; سنڌي شخصيتون: رونگھو، علي شير، منظور ڪوھيار، سھيل مڪاني، وھاب سھتو، آفتاب مغل، ڪليم لاشاري،
Showing posts with label رونگھو، علي شير، منظور ڪوھيار، سھيل مڪاني، وھاب سھتو، آفتاب مغل، ڪليم لاشاري،. Show all posts
Showing posts with label رونگھو، علي شير، منظور ڪوھيار، سھيل مڪاني، وھاب سھتو، آفتاب مغل، ڪليم لاشاري،. Show all posts

24 October, 2025

رونگھو علي شير

رونگھو علي شير

اوطاقي مڙس مٿير

منظور ڪوھيار



شاھ سائينءَ جا ڪيئي شعر، اوطاق جي باري ۾ چيل آهن. جن بابت اندازو ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ اوطاق کي وڏي اهميت حاصل هئي. مثلن

”اڄ نه اوطاقن ۾، سندي جوڳي ذات،

ساري سنياسين کي، رنم ساري رات،

مون تن جنين جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا.“

يا

”اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،

آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،

جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا “

يا وري

”اڄ نه اوطاقن ۾، تازا پٿر ڪک،

آديسي اٿي ويا، پئي اڏامي رک،

سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا.“