; سنڌي شخصيتون: ولي محمد، وفا پلي، ڪنڊائتو، بھترين، سنڌي، شاعر، نور، محمد، سمون،
Showing posts with label ولي محمد، وفا پلي، ڪنڊائتو، بھترين، سنڌي، شاعر، نور، محمد، سمون،. Show all posts
Showing posts with label ولي محمد، وفا پلي، ڪنڊائتو، بھترين، سنڌي، شاعر، نور، محمد، سمون،. Show all posts

22 September, 2015

ولي محمد وفا پلي - نور محمد سمون

ولي محمد وفا پلي
ڪنڊائتو ٿي ويل ھڪ بھترين سنڌي شاعر
نور محمد سمون
ناري جي هڪ وڏي زميندار خاندان سان واسطو رکندڙ سنڌي ٻوليءَ جي هن شاعر ولي محمد وفا پليءَ جو جيءُ سال 1991ع ۾ تڏهن جُهري پيو هو جڏهن سندس 2 وڏا ڀائر، مشهور شاعر ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ عمرڪوٽ ۽ ڇاڇري تعلقن واري تڏهوڪي گڏيل صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تان 2 ڀيرا چونڊيل ايم پي اي عبدالڪريم پلي ۽ مشهور محقق ۽ اديب راڄ محمد پلي صرف 40 ڏينهن جي وقفي سان ڦوھ جواني ۾ راھ رباني اختيار ڪيائون، اهو ڏينهن اڄوڪي گهڙي، چوٿائي صدي گذري وئي پر انهن ڀائرن جو هي لاڏلو ننڍو ڀاءُ ۽ حساس شاعر ان صدمي مان اڄ تائين ٻاهر ناهي نڪري سگهيو ۽ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ لڳاتار ڊگهي اڪيلائيءَ جي حوالي ڪري ويٺو آهي.