وزير منگي
دادوءَ جو دادلو
ادل سولنگي
زندگي اُڀ تي ڪبوتر اُجرو.
موت وحشي عُقاب وانگي.
صدين کان وٺي ڌرتيءَ تي زندگي ۽
موت وچ ۾ ويڙهاند جاري آهي. ڪڏهن زندگي سوڀاري ٿئي ٿي ڪڏهن موت سوڀارو ٿي وڃي ٿو.
پر هن ڌرتيءَ تي ڪي انسان اهڙا به هوندا آهن جيڪي پنهنجي لازوال جدوجهد وسيلي
پنهنجي زندگيءَ جي بازي هارائڻ باوجود موت تي سوڀ حاصل ڪري ويندا آهن ۽ اهڙا
سوڀارا انسان سڄي دنيا ۾ موجود آهن جيڪي مئي پڄاڻان به ڄڻ ته اڄ جي دنيا ۾ جيئرا
جاڳندا انسان محسوس ٿيندا آهن. جيڪي پنهنجي نيڪ ۽ صالح عملن جي ذريعي امر ٿي ويندا
آهن. اهڙن امر انسانن ۾ دادوءَ جو دادلو وزير منگي پڻ آهي جنهن ننڍڙي وهيءَ ۾ علم،
ادب سياست، صحافت ۽ سماجي سجاڳيءَ جي حوالي سان اڻ ٿڪ ۽ مثالي جدوجهد ڪري نه رڳو پنهنجو پر سنڌ واسين
جو مان مٿاهون ڪري ويو آهي. جنهن جو نالو تاريخ ۾ سدائين امر رهندو، وزير منگي
جنهن جو جنم ۱۰ مارچ ۱۹۶۵ع ۾ نصيرآباد ڀرسان ضلعي لاڙڪاڻي
جي ڳوٺ واسو ڪلهوڙي ۾ ٿيو. جنهن پرائمري پنهنجي ڳوٺ مان پاس ڪئي جڏهن ته مئٽرڪ ۽
بي ڪام دادو مان پاس ڪئي، وزير منگي، بي اي ۽ ايم اي مادر علمي سنڌ يونيورسٽي
ڄامشوري مان پاس ڪئي ۽ اڳتي هلي هو استاد بڻيو. وزير منگيءَ سان منهنجي سڃاڻپ ۱۹۸۲ع پاس ڌاري سنڌي
ادبي سنگت شاهه آباد شاخ دادوءَ جي گڏجاڻين ۾ ٿي. جيڪي گڏجاڻيون ان زماني ۾ سندس
وڏي ڀاءُ اطهر منگيءَ جي اوطاق تي جڳت آباد ۾ ٿينديون هيون. ۱۹۸۳ع ۾ مارشل لا خلاف
هلندڙ جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ دادوءَ کي ويٽنام جو نالو ڏنو. جڏهن مارشل لا
پنهنجي سموري وحشيپڻي سان سنڌ جي ڌرتي کي تاراج ڪري رهي هئي ۽ جڏهن لانگ بوٽن جون
لوڌون ڳوٺن جا لوڙها لتاڙي رهيون هيون، جڏهن سنڌ جي نڙيءَ تي نهن ڏئي. بندوق جي
زور تي آڻ مڃائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون هيون. ان ئي زماني ۾ سنڌي ادبي سنگت شاهه
آباد شاخ پنهنجون سموريون سرگرميون، ايم آر ڊي تحريڪ سان سلهاڙي ڇڏيون هيون ۽ ان
ئي زماني ۾ سنگت جي سيڪريٽري سقراط سيتائي کي گرفتار ڪري ميهڙ فوجي ڇانوڻي ۾ رکيو
ويو هو.
