قربان جيلاني
سندس ساروڻيون
سيد يار محمد شاهه
سنڌي
۽ اردو ڊرامن، فلمن ۽ ريڊيو جو سپراسٽار قربان جيلاني اڄ جي ٽهيءَ کي ياد هجي يا نه
هجي، پر سندس ٻه فرزند ڪامران جيلاني ۽ عدنان جيلاني اڄ نئين ٽهيءَ جا پسنديده فنڪار
ضرور ليکيا وڃن ٿا. قربان جيلاني، محمد علي، مصطفيٰ قريشي وارن جي دور ۾ ريڊيو سان
وابسته رهيو ۽ پهرئين جوڙ جو فنڪار ليکيو ويندو هو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان پوءِ
هو ڪراچي ريڊيو سان بحيثيت انائونسر ۽ صداڪار آخر تائين وابسته رهيو، جڏهن ته سنڌي
فلمن ۽ سنڌي اردو ٽيليويزن ڊرامن ۾ به هن پنهنجو پاڻ کي مڃرايو. ان کان علاوه فنڪارن
جي فلاح و بهبود لاءِ اداره قائم ڪري، انعامي اسڪيمون به هلايون، جنهن تان کيس هڪ دفعو
جيل به وڃڻو پيو