ڀوڳ. مون اسلامي رنگ
جي ناولن ۾ جيڪو ڏيپلائي صاب ڏٺو هو، سو سراسر ٻيوهو. هن ڏيپلائي صاحب ۾مون کي
پيرن ۽ مرشدن جي خلاف به چڙيا ڪاوڙ نظر ڪانه آئي اڳتي هلي ” سنانگهڙ نالي هڪ ناول
ڇاپيائين، جنهن ۾ به پير ن مرسڌشدن خلاف ڪا ڳالهه ڪانه هٿئي البت، سنڏ جي هڪ تمام
وڏيءَ گاديءَ جي مريدن جو سٺو تذڪرو هو. اڃا به اڳتي هلي، ڏيپلائي صاحب جا خيال
بلڪل مٽجي ويا. ترقي پسند خيالن ۽ نظرين ڏانهن مائل ٿيو ۽ انهن جي پرچار لاءِ
انسان رسالو ڪڍيائين.
ماڻهو جڏهن پنهنجن خيالن ۽
نظرين جو بيباڪيءَ سان اظهار ڪري ٿو، تڏهن انهن خيالن ۽ نظرين جي
مخالف ماڻهن هٿان ڏک ڏسي ٿو. ڏيپلائي صاحب جڏهن اسلامي رنگ ۾ ناول لکيا تههندن جي
هٿان کيس ڪا خاص تڪليف ڏسڻي ڪانه پئي. سندس هڪ اڌ ڪتاب تي، سو سرڪار بندوش وڌي ٻئي
طرف، سندس ڪتاب عام مسلمانن ۾ ڏاڍو مقبول ٿيا ۽ تيزيءَ سان وڪاڻا سنڌ ۾ پيريءَ
مريديءَ جو ڏاڍو زور هو (اڃا به آهي) ڏيپلائي صاحب، پير پرستيءَ جي خلاف
لکيو ۽ دل کولي لکيو، پر، پيرن يا سندن مريدن به کيس ڪو نقصان ڪو نه پهچايو. پر
جڏهن انسان رسالو ڪڍيائين، تڏهن جيل ۾ به پيو ۽ مالي تنگ
دستيءَ جو عذاب الڳ ڏٺائين. سندس وڏي فرزند محمد علي ڏيپلائيءَ هڪ
دفعي مون سان انھن ڏکين ڏينهن جو ذڪر ڪيو، جڪو
ڏاڍو دلپذير هو. ان کانپوءِ سندس همشيره محترمه ثريا سوز ڏيپلائي به ساڳيءَ ڳالهه
جي تصديق ڪئي ته بابا اسان کي ڪڏهن احساس ٿيڻ ڪو نه ڏنو ته هو مالي لحاظ کان ڏاڍن
ڏکين ڏينهن مان گذري رهيوآهي، پر اسان کي اندازو ٿي ويو.
ڏيپلائي صاحب سڀ سور ڏٺا، پر
هيڻي ڪو نه ٻوليائين جڏهن، ون يونٽ، ٽهيو تڏهن پنهنجيءَ عبرت اخبار کي ڪاري بارڊر
ڏئي، سنڌ اسيمبلي ۽ جي وڏيرن ميمبرن تي اقبال جو هي شعر فتويٰ وانگر ڇاپيائين:
دهقان و کشت و جُوي و خيابان
فروختند،
قــــوم فرخــــتند و چــــه
ارزان فــــروخـــتند
ڏيپلائي صاحب پهريون دفعو سن ۱۹۵۸ع ۾ ايوب خان جي
مارشل لاءِ جيل ۾ پيو. نامور هاري اڳواڻ، حيدربخش جتوئيءَ کي به ساڻس گڏ
سلهاڙيائون، جڏهن آزاد ٿيو، تڏهن اسان سان ڳالههڪندو هو ته جيل ۾ ۱۹۵۸ع جي مارشل لا جي
باري ۾ عام مشهور هو ته ۱۹۵۷ع ۾ تڏهوڪيءَ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ ون يونٽ کي
ٽوڙڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو هو. جنرل ايوب خان، سڪندر مرزا جهڙن محب
وطن ماڻهن سان ملي، مارشل لاءِ ۾ سنڌ ۾ رڳو اهڙا ماڻهو سرڪاري عتاب جو نشانو ٿيا، جيڪي
وطن دوست هئا، ڇو ته ون يونٽ ٺاهڻ جو هڪ مطلب ته اهو هو
ته اوڀر پاڪستان جي اڪثريت واري پر ڳڻي ۾ پئرٽي (parity ) جو نسخو استعمال ڪري،
بنگالين کي منهن ڏجي، ۽ ٻيو ته اولهه پاڪستان ۾ ننڍن صوبن جو وجود ختم ڪجي، ته
جيئن اتر ڦُرمار ۾ آساني ٿئي. “
ڏيپلائي صاحب مثال ڏنو ته ايوب
شاهيءَ جي وڏن ڪامورن، فوجي عملدان ۽ خود وڏين ڪورٽن جي ججن کي پهريائين ڪوٽڙي
بئراج جي ايراضيءَ ۾ زمينو الاٽ ڪيو ويو، پر اتي زمين ۾ ڪلر نڪري آيو، ته کين
روهڙيءَ وٽ دبر ٻيلو ڪاٽِ زرخيز زرخيز زرعي زمينون الاٽ
ڪيون ويون. هڪ طرف سرڪاري نعرو هو ته وڻ پوکيو“ ٻئي طرف سرڪار پاڻ پئي سنڌ جا
سرسبز ٻيلا ڪاٽيا.
ڏيپلائي صاحب اهڙيون ٻيون به
گهڻيون ڳالهيون ڪندو هو. اسان گهڻو ڪري ڪراچي هوٽل ۾ گڏ ٿيندا هئاسين. اتي ڪچهريءَ
جا ٻيامکيه ميمبر شيخ علي محمد، غلام محمد گرامي ۽ سرائي اميد علي هوندا هئا. ننڍيءَ
عمر وارن ۾ مان ۽ تنوير عباسي هوندا هئاسين. ٻيا به الاهي دوست ايندا هئا. جيل ۾
ڏيپلائي صاحب جو رات ڏينهن رفيق حيدربخش جتوئي صاحب هوندو هو، جنهن جو مٿس وڏو اثر
پيو. جتوئي صاحب ڊپ ڊاءُ ته سکيو ئي ڪو نه هو، ٻيو ته ٺهيو، جسٽس منير جي خلاف به
چوپڙي ڇپائي هئائين، جنهن جو نالو هو: injustice of the chief justice حڪومت کي ان چوپڙيءَ
تي بندش وجهڻ جي جرئت ڪانه ٿي.
ڏيپلائي صاحب جي اها راءِ صحيح
هجي يا نه هجي، پر اها ته حقيقت آھ ته محترمه
بينظير ڀٽو صاحبه چڙهي سنڌين جي ووٽن تي، پر هن به اڳوڻن آمرن جي روايت قائم رکندي،
سيد صاحب کي سنڌ جي حقن جي حمايت ڪرڻ جي ڏوهه ڪري، سمورو عرصو ڪاٺ ۾ رکيو. ٻيون ته
ٺهيو جڏهن سڪرات ۾ هو تڏهن به سندس سرڪار جو سنتريم سيد صاحب جي سر تي بندوق کنيو
بيٺو هوته متان ڀڄي وڃي. البت، جڏهن وفات ڪيائين، ته محترمه وزيراعظم صاحبه سنس
وارثن کي فاتح ڏيڻ لاءَ بذات خود سندس گهر پير ڀري وئي، ۽ مرحوم جي روح جي مغفرت
لاءِ باضابطه نموني هٿ مٿي کڻي، خدا کان دعا به گھريائين.
ڏيپلائي صاحب، حيدربخش جتوئي صاحب
۽ سيد صاحب ونگر جيسئن زندهه رهيو، تيسين سنڌ تي ڪانه سوديباري ڪانه ڪيائين. هنن
ٻنهي وانگر ڏک به ڏاڍا ڏٺئين، پر انهن جي پرواهه ڪانه ڪيائين. سچل شايد اهڙا اعليٰ
انسان خيال ۾ رکي چيو هو. :
عاشقن کي سُور
سختيون، محب مهمانيون مُڪيون.
سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جاگيردارنه
معاشرو موجود آهي. ملڪ ۾ ٻه ٽي دفعا زرعي سڌارا آيا آهن. هر ڀيري، زميندارن جي
زمين گهٽيجي ويندي آهي، پر سنڌ ۾ نوعيت نرالي آهي، ملڪ جي مشهور ٻاويهن شاهوڪار
خاندانن بابت انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب ڇپيو آهي، جنهن ۾ لکيل آهيت هن سنڌ ۾ هڪ زميندار
وٽ هڪ لک ايڪڙ زمين آهي. ٻيو پنهنجيءَ محنت ۽ خداداد ذهانت سان، اسي هزار ايڪڙ ڪري
ويو آهي. ڪتاب ۾ بنهي جا نالا نشان سڀ لکيا پيا آهن.
اهڙي قسم جي معاشري ۾ ماڻهن جي اڪثريت،
هارين نارين ۽ مهنت ڪش مزدورن تي مشتمل هوندي آهي، جيڪي مسڪين جانورن جي ليول تي
نزدگي گذاريندا اهن. بلوچستان ۾ ڪيئي اهڙا ماڻهو آهن، جن وچارين کي سڄي عمر جتي
پائڻ نصيب ڪانه ٿي. سنڌ ۾ سوين ماڻهو موجود آهن، جن اڃا ريل گاڏي ڪانه ڏٺِ آهي. اسان
جو پيرُ، ميرُ ۽ ڀوتار سنڌ جي ماڻهوءَ کان وڌيڪ ڪُتي جو قدر آهي.
ڏيپلائي صاحب سنڌ جي هڪ سردار صاحب
جي ڳالهه ٻڌائي ته نوابشاهه ضللعي ۾ پنهنجيڪنهن دوست وٽ دعوت تي ويو. چاليهه ڪُتا
۽ ويهه نوڪر وٺي ويو. سياري جي مند هئي. نوڪر رات جو هڪ هڪ ڪُتي لاءِ اڍائي سير کير
ڪاڙهي کڻي ايندا هئا، جنهن ۾ مصري ۽ ڦوٽا پيل هوندا هئا. ڪُتا جيڪو کير
بچائينداهئا، سو ڃمائي رکندا هئا صبح جو اهو ڌؤنرو ڪتن کي ڏيندا هئا. منجهند جو
ڪتن کي چينيءَ جي پليٽن ۾ پلاءُ ڏيندا هئا. گرميءَ جي
مند ۾ آبهوا بدلائڻ لاءِ سردار صاحب پنهنجا ڪُتا ڪوئيٽاموڪلي ڏيندو هو.
ڏيپلائي صاحب ان قسم جي انڌير
خلاف احتجاج ڪيو. سندس آواز بادلن جي گجگوڙ هو يا واءِ بلبل، سا ڳالهه اڳتي هلي، تاريخ
نويس پرکيندا، پر هن جيئن سمجهيو، تيئن ڪيو. ڏک ڏٺائين، پر دانهن ڪونه ڪيائين. اڄ
سندس اولاد ڏک ڏولائي کان آجو آهي. عزت آبروءَ وارو آهي. سکيو ٽڪر کائي ٿو. پيرن، مرن
۽ ڀوتارنجي اولاد وانگر کريل ڪونهي. اها ڳلاهه سنڌ جي عام ماڻهن لاءَ سبق آهي.
ڏيپلائي صاحب جي مون سان سڄي
عمر محبت رهي. سٺيون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. اهي مون کان وسرن ئي
نٿيون. ڏاڍو شگفته مزاج هو. پوين سالن ۾ پاڻ شيخ علي محمد ۽ مان، ٽئي ڄڻا، حيدرآباد
گاڏي کاتي واريءَ سلطان هوٽل ۾ ۳۱ ڊسمبر تي، پوري رات جو ٻارهين
بجي، ڪسٽرڊ پڊنگ کائي، وات مٺو ڪندا هئاسين. نيئين سال جو جشن ملهائيندا هئاسين.
هاڻي انهيءَ تاريخ تي ٻئي يار
ڏاڍو ياد ايندا آهن. منهنجون نگاهون هيڏي هوڏي هنن لاءَ وجهائينديون آهن، پر آخر
رراس ٿي، مون وٽ ئي موٽي ايندوينآهن. مير تقي مير ياد ايندو آهي:
مت سول وميه سمجهو، پهرتا وه
فلک برسون
تـــــب خاک که پردٿ ســٿ انسان
نکلته هيه
***
ڏيپلائي
دردوند دل وارو مجاهد
مظهر الحق صديقي
توهان محسوس ڪيو هوندو ته هتي
ايندي ۽ هنن مقالن کي ٻڌندي، آءُ ڊڄي ڊڄي اڳيان وڌيو آهيا. ڏيپلائي صاحب سان عقيدت
۽ محبت جو جذبو مون کي اڳتي وٺي ته آيو، پر اها گهرائي، اهو عمق مون ۾ نه آهي، جو
مان ايڏي وڏي مجاهد هڪ عظيم مجاهد، مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي اهڙي نموني خراج
عقيدت پيش ڪريان، جهڙي نموني آءُ ڏيڻ چاهيان.
هتي تمام اعليٰ مقالا پڙهيا ويا
آهن ۽ سٺن خيالن جوا ظهار ڪيو ويو آهي. ڏيپلائي صاحب سان منهنجوهڪ ٻيو تمام جذباتي
تعلق پڻ آهي: آءٌ گاڏي کاتي مان آهيان ۽ ڏيپلائي صاحبپڻ گاڏي کاتي جو، ۽ سنڌ
يونيورسٽيءَ به گاڏي کاتي مان ئي حقيقي معنيٰ ۾ شروعات ڪئي. پوءِ انهي اڳتي هلي، ڄام
شوري ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جو چونڊيل هڪ اعليٰ مقام، هڪ مٿاهين مقام تيموجوده
صورت ورتي. سنڌ يونيورسٽيءَ وانگر اسان جي ابتدا پڻ گاڏي کاتي مان ٿي.
اسان جو بزرگ محمد عثمان
ڏيپلائي وڏو عالم محققق هو، پر جيئن مون چيو ۽ انهيءَ لفظ تي آءٌ وري زور ڏيندس ته
هو هڪ عظيم مجاهد هو. آءٌ سمجهان ٿو ته ايڏو جري ماڻهو سنڌ جي سر زمين تي نه آيو، جيڏو
محمد عثمان ڏيپلائي هو. سندس قلم ڄڻ ته وڄ جهڙا چمٽڪاٽ ڪندو هو. ڏيپلائي صاحب سچ
پچ ته هڪ وڏو مجاهد هو. قلمسندس تلوار هو. انهيءَ مان نه صرف وڄ جا چمڪتاٽ ڪيا، پر
ڄڻ ته خون جون ندديون وهايون. انهن جي خون جون نديون، جيڪي اسلام ۽ سنڌ جا دشمن
هئا! ڏيپلائي صاحب ”نور توحيد“ ۾ اسلام جي مختلف مجاهدن جا نالا ورتا آهن ۽
شاعرانه انداز ۾ انهن جي بهادريءَ ۽ تلوار هلائڻ جا قصا بيان ڪيا آهن.
اوهان ”نور توحيد“کي ڏسندئو ته
بنيادي طرح ته اها رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جي سوانح حيات آهي، پر انهيءَ ۾
ڏيپلائي صاحب جي دور جي حالتن جا حوالا ضني طور تي بار بار نهايت دلچسپ انداز ۾
بيان ڪيل آهن. انهيءَ طرز کي انگريزيءَ ۾ ”انارڪزم“ (anarchism) چئبو آهي. ڳالهه هلي
پئي رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جي ۽ بيان پيو ٿئي ڪانگريس جي مسلم دشمن رويي جو،
بيان پيو ٿئي سنڌ ۾ وڏيرن جي ظلم جو، بيان پيو ٿئي ”هاري حقدار پريس“ جو، جنهن تي
ڪجهه تنقيدي جملا به لکيا اٿس!
جيئن غلام مصطفيٰ دادوي صاحب چيو،
ڏيپلائي صاحب جي سوچ ۽ لکڻين جا ٽي دور ٿين ٿا: ”نور توحيد“ پهرئين دور جو ڪتاب
آهي. ”هاري حقدار“ تي نڪته چيني ڪرڻ وارو دور ”انسانيت“ واري دور کان اڳ جو هو، جيڪو
اسلامي جذبي ۽ جوش وارو دور هو. اسلام جي انسانيت واري نميءَ ۽ ملائمت جو دور بعد
جي ڳالهه آهي. حيدربخش جتوئيءَ جون به پنهنجي نموني وڏيون خدمتون آهن، بلاشڪ هو به
غريب لاءِ وڏو مجاهد هو.
جيئن مون عرض ڪيو، ”نور توحيد“۾
بنيادي طور تي ناول جي طرز تي نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جي حيات مبارڪ جو بيان
پيش ڪيل آهي، پر اهڙي نازڪ موضوع ۾ به عصري تقاضائن جو ڏاڍو اثر انگيز طريقي سان
بيانٿيل آهي. مون کي اجازت ڏيو ته ڪجهه مثال پيش ڪريان:
اوهان صفحي ۲۹۰ جو فوٽ نوٽ ڏسو. بابجو
عنوان آهي: ظلم شهيد ڪرڻ ۽ انهي جي نتيجي ۾ سندس ڳوٺ تي پليڪ جو، خدائي ڏمر جي شڪل
۾ وارد ٿيڻ جو ذڪر آهي. ڏيپلائي صاحب انهيءَ واقعي جو سلسلو ۱۹۳۷ع ۾ هندستان ۾ ڪانگريسي
حڪومت جي ظلمن ۽ پنجاب ۾ سڪندر حيات حڪومت طرفان خاڪسار تي ڪيل ظلم سان ملائيندي
فوٽ نوٽ ۾ لکن ٿا:
”هندستان ۾ ڪانگريس پنهنجي چند
روزه حڪومت تي مغروري ٿي غريبمسلمانن کي ستائڻ ۾ مٿن ظلم ڪرڻ ۾ نه گهٽآيو ته قدرت
صاحبيءَ کي سڃ ڪري ڏيکاريو ۽ اهي شخص جي بيبانگ بلند هو ڪو ڏيندا هئا ته هندستان ۾
صرف ٻه طاقتون آهن: برطانيا ۽ ڪانگريس، سي اڄ تسليم ڪري رهيا آهن ته نه، ٽين طاقت
مسلمان به آهن!
پنجاب ۾سڪندري حڪومت بيگناهه
خاڪسارن جون اَنُ پاڻي بند ڪري کين مسجدن۾محصور ڪيو، ۽ ۱۹ بيگناهه مسلمانن کي
شهيد ڪرايو ته، عين پُٽ جي شاديءَ جي موقعي تي سر ڪندر حيات جي سڪندري ختم ٿي انهي
ئي بادشاهي مسجد جي ڪنڊ ۾ سڪندر حيات، بيوس ۽ بيجان ستل هو ۽ علامه مشرقي بيشمار
ماڻهن کي مخاطب ٿي بلند آواز سان تقرير ڪري رهيو هو!“
اوهان ڏسندئو ته ڏيپلائي صاحب جي
من ۾ پيغام ڏيڻ جو جيڪو جذبو آهي، سو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي هن سوانح ۾
به ظاهر آهي. ڏيپلاءِ صاحب جي دل ۾ مسلمانن جو ايڏو ته درد آهي، ايڏو ته جذبو آهي،
جو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جهڙي عظيم شخصيت، جنهن جهڙي وڏي شخصيت الله تعاليٰ
نه خلقي آهي، ان جو ذڪر لکندي به هو مسلمانن جي ڪانگريس واري دور جي مسئلن جو ذڪر
ڪرڻ مناسب ٿو سمجهي انهءَ مقصد کي هن ڪاميابيءَ سان حاصل پڻ ڪري ٿو!
اهڙي نموني معاشري جي اصلاح جو
پڻ ڏيپلائي صاحب جي دل ۾ درد آهي. هو ڏسي ٿو ته سنڌ ۾ گهڻا ماڻهو شرڪ ڏانهن مائل
آهن ۽ پير پرستي وغيره ۾ ورتل آهن. حضور صلي الله عليه وسلم جي ”حيات طيبه“ جو ذڪر
ڪندي کين هڪ واقعو ياد ٿو اچي. جيئن اوهان کي خبر هوندي، مسلمانن حضور اڪرم صلي
الله عليه وسلم جي سرڪردگيءَ ۾ عمري جو قصد ڪيو، انهيءَ واقعي جو سورة فتح ۾ به
ذڪر آهي. جڏهن اهو قافلو حديبيه جي مقام تي پهتو ته کين ڪافرن ڏانهن اماڻيو ويو، جن
جي واپس نه اچڻ ڪري سندن شهادت جا خدشا پيدا ٿي پيا هئا. حضور جن هڪ ٻير جي وڻ هيٺ
ويهي سڀني مسلمانن کان بيعت ورتي ته قريشين کان انهي جي بدلي وٺڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي
نه ڪئي ويندي. انهيءَ بيعت کي ”بيعت رضوان“ چئبو آهي. انهيءَ واقعي جي اسان سڀنن
کي خبر هوندي، پر جيڪا ڳالهه آءُ اوهان کي ناول جي حوالي سان ٻڌائڻ چاهيان ٿو، اُها
اِها آهي ته ٻير جو اهو وڻ، جنهن جي هيٺان حضور جن آرام فرمايو هو ۽ بيعت ورتي هئي،
اهو وڻ اڳتي هلي ڪمزور عقيدي وارن مسلمانن وٽ تمام متبرڪ ٿي پيو. ماڻهو انهيءَ ٻير
جا پڻ بيماريءَ وغيره واسطي کائڻ لڳا. حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنه تمام سخت قسم
جو ماڻهو هو، تنهن انهيءَ ٻير جي وڻ کي پاڙئون پٽائي ڇڏيو! ڏيپلائي صاحب اهو واقعو
اڄ ڪلهه جي جُڙتو پيرن ۽ فقيرن ۽ انهن جي جاري ڪيل شرڪ وارين ڳالهين جي حوالي سان
ڪيو آهي. اهو واقعو نهايت دلچسپ انداز ۾ ناول جي صفحي ۳۷۲-۷۳ تي بيان ڪيل آهي. منهنجي
چوڻ جو مقصد آهي ته ڏيپلائي صاحب، حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي سوانح مبارڪ
بيانڪرڻجي اعليٰ مقصد سان ٻيا اعليٰ ضمني مقصد به سهڻي نموني ڳنڍيا آهن.
توهان سوچيو ته جنهن دور ۾
ڏيپلائي صاحب پنهنجي قلم جي تلوار بي نيام ڪئي، اُن وقت مسلمانن جي ڇا حالت هئي؟
متعصب هندو اسان کي جاهل ۽ ڄٽ سمجهندا هئا پنهنجي ڪلچر کي ڪيڏو نه اعليٰ سمجهندا
هئا. اهڙي وقت ۾ ڏيپلائي صاحب جون اهي لکڻيون وڏي جهاد جي ڳالهه هيون. اُن وقت هن
جيڪا جنگ جوٽي، مون کي ياد نه ٿو اچي ته اسان جي، سنڌ جي تاريخ ۾ ايڏو وڏو مجاهد
پيدا ٿيو هوندو، جنهن جي قلم جي تلوار ۾ ايڏو چمڪاٽ ۽ ايڏو اثر هجي. هو پنهنجي قوم
جي دشمنن سان ويڙهاند ۾ ڄڻ ته ظالمن جي رت جون نديون وهائيندو ٿي ويو. مون وٽ سچ
پچ ته مناسب لفظ نه آهن، جو ڏيپلائي صاحب جي خدمتن ۽ ڪردارن جو صحيح ذڪر ڪري سگهان،
پر مون کي غالب جو هڪ شعر ياد ٿو اچي، جيڪو منهنجي عقيدت ۽ جذبي جو
اظهار ٿو ڪري:
زبــــــــان ــــــپر بــــعدِ
خـــدا يه کـــس کــــا نــــــام آيا،
ڪه ميرے نطق نـﮯ بوسـﮯ لئـﮯ ميري زبان کـﮯ
(۱۹ مارچ ۲۰۰۱ع تي ڪراچيءَ ۾، ”نور
توحيد“ جي مهورت جي موقعي تي ڪيل تقرير جو اختصار)
***
محمد عثمان ڏيپلائي
(ساروڻيون)
ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو
جيڪو ماڻهو ڏسڻ ۾ سادو سودو ۽
معمولي ماڻهو لڳندو هو، سو نه معمولي انسان هو، نه معمولي ليکڪ هو پنهنجن خيالن ۾
هڪ اعليٰ انسانهو ۽ هڪ منفرد ليکڪ پڻ. هي هو محمد عثمان ڏيپلائي، جنهن کي ڪو دوست،
ڪو نقاد ڪيترو به ساراهي ته اُها ساراهه، هُن جي مڪمل شخصيت ۽ تحريرن جو احاطو
بهنه ڪري سگهندي، بلڪ سمنڊ ۾هڪ ڦڙي مثل هوندي.
آءُ ۱۹۵۶ع کان جڏهن تعليم جي
ڪري مستقل طور حيدر آباد ۾ رهڻ لڳس ته ساڻس ملاقات جو شرف حاصل ٿيم، ڪڏهن بهاني ڪُ
بهاني ڏيپلائي پريس ۾ جهاتي پائڻ سان ته ڪڏهن ”سنڌي ادبي سنگت“ جي ڪنهن گڏجاڻيءَ
۾ملاقات ٿيندي هئي.
منهنجي لکڻ جي عمر اُن وقت ڏيڍ
ٻه سال هئي. ”سنڌي ادبي سنگت“ جي ڪچهرين ۾ جيڪي ماڻهو مليا، اُنهن جو ادبيقدم مون
کان بلند هو. ڏيپلائي صاحب به اُنهن ۾هڪ هو. اڪثر”ڪراچي هوٽل“۾به اهڙين شخصيتن سان
مُڪا مليو ٿيندو هو. آءٌ يترو ننڍو هوس، جو ڪنهن کي مسنظر ايندوهوس. منهنجي اڳيان
جيڪي شخصيتون هيون، انهن ۾ غلام محمد گرامي، عبدالله خواجه، مقبول ڀٽي، تنوير
عباسي ۽ ٻيا اديب مون لاءِ دلچسپيءَ جو باعثهئا. ”ادبي سنگت“ ۾ ڏيپلائي صاحب ڪڏهن
ڪڏهن ايندو هو، پر منهنجي ساڻس واقفيت پڪي ٿي چُڪيهئي. ڪيترائي ڀيرا مليا هوندا
سين، پر جيڪي ڳالهيون مون کي ياد پون ٿيون ۽ بيان ڪندي سندس تصوير اڳيان اچي
ٿيوڃيم، سي هي آهن:
ڏيپلائي صاحب کي فارسي، اردو ۽
هندي شعرن سان به چڱو شفق هو. هو اڪثر پنهنجن مضمونن ۽ ڪتابن جي بابن جي ابتدا
توڙي وچ ۾ڪو نه ڪو شعر ڏيندو هو. روبرو ملڻ وقت به اڪثر نقل نظير ۽ شعر موقعي سان
چوندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري اسين ٻه ڄڻا استاد شاگرد، جيئن ئي کيس رستي ۾
مليا سين ته ڪبير جوهي دوهو چيائين:
گُرو گوبند دونون کڙي، مين ڪس
ڪي لاگون پان
مين بلهاري اُس گوبند ڪي، جـــو
گُرو ملايا ميانهن.
هڪ ڀيري
فردوس سئنيما حيدرآباد جي سامهون واري ننڍي ڪيفي ۾ ويٺا هئاسين، سن ۱۹۷۰ع جو زمانو هو. ڏيپلائي
صاحب، گرامي صاحب، آءُ ۽ ڪي ٻه دوست ٻيا به هئا. ڪافي جي صلاح ڪنهن ڪئي هئي، اهو
به ياد نٿو پويم. ڪافي کي ڪوپ ۾ ڏيپلائي صاحب، چمچي سان گهوٽي رهيو هو. گهوٽو ڪجهه
وڌي ويو. گرامي صاحب چيو: ”ڪوپ جو ترو ٿو ڪڍين، هاڻي بس ڪر!“ ڏيپلائي صاحب چيو؛
”اِهي اٿئي ڌراڙن جا ڌڪ!“ پوءِ گهڻي دير تائين کلندا ۽ ڪچهريءَ جو مزو وٺندا رهياسين.
ڪافيءَ به ڏاڍو مزو ڏنو.
ڏيپلائي صاحب سان گهڻيون
ملاقاتون رستي هلندي ٿينديون هيون، ڪا نه ڪا دلچسپ ڳالهه ڪندو هو. هڪ ڀيري سلطان
هوٽل حيدر آباد وٽان پئي آيو. ”حيدر چوڪ“جي ويجهو آمهون سامهون ٿي ويا سين. انهن
ڏينهن ۾ بدين جي ويجهو هڪ پير ”مئين موسيٰ“ جو چوٻول هو. ماڻهو ريل گاڏين ۽ ٻين سوارين
۾ جوق درجوق ايندا هئا ۽ جيڪي موٽندا هئا، بس چوندا هئا ”اسان جي مراد پوري ٿي“ ته
وري ٻيا عازمِ سفر نظر ايندا هئا. ائين ڪي مهينا هي سلسلو رهيو. اهو ئي طريقو ۽
پبلسٽيءَ جو نمونو ڏيپلائي صاحب جي نظر ۾ انهن مرشدن جي مريدن رائج رکيو هو، جن جا
وکا هُو”مرشد سيريز“ ۾ پڌرا ڪري چڪوهو. اڄ به ملڻ ساڻ مون کي جيڪي لفظ چيائين، سي
هئا: ”اِن تو واري مئين موسي کي ڏس ته گهُايو ٿو وٺان. “ ۽ هٿ جي چپٽيءَ جو به
اشارو ڏنائين. پوءِ ٻه ٽي هفتا مئين موسي جي برخلاف خوب لکيائين ته اهو ڪو هٿ ناٽ۽
ڪاريگرن جو ٺاهيل ٽڪ ساٺ آهي، ميون موسو آهي ئي ڪو نه.
هئو به ائين، ڪي ماڻهو قبر ۾
ٽيپ رڪارڊ رکي ويٺا هئا يا اندر ڪو مائيڪروفون هو، جتان سائلن کي جواب ڏنا ويندا
هئا. اُهي قبر تي ڪن لڳائي پنهنجو نالو ٻڌي به خوش ٿي هليا ويندا هئا. اُنهن جي
چوڻ تيوري ٻيا سائل اچي پهچندا هئا. نيٺ معلوم پڌرو ٿيو. بقول ڏيپلائي صاحب جي
ميون موسو ته ڪو نههو، پر ڪمائڻ وارامال ڪمائي ويا. اُهي سائلن کان حال احوال وٺي
ائين جواب ٺاهي ڏيندا هئا، جيئن مرشدن جا خليفا ڪندا هئا. جيئن اُنهن جا وکا ”مرشد
سيريز“۾ پڌرا ڪندو هو، تيئن خلق ڏٺو ته مئين موسي جا به ڏينهن پُڄي آيا.
ڪي ٻيا موقعا هئا، جن تي مليا
سين، گهڻيون ڪچهريون ٿيون، پر ڪي ڳالهيون ياد نٿيون پونم. آخر ۾ايترو عرض ڪندس
تهاسان جو هي مرد مجاهد ليکڪ، پنهنجي دور ۾ منفرد ۽ يگانو هو. ويهين
صديءَ جي سڄي ادبي ۽ صحافتي حاصلات ۾ کيس ڪنهن ٻئي سان تحريرن جي لحاظ کان ڀيٽي
نٿو سگهجي.
ڏيپلائي صاحب صاحب هڪڙوئي
روشنيءَ جو منارو آهي. ننڍن کي به ڀرپور داد ڏيندو هو. مون
کي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ تي جيڪو داد ڏنائين، سو مون وٽ خط جي
صورت ۾موجدو آهي. خدا رحمت ڪريس، عجب آزاد مرد هو. ڏيپلائي صاحب ٻيو ڪو نه ٿيندو!
ڏيپلو زنده باد!
***
منهنجو استاد ـ منهنجو رهبر
ڊاڪٽر حميده کهڙو
اهو صحيح آھي
ته منهنجي ڏيپلائي صاحگھب سان ڪڏهن ملاقات نه ٿي سگهي، پر تنهن هوندي به آءُ چئي
سگهان ٿي ته آءُ پاڻ کي ڏيپلائي جنريشن مان سمجهان ٿي. اها جنريشن، جيڪا ڏيپلائي صاحب
کان تمام گهڻو مٿاثر ٿي.
اسان جي وقت ۾ ٽي درجا سنڌي
پڙهڻ کان پوءِ انگريزيءَ ۾ تعليم شروع ٿيندي هئي، سو مون به ٽي درجا سنڌي ڪراچيءَ
۾ پڙهيا. اهي ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب هئا، جن اسان کي نه صرف سنڌي سيکاري، بنلڪ
تاريخ پڻ ڇڙهائي اسالمي دنيا جو نظارو ڏيکايرو، مان ته ائين به چونديس ته اڄ جو
آءُ تاريخدان بني آهيا، سو به ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن پڙهڻ ڪريآ! اهي ڏيپلائي صاحب جا
تاريخي ناول هئا جن ج۴ي ڪري مون کي تاريخ ۾ دلچسپي پيدا ٿي. سندس ڪتابن
جو مطالعو اسان لاءِ تمام وڏو تعليمي ۽ تربيتي عمل
(educative process)هو. سندس ڪتاب تمام دلچسپ هوندا هئا اسان ۾ ان وقت تنقيدي لاحيت ڪانه
هئي، تنهنڪري مان اهو ته چئي نه ٿي سگهان ته انهن ڪتابن جي سنڌي اعليٰ هئي يا نه، پر
اهو ضرور چونديس ته اسان انھن لکڻين جو هڪ هڪ لفظ تمام شوق
سانپڙهندا هئاسون. اتا ترڪ، انور پاشا، نورِتوحيد، ڏاهري رنگ محل، هر قسم جا هر
موضوع تي ناول، اانس انهن جو ڏاڍيي شوق سان انتظار ڪندا هئاسون: تنهنڪري مان چئي
سگهان ٿي ته مان ۽ منهنجي عمر جا گهڻائي سنڌي، انهيءَ تعليمي عمل مان گذرياسون..
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته
پاڪستان موومينٽ هڪ ليول تي ته سياستدان وڙهي رهيا هئا. ڪانفرنسن ۾ ميٽنگن ذريعي، پر
اهو ڏيپلائي هو جنهن انهيءَ تحريڪ کي عوام ۾ ايئن مقبول (popularize) ڪيو هو، جو هر هڪ
نوجوان، هر هڪ ٻار، هرهڪ گهر انهيءَ کان متاثر ٿيو. ڏيپلائيءَ جون لکيڻيون هڪ
دريءَ مثل هيون، جنهن مان هنن دنيا کي ٿي ڏٺو، جنهنڪري هنن ۾ جذبو پيدا ٿيو ۽ سنڌ
۾ پاڪستان تحريڪ لاءِ هيڏي وڏي تائيد (support) پيدا ٿي.
مون کي انهيءَ ڳالهه جو بلڪل
افسوس آهي، جو منهنجي نظر ۾ ڏيپلائي صحب لاءِ هيءَ (وڏي پئماني تي) پهرين تقريب ٿي
آهي. پاڪستان ٺھڻ کان پنجاهه سال پوءِ حالانڪ
اسان سندسن ڪتاب پاڪستان ٺهڻ کان گهڻو اڳ پڙهندا هئاسون.
اها سنڌين جي گهڻين ڪو تاهيئن
مان هڪ وڏي ڪوتاهي آهي، جو پنهنجي وڏن ماڻهن، اديبنن، علمن ۽ ليڊرن جو قدر ڪو نه
ڪندا آهيون جيڪڏهم محمد علي ڏيپلائي هيءَ ڪوشش نه ڪري ها ته ڏيپلائي صاحب کي اڃا
به وسري ويٺ هجون ها. اوهان جي مهرباني محمد علي صاحب، جواوهان پنهنجو فرض ادا ڪيو
۽ سنڌي قوم کي ياد ڏياريو ته ڏيپلائي صاحب ان تي ڪيترا احسان
ڪيا آهن. هن نه رڳو سنڌي قوم کي سياسي طور اجاگر ڪيو، پر پنهنجي تعليم، سنڌي زبان
پڙهڻ ۽ تاريخ جي ڄاڻ جو شوق پيدا ڪيو... اميد ته هي سلسلو جاري
رهندو ۽ ڏيپلائي صاحب کي هر سال ياد ڪيو ويندو.
(ڏيپلائي صاحب جي
ورسي ته ۲۰۰۱ع ۾ ڪيل تقرير تان )
***
سنڌ جي قومي جدوجهد ۽ سنڌي اديب
عبدالواحد آريسر
۱۹۶۸ع جو زمانو هو، آءُ اُن
وقت هڪ ديني مدرسي ۾ پڙهندو هوس، پرمون ۾ سنڌي ادب ۽ سنڌ جي قومي جدوجهد سان بي
پناهه لڳاءُ پيدا ٿي چڪو هو: انڪري سنڌي اديبن جي ڪابه سرگرمي ۽ جلسو هٿان نه
وڃائيندوهوس. انهيءَ شوق ۽ جذبي جي ڪري آءُ هڪ اهڙي جلوس ۾ شريڪ ٿيس، جنهن جي
اڳواڻِ مهمد عثمان ڏيپلائي، قاضي فيض محمد زرينا بلوچ ۽ ٻيا ناليوارا اديب ۽
دانشور ڪري رهيا هئا: ۽ اُن جلوس ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو شريڪ نه هو، جنهن جو واسطو
علم ۽ ادب کان هٽي ڪري، ڪنهن احتجاجي سياست سان هجي. اهو جلوس“ روح رهاڻ جي آفيس
گاڏي کاتي مان نڪري شهيد هوشوءَ جي قبر جي حاضري ڀري، اُن وقت جي ڊپٽي ڪمشنر
عثمالن علي عيساڻيءَ جي آفيس تي ختم ٿيو هو: جتي جلوس جي اڳواڻن، دي، سيءَ جي
معرفت حڪومت پاڪستان وٽ سنڌ جي ٻن وڏن اديبن ـ شيخ اياز ۽
رسول بخش پليجي جي گرفتاريءَ خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرڻ ٿي چاهيو.
اُن وقت منهنجيءَ دل ۾ سنڌ جي
اديبن ۽ دانشورن لاءَ اهو پهريون تاثر پيدا ٿيو هو ته سنڌ جو اهو باشعور حصو، نه
رڳو ڪاغذ ۽ قلم جي دنيا جو ڌڻي آهي، پر هو سنڌواسين مٿان ٿيندڙ ظلمن خلاف احتجاج ۾
اهڙيءَ ريت شريڪ ٿي ٿو. جهڙيءَ ريت هڪ سياسي ورڪر. آُن وقت مون کي سيسي ورڪر ۽ سنڌ
جي اديب ۾، احتجاج جي ميدان ۾ڪو به فرق نظر نه آيو هوـ ۽ اُها هڪ حقيقت به آهي ته
سنڌ جي اديب انگريزن جي خلاف آزاديءَ جي هلچل کانوٺي انگريزن جي جانشينن طرفان سنڌ
تي ٿيندڙ ڏاڍائيءَ خلاف نه صرف پنهنجو قلمي جهاد جاري رکيو، پر اهي احتجاجي جدوجهد
۾ پڻ ڪٿي سيسي ورڪن جي رهنمائي ڪندا نظر اچن ٿا ۽ ڪٿي خود اهڙيءَ جدوجهد ۾ ڀرپور
طريقي سان شريڪ ٿيندا رهيا آهن. ان سلسلي ۾ قيد، ڪئوڙا، زبان بنديون، ضلعي بدريون
۽ ڪڏهن سنڌ بدريون به برداشت ڪندا رهيا آهن.
اهوئي سبب آهي، جو سنڌ جي پڙهيل
لکيل ماڻهوءَ کي پنهنجن اديبن، شاعرن ۽ دانشورن تي سياسي ورڪرن ۽ قومي ڪارڪنن کان
به وڌيڪ اعتماد پئي رهيو آهي. سچ پچ ته سنڌ جي اديبن، سنڌ جي قومي جدوجهد ۾ جيڪي
قربانيون ڏنيونآهن، انهن جو ملهه ۽ اهميت ڪنهن به طرح سيسي ورڪن جي قربانين کان
گهٽ ناهي. ان سلسلي ۾ ڪيترائي مثال ڳڻائي سگهجين ٿا: جيئن سوڀي گيانچنداڻي جو طويل
قيد وبند، ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن ۽ رسلان جون بندوشون، بار بار جيل ترائون، ابراهيم
جويي جو سنڌ منا بدر ٿي ڪوهاٽ پهچڻ، شيخ اياز ۽ سندس ساٿين ـ رشيد ڀٽي۽ تنوير
عباسيءَ جون گرفتاريون ۽ مرحوم طارق اشرف جون طويل ترم ياترائون ڳڻائي سگهجن ٿيون.
اهو سڀ ڪجهه اُن ڪري ٿيندو رهيو،
جو سنڌ جي اديب، ان سموري عرصي ۾ پنهنجو پان کي، پنهنجي ادب کي، سپنهنجن ذهن ۽
ضمير کي، ڪڏهن به سنڌ جي سياست کان، سياسي مسئلن کان ۽ سياسي جدوجهد کان الڳ
سمجهيو ئي ڪونه: پر ڪن ڪن مرحلن تي سنڌ جي سياسي جدوجهد ۽ سياست جي واڳ ئي سنڌڏ جي
اديب جي ناقع سوار جي هٿ ۾ پئي رهي ۽ هن اُن واڳ کي ڪٿي به اوجهڙ ۾ اڇلائڻ جي ڪوشش
نه ڪئي ۽ هو اُن پوري سفر ۾ ڪڏهن به جهڪيو، جهريو ۽ ٿڪو نه هو. هن عرصي ۾ سنڌي
اديب جي جدوجهد کي اسان وڏي فخر ۽ مانسان دنيا جي مجاهدن ۽ لازوال اديبن جي قلمي ۽
عملي جدوجهد سان ڀيٽڻ ۾ ڪو به شرم محسوس نٿي ڪيو، پاڻ فخر طور اُهو چوڻ جا حقدار
هئاسين ته ڏکڻ ايشيا جي پٺتي پيل محڪوماڻي نظام ۾ سوچيندڙ سنڌي اديب تخليقي جدوجهد
۾ لورڪا، ڊيوڊ گيسٽ، گهمنگوي، پابلو نرودا ۽ منشي پريم چند کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ
ناهي.
ان ڪري، جو انهن کي ابلاغ جي
سطح ۽ جيڪو تخليقي ماحول ميسر هو، سو سنڌي اديب وٽ نه هڻڻ جي باوجود، تخليق جي
سگهه ۽ عمل جي وچائي هنن کان وڌيڪ هئي. اُن ڪري، جو هنن جو تڪليف ده سفر هفتن، مهينن
۽ ڪجهه سالن جو هو، پر سنڌي اديب وٽ اُن جي ابتدا نه صدين تائين ڦهليل هئي ۽ انتها
نامعلوم. ان سبب جي ڪري ئي سنڌ جي ادب، جن ۽ جڪر، جنهن ۾ شاعريءَ کي خصوصي اهميت
حاصل آهي، تنهن نه رڳو برصغير، پر پوري چوٿين دنيا ۾ امامت وارو مقام حاصل ورتو هو.
پر اڄ صورتحال ڪجهه مختلف آهي. سوويت
يونين ڇا ٽُٽو، ڄڻ ته غلامي، آزادي، استحصال، جدوجهد جبر ۽ محڪوميت جا معيار ئي
بدلجي ويا. نه رڳو انه سياسي اصلطالحن ۽ انهن اصطلاحن ۾ موجود مواد جا قدر ئي
بدلجي ويا، پر جماعتن، طبقن ۽ فردن جا فرض ۽ عمل به تبديل ٿي ويا هن، ۽ ڄڻ ته
محڪموم ملڪن، غلام قومن پيڙيل طبقن ۽ تباهه شدهه جنسن جا، نه ڪي حق رهيا آهن ۽ نه
فرض! اهو رجحان انتهائي خطرناڪ حد تائين جيترو ڏاکڻ ايشيا جي تاريخي طرح هن جي
متواخي رهندڙ ملڪ سنڌ ۾ ظاهر ٿيو آهي، اوترو آءُ سمجهان ٿو ته
افغنستان جي پٺتي هٽندڙ قيادت، پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي (پي ڊي پي) جي ڪارڪنن ۾ به
نه ٿيو هوندو.
اهڙي احساس جو عملي مظاهرو مون
کي هن سال ٿيندڙ ايشيا جي سڀ کا منظم ادبي تنظيم، سنڌي، ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي
چونڊن وارن منشورن مان ٿيو... هڪڙن جو خيال هو ته سنڌي ادب کي سنڌ جي سياست ۽
تاريخ سان ائين گڏيل هئڻ گهجر، جيئن بقول پليجي جي: جي ايم سيد سنڌ جي ڪلاسيڪل ادب
کي، سنڌ جي سياسي تاريخ سان ڳنڍي هڪ اتساهيندڙ ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، جيڪو ڪم
سيد کان اڳ ڪوئي نه ڪري سگهيو آهي“ ۽ انهن اديبن جو يقينا سنڌ جي ادبي تارريخ تي
ڳوڙهو اڀياس هو. ٻين جو خيال هو ته نڌي ادبي سنگت کي صرف اڪئڊمڪ مسئلن تي ئي توجهه
ڏيڻ گهرجي، ان کي سنڌ جي سياسي ۽ قومي مس. ئلن ۾ ڦاسڻ نه گهرجي. انهن جو چوڻ هو ته
سنڌي ادبي سنگت کي اسٽريٽ پاور، جو مظاهرو نه ڪرڻ
گهرجي، صرف ادب جي اڪئڊمڪ مئلن تي ئي ڏيان ڏيڻ گهرجي.
هاڻ اسان کي ڏسڻو اهو آهي ته
ادب جا اڪئڊمڪ مسئلا ڇا آهن۽ انهن اڪئڊمڪ مسئلن تي بحث ڪرڻ سان ئي ايشيا جي وڏي ۾
وڏي ادبي جماعت، منظم تنطيم بنجي سگهي آهي.
جيستائين مون سوچيو آهي ته ادب
۽ فن جا اڪئڊمڪ مسئلا هي آهن ته شاعريءَ جون مختلف صنفون، اُنهن جا گهاڙيٽا، ڪهاڻيون
۽ اُنهن جا قسم، مضمون ڇا آهي، مقالو ڇا کي ٿو چئجي، وائي ۽ ڪافيءَ ۾ فرق، غزل ۽ نظم
۾ تفاوت ۽ اهڙي ئي قسم جون ٻيون شيون جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت جو اهوئي ڪم آهي ته
اهو ڪم جمعيت الشعراءِ سنڌ بزم طالب المواليءِ هاڪرپ ادبي سنگت، محمد بن قاسم ادبي
سوسائٽِ يا ڪي بٻيون علائقائي يا ضللعي سطح جون ادبي تنظميون بهتر طريقي سان ڪري
رهيون آهن۽ سموري پاڪستان سطح تي حلقئه ارباب ذوق وغيره جهڙا ادارا اهو ڪم سرانجام
ڏئي رهيا آه. اُن ڪري، پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي ڪابه ضرورت ڪانه ٿي رهي، ڇو ته اڄ
ڏينهن تائين سنڌي ادبي سنگت پنهنجن ئي ڪلاسن مان اياز، جويو، نياز پليجو، گرماي، حسام
الدين، ڏيپلائي پيدانه ڪيو آهي: پر انهن سڀني، ادبي سنگت جي نصب العين ۽ جدوجهد کي
ڏسي، پاڻ کي ان ئي اداري جو فرد سمجهيو آهي.
(۱۹۹۲ع)
***
ڏيپلائي
مها ڏاهو
قمر شهباز
منهنجي ٽهيءَ جو ليکڪ شايد ورلي
ملي، جيڪو محمد عثمان ڏيپلائيءَ کان متاثر نه ٿيو هجي. پنجاهه سال لاڳيتو لکڻ وارو
هيءُ شخص، سنڌي ادب جي انهن چند ليکڪن مانهڪ هو، جنهن پنهنجي همت، محن ۽ پختي
ايمان سبب هميشه هميشه لاءِ علم ۽ ادب جي دنيا ۾ پنهنجو منفرد مقام پيدا ڪري ڇڏيو.
جيڪهن اجازت هجي ته ائين پڻ چوان ته هن اڻٿڪ انسان سنڌي ادب کي نوان لاڙا ۽ سنڌي
قوم کي اڻ ڏٺا ماڳ ڏنا. ورهاڱي کان اڳ، جڏهن تعليم يفته هندو ٻئي هر هنر سان گڏ
علم ۽ ادب تي مڪمل طور ڇانيل هئا، تهن هڪ ڳوٺاڻي، گهٽ پڙهيل ۽ ڏيپلي جهڙي پٺتي پيل
علائقي سان واسطو رکندڙ مسلمان، پنهنجي بهادري، بيباڪي ۽ قابليت سان نه رڳو
سجاڳيءَ جي جوت جلائي، پر صدين تائين ان جي حفاظت به ڪئي. اهڙي جوت، جنهن جي ڏڍ تي
کانئس پوءِ ايندڙ نسل پنهنجي منزل ڏانهن بيخوف ٿي وڌندا رهندا.
اڄوڪي ادب جي مال توڙي رومال جي
لحاظ کان، جيڪا صورت نکري نروار ٿي آهي، ان ۾ بيشڪ ڏيپلائي صاحب جو تمام گهڻو
پورهيو ۽ پريم شامل آهي. سنڌي قوم جا سياسي، سماجي توڙي معاشي مسئلا برابر سدائين
هڪ جهڙا نه رهيا آهن، پر اها به حقيقت آهي ته نوعيت بدلجڻ جي باوجود، تاريخي توڙي
سنڌواسي ڪن بنيادي هڪ جهڙاين جو شڪار رهيا آهن.
ڏيپلائي صاحب هڪ ماهر طيب طور انهن بيمارين کي ڄاتو، سڃاتو
۽ محسو ڪيو. انهن اگهاين جي علاج لاءِ قلم کي نشتر طور ڪتب آندو ۽ مرض کي جڙ کان
ڪوري ڪپڻ لاءِ ڏينهن رات ايڏي ته جاکوڙ ڪئي، جو لاڏاڻي ويل سوا سئو کان وڌيڪ تاب
ڇپيل صورت ۾ ۽ ان کان ٻيڻو مواد ٽڙيل پکڙيل اخبارن، رسالن ۽ پمفليٽن جي شڪل ۾ اسان
وٽ امانتي ڇڏي ويو. اهڙو پورهيت ۽ هڏ ڏوکي اديب ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ هجي ها ته شايد
سندس ڪم ۽ ڪارناما دنيا جي اهم زبانن ۾ ترجما ٿي چڪا هجن ها، نوبل انعام جو مستحق
بنجي ها ۽ مٿس سوين هزارين تحقيقي ڪتاب چڪا هجن ها.
اها اسان جي بدقسمتي چئجي ته اڄ خود سندس لکيل ڪتاب به
اڻلڀ آهن. ڪنهن به اداري کي ايتري توفيق نهٿي آهي ته ڏيپلائي صاحب جي ڇڙ وڇڙ لکڻين
کي گڏ ڪري، سهيڙي ۽ سنڀالي ٻيهر پڌرو ڪري، يا وري گهٽ ۾ گهٽ پاڻ وٽ محفوظ ئي ڪري
رکي ته جيئن آئيندي ڪو فرد يا سنگ اُن کي ڇپائي سگهي. گڏوگڏ اهو پڻ ضروري هو ته هن
انوکي ڏات ڌڻيءَ جي فن تي ڪي ادبي سيمينار، ورڪشاپ يا تنقيد مذاڪرات ڪرايا وڃن ها
۽ نوان توڙي پراڻن ليکڪن جي رونمائيءَ لاءِ اهم نقطا اخذ ڪري، پنهنجي ادبي خزاني ۾
اضافو ڪجي ها. ائين ڪو نه ٿيو، ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي ڏيپلائي صاحب جا شيدائي ان
۾ ڪميءَ کي پورو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري نروار ٿين ۽ هن وقت تائين جاري قومي بي
حسيءَ جو پورائو ڪري سگهن.
ڏيپلائي صاحب جو عملي سفر سندس
معاشي سفر سان لاڳاپيل آهي. چڻنگ دُکي ته اڳ ئي پئي هئي. ڀنڀٽ ٿيڻ ۾ دير ئي ڪا نه
لڳيس. ڳڀي جي ڳولا ۾ نڪتل هي ٿاريلو نوجوان ڄڻ سڪندر هو؛ جو آب حيات جي تلاش ۾ جهر
جبل جهاڳيندو، ڌوڪيندو، هو ڪاريندو، اڳتي وڌندو ئي ويو. پنهنجون راهون، واهون ۽
واٽون پاڻ جوڙيائين. کانئس اڳ ڪو نقش، ڪو نشان، ڪو مثل ڪو مثال هو ئي ڪو نه، جنهن
جي تقليد ڪري. هُوئي راهَه، راهرو ۽ رهنامهو. عجب انسان هو، اونداه انڌوڪار مان
آيو ۽ روشنيءَ جو مينار بنجي ويو. وڏيرن، زميندارن، نوابن ۽ سردارن جا ظلم اکين
سان ڏٺائين ۽ سندن ئي آڏو بغاوت جي علامت بنجي سينو ساهي بيهي رهيو. پيرن، ميرن، سيدن
۽ ساداتن جون چالاڪيون، چالبازيون ۽ چلو لايون پسايئن ۽ مظلوم، اٻوجهه ۽ جاهل
مريدن جو ڀرجهلو ٿي، اڪيلو سرميدان جهلي بيهي رهيو. بي رحم، ڪٺور، ڪٽر ۽ ڪانئر
وياج خور واڻئي خلاف اعلان جهاد ڪيائين. سنڌڙيءَ ڏانهن ميري اک کڻي نهاريندڙ ڌارئي
جي بيغيرت وجود تي ڪانُ ٿي ڪڙڪيو. ورهاڱي کان اڳ جهالت ۽ تعصب خلاف جنگ لڙيو ۽
پاڪستان ٺهئي کان پوءِ سياسي بازيگرن، ملن، مولوين، ڪوڙن فتوابازن، شاهن شاهزادن، ڏاڍن
ڏوهارين، سنڌ دشمنن ۽ انسانيت جي ويرين سان جهاد ڪيائين. نه ڊڳو، نه ڀڳو، نه رڪيو،
نه جهڪيو، جو سچ سمجهائين، مُنهن تي ڦهڪائي ڏنائين. پنهنجون ريتون، رسمون ۽
روايتون پاڻ جوڙيائين ڪنهن جو نه گس ورتائين، نه پنڌ پڇيائين سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيءَ، ڊرامي
توڙي ناول نويسيءَ جي نه رڳو کوٽ هئي، بلڪ بنياد ئي چڱيءَ طرح ڪو نه پيو هو.
ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ لکندڙ هنيانءَ جي
سڄائيءَ تي رنبو روڙيندا هئا. ڏيپلائي صاحب پهريون دفعو هڪ ئي وقت ڪيترين ئي
روايتين جي شروعات ڪئي. تاريخ تي قلم کڻڻ ڪٺن ڪم آهي، تاريخي ڪهاڻيون ۽ ناول لکڻ
ته وڏي دل گردي جو ڪ آهي. گذريل وقت جي واقعن کي تاريخي پس منظر ۾ سوچڻ ۽ پوءِ
سلسلي وارا لکڻ لاءِ اُٺ ڪتابن جا، وڏي وقت همت گهرجي. چڱا ڀلا ناميارا مصنف سالها
سال قلم گسائڻ کان پوءِ وڃي ڪا ڪم جي شيءِ جوڙڻ ۽ ڪامياب ٿيندا آهن.
ڏيپلائي صاحب جيان، بي
روسامانيءَ بييارو مددگاريءَ واري عالم ۾ لکڻ عام انسان جو ڪم ناهي، لکڻ ڇاپڻ ۽
وڪرو ڪرڻ جو عمل هڪ ئي شخص گڏوگڏ ڪري اهو ته تقريباَ ناممڪن آهن. پر نه، اسان جي
هيءُ اڪيلو البيلو ليکڪ، نه صرف اهو سڀ ڪجهه ڪندو هو، بلڪ ان سموري خساري سان گڏ
اشاعت گهر، اخبار ۽ رسالو پڻ هلائيندو هو. ماڻهو حيران ته آخر اهو سڀ ڪجهه ڪيئن
پيو ٿئي، جو هڪ ناول هٿن ۾ آهي ۽ ٻين جو اعلان اڳواٽ موجود پڙهڻ وارا ٿڪجيو پون، ليکڪ
ورچجي ئي ڪو نه. اهو لقاءُ اسان پاڻ پنهنجن اکين سان ڏٺو تعجب کان ماٺ ويٺو ويندي
هئي.
ههڙي همت ۽ جانقشانيءَ تي بي
ساخته دل آفرين چئي اٿندي هئي. بيماري سيماري اوکيائي اهنجائي، ريل جيل، يپلائيءَ
جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهيا. هڪ جنون هو، جو جادوءَ جيان ناممڪن کي ممڪن بنائيندو
ٿي ويو. هڪ سحر هو، جو علم ادب جي اُفق تي ڇانئبو ٿي ويو. هڪ وير هئي، جا وندي ٿي
وئي. هڪ لَهر هئي، جا لُوهيندي ٿي وئي. ماڻهو ڇا هو؟ پهاڙ هو، جو نه لُڏڻ جو، نه
ٻڏڻ جو، اٽل ۽ اڏول بيٺو رهيو. ڪير هو جو سندس راه روڪيـ بي انت بارش هئي، جنهن
ملڪ مڙيو ئي جل ٿل ڪري ڇڏيو هو.
انهن ڏينهن نه انعام نه اڪرام، نه
لوڀ نه لالچ، نه تمغا نه خطاب، نه مهان سڏائڻ جو جنون، نه پهرئين نمبر جي ڊوڙ، نه
سياسي مفاد آڏو ۽ نه وري پلاٽ، پرمٽ يا پارور جي تمنا، دل جي گهراين ۽ اعتماد جي
اونهاين سان لکيو هو. ڏاڍن جو ڏمر سر تي سهائي لکبو هو. ويرين جي وچ ۾ صرف سچ جي
سهاري لکبو هو. پاڻ پڏائڻ جو رواج پوءِ پيو. هڪ اڌ ڪهاڻي، شعر يا ڊرامو لکي، ساري
ڄمار جڳ تي احسان ڪرڻ ۽ معاوضو ميڙڻ جي لوڀ بعد ۾ منهن ڪڍيو. ڏيپلائي صاحب مرحوم
انهن مڙني مهڻن کان بينياز هو. هن ڪڏهن خواب ۾ بهپنجين خدمتن جو صلو نه گهريو
هوندو. سندس جاکوڙيي غرض ۽ معصوم هئي. لگن هئس.
ڏاڍي ڏڪائڻ جي، قاتل کي ڪيرائڻ
جي ۽ هوڏيءَ کي هارائڻ جي. تانگهه هئس سچ جي سرتي سونهري تاج ڏسڻ جي، هيڻي کي زبري
مٿان سوڀ پائيندو پسڻ جي ۽ حقدار کي مڪار ۽ ظلم تي حاوي ٿيندو محسوس ڪرڻ جي. هن
اهوئي ڪيو، جو سندس ضمير چيو. ٻئي جو سڏ پاڻ تائين پهچڻ ئي ڪو نه ڏنائين. سادو
سودو، محنت ڪش ۽ سچار ماڻهو هو. نه مخالفت جيپرواه ڪيائين ۽ نه وري واکاڻ جي ڪاڻ
ڪڍيائين، تڏهن ته سندس لفظ لفظ ۾ تاثير سمايل آهي، اکر اکر روح جي گهراين ۾ لهي
وڃڻ لاءِ آتو آهي.
ڏيپلائي صاحب جو ننڍ پڻ کان وٺي
شيدائي هوس. حيرت تعجب ۽ عقدت سان لکڻيون پڙهندو هوس ۽ ايندڙ تصنيف جو اوسيئڙو
ڪڍندو هوس. دل ئي دل ۾ کيس ديوتا جو درجو ڏئي ڇڏيو هوم. پهريون اسڪول ۾ ۽ پوءِ
ڪاليج ۾ سندس ڊراما اسٽيج ڪيم. بلڪ هڪ دفعي ته ياد اٿم ته جامع مسجد جي مکيه
دروازي ٻاهران، وچ رستي تي بيهي، سندس هڪڙو ننڍڙو ناٽڪ کيڏيوسين، جيڪو سون واٽهڙن
سڀ ڪم ڪار ڇڏي وڏي شوق سان بيهي ڏٺو. ملاقات ساڻس ڏاڍي دير سان ٿي.
حيدر آباد ۾ گهٽ اچڻ ٿيندو اٿم،
ان زماني ۾ ته تمام ورلي. ڏيپلائي صاحب کي ڏٺم ته تصوير ۾ سانڍيل سندس تصوير کي
جيئرو جاڳندو اکين آڏو ڏٺم چيائين: سٺو ٿا لکو، پر گهڻو لکو، واندا نه ويهو.
چيم: توهان جهڙي رفتار ڪٿان
آڻيون؟
چيائين: سچ لکندي قلم ٿڪبو ناهي،
آزمائي ڏسو.
گهٽ ۾ گهٽ مون آزمائي ڏٺو. سندس
پاڇي کي به پهچي ڪو نه سگهندس، پر سچائيءَ جي سگهه ايترو اتساهه ضرور ڏنم، جو اڄ
بهبنا ٿڪئي ڪاڳر ڪارا ڪندو ٿو رهان. ڏيپلائي صاحب سان پوءِ به ملاقاتون رهيون، ڪڏهن
تنوير عباسيءَ وٽ، ڪڏهن مقبول ڀٽيءَ جي معرفت، ڪڏهن طارق اشرف جي مهربانيءَ سان، هر
وقت کيس مشغول ڏٺم. اهائي معصوميت، اهائي سادگي، اهائي لگن، اهائي تڙپ، اهائي
جدوجهد، هڪ مشن هئس، جنهن ۾جُنبيو رهيو. بيماريءَ ۾پير سنيءَ به سندس جوش ۽ جذبي
کي ڪين گهٽايو. ويو ته پويان عزم، ولولي ۽ همت جو عظيم ورثو ڇڏي ويو. ڏک اهو آهي
ته اسان سندس قدر ڪو نه ڪيو. سندس ياد کي تازي رکڻ لاءِ نه سندس
”اشاعت گهر“ کي ٻيهر جيئاري سگهياسين، نه سندس تصنيفن کي ٻيهر ڇاپائي سگهيا سين ۽
نه وري سندس نالي تي ڪو ادارو قائم ڪري سگهيا سين. ههڙي محسن کي اهڙي اڻ وڻندڙ موٽ
ته ڌاريا به ڪو نه ڏيندا آهن، پوءِ اسان اهڙي ڪُريت ڇو قائم ڪئي، سا ڳالهه سمجهه
۾نه آئي.
هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل، هي
جهوليءَ جهوليءَ ۾ گل ڦل،
ويا سانول ڇاڇا سڳ ڇڏي، ڇا
جندڙي کي جرڪائي ويا! (اياز)
سنڌ ڀل ته جوڌا ۽ دودا ڄڻي، اياز
۽ نياز پيدا ڪري، شهمير ۽ شمشير آڇي، پر ٻيو ڏيپلائي ڏئي سگهندي؟
ڏيپلائي، جو سنڌ جي سونهن هو،
اوکين واٽن جو اڪيلو مسافر هو،
جنهن جي سَنڌ سَنڌ ۾ سنڌ جي سڪ
سمايل هئي،
جنهن جي من ۾ اَٻولهه، بي پهچ ۽
مظلوم ماڻهن لاءِ اڻ ميو پيار هو،
جنهن کي وقت جاوي، پير ۽ مير، ماڳ
کان موڙي نه سگهيا، جو سچ هو، ساڃاهه هو، سوراڻ هو.
(روزاني ”جاڳو“ ڪراچي ۸ فيبروري ۱۹۹۶ع)
***
پوڙهو ۽ سمونڊ
يوسف شاهين
سي پوڙها به پُر ٿيا، سمونڊ
سيويو جن،
آندائون عميق مان، جوتي جواهرن،
لڌائون ”لطيف“ چئي، لعلون مان
لهرن،
ڪانهي قيمت تن، ملهه مهانگو تن
جو.
آزادي کان سنڌ ادب ۾ نئين عزم، نئين
ولولي ۽ نئين جوش خروش سانڪاهي اچڻوارو محمدعثمان ڏيپلائي صاحب اڄ بهساڳئي جذبي
سان قلم جو جهاد ڪر ي رهيو آهي. ڪهڙيءَ عجيب مٽيءَ جو جڙيل آهي هيءُ ماڻهو، جو
مختلف مرضن ۾ مبتلا هوندي به زندگيءَ جا پويان پساهه پنهنجي علم ۽ ادبجي قدمن ۾
نذرانو ڏئي رهيو آهي. بلڊ پريشر سندس جسماني توانائي ته گهٽائي سگهي ٿو، پر روح جي
رڙ دٻائي نٿو سگهي. پير سني سندس پيرن ۾ زنجير وجهي سگهي ٿي، پر ذهن تي زنگ چاڙهي
نٿي سگهي.
چاليهه ورهيه اڳ ڏيپلائيءَ
پنهنجن پڙهندڙن کي پهريون ڪتاب ڏنو، ۽ ان کان پوءِ تحرير جو ڄڻ درياههُ وهي هليو. پيرن
مرشدن ۽ ڪاني ڪرامتن جي ڌڻين خلاف هڪ تحرير هلي پئي، ڇاڇا نه لکيو ڏيپلائيءُ:
افسانا، ڊراما، ناوال، مضمون، تفسير، تشريح ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه، سادو سودو غريبمڙس،
نه مال نه مڏي، نه دولت نه جاگير، نه پٺ نه پٺڀرائي، ڊگهو قد، نڪ تي عينڪ، جسم تي
سٿڻ قميس يا شيرواين، مسڪيني حال، پر همت، جرئت، محنت ۽ محبت جا خرار، دلير اهڙو
جو درياهه جي ڪپ تي ويهي واڳونءَ سان وير وجهي ڄاڻي.
دنيا جي مشهور ليکڪ ارنيسٽ
هيمنگوي هڪ ڪتاب ”پوڙهو ۽ سمونڊ“ لکيو هو، ۽ هن کي نوبل انعام به مليو هو، جو اڄ
به اسان جي ڪاليجن تي آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ هن ڏيکاريو هو، ته ڪيئن نه هڪ پوڙهي ملاح
همت ڪري هڪ تمام وڏي مڇي وڃي ماري. اگرچه هن کي ڪا حاصلات ڪا نهٿي، پر جنهن
بهمڇيءَ جي هڏن ۽ ڪنڊن جو پڃروٿي ڏٺو، تنهن کان رڙ ٿي نڪري وئي، ته ڪهڙو نه بهادر
۽ الوالعزم آهي اهو ملاح: جنهن هيڏي آفت وڃي ماري!
سندس ڪتاب ايندا ويا ۽ ڪوڙن
پيرن مرشدن جي حاويلين ۾ ٽاڪوڙو پوندو ويو. ڪي ڪاوڙيا، ڪي وڦليا، ڪن دڙڪا ڏنا، پر
سون بٺيءَ ۾سڙي ڪندن ٿيندو آهي، سپ جر ۾ ڏک سهي موتي پيدا
ڪندي آهي، ڏيپلائي جيل ۾ رهي ”سانگهڙ“ جو تحفو کڻي آيو.
دشمن پوءِ به ڪو نه مڙيا، هن
مانجهي مڙس کي تڪليف مٿان تڪليف، اهنج مٿان اهنج ڏيندا رهيا، ڪوڙا ڪيس ٿيا،
پريس تي حملو ٿيو، الهه تلهه لٽجي ويو، جو بچيو سو ساڙي رک ڪري ڇڏيائون، پر مڙڻ
وارا ڪي ٻيا. ”انسان جي تاريخ“ جنم ورتو.
پيري آئي ته پاڻسان سَوَ
بيماريون به کنيو آئي، پر پوءِ به نعرا نينهن جا اٿس، هن عمر، هن بيماريءَ ۾ به
”ساڻيهه ڊائجسٽ“ ڪڍيو اٿائين.
ڪيرٿو چوي ته سنڌڙيءَ جي ڪک
خالي آهي؟ ڪيرٿو چوي ته سرويچ رمندارهيا؟ ڪير ٿو چوي ته ڀٽائيءَ جي بستيءَ ۾ڪونڌرن
جي ڪمي آهي؟ ڏيپلائي ڏي ڏسون ٿا ته دل ٻيڻييو پوي. ههڙي مردانگي شل ايندڙ نسلن کي
به ورثي ۾ملي. شل ڌرتيءَ جي ڪک مانهر دور ۾هڪ ڏيپلائي جنموٺندو رهي! شل هيءُ ادب
جو شهسوار ڪڏهن به اسان کان ڌار نه ٿئي. پوڙهو ۽ سمونڊ
ڏيپلائي هڙئون ۽ وڙئون، ڏک
ڏاکڙا سهي، دردن جا درياهه جهاڳي، سنڌي اب جي جهولي موتين سان ڀري آهي، پر پاڻ
هٿين خالي آهي.
ڇا اسان پنهنجي پاري اديب کي
زندگيءَ جي هن مرحلي تي سک، سهنج ۽ راحت ڏئي نٿا سگهون؟
جي ها، ته پوءِ سندس لکڻين کي
عام ڪريون، سندس هلايل تحريڪ کي زور وٺايون ۽ سندس پيغام ”ساڻيهه (وطن) ڊائجيسٽ“
کي هينئين سان هنڍايون.
ان سلسلي ۾ هن اڻٿڪ انسان جي هر طرح مدد ڪري سگهجي ٿي.
(هفتيوار”برسات“ ۾
ڇپيل تاثر، ٻيهر ڇپيو: ”ساڻيهه ڊائجسٽ نومبر ۽ ڊسمبر ۱۹۷۸ع) طور ڪم.
(سوجهرو، اپريل ۲۰۰۲ع)
***
محمد عثمان ڏيپلائي
اڌ صديءَ کان مسلسل لکندڙ
قاضي خادم
ڏيپلائي صاحب جي باري ۾ لکڻ ڪو
سولو ڪم ناهي. هڪ اهڙو شخص، جيڪو گذريل اڌ صديءَ کان مسلسل لکندو رهيو هجي، تنهن
جي ابدي توڙي نجي زندگيءَ جي ڪنهن به پهلوءَ تي لکڻ يا ڳالهائڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي. هن
جي انسان دوستيءَ جي باري ۾ لکجي يا حق گوئيءَ جي باري ۾؛ قوم پرستيءَ جي باري ۾
لکجي يا پيرن فقيرن جي ٺڳين ۽ ٺاهن خلاف قائم ڪيل محاذ جي باري ۾ لکجي يا وري هن
جي نجي زندگيءَ جي باري ۾ لکجي، جيڪا سادگيءَ ۽ نهٺائي جي هو بهو تصوير آهي. گهڻي
پريشآنيءَ کان بچڻ لاءِ اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته ڏيپلائي صاحب ٽالسٽاءِ وانگر، پنهنجي
عوام جي حقيقي زندگيءَ جا نقش چٽيا آهن ۽ ڪيترين تلخ حقيقتن کي بي نقاب ڪيو اٿس. هن
واقعي قلم سان جهاد ڪيو آهي، جنهن جي سزا طور جيل جون هوائون به کائي آيو آهي ۽
هميشه جان جوکي جي انديشي ۾ به رهيو آهي.
سال کان اڳ مون ڏيپلائي صاحب کان
هڪ انٽرويو به ورتو هو، پر ڇپجي ڪو نه سگهيو. ان ۾ منهنجي هڪ سوال جي جواب ۾ هن
پنهنجي مخصوص پراسرار مرڪ سان جواب ڏنو هو، ”ٻيلي، آءُ ته بس هن وڏيرڪيءَ ۽ پيري
مريديءَ جي خلاف آهيان ۽ لکان ٿو، پوءِ ان کي ڀلي کڻي ادب مڃيو يا نه.“ حقيقت ۾
ڏيپلائي صاحب جي هر لکڻيءَ ۾ ان جملي جو عڪس صاف نظر ايندو.
ادبي ۽ سياسي تحريڪن جو پرجوش
ڪارڪن ڏيپلائي، خلافت تحريڪ جا پمفليٽ لکڻ ۽ مختلف ڪتاب ترجمو ڪرڻ کان وٺي ”شيخ
المشائخ“ ۽ انقلاب ايران“ ڪتابن تائين هميشه سچ چوندو رهيو. هميشه وقت سان گڏ هليو
۽ وقت کي پاڻ سان گڏ هلايائين. نوجوانن جي صحبت ۾ ته نوجوان، پر ڪُراڙن جي صحبت ۾
به نوجوان، قرآن ۽ حديث جو ڄاڻو ۽ انقلاب جو علمبردار، قدامت ۽ جدت جو حامي.
ڏيپلائي صاحب سان منهنجي واقفيت
۱۹۶۳ع ۾ حيدر آباد لا ڪاليج جي لان تي ٿي هئي، جڏهن
ون يونٽ جي مخالفت زور ٿي چڪي هئي ۽ سنڌي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد پنهنجي چوٽ پهچي
وئي هئي. ان دور ۾ منهنجي ادب ۾ نئين نئين داخلا هئي، پر حقيقت ۾ ڏيپلائي صاحب سان
منهنجي ملاقات گهڻو اڳ سندس ڪتابن ۽ بيباڪ لکڻين جي رستي ٿي چڪي هئي. هن جا ڪتاب، جن
جو مختصر ذڪر اڳيان ڪندس، هميشه کان منهنجي پسند ٿي رهيا هئا. سو هڪ ڏينهن لا
ڪاليج جي لان تي چانهه پيئندي، ناصر مورائيءَ مون کي ڏيپلائي صاحب سان ملايو. پهرين
ته آءُ ڏاڍو مايوس ٿيس ته مار هي ملان ٽائيپ شخص اهڙا انقلابي
افسانه، ناول ۽ ڊراما ڪيئن ٿو لکي سگهي، پر جڏهن هڪ دفعو هو ڳالهين ۾ کُليو ته
اکيون پٽجي ويون. پوءِ ته سنڌي ادبي سنگت جي هر گڏجاڻيءَ ۾۽ هر ادبي محفل ۾ بلڪ هر
ادبي تحريڪ ۾ هن سان ملاقات ٿيندي رهي. هو هميشه اڳيان رهيو، ۽ منهنجي نظر ۾ هي
اهو واحد اديب، آهي جنهن تحريڪن لاءِ چندو ڏيڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو. ڪا به
گڏجاڻي جي ڳالهه ڪبي ته هڪدم قميص جو آڳو مٿي ڪري وجهندو صديءَ جي کيسي ۾ هٿ ۽ بنا
پُڇي پنهنجو حصو ڪڍي رکندو تريءَ تي.
ڏيپلائي صاحب جي هڪ ٻي خوبي به
آهي، جيڪا صرف قريبي دوستن کي ئي معلوم آهي. ڪن ڪن ادبي جلسن ۽ گڏجاڻين ۾ ڏيپلائي صاحب
هٿ ۾ پنو جهلي اهڙا افسانا به پڙهيا آهن، جيڪي ڪڏهن به ڪو نه لکيا ويا. مون کي ان
سلسلي ۾ هڪ مزيدار ڳالهه ياد آهي ته ايوبي دور جا ست صوبائي وزير هڪ دفعي حيدر
آباد آيا. انهن مان ڪي ڪٿي هئا ته ڪي ڪٿي، پر انفرميشن منسٽر پريس ڪلب ۾ صحافين
سان ملڻ آيو هو. اتي ڏيپلائي صاحب مطالبن جي هڪ لسٽ کڻي آيو هو ۽ جيئن پڙهڻ شروع
ڪيائين، تيئن بجلي بند ٿي وئي. پر ڏيپلائي صاحب مطالبا پڙهي پيش ڪندو رهيو. ان تي
منسٽر کلي چيو ته ”مولانا ڪٿي اوندهه جو فائدو ته ڪو نه پيو وٺين“ ٿيو ڇا هو. جو
ڏيپلائي صاحب جي هٿ ۾ ته حسب معمول اڇو پنو هو، سو هن کي بجلي جي ڪهڙي ضرورت، هو
اڇو پنو کنيو پڙهندو رهيو.
اهڙي طريقي سان ٻين به ڪيترن
هنڌن تي ان طرح سان لکيل مزيدار ڪهاڻيون پڙهي، ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو هئائين.
ڏيپلائي صاحب جي باري ۾ ڳالهائڻ
يا لکڻ مهل ڪنهن به خيال ۾ ٻه رايا ڪو نه ٿا ٿي سگهن. جيڪڏهن مون کي چيو وڃي ته
آءُ سندن متعلق هڪ سٽ ۾ پنهنجي راءِ ڏيان ته آءُ يقيناَ چوان ته ” ڏيپلائي صاحب سماج
جو هڪ بي ريا ۽ سچو نقاد آهي“. هن سٽ ۾ اڃا به جيڪو واڌارو ڪري سگهجي ٿو ته اهو
آهي اکر ” بي ڊپو“ جيڪو واڌائي ڇڏجي ته ٺيڪ لڳندو.
مون اڳي ئي چيو آهي ته ڏيپلائي صاحب
کي آءُ تڏهن کان سڃاڻان، جڏهن مون اڃا پورو پڙهڻ به شروع ڪو نه ڪيو هو ۽ جڏهن کان
پڙهڻ شروع ڪيم، تڏهن کان هن جا ڪتاب منهنجا بهترين ساٿي هئا. مون کي اها ته خبرت
ڪا نههوندي هئي ته پيرن فقيرن جون ٺڳيون، وڏيرن جون ڏاڍايون ۽ دولتمندن جون
ارڏايون ڇا ٿينديون آهن، پر اُهي ڳالهيون وڻندڙ ضرور هيون. ڏڪار جي باري ۾ سندس
لکيل ڊرامو ”ڏڪار“ پڙهي، آفيسرن جي خراب حرڪتن ۽ بي ايمانين ي خلاف جيڪا نفرت پيدا
ٿي، سا اڄ سوو دور ڪا نه ٿي آهي. ”مرشد جي ٽنگ“ ۽ ان قسم جون ٻيون ڪهاڻيون پڙهي، جيڪي
اثر اسان ان وقت قبول ڪيا، سي اڄ سوڌو اسان جا رهبر آهن. اهي ئي اثرات آهن، جن جو
اولڙو اسان جي اڄ جي قلمڪار ۽ لکيتن ۾ جا بجا نظر ايندو.
ڏيپلائي صاحب جي لکڻين تي
انفرادي طرح ڳالهائڻ ته منهنجي وس کان ٻاهر آهي، ڇو جو جيترو
ڏيپلائي صاحب لکيو آهي، ان تي جيڪڏهن ڳالهائجي ته شايد ان لاءِ به سڄو سال ملهائڻو
پوي. آءُ سندن لکڻين جي اجتماعي تاثرات جي باري ۾ چند لفظن چوندس. هي سنڌ جو اهو
اديب آهي، جنهن جون لکڻيون سنڌ جو آواز آهن؛ هن ڌرتيءَ جي چپيل ۽ چيڀاٽيل مظلوم
هارين، ڪڙمين ۽ ڪاسبين سان صدين کان ٿيندڙ ظلمن جي خلاف ڀرپور آواز آهن. انهن ريتن
۽ رسمن جي خلاف احتجاج آهن، جيڪي مختلف وقتن ۽ مختلف نالن سان هن ڌرتيءَ جي وارثن
تي مڙهيون ويون آهن، جن جو مقصد صرف هي آهي ته هڪ مخصوص طبقي جي مفادن جي حفاظت ٿي
سگهي. جيئن ته ڏيپلائي صاحب خود سندن چوڻ مطابق جڏهن ٿر مان سنڌ جي شهري زندگيءَ ۾
مدي خارج سوچ جو ٽڪراءُ شهري زندگيءَ جي جديد سوچ سان ٿيو بقول سندن پهريون دفعو
ته کين سيڌو ڏسي به الٽي اچي وئي هئي. ان وقت يقيناَ ڏيپلائي صاحب جا ڪي مذهبي ۽
سماجي نظريا هوندا، جن جو بنياد ڳوٺاڻي تهذيب جي قدرن تي ٻڌل هوندو. پاڻ ڳوٺن ۾
وڏيرن، پيرن، فقيرن ۽ سيٺين جي ظلمن ۽ اُرهه زوراين جو تماوشو ڏسي چڪو هو ۽ مذهب
جي باري ۾ جيڪو ذاتي مشاهدو ڪري چڪو هو، ان بابت ظاهر آهي هڪ مخصوص ڳوٺاڻي ماحول ۾
هن جا تاثرات ڇا هوندا: ليڪن پاڻ جڏهن شهر پهتو ته اتي سندن انهن ئي نظرين ۽ خيالن
جو ٽڪراءُ، جديد نطرين ۽ قدرن سان ٿيو، جنهن سندن من ۾ مانڌاڻ پيدا ڪيو ۽ اهو سادو
سودو محمد عثمان ميمڻ، ڏيپلائي صاحب بنجي ويو. هن جي لکڻين ۾ پنهنجي ذات کان وڌيڪ
ٻين جي ڏک سور جي ڳالهه ڪيل هئي، تنهنڪري اهي هدم قبول ڪيون ويون. هن جون لکڻيون
ايتريون ته جلد قبول ٿيون، جو ان جو مثال ملڻ ممڪن ناهي. ”عبرت“ جو ڪتابي سلسلو، ان
وقت هندو مسلم ڪنٽرو ورسيءَ کي منهن ڏيڻ، سنڌ جي عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ ۽
استحصالي گروپ جو ڀانڊو ڦوڙڻ، سماجي اڻ برابريءَ وارين حالتن جي خلاف افسانا، ڊراما
۽ مضمون مطلب ته ڪهڙي صنف هئي، جيڪا پنهنجي جذبات جي اظهار لاءِ ڏيپلائي صاحب استعمال
نه ڪئي.
ڏيپلائي صاحب نه صرف هڪ وڏو
اديب، هو، بلڪ هو سنڌ جو هڪ جهونو ۽ بيباڪ صحافي به هو. مختلف دورن ۾ هو مختلف
رسالا ۽ اخبارون ڪڍندو رهيو. پوءِ انهن ۾ سچ لکڻ جي پاداش ۾ سزائون ڪاٽيائين، عتاب
هيٺ رهيو، پر مجال آهي جو سائين سچ چوڻ کان مڙي. ”مسلمان“، ”عبرت“، ”سنڌ ٽائميز“
مطلب ته ڪڏهن به خاموشي نه رهيو. ڏيپلائي صاحب پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين
لکندو رهيو. وڌندڙ عمر ۽ پير سني به کانئس سندن حوصلو، اعليٰ ظرفي ۽ خوشطبعي نه
ڦري سگهيون. ٿورو ئي وقت اڳ ايل ايم سيءَ ۾ هڪ تقريب ٿي، اتي مهتاب چنا حسب معمول
انائونسمينٽ ڪري رهي هئي. پاڻ مون کي کلي چيائين، ”ڏس خادم، هيءَ
ڇوڪري ساڳي مهتاب چنا جي ڪاپي پئي ڪري. پر هيءَ ٿوري سنهڙي آهي.“ ان تي منهنجي ڀر
۾ ويٺل مهتاب چنا جي ڀيڻ چيس، ”مهتاب ئي آهي.“ اهو ٻڌي پاڻ ڏاڍو خوش به ٿيو ۽ کليو
به. پوءِ ته سڀني کي کلي کلي ٻڌائڻ لڳو ته ”ڏسو، مون ڪهڙو چريائيءَ جو ڪم پئي ڪيو،
اصل مهتاب تي به نقل جو شڪ ٿيم.“
ائين هڪ دفعو پريس ڪلب ۾ فلم شو
هلي رهيو هو. ڏيپلائي صاحب به آيو. اتي بدر جالندريءَ سان به گهڻي دل لڳي ڪندو
هو. ساڻس گڏ الاهي ٻار هئا. مون چيومانس، ”سائين ٻار توهان کي به گهلي آيا.“ اهو
ٻڌي پاڻ کلي چيائين، ”ڪين آئون ٻار جي بهاني پاڻ ڏسڻ آيو آهيان.“ هن
جي زنده دلي آخري دم تائين قائم رهي. مون جڏهن سندن گهر جي اڱڻ ۾ سندن وري ٿا لکون
ڪجهه، ڪنهن نه ڪنهن ظلم جي خلاف“.
سنڌيءَ ۾ جن اديبن تي ڏيپلائي
صاحب جي لکڻين ۽ سوچ جو گهڻو اثر آهي، تن ۾ ڊاڪٽر
نجم عباسيءَ جو نالو سر فهرست آهي. هن ڏيپلائي صاحب جي جهادي جي جذبي کي اڳتي
وڌايو آهي. هن جي ڪهاڻين مان سنڌ جي مظلوم طبقي جي پگهر جي بوءِ اچي ٿي. هن به
پيرن فقيرن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي خلاف قلم کي استعمال ڪيو آهي.
ڪنهن سچ چيو هو، ” ڏيپلائي صاحب هڪ شخصيت نه، پر سنڌ جو
نقشو هو.
***
No comments:
راءِ ڏيندا