; سنڌي شخصيتون: استاد فتح علي خان، سُرن جو بادشاھه، استاد عبدالغفور سومرو،
Showing posts with label استاد فتح علي خان، سُرن جو بادشاھه، استاد عبدالغفور سومرو،. Show all posts
Showing posts with label استاد فتح علي خان، سُرن جو بادشاھه، استاد عبدالغفور سومرو،. Show all posts

25 September, 2018

استاد فتح علي خان


استاد فتح علي خان
سُرن جو بادشاھه
استاد عبدالغفور سومرو
۷۶-۱۹۷۵ع واري زماني ۾ گهڻو ڪري مارچ اپريل جا ڏينهن هئا. هڪ ڀيري ٽنڊو ڄام ويجهو ڳوٺ موسيٰ کٽياڻ، لڳ محمد فقير کٽياڻ جي درگاھ تي فقير سائين جي ميلي ۾ استاد فتح علي خان کي ويجهو کان ڏسڻ ۽ سندس کي ٻڌڻ جو موقعو مليو هيو. هتي راڳ ڏينهن جو ٿيندو آهي. صبح تقريبن ۹:۰۰ بجي کان سج لٿي واري نماز تي ختم ٿيندو هيو. هن درگاھ جي مين گيٽ کان داخل ٿيندي بلڪل سامهون محمد فقير کٽياڻ جي مزار واري چوڪنڊي آهي سندس ڀر ۾ برصغير جو تمام وڏو گائڪ استاد سينڌو خان دفن ٿيل آهي. اهو به وڏو سبب آ جو گوالياري گهراڻي جا سڀئي ڳائڻا جن جو خاص ڪري حيدرآباد ۽ ٽنڊو آدم سان تعلق آهي، اهي سڀ هن ميلي ۾ حاضري ڀرڻ فرض ۾ شمار سمجهندا هئا ۽ آهن. استاد منظور علي خان، غلام رسول خان، وزير علي خان، استاد فدا حسين، نياز حسين، وحيد علي خان، مختيار علي خان، شاگردن مان محمد عرس، دين محمد دمساز، ذوالفقار علي ۽ مظهر علي، لياقت علي وقت بوقت شرڪت ڪندا رهن ٿا.