; سنڌي شخصيتون: ديبا سحر، سارنگ منير سومرو،
Showing posts with label ديبا سحر، سارنگ منير سومرو،. Show all posts
Showing posts with label ديبا سحر، سارنگ منير سومرو،. Show all posts

12 May, 2023

ديبا سحر

ديبا سحر

آواز جي دنيا جي ڪوئل ۽ سياسي شخصيت سان ڳالھ ٻولھ

انٽرويو: سارنگ منير سومرو



سوال: ديبا! اوهان پنهنجي ابتدائي زندگيءَ بابت ڪجھ ٻڌايو!

جواب: منهنجو ڪراچي ۾ اعجاز حسن ڀٽيءَ جي گهر ۾ جنم ٿيو جنهن کانپوءِ شروعاتي تعليم به ڪراچيءَ مان پرائي ۽ اڃان تائين ڪراچيءَ ۾ ئي آهيان. ننڍپڻ کان ئي موسيقيءَ سان شوق هو. منهنجي فيمليءَ جو به فن سان ئي واسطو هو انهيءَ لاءِ ڳائڻ جي دنيا ۾ ڪو اوچتو آيس بس شوق به هو ۽ فيمليءَ ۾ به اها فن جي دنيا کي بهتر سمجهو ويندو هو انهيءَ لاءِ آيس جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ بابا جي خواهش هئي ته مان ڳايان ۽ انهيءَ منهنجي وڏي مدد ڪئي.