شيخ اياز
تعارف- تو ڳاتا گيت
بغاوت جا
شيخ اياز سنڌ جو
مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. شيخ اياز ۲ مارچ ۱۹۲۳ع تي شڪارپور شهر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو شيخ غلام
حسين هو. سندس ڇٺيءَ جو نالو مبارڪ علي رکيو ويو پر هي اڳتي هلي شيخ اياز جي نالي
سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو. والد پاران کيس ۳ مارچ ۱۹۲۸ع تي پنجن سالن جي ڄمار ۾ پاڙي جي هڪ اسڪول
نمبر ۳ ۾ داخل ڪرايو ويو. هن اسڪول ۾ ڪجهه عرصي تائين پڙهڻ بعد ورنيڪيولر اسڪول ۾
داخل ٿيو جتان ۳۱ مارچ ۱۹۳۴ع تي چار درجا پاس ڪري نيو هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو. ۳۱ مارچ ۱۹۳۹ع تي پنج درجا انگريزي ۾ پاس ڪري ۱۱ اپريل ۱۹۳۹ع تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو
۽ اپريل ۱۹۴۱ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. ۱۹۴۳ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان انٽر ۽ ۱۹۴۵ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان بي اي ڪيائين.
