وزير منگي
دادوءَ جو دادلو
ادل سولنگي
زندگي اُڀ تي ڪبوتر اُجرو.
موت وحشي عُقاب وانگي.
صدين کان وٺي ڌرتيءَ تي زندگي ۽
موت وچ ۾ ويڙهاند جاري آهي. ڪڏهن زندگي سوڀاري ٿئي ٿي ڪڏهن موت سوڀارو ٿي وڃي ٿو.
پر هن ڌرتيءَ تي ڪي انسان اهڙا به هوندا آهن جيڪي پنهنجي لازوال جدوجهد وسيلي
پنهنجي زندگيءَ جي بازي هارائڻ باوجود موت تي سوڀ حاصل ڪري ويندا آهن ۽ اهڙا
سوڀارا انسان سڄي دنيا ۾ موجود آهن جيڪي مئي پڄاڻان به ڄڻ ته اڄ جي دنيا ۾ جيئرا
جاڳندا انسان محسوس ٿيندا آهن. جيڪي پنهنجي نيڪ ۽ صالح عملن جي ذريعي امر ٿي ويندا
آهن. اهڙن امر انسانن ۾ دادوءَ جو دادلو وزير منگي پڻ آهي جنهن ننڍڙي وهيءَ ۾ علم،
ادب سياست، صحافت ۽ سماجي سجاڳيءَ جي حوالي سان اڻ ٿڪ ۽ مثالي جدوجهد ڪري نه رڳو پنهنجو پر سنڌ واسين
جو مان مٿاهون ڪري ويو آهي. جنهن جو نالو تاريخ ۾ سدائين امر رهندو، وزير منگي
جنهن جو جنم ۱۰ مارچ ۱۹۶۵ع ۾ نصيرآباد ڀرسان ضلعي لاڙڪاڻي
جي ڳوٺ واسو ڪلهوڙي ۾ ٿيو. جنهن پرائمري پنهنجي ڳوٺ مان پاس ڪئي جڏهن ته مئٽرڪ ۽
بي ڪام دادو مان پاس ڪئي، وزير منگي، بي اي ۽ ايم اي مادر علمي سنڌ يونيورسٽي
ڄامشوري مان پاس ڪئي ۽ اڳتي هلي هو استاد بڻيو. وزير منگيءَ سان منهنجي سڃاڻپ ۱۹۸۲ع پاس ڌاري سنڌي
ادبي سنگت شاهه آباد شاخ دادوءَ جي گڏجاڻين ۾ ٿي. جيڪي گڏجاڻيون ان زماني ۾ سندس
وڏي ڀاءُ اطهر منگيءَ جي اوطاق تي جڳت آباد ۾ ٿينديون هيون. ۱۹۸۳ع ۾ مارشل لا خلاف
هلندڙ جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ دادوءَ کي ويٽنام جو نالو ڏنو. جڏهن مارشل لا
پنهنجي سموري وحشيپڻي سان سنڌ جي ڌرتي کي تاراج ڪري رهي هئي ۽ جڏهن لانگ بوٽن جون
لوڌون ڳوٺن جا لوڙها لتاڙي رهيون هيون، جڏهن سنڌ جي نڙيءَ تي نهن ڏئي. بندوق جي
زور تي آڻ مڃائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون هيون. ان ئي زماني ۾ سنڌي ادبي سنگت شاهه
آباد شاخ پنهنجون سموريون سرگرميون، ايم آر ڊي تحريڪ سان سلهاڙي ڇڏيون هيون ۽ ان
ئي زماني ۾ سنگت جي سيڪريٽري سقراط سيتائي کي گرفتار ڪري ميهڙ فوجي ڇانوڻي ۾ رکيو
ويو هو.
وزير منگيءَ جو اهو ادب جي دنيا
۾ اچڻ جو شروعاتي زمانو هو. اڳتي هلي جڏهن سنڌ سنگت جون مرڪزي چونڊون ٿيون ۽ تاج
جويو سيڪريٽري ٿي آيو تڏهن هن محسوس ڪيو ته دادو شاخ ۽ شاهه آباد شاخ کي ملائي هڪ
شاخ دادو شهر جي نالي سان هلائي وڃي. تاج جويي. جيڪا ٽه رڪني آرگنائزنگ ڪاميٽي
جوڙي هئي ان ۾ ڊاڪٽر شمس سومرو، آءٌ ۽ وزير منگي شامل هئاسين. شاهه آباد شاخ جي ادبي
گڏجاڻين ۾ تڏهن. سائين استاد بخاري نور گهلو، اطهر منگي، سنڌو ميراڻي، ڊاڪٽر شمس
سومرو، احمد خان ملڪاڻي، عبدالله مگسي، قمرڀان، فاروق سولنگي، راشد مورائي خاڪي
جويو، رکيل مورائي، تاج جويو، شير زمان سومرو، الطاف انصاري، مجيد پنهور، فضل
لغاري، شير زمان سولنگي، مقبول گهلو، اميد سنڌي، ملوڪ لنڊ، علي گوهر سومرو، طفيل
گهلو، پروانو سيوهاڻي، خالد ميمڻ، آفتاب ڪمال سولنگي، شان راشدي، عباس سولنگي،
سقراط سيتائي، وفا جمالي، عثمان ميمڻ، شير محمد ڀرڳڙي، منظور ٿهيم ۽ وزير منگي
سميت ڪيترائي اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيندا هئا. وزير منگي ان زماني ۾ مخدوم بلاول ٻالڪ
سنگت به ٺاهي ۽ سندس گيت پي ٽي وي تان نشر ٿيڻ لڳا. آءُ جڏهن به دادو ويندو هئس
تڏهن وزير منگي منهنجو ميزبان هوندو هو، توڻي جو منهنجي ڀائرن جا گهر به دادو ۾
هوندا هئا تڏهن به گهڻو وقت وزير منگيءَ سان گذرندو هو، ڪڏهن، سنڌي ادب سنگت جي
آفيس، ڪڏهن پريس ڪلب، ڪڏهن سندس اسڪول ۽ وري ڪڏهن نئين چوڪ تي سندس اخبار جي آفيس
۾ ساڻس ڪچهريون ٿينديون هيون. وزير منگي هڪ ئي وقت، علم، ادب، سياست، صحافت ۽
سماجي جاڳرتا جي حوالي سان جدوجهد ڪندو رهيو، مخدوم بلاول ٻالڪ سنگت، سنڌي ادبي
سنگت، سنڌ جنرلسٽ فائونڊيشن، منگي ويلفيئر ايسوسيئيشن، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
کان ويندي عوامي آواز جي ضلعي رپورٽر ۽ مختلف اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن لاءِ هڪ ئي وقت
جدوجهد ۾ مصروف رهيو. وزير منگي پنهنجي ادبي سرگرمين ذريعي دادو سنگت کي نهايت ئي
سرگرم رکيو ۽ دادو سنگت جو ٽي ڀيرا سيڪريٽري چونڊيو. هن پنهنجي سيڪريٽر شپ دوران
تمام گهڻا يادگار پروگرام ڪرايا جنهن ۾ شهيد عادل سخيراڻي جي هر سال ورسي ملهائڻ
کان سواءِ مختلف ڪتابن جون مهورتون ڪرايون ۽ رهاڻيون، شامون، ڪانفرنسون، سيمينار ۽
ورڪشاپون ڪوٺايون جڏهن ته سنڌو ميراڻي، الهه نواز رڪڻائي، امر سنڌو، ڊاڪٽر حميد
سومري، سيد حاڪم علي شاهه بخاريءَ کان يادگار ليڪچر پروگرام ڪرايا. وزير منگي دادو
شهر جي مسئلن جي حل لاءِ شهري، سماجي تنظيمن جي سهڪار سان، جلسا، جلوس، مظاهرا،
ڌرڻا، ريليون هڙتالون ۽ بک هڙتالون ڪرايون ۽ هڪ ذميوار شهري جي حيثيت سان گهڻي جاکوڙ
ڪئي. وزير منگي، علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ صحافتي جدوجهد جي حوالي سان معتبر
نالو ۽ اهم حوالو آهي جنهن دادو شهر جي روڊن تي پنهنجي جواني جا ڏينهن حقن جي
حاصلات جي ويڙهه وڙهندي گذاريا.
اياز چواڻي ته:
جي راهه اجل ڪنهن ورتي آ،
هن ڀونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ.
وزير منگي به ڪنهن جدوجهد جو
تسلسل هو ۽ وزير منگيءَ جي جدوجهد جي تسلسل ۾ وري ٻيو ڪو ڪردار ايندو، پر وزير
منگيءَ جي جدوجهد سدائين روشنيءَ جي علامت رهندي جيڪا ايندڙ پيڙهي کي جدوجهد جي هڪ
نئين دڳ ۽ نئين واٽ تي هلڻ لاءِ اتساهه. منهنجو دوست وزير منگي. ۳۰ مئي ۲۰۱۰ع مطابق ۱۵ جماد الثاني ۱۴۳۱هه تي اسان کان وڇڙي
وڃي ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿيو پر وزير منگيءَ جي جدوجهد تاريخ جو هڪ اهڙو
داستان آهي جنهن کي وقت ڪڏهن به پٺي نٿو ڏئي سگهي. ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ننڍيون ننڍيون
جدوجهدون ڪنهن وڏي جدوجهد جي تياري هونديون آهن، جنهن جو تسلسل صدين کان هلندو ٿو
اچي. هڪڙا ڪردار اسٽيج تان هليا ويندا ۽ ٻيا اچي انهن جي جاءِ والاريندا. جيئن
انساني نسل جو تسلسل جاري آهي، جيئن سنڌو
جي وهڪري جو تسلسل جاري آهي. مون کي پڪ آهي ته سجاڳيءَ جو سفر سدائين جاري
رهندو ۽ ان سفر ۾ وزير منگيءَ جي جدوجهد به هوندي. سندس پيار جي پورهيي ۽ ڌرتيءَ
سان محبت جو مثال به موجود هوندو. هن جون سموريون يادگيريون به هونديون. هن جا ڏک،
هن جا درد، هن جون مرڪون هن جا ٽهڪ سدائين اسان سان گڏ هوندا. اسان وزير منگيءَ کي
ڪڏهن به وساري نٿا سگهون.
وزير منگي
سندس وڇوڙو
گل مورو
وزير منگيءَ جي وڇڙي وڃڻ کان
پوءِ ان جو رُوح سڄڻن جي رُوح سان سلهاڙيل آهي. هن جون يادون، هن جون ڳالهيون ۽ هن
جي ڪيل خدمتن جي جڏهن به ياد جي وير وري ايندي ته هن جو نانءُ زبان تي ايندو ته
هُو ڪيڏو نه اڏول انسان هو، جنهن پنهنجي ماتر ڀوميءَ جي جياپي ۽ آجپي لاءِ جنگ
جوٽي، سدائين سفر ۾ رهيو. ڪڏهن به پنهنجي قلم سان بي وفائي نه ڪيائين، نه وري هن
ڪنهن ڏيهه جي ڏاڍي اڳيان ڪنڌ جهڪايو پر ڇا ڪجي، موت برحق آهي.
شاعر هونئن به حساس هوندو آهي،
ايئن ئي هي اسان جو ڀلوڙ شاعر وزير منگي انتهائي حساس، ماٺيڻي طبيعت، سدائين
پنهنجي جاکوڙ ۾ رُڌل، ديس جي درد وندن سان روح رهاڻيون رچائڻ، سنڌي ادبي سنگت جي
پليٽ فارم تي دادو ۾ سائين حاڪم شاهه بخاري، سائين الهه نواز رڪڻائي کان وٺي هن
شهر جي هر ماڻهو سان محبت جو مچ مچائڻ هن اڏول انسان وزير منگي جو مشن هو. ڪڏهن به
نظرياتي ويڙهه ۾ شڪست کي آسانيءَ سان تسليم نه ڪيائين، پنهنجن دوستن جي راءِ جو
احترام، نظرياتي پختگي هن جي ساهه ۾سمايل هئي. اهو ئي سبب هو جو هن شعوري پختگي
ذريعي سماج جي تبديليءَ لاءِ قلم کي پنهنجو هٿيار بڻائي، ديس جي دشمنن سان هر
مورچي تي ويڙهه وڙهندو رهيو. اهڙا ئي ماڻهو امر هوندا آهن. هي سماج سڌارڪ به هيو
قومي ورڪر کان وٺي اهڙو ته دور انديش قلمڪار هيو جو هن جون اکيون سدائين جاڳ ۾
رهيون، زبان تي حق ۽ سچ جي ٻولي رهي. انهي حق ۽ سچ لاءِ هن ارڏي قلمڪار کي ڪيتريون
ئي صعوبتون برداشت به ڪرڻيون پيون. مسڪين حال ۾ به ماٺ هن لاءِ مهڻو هئي. سدائين
جاکوڙ جي عمل ۾ رهندڙ هي اسان جو ساٿي قلمڪار جنهن عوامي آواز سان آخري گهڙين
تائين پنهنجي نينهن جو ناتو نڀايو، اهو خود اڄ هڪ خبر بڻجي ويو آهي!
انهي خبر سان ديس جي دردوندن جو
اڄ ڪيڏو نه جيءُ جهريو هوندو. انهي خبر سان استاد بخاري، سائين الهنواز رڪڻائي جو
روح ڪيڏو نه تڙپيو هوندو، ڇو ته اهڙن سماج وادي دردوندن ماڻهن جي ئي سنڌ کي ضرورت
آهي. اهڙا ماڻهو ئي پنهنجي قلم جي نوڪ سان ڏيهه جي ڏاڍن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري
سگهندا آهن. اهڙا کرا ماڻهو ئي ڪنهن موقعي پرست ۽ مفاد پرست کي منهن تي حق ۽ سچ چئي سگهن ٿا.
وزير منگيءَ جو وڇوڙو، درد ۽
احساس جو وڇوڙو آهي، جنهن سڀني ساڃاهه وندن جو جيءُ جهوري وڌو آهي. هن جون يادون،
هن جون ڳالهيون، هن جي وڃڻ کان پوءِ به ديس جي دردوندن کي ياد ڏيارينديون رهنديون
ته انسان اُهو، جنهن جو ضمير زنده رهي ٿو، جيڪو پنهنجي سماج، پنهنجي وطن لاءِ
وڙهندي وڙهندي مٽيءَ ماءُ جي گود ۾ آرامي
ٿئي ٿو. وزير منگي اڄ به شاهه لطيف جي هن شعر جيان زنده آهي ته:
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه
مات
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.
No comments:
راءِ ڏيندا