; سنڌي شخصيتون: امير، علي، ايري، پ پ قيادت، وسري، اڳواڻ، آزاد، انور، ڪانڌڙو،
Showing posts with label امير، علي، ايري، پ پ قيادت، وسري، اڳواڻ، آزاد، انور، ڪانڌڙو،. Show all posts
Showing posts with label امير، علي، ايري، پ پ قيادت، وسري، اڳواڻ، آزاد، انور، ڪانڌڙو،. Show all posts

29 December, 2013

امير علي ايري - آزاد انور ڪانڌڙو

امير علي ايري
پ پ قيادت کان وسري ويل اڳواڻ
آزاد انور ڪانڌڙو
پ پ پ جي باني، قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پ پ چيئرپرسن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عوامي سياست کان متاثر ٿي، ڪيترا ئي اهڙا ورڪر پيدا ٿيا، جن سنڌ جي سياست ۾ پنهنجي جدوجهد، عمل ۽ ڪردار سبب نالو پيدا ڪيو. پ پ پ جي موجوده قيادت کان مڪمل طور وسري ويل امير علي ايري پ پ جو هڪ اهڙو ئي ورڪر ۽ اڳواڻ هو، جيڪو شاگرد سياست ۾ پنهنجي جدوجهد ۽ ڪردار سبب شاگرد سياست جو هيرو بڻيو. ميهڙ ۾ ۱۰ سيٽمبر ۱۹۵۸ع تي شاهنواز خان ايري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ امير علي ايري سياست جي شروعات شاگرديءَ واري زماني ۾ هاءِ اسڪول (ون) ۾ ڇهين جماعت ۾ پڙهڻ دوران ماروئڙا اسٽوڊنٽس جي پليٽ فارم تان ڪئي ۽ ۱۴ سالن جي ننڍڙي عمر ۾ شاگرد سياست جو حصو وٺڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري کيس چار مهينا حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو ويو، بعد ۾ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن قائم ٿي، ته کيس دادو ضلعي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.