ريٽا شاهاڻي
سندس لاءِ ٻه لفظ
امر لغاري
ڪافي مهينا اڳ ريٽا شاهاڻيءَ جو
هڪ ڪتاب ”سڄاڻن جون سمرتيون!“ موهن
مدهوش وٽان مليم. ڪتابُ، گھر ته کڻي آيس پر پڙهڻ لاءِ جلدي وقت نه ڪڍي سگھيس.
دستور موجب الماڙيءَ ۾ رکيل ٻين ڪيترن پڙهجڻ جي انتظار ۾ واجھائيندڙ ڪتابن ۾ اهو
به سينگارجي ويو.گهڻو دير پوءِ، يعني مهينو اڳ سانگھڙ جي دوستن جڏهن سنگت جي
گڏجاڻي لڇمڻ ڪومل جي نانءُ ڪئي ۽ دوستن کي پابند بنايو ته هو گڏجاڻيءَ ۾ لڇمڻ بابت
جيڪو ڪجھه هوندو لکي کڻي ايندا ته هڪ آسرو پئدا ٿيو ته سنڌي اديبن ۽ سندن ڪتابن تي
لکڻ بهاني هاڻ گھٽ ۾ گھٽ کين پڙهڻ جو موقعو ضرور ملندو. لڇمڻ کانپوءِ هيءُ ٻيو
پروگرام سنگت ريٽا بابت رکيو. مان سمجهان ٿو ته اهو تمام ضروري هو. ڇو ته اسان کان
وڇڙيئي هن کي به ڪي ٿورا مهينا ٿيا هئا. ريٽا بابت ڄاڻ لاءِ مون هن جو جيڪو پهريون
ڪتاب هٿ ۾ کنيو سو اهو ساڳيو ڪتاب هو، جيڪو موهن مونکي پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. ريٽا جي
هن ڪتاب ۾ پروفيسر منگھارام ملڪاڻيءَ بابت سندس يادگيريون پڙهي مونکي اهو احساس
ٿيو ته مونکان ڪيڏي نه وڏي ڀل ٿي ويئي هئي جو مون ان خوبصورت سنڌي ليکڪا کي اڃا
تائين نه پڙهيو هو. ”سڄاڻ جون سمرتيون“ نالي اِن ڪتاب ۾ هُن دادا پروفيسر منگھا
رام ملڪاڻيءَ جي دل-آويز شخصيت کي جنهن خوبصورت انداز سان پورٽريٽ ڪيو آهي ڪو به
شايد پورٽريٽ ڪري نه سگھي ها. دادا منگھار رام جي حافظي، ڳالهه جي انداز، جملي
بازي ۽ شرارتن کي جهڙي نموني ريٽا لکيو آهي، اُهو سچ پچ ته نهايت دلچسپ ۽ شاندار
آهي. هن دادا جي زباني جيڪي ڳالهيون لکيون آهن سي ڪنهن عام آتما جون ڳالهيون ناهن
پر هڪ مها آتما جا هينئين سان هنڍائڻ جهڙا جملا آهن.