; سنڌي شخصيتون: عرس چانڊيو

11 May, 2023

عرس چانڊيو

عرس چانڊيو

سريلو راڳي

ريجهو راهي



سھڻي سنڌ ڌرتي جو رسيلو راڳي محمد عرس چانڊيو، ڌرتي ڌڻين کان ھميشه لئه موڪلائي پنھنجي حقيقي مالڪ سان مليو.

·                  ڇڏيندس شھر تنھنجو نڪي ڏسنديهن نڪي رسندين.

·                  اڄ منھنجو دلبر الائي ڪاڏي ويو.

·                  کل ته ڇنڊو پئي دل تي.

انھيءَ کان علاوه ڪيترا ئي سندس ڳاتل ڪلام رڪاڊ ٿيا. اڄ پوري سنڌ ڌرتي سوڳوار آھي. رب پاڪ شل جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي، اڄ عرس چانڊيي جو اهو ڪلام ڏاڍو ٿو ياد اچي؛


ويو غريبن جو گهر لڏي، ڪلھه ٽين بجي ڌاري،

ويا روڄ راڙا رسي، ڪلھ ٽين بجي ڌاري.

سنڌ ماءُ جو سچار پُٽ عرس چانڊيو سندس شان رهيو آهي ۽ سنڌ جي سونهن ۽ سينڌ رهيو آهي. هي بلڪل اُها ئي سنڌ آهي جنهن جي سيني تي انسانيت ساھ کڻڻ جو آغاز ڪيو. هي اُها ئي سنڌ آهي جنهن جي جهولي سنڌوءَ جي جَل سان پُر آهي! سنڌوءَ جو پاڪ پويتر پاڻي هر سنڌي جي اکين ۾ جام وانگر ٽمڪي ٿو. سنڌ جڏهن رُني آهي تڏهن سندس پنبڻين ۾ لُڙڪن پلٽا کاڌا آهن! ۽ سنڌ جڏهن کِلي آهي تڏھن آسمانن به مٿن ناز ڪيو آهي، سنگيت جي حوالي سان هن ڌرتي ماتا جو وڏو مان رهيو آهي.

بابا ڀٽائي جا سُر، قلندر جون قلندري ڌمالون ۽ جهمريون! ڪنور ڀڳت جو ڇيرون ٻَڌي ڇم ڇم نچڻ! سنڌ سان وفا ۽ نسوري نينهن جا ساھ کڻندڙ ثبوت آهي سنگيت جي دنيا ۾ عرس چانڊيي به پاڻ مڃرايو آهي. هي چانڊيو منش جوڌو ميران ٻائيءَ وانگر ڌُنن ۾ سدائين موھ رهيو آهي. سنڌ جي موسيقي جو مور عرس چانڊيو جڏهن به آلاپيندو آهي تڏهن ڪائنات جو هر وجود وجد ۾ اچيو وڃي! ڄامشوري جي پٿرن سان ٽڪرائي ته امر بڻجي وئي! ۽ پوءِ وري اُها ئي عرس جي مَڌُر آواز ساڻ ٿي هوائن جي هُڳائن منجهھ عطر انبر بڻجي ويئي! هي ڪائنات ڪَلا جو ڪَٺ آهي ۽ مٿان وري عرس جو مُرڪي ڳائڻ واري ڪَلا به دلڪش رهي آهي. هن جي ڳائڻ جو انداز دل کي جهومائي رقص ۾ رنگي ڇڏيندو هو!

عرس چانڊيو، ڪارين آنڌين جو مهڙ کان مخالف رهيو آهي. پنهنجي آواز جي ذريعي ڀڳت ڪبير، لاکيڻي لطيف، سچل، اياز ۽ ٻين لاتعداد ڪَوِين جي پُڪار کي ڪلاچي جي ڪُن کان ڪارونجهر جي ڪولهين تائين پهچايو آهي، ٿر جي واري وانگر پياسو عرس چانڊيو، محبت جو مور رهيو آهي. اِها محبت ئي آهي جيڪا مسڪرائيندي ڳارائي ٿي ۽ جڏهن مُرڪن جون مُکڙيون چهري تي سجائي ڪو ڳائي ٿو ته پوءِ بس. . . !!جبر سامهون جبل وانگر سينو تاڻي ۽ پير کوڙي بيهندڙ عرس چانڊيو اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.


عرس چانڊيو

لوڪ فنڪار جو وڇوڙو

ساجد حسين سومرو

سنڌ جي عظيم ڌرتي کي اهو پڻ شرف حاصل آهي ته هن وشال ڌرتي اديبن، شاعرن، ليکڪن، تاريخدانن، انقلابي اڳواڻن، عظيم ڏاهن، ۽ جوڌن، جوانن، سميت موسيقي جي دنيا ۾ به ڪيترا ئي نالي وارا فنڪار پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي سريلي آواز وسيلي نه فقط پنهنجو، پر پنهنجي وطن جو به ڏيھه توڙي پرڏيهھ ۾ خوب نالو ڪمايو آهي، اهڙي نالي واري فنڪارن مان سرمد سنڌي، عابده پروين، علڻ فقير، جلال چانڊيو، فوزيا سومرو، ماستر چندر، ڀڳت ڪنور رام، مريد عباس، ۽ ٻيا به ڪيترا ئي اهڙا فنڪار آهن جن هميشه هر جڳھه تي سنڌ جي نمائندگي پئي ڪئي آهي، يڪتاري چپڙي جو ماهر “استاد جلال چانڊيو” جيڪو خاص ڪريThe king of jungle، جنگل جي بادشاھ، جي نالي سان مشهور آهي هن عظيم فنڪار جا ڪلام خاص ڪري اوهان کي زمينن ۾ هر ڪاهيندڙ ٽريڪٽرن ۾ ٻڌڻ وٽان ملندا، اهو ئي سبب هو جو هن کي، جنگل جي بادشاھ جو لقب مليل آهي،

هن ويهن سالن جي عمر ۾ ڳائڻ جي باقاعدي شروعات ڪئي، جنهن اڳتي هلي راڳ جي دنيا ۾ خوب نالو ڪمايو ۽ پنهنجي سريلي آواز ذريعي ٻڌندڙن کي موهت ٿي ڪيو، حقيقت ڳالھه ته اها آهي جو هن جا ڪلام ٻڌڻ سان ئي سامهون وارو ٻڌندڙ رقص ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو هو، هن استاد جلال چانڊيي کان متاثر ٿي راڳ جي دنيا ۾ پير پاتو، هن پهريون ڀيرو ۱۹۹۰ع ۾ پنهنجي استاد جلال چانڊيي سان گڏ بيهي ڳايو، جنهن بعد استاد جلال چانڊيي استادي جي روايت موجب ڳانو ٻڌي، سندس پٺي ٿڦي ڳائڻ لاِ چيو، هن پنهنجي استاد جيان يڪتاري چپڙي کي مختلف انداز ۾ وڄائي ماڻهن کي استاد جلال جي جهلڪ ڏيکارڻ جو احساس ڏياريندو هو، عرس چانڊيي استاد بخاري سميت سنڌ جي ڪيترن ئي نالي وارن شاعرن جا بهترين انداز ۾ ڪلام ڳائي خوب داد وصول ڪيو، سندس مشهور ڪلامن مان،،

منهنجا لڙڪ ته ڪونه اگهيا تو اڃان ويتر رواريون وڃين ٿو

اهڙي دوستي هلائين ٿو لڳي ٿو خون ڪرائيندين،،

اڄوڪي رات آهيون تو وٽ وري پوءِ ميلا نصيبن جا،

مون کي جلائڻ وارا ڪن کولي ٻڌجان،، سميت ٻيا به ڪيترا ئي ڪلام آهن جيڪي اڄ به ٻهراڙي جا ماڻهو پنهنجي موبائيلن توڙي ٽريڪٽرن ۾ وڏي شوق سان ٻڌندا آهن،

عرس چانڊي نه فقط ڪيسٽن پر ريڊيو پاڪستان، پي ٽي وي چينل، سميت ڪيترن ئي سنڌي نجي ٽي وي چئنلن تي پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا، هن پاڪستان جي وڏن شهرن سميت، پرڏيهھ ۾ به ڳايو جنهن ۾ سعودي عرب، دبئي، دوها ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن، توڻي جو عرس چانڊيو ڪيترو ئي عرصو ليور ۽ گڙدي جي بيماري ۾ مبتلا هو پر هن لوڪ فنڪار جي نه ثقافت کاتي سار لڌي ۽ نه ئي ڪنهن سرندي واري سار لڌي، ثقافت کاتي جي اهڙي لاپرواهي ۽ بي ڌياني کي ڪهڙو نانءُ ڏجي جنهن نالي واري لوڪ فنڪار جي به سار نه لڌي، حقيقت ته اها آهي جو هن معاشري جا ماڻهو جيئري ڪنهن جو به قدر نٿا ڪن ۽ جڏهن وري هن دنيا مان رخستي ٿيندي آهي پوِ ڳڻ ڳائيندا آهن ته يار ڦلاڻو ڀلو ماڻهو هو، تڏهن ته ماستر منظور اهڙي ماڻهن جي لاِ چيو آهي ته،

جيئري اسان جو قدر ناهي ڪنهن وٽ،

مرڻ کان پوِ چوندا چڱو هو ويچارو،،

عرس چانڊيو آخر ۷ مئي ۲۰۱۸ ع تي نيشنل لياقت اسپتال ڪراچي ۾ ۴۸ ورهين جي ڄمار ۾ زندگي جي بازي هارائي پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو، عرس چانڊيي جي وڇوڙي تي سندس جي گهرڀاتين سميت جتي فنڪار لڏي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي اتي هزارين پرستار پڻ سندس جي وڇوڙي تي مايوسي جي ور چڙهي ويا آهن، هو اسان کان جسماني طور ته وڇڙي ويو آهي پر روحاني طور هزارين پرستارن جي دلين تي راڄ ڪندو رهندو، هن جا ڳايل ڪلام ئي سندس جي ياد تازي ڪرائيندا، يڪتاري چپڙي جي ماهر اهڙي لوڪ فنڪار جو خال ڀرجڻ تمام مشڪل آهي ڇو ته اڄ ڪلھ سچا کرا ۽ يڪتاري چپڙي وارا فنڪار گهٽ ۽ ڊسڪو ٽائپ جا فنڪار وڌيڪ اچن ٿا.

No comments:

راءِ ڏيندا