مختيار ملڪ
هڪ ذهين براڊڪاسٽر جي
سروس جي پُڄاڻي
خالد زخمي چانڊيو
پنهنجي
چاچي سان گڏجي خيرپور جي وڏي علم واري پاڙي ۾ بابا جي ادبي دوست مختيار ملڪ جي پُڇا
ڪئي سين ته هڪ رستي ويندڙ دروازي تي آڻي بيهاريو. سائينءَ جي موجودگي معلوم ڪرڻ تي
خبر پئي پاڻ گهر آهن، تن ڏينهن ۾ اسين بابا جي شهادت پڄاڻان هڪ خطرناڪ قبائلي ويڙهه
جو شڪار هئاسين. بابا کان سندس دوستن جي احوال جي خبر پوندي هئي، ڪن سان ملاقاتون
به ٿينديون رهيون... بابا دوستن کي پنهنجي “ملڪيت” ڀائيندو هو ۽ پنهنجي دوستن لاءِ
ڪنهن خطري کي به منهن ڏيڻ لاءِ هميشه تيار رهندو هو... دوست ۽ ڀائر سندس وڏي وٿ
هئا، دوستن سان ناتو به اعليٰ انداز سان نڀايائين ۽ ڀائرن لاءِ پنهنجي سِرَ کي
سستو سمجهي قربان ڪري ڇڏيائين. مختيار صاحب سان ملاقات ٿي ته اول ئي ناشتي جو
معلوم ڪيائين.. سندس قربائتي انداز منهنجي چاچي غلام قادر کي حيران ڪري ڇڏيو...
اسين وڏي اسر جو ڳوٺان نڪتا هئاسين، ان ڪري ناشتي لاءِ سائين مختيار کي منع نه ڪري
سگهياسين. جيسيتائين اسين ناشتو ڪريون، تيسين پاڻ ريڊيو پاڪستان خيرپور تي وڃڻ
لاءِ تيار ٿيڻ جو چئي ويا... ناشتي پڄاڻان چانهه ورتي سين ۽ ٿوري دير کانپوءِ پاڻ
نڪري آيا، ريڊيو تي گڏجي هلڻ جو چيائون. آئون ۽ چاچو ساڻس گڏجي ريڊيو تي پهتاسين ۽
کيس حال احوال کان آگاهه ڪيو... حال احوال وري ڪهڙو! قبائلي جهيڙي سبب زندگي مفلوج
بڻيل هئي، هر گهڙي خوف ۽ حراس ۾ ٿي گذريو... خطرن سبب اسين اسڪول، ڪاليج توڙي سرڪاري
دفترن ڏانهن وڃي به نه پئي سگهياسين... اهو مشرف واري آمريت جو زمانو هو.. هر ضلعي
هيڊڪوارٽر ۾ هڪ فوجي دفتر هوندو هو... اتي اسان جي مخالف مائٽن جون عورتون هر ٻئي ڏينهن
اسان جي عزيزن خلاف شڪايتون لڳائي اينديون هيون... اسان حاضر ٿياسين پر گهڻين ڪوڙين
شڪايتن سبب بي اثر رهياسين... تن ڏينهنِ ۾ ثناءُالله عباسي شڪارپور ۾ ايس ايس پي
هو ۽ مختيار صاحب سندس دوست آهي، اها ڳالهه مون بابا کان ٻُڌي هئي... مختيار
صاحبَ، عباسي صاحب کي فون ڪئي ۽ پوءِ وڃي اسان ڪوڙين درخواستن واري معاملي کان
پناهه ۾ رهياسين. منهنجي هيءَ ملاقات مختيار صاحب سان پهرين ملاقات هئي... پهرين
ملاقات ۾ هُو هڪ ڳُڻائتو، وضعدار، سماج ۽ دوستن سان پيار ڪندڙ شخص محسوس ٿيو...
پوءِ سچل ادبي ڪانفرسن ۾ ساڻس ملاقاتون ٿينديون رهيون... لاڙڪاڻي رهڻ دوران سندس ڀائيٽي
ڊاڪٽر فرخ ملڪ سان ڪافي ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون... فرخ به مختيار صاحب جهڙو
ملنسار، ٻاجهارو، پيار ڪندڙ ۽ تخليقي ماڻهو آهي.