; سنڌي شخصيتون: عبدالستار ڀٽي، گل محمد جکراڻي، يعقوب مغل، آصف موريو، نثار کوکر، حميد ڀٽو، حسن مجتبيٰ،
Showing posts with label عبدالستار ڀٽي، گل محمد جکراڻي، يعقوب مغل، آصف موريو، نثار کوکر، حميد ڀٽو، حسن مجتبيٰ،. Show all posts
Showing posts with label عبدالستار ڀٽي، گل محمد جکراڻي، يعقوب مغل، آصف موريو، نثار کوکر، حميد ڀٽو، حسن مجتبيٰ،. Show all posts

28 June, 2019

محترمه بينظير ڀٽو شهيد

هڪ بهادر سياستدان
ڊاڪٽر يعقوب مغل
تاريخِ اسلام عظيم عورتن جي ڪارنامن سان ڀري پئي آهي، هتي آءٌ صرف ننڍي کنڊ هندو پاڪ جي عظيم عورتن مان چند عورتن جو مختصر ذڪر ڪندس، جن سياست ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو ۽ اهي امر بنجي ويون. غلام خاندان جي ذهين تاريخي شخصيت رضيه سلطانه (۱۲۳۹_۱۲۳۶ع) پهرين عورت آهي، جيڪا دهلي جي تخت تي ويٺي. تاريخ فرشته ۾ سلطانه رضيه بيگم ۾ هر قسم جي نيڪي موجود هئي ۽ جيڪي ماڻهو مٿس اعتراض ڪندا هئا، هنن وٽ اُن کان علاوه ٻيو ڪوبه سبب نه هو ته رضيه بيگم عورت هئي. رضيه سلطانه کان پوءِ ٻي عظيم خاتون چاند بيبي سلطانه تاريخ ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو. مغل دور حڪومت ۾ به عظيم عورت جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو. خاص طور جهانگير مغل بادشاهه جي راڻي نورجهان نه صرف حسين و جميل هئي پر ان سان گڏوگڏ وڏي شهسوار، اعلى نشانه باز ۽ بهادر عورت هئي. تدبر ۽ سياست ۾ به سندس ڪو مٽ ڪونه هو.