غلام محمد ساريو
ساروڻيون
رمضان ساريو
ماما غلام محمد ساريي سان منهنجي
ملاقات ۱۹۸۹ع ۾ ٿي شهر باڊھ جي درگاھ محلا
۾ پهتس، اتي معلومات ورتي ته ماما غلام محمد ساريي جو گهر ڪٿي ۽ ڪهڙي محلي ۾ آهي، هڪ
مزدور ٻڌايو ته هينئر نورالدين سومري هوٽل تي ويندو آهي، اتي دوستن سان گڏجي چانھ
پيئندو آهي، صبح جو ٽيليويزن جي نيوز ٻڌڻ جو تمام گهڻو شوقين آهي، اوهان کي اتي
ملي ويندو، پوءِ واقعي به هوٽل تي مليو، سنڌي ٽوپي ۽ واسڪوٽي پهريل هيس، مان کيس
ماما چوندي مليس سندس ويجها دوست به مون سان مليا، مون کي پنهنجي علاج ڪرائڻ لاءِ
ڪاغذ هئا، جيڪي تصديق ڪرائڻ لاءِ ماما غلام محمد ساريي جي اڳيان ٽيبل تي پيش ڪيا، مون
کي ڏسي چيائين سائين اوهان ڪٿي ويٺا آهيو. مون کيس ٻڌايو ته ڳوٺ ٻلهڙيجي. چيائين
پيرزادا صاحب خوش آهيو، استاد لعل بخش پيرزادي کي اوهان ڪيترا ويجها آهيو، مون مرڪندي
چيو ته مان انهيءَ جو ڀائيٽو آهيان. ماما غلام محمد ساريو اهو يو ڏاڍو خوس ٿيو. انهي
وچ ۾ چانھ بسڪيٽ به ٿي ويا، مون کيس ٻڌايو ته منهنجو نالو محمد رمضان ساريو آهي، مون
کي مادي جي السر آهي، علاج ڪرائڻ لاءِ خورشيد احمد جوڻيجي کي درخواست ڏني آهي، جنهن
اوهان ڏانهن تصديق ڪرائڻ لاءِ موڪليو آهي، کلندي چيائين، معنيٰ اوهان ساريا آهيو، مان
معافي گهرندي چيومانس ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ ساريا آهن، مون کيس ٻڌايو ته ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ ساريا
برادري جا گهڻي کان گهڻا گهر آباد هئا، پوءِ آهستي آهستي ٻين ڳوٺن ۾ آباد ٿيا. ماما
غلام محمد ساريو اهو ٻڌي خوش ٿيو، ڪچهري ختم ٿيڻ کان پوءِ مون کي ڪاغذن تي مهر هڻي
تصديق ڪري ڏنائين. جنهن کان پوءِ موڪلائي ڳوٺ روانو ٿيس.
انهيءَ کان پوءِ اسان جي پاڻ ۾
ويجهڙائپ ٿي وئي، ڪڏهن ڪم سانگي لاڙڪاڻي ته ڪڏهن ڏوڪري شهر ۾ ملاقات ٿيندي ئي، ماما
غلام محمد ساريي جا ويجها دوست جنهن ۾ ماما حافظ رجب سولنگي، ماما بشير سولنگي، استاد
ماما محمد شريف ميمڻ، ماما غلام محمد ڏيرو، ماما شفيع محمد ساريو، ماما طالب حسين
چنو، ماما عبدالجبار ميمڻ، ماما نياز احمد ميمڻ، ماما محمد ابراهيم ساريو، ماما
ذاڪر علي سومرو، ماما معشوق بڙدي، ماما ممتاز علي جت، ماما گل محمد ابڙو باڊھ شهر
جا دوست جنهن ۾ ماما حسين بخش چنو، ماما محمود سومرو سڀني دوستن ماما غلام محمد
ساريي جو ساٿ ڏنو. پر پيپلز پارٽي جي طرفان ڪو به ليڊر نه پهتو، جيڪو ماما غلام
محمد ساريي جي ڏکايل دانهن ٻڌي، ماما بشير احمد سولنگي روئندي ٻڌايو ته پيپلز
پارٽي جو سچو انسان دوست ڪارڪن پارٽي جي طرفان کيس کي گهڻي تڪليف آئي، هن کان جنرل
سيڪريٽري جو عهدو واپس ورتو ويو، هن ڪافي ڀيرا شهيدن جي مزارن جي اڳيان احتجاج ڪيا،
پر ڪنهن به ان جو نوٽيس نه ورتو، چونڊن وقت پيپلز پارٽي جي طرفان جنهن به اميدوار
کي ٽڪيٽ ملندي هئي ته حمايت انهيءَ جي ڪندو هيو، رات ڏينهن انهيءَ اميدوار سان گاڏين
جي قافلي ۾ گڏ هوندو هو ۽ انهي اميدوار جي سوڀ ٿيندي هئي، پيپلز پارٽي جي طرفان شهيدن
جي سالگرھ تي ويندڙ هيو، ميٽنگ يا اجلاس ٿئي تڏهن به ماما غلام محمد ساريو اتي
موجود رهندو هو. محترمه بينظير ڀٽو اليڪشن ۾ ورڪ جا پروگرام ماما غلام محمد ساريي
کان معلوم ڪندي هئي. پراڻا فائل ۽ سمورو مواد سندس گهر ۾ موجود پيو آهي جيڪو خود
اسان اکين سان ڏٺو. ماما غلام محمد ساريي آخري گهڙين تائين به پيپلز پارٽي کي نه
ڇڏيو.
ماما غلام محمد ساريو ولد واصل
ساريو مزدور جي گهر ۾ ۲۲ آگسٽ ۱۹۵۲ع تي اک کولي، سندس عمر جڏهن ۵ سال
تي پهتي ته پرائمري تعليم باڊھ شهر جي اسڪول ۾ حاصل ڪئي. انگريزي تعليم مڊل پاس ڪيائين،
اڳتي تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. سماجي ڪم ڪرڻ ۾ سڀني دوستن کان اڳ ڀرو هو، باڊھ شهر
۾ ڪنهن به پارٽي طرفان احتجاج ٿيندو هو ته انهن دوستن سان گڏ هوندو هو. ماما غلام
محمد ساريي کي شگر جي تڪليف ٿي پئي دوائون سدائين ساڻ کڻندو هيو ته جيئن ڪٿي وقت ۾
ڪم اچي وڃي، جڏهن به ڪٿي ملاقات ٿيندي هئي ته چانھ پيئڻ جي فرمائش ڪندو هيو، پوءِ
سڀئي ويٺل دوست چانھ گڏجي پيئن. چانھ پيئڻ کان پوءِ هر ڪو ئي پنهنجي ڪم ڪار سان
دوستن کان موڪلائي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿي ويندو هئو، سدائين دوستن جي اڳيان شهيدن جون
يادون ٻڌائي پيپلز پارٽي جي سچن ڪارڪنن کي روئاري ڇڏيندو هو، شهيد راڻي محترمه بينظير
ڀٽو جڏهن هوائي جهاز ۾ موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي لهندي هئي ته هزارن جي تعداد ۾ عوام
هوندو هو، پاڻي جي سبيل موهن جو دڙو گيٽ کان اولھ پاسي چورنگي تي استاد لعل بخش
پيرزادي، ڪاڪو محمد ڇٽل ساريو، ماما غلام محمد ساريي جي نگراني هيٺ سبيل جو پاڻي
عوام کي پياريو ويندو هو، پ پ جو قافلو ايترو ته شاندار ۽ وڏو هيو جو شهيد راڻي محترمه
بينظير ڀٽولاڙڪاڻي پهچندي هئي ته گاڏين جي لائين موهن جو دڙو تائين هوندي هئي، قافلي
کي ڏسي ٽئي دوست خوش ٿيندا هئا، ماما غلام محمد ساريي کي اوچتو دل جي تڪليف ٿي پئي،
هن پنهنجي گهر ۾ ۲۶ اپريل ۲۰۱۷ ع تي دم ڌڻي حوالي ڪيو، سندس جي جنازي نماز باڊھ جي شهر درگاھ تي پڙهي وئي،
جنهن ۾ شهر جا سياسي سماجي ليکڪ اديب صحافي معزز ماڻهن شرڪت ڪئي.
(نوٽ: ليکڪ ماما رمضان ساريو هر
ماڻهوءَ کي “ماما” چئي ۽ لکي مخاطب ٿيندو آهي)
غلام محمد ساريو
فقيراڻي طبيعت رکندڙ اڳواڻ
جو وڇوڙو
مسرور سيال
هن زماني ۾ جتي سچائي ۽ پنهنجي اصول
تي اٽل ٿي بيهڻ وارن جي کوٽ آهي اُتي ائين به ناهي ته اهڙا انسان موجود ناهن جيڪي
پنهنجي ضمير سان ايترا ته سچا بيٺل نظر ايندا آهن جن کي ڪابه رڪاوٽ روڪي نه سگھندي
آهي ۽ ڪا به لالچ گھمراھه ڪري نه سگھندي آهي نه وري انهن کي عهدن تان هٽائي ڇڏجي ته
پنهنجا رستا الڳ ڪري سگھندا آهن، اُهي اتي ئي بيٺل نظر ايندا آهن جتي هُو اچي بيهندا
آهن ڀل ته اُهي عهديدار هجن يا نه پر جڏهن عهديدار هوندا آهن ته تڏهن به ورڪر هوندا
آهن جڏهن عهديدار نه هوندا آهن تڏهن به ورڪر هوندا آهن ان جو سبب اِهو هجي ٿو ته اُهي
بنيادي طور ورڪر هوندا آهن ۽ ورڪر اڳواڻ نه پر عوام جا حقيقي خدمتگار هوندا آهن پر
جيڪڏهن ان نظر سان ڏسجي ته اصل ۾ اُهي ئي ورڪر اصل ۾ اڳواڻ هوندا آهن ۽ اهڙا اڳواڻ
وري پارٽي جو سرمايو هوندا آهن، اُها ٻئي ڳالھه آهي ته سندن زندگي ۾ سندن قدر نه
هوندو آهي پر هن دنيا مان وڃڻ کان پوءِ دنيا کي احساس ٿيندو آهي ته اصل ۾ اڳواڻ ته
هي ورڪر ئي هو اهڙن ورڪر جيان اڳواڻ باڊھه جي درگاھه شريف جو رهواسي سچو، کرو انسان
۽ فقيراڻي طبيعت رکندڙ غلام محمد ساريو هو جيڪو ايم آرڊي تحريڪ جو متحرڪ اڳواڻ هو جيڪو
گرفتار به ٿيو پر پارٽي سان سندس ناتو پڪو ۽ پختو هو هي ڀٽو خاندان جو مست ملنگ هو
پيپلز پارٽي سان سندس عشق ائين هو جئين مجنون سان ليليٰ جو هجي کيس بيگم نصرت ڀٽو،
شهيد راڻي بينظير ڀٽو ذاتي طور سڃاڻيندا هئا ۽ سندس قدر به ڪيو پر وڏيرڪي راڄ سبب کيس
تعلقي ڏوڪري جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان هٽايو ويو هو ان کان اڳ هُو باڊھه سٽي
جو جنرل سيڪريٽري رهيو هو جڏهن کيس تعلقي جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان هٽايو ويو
هو ان وقت هن محترمه بينظير ڀٽو اڳيان دانهيون هو جنهن تي محترمه کيس ساڳي عهدي تي
بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر وڏيرڪي ٽرائيڪا ان حڪم کي پٺ تي ڪري ڇڏيو هو ان وقت کان
وٺي هُو ڏکارو ضرور هوندو هو پر نااُميد نه. . . سندس سرگرميون جاري ۽ ساري
رهنديون هيون شهر توڙي تعلقي ڏوڪري ۾ ٿيندڙ جلسن جلوسن، سيمينارن، مذاڪرن، محفلن ۾
پ پ پ اڳواڻ جي حيثيت سان سڏايو ويندو هو ۽ هُو پنهنجي پارٽي جي نمائندگي ڪندو هو
سندس نمائندگي توڙي جو ذاتي حيثيت سان سمجھي ويندي هئي پر سندس ذات پنهنجي پارٽي سان
ايتري ته جڙي وئي هئي جو هُو پارٽي جي جھنڊي جيان هر وقت نمايا نظر ايندو هو، آءُ کيس
ان وقت کان سڃاڻان جڏهن ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس ان ڪري ته منهنجو وڏو ڀاءُ حاجي
امداد حسين سيال به پارٽي جو جيالو آهي ان وقت کان جڏهن کان شعور سنڀاليو هئائين غلام
محمد ساريو، خادم حسين ڪلهوڙو، وزير حسين ڦلپوٽو، اصغر ساگر ڀٽي، ظفر صديقي، محمد
خان چنه، عاشق حسين ڦلپوٽو ۽ ٻيا پارٽي جا سرگرم هئا ۽ منهنجي ڀاءُ جا دوست به. .
. . . انهن مان غلام محمد ساريو هميشه منهنجي حوصله افزائي ڪندو رهندو هو وڇوڙي
کان ٻه ڏينهن اڳ رستي ويندي شيعه عيدگاھه کان ملندي کلندي کلندي پنهنجي مخصوص انداز
۾ چيائين ته مان تنهنجا ڪالم پڙهندو آهيان ڏاڍا وڻندا اٿم، سچو آهين ڪنهن سان رعايت
نٿو ڪرين حق سچ چئي ٿو ڏئي الله خوش رکندوءِ دل خوش ڪري ڇڏيندو آهين ائين دعائون
ڏيندو اڳتي وڌيو، جڏهن به هُو مون سان ڪالم جي ڳالھه ڪندو هو ته مان شرمسار ٿي
ويندو هئس جڏهن ته ان کي ڪاڳالھه ياد به نه هوندي هئي پر مون کي ياد هوندي هئي، اُها
ڳالھه ٻئي ڪابه نه هئي آءُ هڪ دفعي کيس چيو هو ته غلام محمد تنهنجي جدوجھد تي آءُ
ڪالم لکندس آءُ سندس تصويرون به ڪڍيون هيون بس موقعي ۽ مناسبت جي ڳولا ۾ هئس، مونکي
ڪهڙي خبر ته غلام محمد ساريو ائين کلندي ڳالهائيندي موڪلائي ويندو سندس وفات جي خبر
پئي ته يقين نه پئي آيو آءُ پنهنجي دوست سينئير صحافي زيب ساريو ڏانهن فون پئي ڪئي
پر هُو به شايد آرامي هو بعد ۾ شام ۵ بجي
ڌاران پاڻ ڪال ڪيائين ته کيس ٻڌايو پر هن کي اڳواٽ خبر هئي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ
پروگرام جوڙيوسين، مون سمجھيو هو ته سندس جنازي نماز ۾ ٻيو نه ته پارٽي جا ضلعي اڳواڻ
ته ضرور ايندا پر افسوس ته هن جنازي ۾ پارٽي سان لاڳاپيل وڏيرا به نظر نه آيا جيڪي
هر وڏي ماڻهوءُ جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ نظر ايندا آهن شايد پارٽي جا سمورا مقامي
اڳواڻ به نه هئا نه، جيڪي هئا اُهي سڀني کي نظر آيا. . . . . چون ٿا ته مرحوم غلام
محمد ساريو هڪ ڏينهن اڳ ۾ ٽائون ڪميٽي باڊھه ۾ پارٽي جي دوستن سان کليو ۽ چٽو
ڳالهايو هو ۽ هن فائيل به تيار ڪيو هو ۽ باڊھه سٽي جنهن کي تعلقي جي يونٽ جو درجو
مليل آهي ان جي صدارت لاءِ اميدوار طور سامهون اچڻ جو اعلان پڻ ڪيو هو، کيس خبر هئي
ته سٽي جو صدر نه بڻايو ويندو پر ان باوجود به ميدان خالي نه ڇڏڻ لاءِ سامهون اچي
رهيو هو پر تنهن هوندي به کيس ايتري پڪ هئي ته کيس سٽي جو صدر ڪيو ويندو. سندس پڪ
ڪيتري صحيحي ثابت ٿئي ها اُهو وقت ٻڌائي ها پر ٻئي ڏينهن تي سندس هن دنيا مان لاڏاڻو
ڪري وڃڻ هڪ خال ضرور ڇڏيو آهي ته باڊھه جو هڪ سچو کرو فقيراڻي طبيعت رکندڙ اڳواڻ هميشه
لاءِ موڪلائي ويو. . . رب سائين سندس مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت فردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي
غلام محمد سارئي جھڙا ماڻهوءُ ڪهڙي به پارٽي سان واسطو رکندا هجن ڀل ته انهن پارٽين
سان اتفاق نه به هجي پر اهڙا سچا کرا انسان پنهنجي سچائي ۽ اصول تي قائم رهڻ سبب
شهر لاءِ اعزاز هجن ٿا ۽ شهر جو سرمايو هجن ٿا. . . . . جن کي هميشه ياد رکيو ويندو
پر سندن ياد ان وقت وڌيڪ محسوس ڪئي ويندي جڏهن حق، سچ جي ڳالھه جي کوٽ نظر ايندي
يا حق سچ چوندڙ ڪو سامهون ايندو رهندو.
ماما غلام محمد ساريو
وڇڙيو آھين وسريون ناھين
ماما رمضان
ساريو
ماما غلام محمد ساريو سان منھنجي
ملاقات (۱۹۸۹ع) ۾ پنھنجي شھر باڊھ جي درگاھ محلا
۾ پھتس ته ھڪ مزدور مليو جيڪو مزدوري جو ڪم ڪري رھيو ھو مان ان ڏانھن اڳتي وڌيس انھيءَ
کان معلومات ورتي ته ماما غلام محمد ساريو جو گھر ڪٿي آھي ۽ ڪھڙي محلي ۾ آھي انھيءَ
مزدور ٻڌايو ته هينئر نورالدين سومرو ھوٽل تي ويندو آھي اتي دوستن سان گڏجي چانھه
پيئندو آھي صبح جو ٽيليويزن جي نيوز ٻڌڻ جو تمام گھڻو شوقين آھي اوھان کي اتي ملي
ويندو واقعي ھڪ نوجوان شاگرد بازار ۾ مليو انهيءَ کان معلومات ورتي جنھن ٻڌايو ته
نورالدين سومرو جي ھوٽل تي ويو آھي مان جڏھن ھوٽل ۾ اندر داخل ٿيس ته مالڪ دخل
ڪائونٽر تي ويٺو ھو مان خوشيءَ ۾ اچي ويس اسلام عليڪم چئي کيس ماما غلام محمد ساريو
جي معلومات ورتي چيائين ته پ پ جو جيالو مان مرڪندي چيو ته ھا چيائين ته سامھون
اتر طرف ڏانھن دوستن سان ويٺو اٿو جنھن کي سنڌي ٽوپي ۽ واسڪوٽي پھريل آھي مان کيس
کي ماما چوندي مليس سندس جا ويجھا دوست به مون سان مليا مون کي پنھنجي علاج ڪرائڻ لاءِ
ڪاغذات ھئا جيڪي تصديق ڪرائڻ لاءِ ماما غلام محمد ساريو جي اڳيان ٽيبل تي پيش ڪيا
مون کي ڏسي چيائين اوھان ڪٿي ويٺا آھيون مون کيس ٻڌايو ڳوٽ ٻلھڙيجي پيرزاداه صاحب خوش
آھيو استاد لعل بخش پيرزادو کا اوھان ڪيترا ويجھا آھيو مان کيس کي مرڪندي چيو مان انهيءَ
جو ڀائٽو آھيان ماما غلام محمد ساريو انتھائي خوشيءِ ۾ اچي ويو انھي وچ ۾ چانهھ
بسڪوٽ به ٿي ويا مان کيس کي ٻڌايو ته منھنجو نالو محمد رمضان ساريو آھي مون کي مادي
جو السر آھي علاج ڪرائڻ لاءِ خورشيد احمد جوڻيجو کي درخواست ڏني آھي جنھن اوھان
ڏانھن تصديق ڪرائڻ لاءِ موڪليو آھي کلندي چيائين بابا اوھان ساريو آھيو مون کي معاف
ڪجو ڳوٺ ٻلھڙيجي ۾ ساريو آھن مان کيس کي ٻڌايو ته ڳوٺ ٻلھڙيجي ساريو برادري جا
گھڻي کان گھڻا آباد ھئا پوءِ آھستي آھستي ٻين ڳوٺن ۾ آباد ٿيا ماما غلام محمد ساريو
انتھائي خوشي ۾ اچي ويو ڪچھري ختم ٿيڻ کان پوءِ مون کي ڪاغذات تي مھر ھڻي تصديق ڪري
ڏنا جنھن کان پوءِ موڪلائي ڳوٺ ڏانھن روانو ٿيس انھيءَ کان پوءِ اسان جي پاڻ ۾ ويجھڙائپ
ٿي وئي ڪڏھن ڪم ڪار سانگي لاڙڪاڻي ڪڏھن ڏوڪري شھر ۾ ملاقات ٿيندي ھئي ماما غلام محمد
ساريو جا ويجھا دوست جنھن ۾ ماما حافظ رجب سولنگي، ماما بشير احمد سولنگي، استاد ماما
شريف ميمڻ، ماما غلام محمد ڏيرو، شفيع محمد ساريو، ماما طالب حسين چنو، ماما عبدالجبار
ميمڻ، ماما ممتاز علي جت، ماما نياز احمد ميمڻ، ماما محمد ابراھيم ساريو، ماما ذاڪر
علي سومرو، ماما معشوق بڙدي، ماما گل محمد ابڙو، باڊھ شھر جا دوست جنھن ۾ ماما حسين
بخش چنو، ماما محمود سومرو سڀني دوستن ماما غلام محمد ساريو جو ساٿ ڏنو پر پيپلزپارٽي
جي طرفان ڪو به ليڊر نه پھتو جيڪو ماما غلام محمد ساريو جي ڏکايل دانھن ٻڌي ماما بشير
احمد سولنگي روئيندي ٻڌايو ته پيپلزپارٽي جو سچو انسان دوست ڪارڪن ھيو پارٽي جي طرفان
کيس کي گھڻي تڪليف آئي ھن کان جنرل سيڪريٽري جو عھدو واپس ورتو ويو ڪافي ڀيرا
شھيدن جي مزارن جي اڳيان احتجاج ڪيا ڪنھن پارٽي جي طرفان نوٽيس نه ورتو ويو اليڪشن
دوران پيپلزپارٽي جي طرفان جنھن به اميدوار سان گاڏين جي قافلن ۾ گڏ ھوندو ھيو ۽ انھيءَ
اميدوار جي سوڀ ٿيندي ھئي تڏھن به ماما غلام محمد ساريو اتي موجود ھوندو ھيو محترم
بينظيرڀٽو صاحب اليڪشن دوران ورڪ جا پروگرام ماما غلام محمد ساريو کان معلوم ڪندي
ھئي پراڻا فائيل سمورو مواد کيس جي گھر ۾ موجود آھي جيڪو خود اسان اکين سان ڏٺو
ماما غلام محمد ساريو آخري گھڙين تائين به پيپلزپارٽي کي نه ڇڏيو.
ماڻھو سڀ نه سھڻا پکي سڀ نه ھنج
ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجهھ اچي بوءِ
بھار جي.
ماما غلام محمد ساريو ولد واصل ساريو مزدور جي گھر ۾ (۲۲/۸/۱۹۵۲) اک کولي سندس جي عمر جڏھن (۵) سال تي پهتي ته پرائمري تعليم باڊھ شهر جي اسڪول ۾ ڪئي انگريزي تعليم مڊل پاس ڪيائين اڳتي تعليم حاصل نه ڪري سگهيو، سماجي ڪم ڪرڻ ۾ سڀني دوستن کان اڳ ڀرو هيو باڊھ شهر ۾ ڪنهن به پارٽي جي طرفان احتجاج ٿيندو هيو ته انهن دوستن سان گڏ هوندو هيو، فوھ جواني ۾ ماما غلام محمد ساريو شادي ڪئي، جنهن کان پوءِ کيس کي اولاد ٿي، جنهن ۾ (۵) پٽ جن کي تعليم پرائمري انگريزي باڊھ شهر جي اسڪول مان ڪئي نذير حسين سئي گيس ۾ ملازم منير حسين ڊرائيور فدا حسين ڊرائيور صدام حسين مزدور شفقت حسين شاگرد (۵) نياڻيون جن کي تعليم نه ڏياري سگهي غربت جي ڪري ماما غلام محمد ساريو کي شوگر جي تڪليف ٿي پئي، علاج سدائين ساڻ کڻندو هيو ته جيئن ڪٿي وقت ۾ ڪم اچي وڃي، جڏهن به ڪٿي ملاقات ٿيندي هئي ته چانھ پيئڻ جي فرمائش ڪندو هيو پوءِ سڀئي ويٺل دوست چانھ گڏجي پيئڻ کانپوءِ هر ڪوئي پنهنجي ڪم ڪار سان دوستن کان موڪلائي ڳوٺ ڏانهن روانه ٿي ويندا هئا. سدائين دوستن جي اڳيان شهيد جون يادون ٻڌائي پيپيلزپارٽي جي سچن ڪارڪنن کي روئاري ويهاريندو هيو. شهيد راڻي محترم بينظير ڀٽو جڏهن هوائي جهاز ۾ موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي لهندي هئي ته لکن جي تعداد ۾ عوام هوندو هيو پاڻي جي سبيل موهن جو دڙو گيٽ کان اولھ پاسي چورنگي تي استاد لعل بخش پيرزادو ڪاڪو محمد ڇٺل ساريو ماما غلام محمد ساريو جي نگراني هيٺ سبيل جو پاڻي عوام کي پياريو ويندو هيو، پ پ جو قافلو ايترو ته شاندار وڏو هيو جو شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو لاڙڪاڻو پهچندي هئي ته گاڏين جي لائين موهن جو دڙو تائين هوندي هئي قافلي کي ڏسي ٽئي دوست خوش ٿيندا هئا ماما غلام محمد ساريو کي اوچتو دل جي تڪليف ٿي پئي پنهنجي گهر ۾ اربع صبح جو (۵) وڳي (۲۶/۴/۲۰۱۷) تي دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس جي جنازي نماز باڊھ جي شهر درگاھ تي پڙهي وئي، جنهن ۾ شهر جا سياسي، سماجي، ليکڪ، اديب، صحافي، معزز ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن کانپوءِ تڏي تي تعزيت ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو، جنهن ۾ ايم اين اي نذير خان ٻگهيو، امر خان ٻگهيو، منور عباسي، عبدالحي راشدي خان، محمد سانگهرو، واجد ڌامراه، بدرالدين ساريو، امداد علي ساريو، منصور ساريو، محمد خان چنو تڏي تي موجود هئا. جڏهن ته اسان ٽيجهي تي دوستن سان گڏ جنهن ۾ صحافي عبدالجبار ميمڻ، عامر ڏيرو، ربنواز کوسو، معشوق مشوري، دودو ديشي، غلام محمد ٽي، فقير ارشاد علي ساريو ۽ مان انهن دوستن سان گڏ هيس درگاھ شريف کان لڳ ساريه محله سندس جي اوطاق تي پهتاسون تڏي تي سندس جا پٽ مٽ عزيز شهري ماڻهو موجود هئا. تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ماني چانھ ٿي وئي. ماما غلام محمد ساريو جو پٽ نذير حسين کي چيم ته بابا سائين جو فائيل کڻي اچو ته ڪجھ شيون ڏسون فائيل ڏسڻ سان اسان کي معلومات به ملي ۽ خوشي محسوس ٿي. اخبارون جي ڪٽنگ تصويرن شهيدن جون جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو انهن سان گڏ دعوت نامه پروگرامن جا موجود هئا. ماما غلام محمد ساريو انتهائي محنتي ماڻهو انسان دوست ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ وارو ماڻهو هيو، اسان جون دعائون آهن سندس جي اولاد پٽن کي تي بابا جي رستي واٽ تي هلي شهرين جي بي پهچ عوام جي خدمت ڪندا، جيڪو اوهان جي مٿان فرض رهي ٿو.
No comments:
راءِ ڏيندا