رحمت بيبي جهرنا
جنهن سمنڊ جيڏا سور سٺا
حميده گهانگهرو
رحمت بيبي، در اصل مسلمان ٿيڻ
کان پوءِ جو نالو اٿس، برهمڻ گهراڻي جي هڪ نوجوان عورت جهرنا کي مسلمان مولابخش سان
محبت ٿي وڃي ٿي، مولابخش هونئن ته تمام امير گهراڻي جو نوجوان آهي پر جاگيرداري نظام
کان کيس نفرت آهي ۽ بغاوت ڪري پنهنجي ان ماحول کان ٻاهر اچي ٿو، تنهن جي ڪري کيس روزگار
تلاش ڪرڻو پوي ٿو.
