واجد حسين مسڻ
اٺين ڪلاس جي ذهين ۽ گهڻ
صلاحيتي شاگرد سان ڳالھ ٻولھ
انٽرويو: صدام جوڻيجو
پيارا ٻارو! اڄ اسان اوهان کي هڪ
انتهائي ذهين، جفا ڪش، محنتي، وقت جي پابند ۽ گهڻ رخي صلاحيتن جي مالڪ شاگرد واجد
حسين مسڻ سان ڳالھه ٻولھ ڪرائينداسين؛ جيڪو پنهنجي ذات ۾ منزل ماڻڻ خاطر اٽل ارادا
۽ مضبوط مقصد رکندڙ آهي، جنهن جو تعلق خانداني طور هڪ پڙهيل ڳڙهيل خاندان سان رهيو
آهي.
