ڪامريڊ غلام محمد
لغاري
سنڌ جي تحريڪ
تاج مري
ڪامريڊ غلام محمد لغاري سنڌ جي
هاري تحريڪ جي مکيه اڳواڻن ۾ شامل هئو. غلام محمد لغاري ۱۹۱۷ع ۾ تعلقي ڊگهڙي
ضلعي ميرپورخاص جي ڳوٺ غلام علي فقير لغاري جي هڪ غريب هاري محمد خان لغاري جي گهر
۾ جنم ورتو. هن تر جي مختلف مدرسن مان تعليم حاصل ڪئي. سندس تعلق خاڪسار تحريڪ ساڻ
ٿيو. ٻين خاڪسارن ساڻ لاهور ويندي هُو خانيوال اسٽيشن تي گرفتار ٿيو ۽ ملتان جيل
موڪليو ويو جتي کيس ٻه سال جيل ڀوڳڻو پيو. ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي ڪامريڊ حيدر
بخش ساڻ پهرين ملاقات ان وقت ٿي جڏهن هو ميان مراد علي جي مدرسي ۾ ۳ سال پڙهي پنهنجي
ڳوٺ ۾ واپس اچي حاجي محمد لغاري جي نئين مدرسي ۾ داخل ٿيا. انهيءَ زماني ۾ ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي ڊگهڙي ۾ مختيارڪار هو ۽ مولوي حاجي محمد لغاري ساڻ تمام گهڻي
گهرائپ هئس ۽ سندس مدرسي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندا رهندا هئا.
