; سنڌي شخصيتون: ايم ايڇ پنهور، سنڌ، فاروق بجاراڻي، مير نادر علي ابڙو، ايوب شيخ، سراج ميمڻ، رئوف نظاماڻي،
Showing posts with label ايم ايڇ پنهور، سنڌ، فاروق بجاراڻي، مير نادر علي ابڙو، ايوب شيخ، سراج ميمڻ، رئوف نظاماڻي،. Show all posts
Showing posts with label ايم ايڇ پنهور، سنڌ، فاروق بجاراڻي، مير نادر علي ابڙو، ايوب شيخ، سراج ميمڻ، رئوف نظاماڻي،. Show all posts

29 December, 2013

ايم ايڇ پنهور

ايم ايڇ پنهور
بي مثال محقق
مير نادر علي ابڙو


اڄ آئون سنڌ جي هڪ اهڙي محقق ڪردار تي لکڻ ويٺو آهيان، جيڪو ڪالهه اسان سان هو پر اڄ هن جون يادون اسان ساڻ آهن، هن جيڪا جاکوڙ سنڌي قوم لاءِ ڪئي، تنهن کي زمانن تائين ياد رکيو ويندو. ايم ايڇ پنهور جو نالو وٺڻ سان ئي ذهن جي چؤگرد سندس جدوجهد وارا پل گهمڻ ٿا لڳن. پاڻ هميشه اصولن سان نڀاءُ ڪندي جيڪو ڪردار هن ڌرتي لاءِ ادا ڪيائين، تنهن کي زمانن بعد به شايد اسان وساري نه سگهون.