مولانا محمد اسماعيل
سومرو شڪارپوري
حسيب ناياب منگي
خدا جو خاص فضل آهي
جو سنڌڙي سونهاري جي دامن ۾ علم سان سرشار اهڙا عالم پيدا ٿيا جن جو علم ان وقت جي
ماڻهن لاءِ ئي اونداهيءَ ۾ لاٽ ثابت نه ٿيو
آهي پر هر دور جي ماڻهن لاءِ سندن علمي نشان روشني ڦهلائڻ جو سبب بڻيا آهن. ڏات ته
ڪنهن جي به ميراث نه آهي، خدا وٽ اهو وڌيڪ مقبول آهي، جيڪو تقويٰ اختيار ڪري ٿو ۽
نيڪي جي راهه تي هلي ٿو. جيئن سيدنا لطيف رح چيو هو ته “ڪا نه پڇي ٿو ذات، جيڪي
آيا سي اگهيا.” اهو عقل، شعور، سمجهه ۽ ساڃاهه ان مالڪ وٽان عطا ٿئي ٿي، جيڪو
سموري عالم جو ڌڻي آهي. جنهن جي عطا ڪيل عقل جي استعمال سان انسان سچ جو رستو وٺي ٿو
۽ سندس ڏسيل واٽ تي هلي ٿو ته چمڪي پوي ٿو. ڏات جا اهي روشن ڏيئا اسان لاءِ مشعلِ
راهه آهن، جن پنهنجي جيون کي علم جي سکڻ ۽ سيکارڻ واسطي وقف ڪري ڇڏيو.
