پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ
ڄاڻو زرعي ماهر، محنتي محقق، بهترين استاد ۽ منتظم
محمد مٺل جسڪاڻي
پروفيسر
ممتاز علي پٺاڻ ۰۲ فيبروري ۱۹۴۹ع تي سائينداد خان پٺاڻ جي گهر
۾، قمبر ۾ اک کولي. جتي هن بنيادي تعليم پرائڻ شروع ڪئي ۽ ۱۹۶۵ع ۾ حيدرآباد بورڊ مان
ميٽرڪ ڪري، اڳوڻي زرعي ڪاليج (هاڻوڪي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام) مان ٻوٽن جي بيمارين
واري شعبي ۾ ۱۹۷۲ع ۾ بي ايس سي ۽ ۱۹۷۴ع ۾ ايم ايس سي ڪئي.
سندس تعليمي سندن موجب، هن پنهنجي تعليم دوران شروع کان آخر تائين، هر امتحان فرسٽ
ڪلاس فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيو.