; سنڌي شخصيتون: حمزو پنهور

14 May, 2023

حمزو پنهور

حمزو پنهور

صحافت ۽ قومي تحريڪ جو اڏول ڪردار

دلبر بروهي



حمزو پنهور صحافت سان گڏوگڏ سندس ڪردار قومي جاگرتا ۾ هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو، هن سڄي جواني ڌرتي جي حقن ماڻڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو، سندس جو جنم ڪراچي جي دل ملير جي مٽي مان ٿيو آهي، هن ننڍ پڻ کان جواني تائين هر دور ۾ گهڻا ئي لاها چاڙها ڏٺا، ننڍ پڻ ۾ پنهنجي اسڪول مان بيدخل ٿيو ته ٻئي پاسي ڌرتي خاطر پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي، سنڌ جي ان زرخيز ۽ پاڪ مٽي ملير مان جنم ورتو، جنهن کي پنهنجي اڀ جواني واري دور ۾ قومي ڪارڪن ٿي ڪري ڌرتي جي بقاءَ سلامتي واري جدوجهد ۾ پنهنجي سياسي سفر جو آغاز ڪيو، حمزو پنهور ملير جو ڀلوڙ صحافي سان گڏوگڏ سندس ڪردار انسانيت ۽ قومي ڪارڪن وانگر اڄ به ضلعي ملير سان گڏ سڄي سنڌ ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي.


حمزي پنهور صحافت جو آغاز سنڌ جي قومي آواز بڻيل عوامي آواز کان شروع ڪيو، سينئر صحافي جميل چانڊيي سان گڏ روزاني عوامي آواز جي هفتي وار صفحي “مورڙي جي ماڳ” ذريعي ڪراچي ٻهراڙي جي ماروئڙن جو آواز بڻجي ايوانن ۾ گونجيو، سندسن اهڙي ڪرت انيڪ ڀوتارن، وڏيرن ۽ ڪامورن جو ننڊن ڦٽائي ڇڏيون، حمزي پنهور ڪراچيءَ جي لسانيات تي ٻڌل تعصب پرست اتظاميا ڪراچي ٻهراڙي جي ماروئڙن خلاف محاذ آرائي ڪئي، ساڳئي لڏي عوام سان گڏوگڏ ڪراچي ٻهراڙي جو آواز اٿاريندڙ قلم ڌڻين کي به نه بخشيو،

حمزي پنهور ان سفر ۾ پاڻ سان گڏ صحافي اشرف سمون ۽ ڪجھ ٻين صحافين سان گڏجي ملير پريس ڪلب جو بنياد فقط ان ڪري رکيو جو ان سمجهيو پئي ته سندس ماروئڙن جو آواز ڪراچي شهر جا ڪجھ نام نهاد صحافت جي روپ ۾ ويٺل مافيائون دٻائي رکنديون، سندس ذات ۾ هڪ انقلابي شخصيت سمايل آهي، اڄ به سندس دوستن جي هڪ ڊگهي قطار ته نظر ايندي پر مخالفن واري لسٽ ٻڙي آهي،

حمزي پنهور جو خاندان ان نظريي جو قائل آهي “جو کيڙي سو کائي جهوڪ شريف جو شهيد شاھ عنايت جو پيروڪار ۽ پسنديده سياسي شخصيت سائين جي ايم سيد آهي، ملير ۾ ڪيترا ئي سنڌ ڀگت پيدا ڪيا آهن، ڌرتي سان محبت پيار جي ڪري سنڌ جي عوام سان گڏ شهيد سنڌ بشير خان قريشي تمام گهڻي عزت ڪندو هو، هڪڙي ڳالھ جو آئون اکين ڏٺو شاهد آهيان جڏهن شهيد بشير خان قريشي کي قانون لاڳو ڪندڙن گرفتاري بعد آزاد ڪيو ته بشير خان جو قافلو ملير پريس ڪلب آڏو قومي شاهراھ تي پهتو ته شهيد بشير خان قريشي جي گاڏي مان لهڻ شرط سندس نظر جيئن ئي حمزو پنهور تي پئي مون ڏٺو ته قداور شخصيت بشيرخان قريشي وچولي قد بت جي حمزو پنهور ٻنهي همراهن جا هٿ روڊ تي رکيل هئا، اهڙو منظر ڏسڻ وٽان اهو منظر ڏسڻ بعد آءُ سمجهي ويس ته حمزو پنهور جي شخصيت جو ڪمال هو، جنهن سنڌ جو ارڏو پٽ شهيد بشير خان قريشي پيرين پئي ملي رهيو آهي، يقين ڄاڻو بشير خان قريشي جي هن عمل تي حمزو پنهور کي وقتي طور تي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو،

حمزو پنهور جڏهن ڦوھ جوانيءَ تي پهتو ته هن جو سنڌ جي قومپرست اڳواڻن سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ هو سائين جي ايم سيد جي ڪاروان ۾ شامل ٿي ويو، هن هڪ پاسي ڪراچي ۽ حيدرآباد کي سنڌ کان ڌار نظام لاڳو ڪرڻ ته ٻئي طرف وري ڪالا باغ ڊيم، ٿل ڪئنال، ذوالفقار آباد، بحريا ٽائون ۽ سامونڊي ٻيٽن جي وڪري خلاف ۽ مهاڻن سان ٿيندڙ ظلم، ڪراچيءَ جي فيڪٽرين مان سنڌي ملازمن کي تعصب جي بنياد تي نيڪالي ڏيڻ ۽ تعليمي ادارن مان سنڌي شاگردن جي نيڪالي ۽ لساني جماعت پاران ڪراچيءَ جي سنڌي آبادين کي ڊاهڻ خلاف هلايل جدوجد ۾ حمزو پنهور اڳيان اڳيان رهيو آهي. هونئن به ڏٺو وڃي ته حمزو پنهور سدائين جستجوءَ ۾ رهيو آهي،

اڄ ڪلھ حمزو پنهور دل جي عارضي ۾ ورتل آهي، غربت ۽ بيمارين جي هوندي به سچائي سان پنهنجو فرض سمجهي قومي جدوجهد ۾ پنهنجو تسلسل برقرار رکيو اچي، هو پنهنجي دوستن جنهن ۾ ڪامريڊ ولي محمد، ڊاڪٽر عزيز بلوچ، غلام رسول ڪلمتي، اطهر وڳڻ، سميع مهر، حسين بلوچ، عبدالغفو ڪلمتي، سعيد بلوچ سان گڏ ملير ۾ رهندڙ غريب ماڻهن جي ترقي ۽ تعمير لاءِ ڪچهريون ڪندا رهندا هئا، ڏٺو وڃي ته حمزو پنهور سنڌ ڌرتي جو سچو ڀگت آهي، هو سنڌي ۽ بلوچي ٻولين جو حامي آهي ان جو چوڻ آهي ته ڪراچي توڙي ملير ۾ رهندڙ ماڻهن کي سنڌي ۽ بلوچي ٻولي سکڻ گهرجي، ان کان علاوه ان کي سنڌ ۽ سنڌي عوام سان بي حد پيار ۽ محبت آهي، حمزو پنهور پنهنجي ڌرتي جي وجود بچائڻ لاءِ ڪيترا ئي مهينا مختلف هنڌن تي ڪشالا ڪٽيا آهن، ماڻهن کي شعور ڏيارڻ لاءِ سنڌ کان علاوه بلوچستان جي علائقي ڀاڳ ناڙي تائين سير ڪيو آهي، حمزي پنهور لاءِ مان اهو ئي چوندم سڀاڳي آهي سنڌ جنهن حمزي پنهور جهڙا آدرشي انسان پيدا ڪيا، حمزي جهڙي شخصيتن جي لاءِ سنڌ جا ساڃاھ وند سندس شخصيت تي سندس موجودگي ۾ شامون ملهائن ۽ ان کي داد ڏئي سندس حوصلا وڌائن ته جئين هو پنهنجي سڄي ڄمار جي جدوجهد جو داد ماڻي سگهي.

No comments:

راءِ ڏيندا