استاد اسرار شام
لهواري دنيا جو اوڀارو
ماڻهو - (۱۷ جون - ورسيءَ جي مناسبت سان)
خالد آزاد
ان ڏينهن،
جڏهن پهريون ڀيرو اسرار شام جي طبيعت پُڇڻ لاءِ اسان دوست ٽنڊي ڄام ويا هئاسين ته
واپسيءَ ۾ ڊرائيو ڪندي، مون کي مسلسل اهو ئي خيال پئي آيو ته ڪينسر هن کي هاڻي نه ڇڏيندي
۽ هڪ ڏينهن اسان کي وري ٽنڊي ڄام اچڻو پوندو _ ۽ ۱۸ جون ۲۰۱۴ع تي جڏهن اسان سائين اسرار شام
کي، سندس ئي گهر آڏو ’شهيد بادشاهه قبرستان‘ ۾ دفنائي، آلين اکين سان حيدرآباد موٽياسين
ته مون کي لڳو، اسان هڪ پوري دور کي ٽنڊي ڄام جي ’شهيد بادشاهه قبرستان‘ ۾ دفنائي
آيا آهيون!