; سنڌي شخصيتون: ريحانه نظير، صدام جوکيو، گلبدن جاويد، ڪليم ٻٽ،
Showing posts with label ريحانه نظير، صدام جوکيو، گلبدن جاويد، ڪليم ٻٽ،. Show all posts
Showing posts with label ريحانه نظير، صدام جوکيو، گلبدن جاويد، ڪليم ٻٽ،. Show all posts

12 May, 2023

ريحانه نظير

ڊاڪٽر ريحانه نظير

سنڌ جي سندر ليکڪا

صدام جوکيو



ادب ۽ ٻوليءَ جي ميدان ۾ هڪ ليکڪ جي صورت ۾ پاڻ مڃائڻ نهايت ئي محنت طلب ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ سٺي ليکڪ لاءِ ضروري آهي ته جنهن ٻوليءَ ۾ هو لکي ٿو ان ۾ ان جو گهڻ پاسائون ۽ ججهو مطالعو هجڻ گهرجي، هڪ تخليقڪار کي وري مٿين ڳالهين سان گڏ مشاهدي جي به تمام گهڻي ضرورت پوندي آهي.

هڪ سٺي تخليقڪار لاءِ مٿي بيان ڪيل نڪتن کان علاوه انسانيت لاءِ محبت، ٻين جي درد ۽ تڪليف کي محسوس ڪرڻ جي سگھ، شهري توڙي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جي حالات زندگيءَ جي ويجهو کان واقفيت ۽ اکين ڏٺو مشاهدو هئڻ به ضروري هوندو آهي.