; سنڌي شخصيتون: واسديو موهي

01 January, 2018

واسديو موهي

واسديو موهي
لکڻ مون لاءِ ساهه کڻڻ برابر آهي
گفتگو: جگديش لڇاڻي
جديد دور ۾ وگيان ۽ ٽيڪنالاجيءَ اسان کي ڪيتريون ئي سهولتون ميسر ڪري ڏنيون آهن، جن جو استعمال ادب ۾ به ٿيڻ لڳو آهي. سائنس ۽ ڪميونيڪشن جي تيز رفتاريءَ  ملڪن جي سرحدن کي سُسائي ڇڏيو آهي. سيل فون هڪ وڏي نعمت بڻجي  اڀريو آهي. واٽس-اپ، اسڪائپ ۽ voice recorder ذريعي ڪميونيڪشنcommunication  ۾ انهن وگياني اپڪرڻن جو پورو پورو لاڀ حاصل ڪيو آهي.


لڇاڻي: توهان جي تخليقي زندگيءَ جي شروعات ڪڏهن ۽ ڪئن ٿي؟
موهي: مون لکڻ ۶۲-۱۹۶۱ کان شروع ڪيو، جڏهن مان اڃان اسڪول ۾ هوس. اهي رچنائون اڃان تائين مون وٽ آهن، مون اهي ڇپايون ڪونه، شاعريءَ جي شروعات پيار سان ٿيندي آهي. ڪلاس ۾ گڏ پڙهندڙ جانڪي مون لاءِ پريرڻا هوندي هئي. پوءِ  خبر پيئي ته هوءَ ارجن حاسد جي ڀاڻيجي آهي. هاڻي هوءَ منهنجي همسفر آهي.
لڇاڻي: توهان نئين ڪوتا سان شروعات  ڪئي پوءِ غزل طرف ڪيئن مڙيا؟
موهي: درحقيقت اها غلطفهمي خبر ناهي ڪئن ڦهلي آهي مون شروعات غزل سان ئي ڪئي هئي ۽ ۱۹۶۶ع تائين غزل ئي لکيا. ۱۹۶۲ع  ۾ ٽيڪچند مست ۽ ايم مسڪين جو مرتب ڪيل ”بوندون ٿيون ملهار، غزلن جي مجموعي ۾ منهنجا شروعاتي غزل ڇپيا. پوءِ مان نئين ڪوتا طرف مڙيس. ٿي سگهي ٿو ته نئين ڪوتا ۾ مان پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪري سگهيس! ان ڪارڻ منهنجي شروعاتي غزل خواني ڌيان تي نه آئي آهي.
لڇاڻي: گهڻو ڪري هر قلمڪار، جيڪو شاعريءَ ۾ قدم رکي ٿو سو غزل لکڻ سان شروعات ڪري ٿو، غزل لکڻ ايترو سولو آهي ڇا؟
موهي: غزل يا ٻي ڪابه صنف سولي يا ڏکي ڪانه هوندي آهي. ڪابه تخليق تڏهن ڇهندي آهي، جڏهن اها رچنا ڪار جي پوري صلاحيت سان اوت پروت هوندي آهي. رچنا ۾ سهوليت پسندي ڪڏهن به ڪارگر نه هوندي آهي. هر رچنا ساڌنا طلبي ٿي.
لڇاڻي: شاعري جو علم توهان ڪنهن کان پرايو؟
موهي : ارجن حاسد جانڪيءَ جو مامو ٿئي، هروعاتي علم عروض ۽ ڇندن جا ور وڪڙ هن ئي سمجهايا. مان هن کي پنهنجو گرو مڃيندو آهيان، تنهن کان پوءِ اڀياس منهنجي فن کي وڌيڪ تراشيو.
لڇاڻي: توهان پاڻ کي ڇا ۾ وڌيڪ ڪمفرٽبل  سمجهندا آهيون. ڪوٽا ۾ يا غزل  ۾ ؟.
موهي : ٻنهي ۾ڪوٽا ٽو ڙي غزل ٻئي منهنجي خون ۾ رليل  مليل آهن. مون ٻنهي کي اتساهت ڪيو آهي.
لڇاڻي:  هڪ سٺي غزل جون ڪهڙيون ٽقاضائون آهن؟
موهي: غزليت  ڪنهن به غزل  جو روح ٿيندي آهي. اهائي غزل جي وڏي ۾ وڏي تقاضا هوندي آهي. ٻيون ڳالهيون خيال ۽  اظهار ان جو ئي حصو آهن. خيال کي  جيڪڏهن موافق لفظ ملن ته غزليت ازخود پنهنجو جمال  ظاهر ڪندي آهي.  موافق لفظن ۾ اظهار جي جائزگي، اختصار ۽ اظهار جون  ٻيون خصوصيتون، اشاريت، سوکيمتا وغيره به ازخود شامل ٿي وينديون آهن.
موهي: هلندي-  چلندي، منهنجيون ڪيتريون ڪوتائون ۽ غزل مسافري ڪندي لکيا ويا آهن. دبئيءَ ۾ اسڪول ويندي يا اسڪول کان ايندي بس ۾ منهنجن ڪيترن غزلن / ڪوتائن جنم ورتو. هتي هند ۾ به ڪيتريون رچنائون ٽرينن، بس، هوائي جهازن ۾ تخليق ٿيون آهن. ها، البت اڄڪلهه ، ڪهاڻيون لکڻ لاءِ مون کي ڪمپيوٽر سامهون وهڻو پوندو آهي.
لڇاڻي: غزل جو گائڪيءَ سان ڪهڙو واسطو آهي؟
موهي: جهڙو هر موزون شاعريءَ جو هوندو آهي. هر موزون شاعري ڳائي سگهبي آهي، عزل به شاعريءَ  جو هڪ  لريڪل گهاڙيٽو آهي، گائڪيءَ سان ته ان جو واسطو ضرور آهي، پر اها به حقيقت آهي ته ڪي ٿورائي غزل  ڳايا ويا آهن، صرف سنڌيءَ ۾ نه، سڀني ٻولين سان اها حقيقت لاڳو آهي.
لڇاڻي: شاعريءَ  ۾ جماليات، پنهنجي  شاعريءَ مان مثال ڏيئي واضح ڪندا؟
موهي: جماليات لاءِ مون وٽ هڪ سٽي وصف آهي
رچنا ۾ جيڪا چيز آنند ڏئي سا جماليات آهي.
جيون جو حصو ٿي پوندس
هٿ  تي بوند بڻي جئن وسندس
پنهنجو رشتو سمنڊ نديءَ جو
توکي ٿورو کارو لڳندس
احساس ٿئي گهر جو توکي
تنهنجي سامهون چلهه ٿي ٻرندس
(چهنب ۾ ڪک . ص. ۱۲)
يا
جسم قيد ۾
ٻانهون خوشبو
اٽي ڏڪر گل
لاٽون خوشبو
(چهنب ۾ ڪک ص. ۱۵)
جماليات جا مثال  ته هر مجموعي ۾ پکڙيا پيا آهن.
لڇاڻي:  شاعريءَ  ۾ تمثيل، علامت ۽ لفظي توازن بابت ڪجهه ٻڌائيندا؟
موهي: اهي ته سمجهڻ جون ڳالهيون آهن. مٿين شعرن ۾ تمثيل توڙي علامت ڏسي سگهجن ٿا. وري به لفظي  توازن بابت ڪجهه چوان، جيڪي مٿي ڪوٽ ڪيل غزل جائي ڪي ٻيا شعر آهن.
ڳنڍ ڳوٺ سان
پاڙون خوشبو
هر هنڌ سنڌي
شاخون خوشبو
چلهه تي هانڊي
آسون خوشبو
فوٽ مٽيءَ تي
ڇاٽون، خوهبو
تمثيلن ، علامتن سان گڏ لفظن جي بيهڪ هڪ توازن جو احساس ڏين ٿيون.
لڇاڻي: شعر ۾ طنز بابت ڪجهه چئو؟
موهي: طنز بيحد سوکيم (سهنجو) ٽول – اوزار آهي، شاعريءَ جو. مان طنز جي هڪ نموني طعنه زنيءَ (irony) کي وڌيڪ پسند ڪندو آهيان، ان ۾ پيڙا جو انش شامل هوندو آهي.
باقي جنهن طنز ۾ ڪو لڪل سڌارڪ ويٺو هوندو آهي، اها طنز مون کي نه آئڙندي آهي. طعنه زنيءَ جا ڪي مثال ڏيان ٿو:
مينهن وسڻ وقت صرف سمنڊ پسيو
کيت ننڊ ۾ به وڦلندو ئي رهيو
گهر ائين ئي ته بڻجندو آهي
پاڻ ۾ روز ڀت اڏيندو ويو
(ريل جي پٽڙي ميري. ص . ۲۰)
لڇاڻي: عزل ۾ رديف جي اهميت کان واضح ڪندا؟
موهي: رديف غزل جو اهم حصو آهي، ائين ته بنا رديف جي به غزل رچيا ويندا آهن. پر جتي رديف جو اپيوگ (استعمال) ڪيو ويو آهي، اتي رديف غزل جي تنتي  سرشتي جو ڀاڱو هئڻ گهرجي. ائين محسوس ٿيڻ گهرجي ته رديف بنا غزل ۾ گهڻو ڪجهه کٽل ٿو لڳي. رديف غزل جي پوري ٽاڃي پيٽي ۾ اڻيل هئڻ گهرجي، ورنه اهو وڳي تي چتيءَ جيان لڳندو.
منهن  ۾ گهنج نه وجهه مرڪي ڏي
نيٺ  به آ پنهنجن جي سس پس
سيس نوائي ڌيان ڏئي ٻڌ
شاهه سچل  پارن جي سس پس
ڳاڻ ڳڻيا داڻا هانڊي ۾
ٻڌجي ٿي ٻارن جي سس پس
(ريل پٽڙي ميري ص. ۴)
يا
گهنج هڪڙو به چهري تي نه ڏسان
ٻوٽا ساوا رهن تکي اس ۾
ڪيئي موتي چهي وٺي درتي
ڪوڏرون جئن هلن تکي اس ۾
(برف جو نهيل ، ص . ۶)
لڇاڻي: غزل ۾ توهان ڪنهن کي وڌيڪ اهميت ٿا ڏيو فن کي يا خيال کي ؟
موهي : فن ۽ خيال کي الڳ نٿو ڪري سگهجي. ٻئي هڪ ٻئي سان رل مل آهن. ٻئي هڪ ٻئي جا پورڪ آهن.
لڇاڻي: نئين غزل مان توهان جو ڪهڙو مطلب آهي؟ پنهنجن ڪن شعرن مان مثال ڏيئي سمجهايو.
موهي: اهي سڀ ليبل آهن. ڪابه رچنا پراڻي نه ٿيندي آهي. سٺي يا ڪمزور هوندي آهي. ها، سهولت جي لحاظ کان ڪڏهن اهڙن ليبلن جو سهارو ورتو ويندو آهي. جئن نئين ڪوتا آئي، تئن نئون غزل به آيو. پر پوءِ اهي وصفون دور ٿي ويئون. هاڻي صرف ڪوتا آهي ۽ غزل آهي. نئين ڪوتا/ نئون غزل ۲۰ صديءَ جي سٺ واري ڏهاڪي ۾ آيو. ان وقت جا ڪي شعر آهن:
ڪيترو پنڌ ڪري ٿو ماڻهو
خود کان اڳتي نه وڌي ٿو ماڻهو
سانت گهنڊن کي نغارن کي ڪريو
مل مان آيل ڪو سمهي ٿو ماڻهو (صبح ڪٿي آهي؟ ص. ۷۸)
يا
ڌمڪي ٿن، رئندا مار کائيندا
ٻار ڊپ ۾ کلڻ لڳا آهن
باهه جون ليڪون ليڪون پاڻيءَ تي
ڪيئي ڌيئا ترڻ لڳا آهن
ڪو ڏسي ڪونه لُٽ هجي يا خوف
شهر تي سڀ هرڻ لڳا آهن.
(صبح ڪٿي آهي؟ ص. ۷۲-۷۳)
لڇاڻي:  جديد غزل ۽ نئين ڪوتا کي ڪجهه واضح ڪندا ؟
موهي: جئن مون اڳ چيو آهي جديد، نئون، وغيرهه وصفون صرف سهولت لاءِ ڪم آندل آهن. ۲۰ صديءَ جي  ستين اٺين ڏهاڪي ۾ سنڌي نئين ڪوتا خوب زور پڪڙيو هو. ان اثر هيٺ نئون غزل يا جديد غزل آيو. جديد غزل ۾ پراڻا  شمع پروانا، ميءِ ساقي، ساحل سمنڊ وغيره  جهڙا خيالي بيان درڪنار ٿي ويا. غزل حقيقت پسند  ٿيو، زندگيءَ سان روبرو ٿيو، ان ۾ روايتي تشبيهن، استعارن وغيرهه جي بدران ٻوليءَ جي سگهه ڪتب آندي ويئي، ٻوليءَ جو تخليقي اپيوگ (استعمال)اهم ٿيو.
پيٽ چيري ڏسون، سندس چهرو
هر گناهه ان جي نالي آيو آ
جنتا ناهي، هي آهه لوهه تتل
خود ڪٽايو، فقط ڪٽايو آ
اٺ  کي ماري گجي ڪڍڻ کان پوءِ به
پاڻي ڪنهن پيتو نه آ، لڪايو آ.
(صبح ڪٿي آهي؟ ص. ۷۱)
لڇاڻي: موهي  صاحب ، توهان کي ڪهڙن شاعرن متاثر ڪيو آهي ۽ ڇو؟
موهي: مون کي ڪي شاعر وڻندا ضرور آهن: ليکراج عزيز، سڳن آهوجا، نارايڻ شيام، ايم ڪمل، ارجن حاسد ۽ ڪي ٻيا پر مان متاثر ڪنهن کان نه ٿيو آهيان. مان هيمشهه نون  گسن تان گذريو آهيان. منهنجو ارادو توڙي عمل ٻيٺن ۾ رهاون جو ڙڻ جو رهيو آهي.
لڇاڻي: ڪهاڻي لکڻ جو خيال توهان جي من ۾ ڪئن آيو؟ پهرين ڪهاڻي توهان ڪئين لکي؟
موهي: منهنجي اندر انڀون، مشاهدن، ڀوڳيائن جا انبار آهن. ۱۹۸۵ع ڌاري مون  پهرين ڪهاڻي ”ڪارڻ “ لکي جا انساني، بي رخيءَ ۽ بي حسيءَ ، نشچلتا جي موضوع تي هئي، ان وقت مان ايل، آءِ ، سي  ۾ هوس يونين ليڊرن سان  گهڻي دوستي هوندي هئي. ڪهاڻي ان ماحول مان ئي پيدا ٿي. پر تنهن کان پوءِ وڏو خال رهيو. ساهتيه اڪاڊميءَ جي ڪنوينر جي حيثيت ۾ ۲۰۱۲-۲۰۰۸) مون کي ڪافي شهرن ۾ وڃڻو پوندو هو، الڳ الڳ راجين جي ماڻهن  سان ملڻ جو موقعو مليو، انهن جي ريتين رسمن جي ڄاڻ ملي، انهن جي ويدنائن، خوشين کي محسوس ڪيو. منهنجي اندر وارو انڀو، مشاهدا ڄڻ تاز اٿي ويا. ڪهاڻيون جڙنديون ويئون. ڪهاڻين جا ٻه سنگهرهه ڇپجي ويا. اندر ٽمٽار آهي، اميد آهي ته اڃان ڪيتريون ڪهاڻيون اتي جنم وٺنديون.
لڇاڻي: لکڻ توهان لاءِ ڇا آهي؟
موهي: لکڻ مون لاءِ ساهه کڻن برابر آهي. مون لاءِ اها سهج ڪريا آهي. ٺيڪ ان طرح جئن لهرن ۾ سهج ئي ڦوٽا، بدبدا  ٺهندا ويندا آهن.احساس اٿندا رهندا آهن، پنهنجو وجود پسائيندا آهن، اڳيان ڌڪجي ويندا آهن. لهرن سان لهرون ٿي ويندا آهن ۽ وري ٻيا بدبدا وجود پائيندا آهن. اروڪ سلسلو هلندو رهندو آهي.
لڇاڻي: توهان کي حياتيءَ ۾ڪهڙا شوق آهن.
موهي: پڙهڻ ۽ سئر ڪرڻ جو .
لڇاڻي: نون اديبن لاءِ توهان جيڪر ڇا چوڻ چاهيو؟
موهي: اتي پنڌ پوءُ جتي ڪا راهه نه هجي، پنهنجي راهه ٺاهيون. گم ٿي وڃڻ جو انديشو هوندو آهي، پر پنهنجي نجي سڃاڻ، پهچان قائم ڪرڻ لاءِ اهو خطرو کڻن ضرور آهي.
واسديو موهي
۲ مارچ ۱۹۴۴
ميرپور خاص، سنڌ
رٽايرڊ ليڪچر، هيڊ آف ڊپارٽمينٽ (انگريزي)  ڪتاب: تضاد (۱۹۴۶)، صبح ڪٿي آهي؟ (۱۹۸۳)، مڻڪو (۱۹۹۲) ، برف جو نهيل (۱۹۹۶) مڻڪو (گجراتي) ترجمو، جينت ريلواڻي (۱۹۹۷) مڻڪو (هندي)  ترجمو: ڀنور سنگهه پنوار (۲۰۰۱)، چهنب ۾ ڪکه (۲۰۰۱ )، ريل جي پٽڙي ميري (۲۰۰۹
شاعريءَ جا مجموعا
چيڪ بوڪ ۽ ڏيڍ ڳنڍ
ڪهاڻين جا مجموعا
ڳالهه شاعريءَ جي (۲۰۰۷)
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي غزل جو هئنڊ بوڪ (۲۰۰۸)
تانيزاڪي جو جپاني نال دڪي،
ناممڪن راملنگم پلي، مونو گراف
ساهتيه اڪاڊمي، نيو دهلي (۱۹۹۶)
انترال- تقريرون ، ساهيه اڪاڊمي  نيو دهلي (۲۰۰۶)
(انگريزيءَ تان ترجما)
ساهتيه اڪاڊمي اوارڊ، نيو دهلي، برف جو فهيل (۱۹۹۹) ڪشنچند بيوس اوارڊ، گجرات سنڌي ساهتيه اڪاڊمي- مڻڪو تي (۱۹۹۵)نارايڻ شيام اوراڊ، بيسٽ، بمبئي، برف جو ٺهيل تي (۱۹۹۷) مشهور گايڪ پيون ڪمار جي ڪمپوز ۽ ڳايل، مهڪ جي ڌن، (۲۰۰۳) ناليري گايڪ گهنشيام واسواڻيءَ جي ڪمپوز ڪيل ۽ ڳايل (ڪيسٽ ۽ سي ، ڊي) ۽ پوءِ (۲۰۰۴).



شاعري ساهه کڻندي آهي
ليکڪ سان مُکا ميلو (خودنوشت)
واسديو موهي
اڄ پنهنجي ماضيءَ تي نظر وجهان ٿو ته نِڪر پاتل هڪ ڇوڪري جي ياد اچي ٿي. وڏا سنڌ مان سڌو پهرين جوڌپور ۾ اچي ٿانئيڪا ٿيا هئا. وڏا معنى بابا ۽ منهنجا چار چاچا. سردارپورا جي شايد چوٿين يا پنجين روڊ تي جڳهه هئي، اُگريءَ واري جڳهه. دالان ۾ ننڍڙو ڀينڊين جو وڻ هوندو هو. تازين ڀينڊين جو سواد ته انوکو هوندو هو پر جڳهه ۾ الائي ڪيترا وڇون هوندا هئا. جيڪا شيءِ کڻبي هئي ته وڇون ويٺل ملندو هو. وڏا وڇن کي پادر هڻندا هئا، ڪڏهن پادر ڪم ڪري وٺندو هو، ڪڏهن وڇونءَ جي قسمت ڪم ڪري وٺندي هئي، بچي ويندو هو. پر ڏنگ لڳندا رهندا هئا؛ هر ڀاتيءَ کي. مان اڪثر وڇن جو سولو شڪار ٿي ويندو هوس. ڀاڀي، ماءُ يا ڪا چاچي، يا گهر ۾ حاضر ڪو وڏو ڏنگ مٿان ڪجهه لڳائي ڇڏيندو هو. ڏنگ سهڻ هر ڀاتيءَ لاءِ روز جو رُوٽِين هو. پر جڏهن وڇن جو ننڊ ۾ ڏنگڻ وڌي ويو ته اُگريءَ واري جڳهه، جيڪا سچ ۾ اُگري ۽ نُگري ٻئي هئي، سا ڇڏي سردار پورا جي ٽئين روڊ تي اچي ويٺاسين. اُتي منهنجي گهر کان پرڀرو ڪنهن هندي اِسڪول ۾ اسان چار ڄڻا؛ ٻه سؤٽ، ٻه سؤٽيون، داخل ٿياسين. سمجهه ۾ ڪجهه ڪونه ايندو هو، گهر ۾ سڀ سنڌي ڳالهائيندا هئاسين، هندي ڌاري ٻولي لڳندي هئي. اڪثر ماستر اسان چئن مان ڪنهنکي نه ڪنهنکي اِسڪول کانپوءِ ڪنهن ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيندو هو، اِها شايد اسانکي ڪجهه به نه سمجهڻ جي سزا هوندي هئي. بهرحال اسڪول وڃِي پنهنجي وائڙپ ظاهر ڪرڻ بجاءِ اسان چارئي اسڪول ويندا ئي ڪونه هئاسين. جوڌپور ۾ اُن وقت عام جام نظر ايندڙ تمام وڏي منهن وارا صرف اڍائي فوٽ اونها پر پڪي فرش وارا کوهه هوندا هئا. اسين اِسڪول جو ٽائيم پورو ٿئي تيستائين اهڙي هڪ کوهه ۾ لڪي وهندا هئاسين. کنڊ ڀڳڙا ڦڪيندا رهندا هئاسين. هڪ ڏينهن نيٺ بابا پڪڙي ئي ورتو.
اُنهن ڏينهن ۾ ڌنڌي جي لحاظ کان بابا احمدآباد اچي وسڻ جو فيصلو ڪيو، الائي ڇا سوچي بابا مونکي به پاڻ سان هِتي وٺي آيو. اِها شايد ۱۹۵۰ جي آسپاس جي ڳالهه آهي. ريوڙي بزار ۾ ئي، سائيڪلين جي دوڪان تي ئي رهندا هئاسين، الڳ ڪو گهر ڪونه هو. چار دوڪان ٻيا به ورتل هئي جنکي مسافر خاني طور ڪم آڻبو هو. اِسٽيشن ويجهي هئڻ جي ڪري ڪيترا مسافر اُتي اچي رهندا هئا. گذران پيو هلندو هو. پانچڪوئا ۾ اُن وقت اِنگلش ٽاڪيز هئي، جنهنجي ڀرسان ڪو گجراتي اِسڪول هو، بابا اُن ۾ داخل ڪيو. مون لاءِ وري مصيبت ٿي پيئي. هندي وري به ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ اچڻ لڳي هئي، پر گجراتي ته گريڪ لئـٽن لڳندي هئي. مشڪل سان ڪي مهينا اُتي گذاريا، ڪي لفظ به سکيس جن ۾ ڪي هئا ’ڪيم ڇو‘، ’ٻيسو‘، ’هاٿ آگڙ ڪرو‘. اِهو ’هاٿ آگڙ ڪرو‘ ماستر روُل هڻڻ لاءِ چوندو هو.
سال اڌ ۾ ئي جوڌپور مان سڄي فئملي احمدآباد اچي ويئي، چاچا چاچيون، سؤٽ، ٻه ڀائر هيرو، پرشوتم، هڪ ڀيڻ، سڀ. ڪُٻير نگر جي بنگلا ايريا جِي هرجِيون چال ۾ رهياسين، جتي پوسٽ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ارجن تنواڻي به رهندو هو، جيڪو اڃا ارجن حاسد ڪونه ٿيو هو. منهنجي ’ڀنڊاري‘ ڪهاڻي اُن چال ۾ ٿيل هڪ واقعي تي ٻَڌل آهي. ڪٻيرنگر ۾ ريلوي ڦاٽڪ وٽ هڪ سنڌي اِسڪول هلندو هو، اُتي بابي داخل ڪرايو. پهريون دفعو لڳو، مان پڙهائي ڪري رهيو آهيان. سڀ ڪجهه سمجهه ۾ ايندو هو، ماستر جي هر ڳالهه دماغ ۾ وهندي هئي. اُن کان اڳ هندي ۽ گجراتيءَ ۾ ٽُڪرن ۾ ٿيل پڙهائيءَ وارا سال بيڪار ويا. تنهن کانپوءِ، ۱۹۵۴ ڌاري، سڄو ڪٽنب، پنهنجي جڳهه ٺهرائي ٺڪر ٻاپانگر ۾ رهياسين. جڳهه جي ڪمپائونڊ ڀت ۾ هڪ پپر جو ننڍو وڻ وڌڻ لڳو هو. مونکي عجب لڳندو هو ته ڀت ۾ وڻ ڪئن پيدا ٿي ويو هو. وڻ وڌندو رهيو، ڀت ۾ چيرُ وڏو ٿيندو رهيو.
ريوڙي بزار ۾ دوڪان قائم هو، پر مسافرخاني وارا چار دوڪان ڌيري ڌيري گم ٿي ويا، مسافرن جيان آيا، ۽ هليا ويا. ٺڪر نگر ۾ سنڌي اِسڪول چوٿين درجي تائين هوندو هو. سنڌي اِسڪول، گجراتي اِسڪول وارن ڪمرن جي ٻاهران ٿلهي تي هلندو هو. ٻار ٿورا هئاسين. مان شايد انڌن ۾ ڪاڻو هئس، پهريون نمبر ايندو هوس. پر چوٿون درجو پاس ڪرڻ تي وري ساڳي حالت ٿي ويئي. پنجون درجو سنڌي هو ئي ڪونه. گجراتي پنجين درجي ۾ داخلا ته ملي، پر سِچوئشن وري ’هاٿ آگڙ ڪرو‘ واري ٿي ويئي، سمجهه ۾ گهٽ ئي ايندو هو. فيل ٿيڻ تي پڙهائي بند ٿي ويئي، ريوڙي بزار دوڪان تي سائيڪليون سنڀالڻ لڳس. پاڻ تي خوش ٿيندو هوس ته سڄي سائيڪل کولي، وري فِٽ ڪري سگهان ٿو.
اُن وقت پانچڪوئا ۾ ڪا سنڌي لئبرري هلندي هئي. مان اڪثر اُتان ڪهاڻين جا ڪتاب توڙ ي ناول وٺي تڪڙا پڙهي واپس ڪندو هوس، ۽ ٻيا وٺندو هوس. گهڻو ڪري، ڪتاب واپس ڪرڻ ويندو هوس ته لئبرري بند ملندي هئي، مان نراش ٿي ويندو هوس. لئبرري واري دوڪان جي ٻاهران ويهي رهندو هوس. ڪافي، ڪافي وقت کانپوءِ لئبرري سنڀاليندڙ ڪاڪو ايندو هو، مونکي ڏسندو هو ته خفي ٿي چوندو هو، ڇوڪرا، توکي لئبرري جي ٽائيم جي خبر ڪانهي جو روز اچي پنهنجو ٽائيم خراب ٿو ڪرين . مونکي ٽائيم جي خبر ڪانه پوندي هئي، مون وٽ واچ نه هوندي هئي، نه دوڪان تي ڪو گهڙيال. بابي جي ڪرائي به خالي هوندي هئي. مان من ۾ سوچيندو هوس ته لئبرري واري ڪاڪي کي چوان ته ٽائيم خراب ڪرڻ نه، ٽائيم سڦلو ڪرڻ ايندو آهيان، پر چوندو ڪونه هوس، شرم کان. مان تمام ٿورو ڳالهائيندو هوس. هڪ ڪارڻ اِهو به هوندو هو ته منهنجو آواز ڏاڍو سنهو هو، بلڪل ڇوڪرين جهڙو. ڳالهائيندو هوس ته مٽ مائٽ، دوست کلندا هئا، توکي ته ڇوڪري ٿيڻ کپندو هو. بابي کي انگريزيءَ لاءِ ڪجهه وڌيڪ ئي مانُ هو، سنڌي ڪتاب پڙهندو ڏسندو هو ته چوندو هو، انگريزي سِکُ، خوب ڪمائيندين. انگريزي ۾ نالا وغيره لکڻ بابي ئي سيکاريا.
ريوڙي بزار ۾ ئي انگريزي سيکاريندڙ ڪرئش ڪورس وارو ٻن ٽن ننڍڙن ڪلاسن وارو اِسڪول ته نه چئجي پر ڪلاسز هلندا هئا . بابي اُتي وهاري ڇڏيو. گامبٽو ڪلاسز جي نالي وارو اُهو ننڍڙو انگريزي سيکاريندڙ سينٽر ليکراج گامبٽو نالي هڪ نيڪ شخص هلائيندو هو. اُتي لڳ ڀڳ منهنجي عمر جو هڪ ٻيو نينگر حڪومت به انگريزي سکندو هو. دوستي ٿي ويئي. گڏ پڙهندا هئاسين. ڪلاسن دوران ڏهين منٽين جي رسيس ملندي هئي. ٽڪو کيسي ۾ هوندو هو. بک به هوندي هئي. ريوڙي بزار جي چونڪ تي، وچولي عمر واري ڪنهن شخص جو چاپ ڇولن جو ننڍڙو دوڪان هو، هن وٽ ڏاڍي ڀيڙ لڳندي هئي. هنجو هٿ تمام تڪڙو هلندو هو. هو چاپ کڻي دوني ۾ وجهندو هو، چاپ چِٿيندو هو، تڪڙ  ۾ ڪيوي ڇولن جي ٿالهه ۾ وجهندو هو، بيحد ئي تڪڙ ۾ چاپ مٿان ڪيوي اونڌي ڪندو هو، پوءِ ننڍن  ننڍن چمچن سان هو چينيءَ جي وڏن پيالن مان الڳ الڳ قسمن جون چٽڻيون ڇولن مٿان ڇٽيندو هو ۽ گراهڪ کي ڏيندو هو، پئسا وٺندو هو. اِهو سڄو ڪم هو تمام ڦُـڙتيءَ سان، مِڪئـنيڪلي، هڪ مقرر سلسلي سان ڪندو هو. ڀيڙ جي ڪري حڪومت ۽ مان چاپ کائڻ بنا ئي، رسيس جو وقت پوري ٿيڻ تي ڪلاس ۾ موٽي ويندا هئاسين. بک پريشان ڪندي هئي. پر پوءِ اسان هڪ طريقو ڳولهي لڌو. دوڪاندار جئن چاپ مٿان ڇولا وجهي چٽڻين جي پيالن وارو چمچو کڻندو هو ته اسان ٻئي هڪ ئي سُر ۾ اُتاوليءَ سان چوندا هئاسين ”چٽڻي نه، چٽڻي نه“، هو منجهي پوندو هو، هنجو سلسلو ٽُـٽي پوندو هو، هنجي اسپيڊ گهٽجي ويندي هئي، پر وري سلسلو پڪڙي هو چٽڻيون وجهي اسان کان اڳ آيل گراهڪ کي ڏيئي وري پنهنجو سلسلو شروع ڪندو هو . پر جئن هو چٽڻين جي پيالن طرف هٿ وڌائيندو هو اسان وري  ”چٽڻي نه، چٽڻي نه“  جو سُر آلاپيندا هئاسين، هو مُـنجهندو هو ۽ غصي ۾ اسانکي دونو پڪڙائي ڇڏيندو هو. ٻن ٽن ڏينهن ۾ ئي ۾ هو اسانجي حرفت سمجهي ويو، ۽ مُرڪي ڏنائين. اسانجو ناشتو سولو ٿي ويندو هو.
اهڙو ئي هڪ سولو ڏاڪو چڙهڻ جو موقعو مليو تعليم جي حوالي ۾. گامبٽو ڪلاسز ۾ پڙهندي ئي، حڪومت ۽ مون وارڌا وارن جا هندي امتحان پِرويش، پريچيه به پاس ڪري ورتا هئا. جئن مون چيو، گامبٽو ڪلاسز هلائيندڙ ليکراجمل هڪ نيڪ اِنسان هو. هنکي محسوس ٿيو ته حڪومت ۽ مان اُتي ڪلاسز ۾، سِسٽميٽڪ اِسڪولي پڙهائيءَ بنا جيون ۾ خاص ڪجهه ڪري نه سگهنداسين. هن جي دورانديشي، جو پنهنجي ڪمائيءَ جو خيال نه ڪندي هن صاحب، آدرش هاءِ اسڪول جي اُن وقت جي پرنسيپال هرگنداس ڌنواڻيءَ کي عرض ڪري اسانکي نائين درجي ۾ داخلا ڏيڻ لاءِ چيو. ڌنواڻي صاحب اينٽري ٽيسٽ جو شرط رکيو، اسان ۾ وشواس رکي ليکراجمل شرط منظور ڪيو، ڌنواڻي صاحب کي چئي هن ٽيوشن جو به بندوبست ڪرائي ورتو. مينگهراج جارواڻيءَ جهڙا قابل ماستر اسانکي ٽيوشن ڏيندا هئا. اڄ به مان هنن جي بيحد عزت ڪندو آهيان، هنن اسانکي پاڙهي اهڙو پڪو ڪيو جو اسان ٻنهي نائين درجي جي اينٽري ٽيسٽ پاس ڪري ورتي. اسان خوش هئاسين، مس مس ڪنهن ڍنگ جي اسڪول جو در ڏسنداسين. نائين درجي جي ڪلاس ۾ ساڳي بينچ تي وهندا هئاسين. ڪجهه ٻيا دوست به ٿيا. ڪجهه هفتن کانپوءِ تعليم ڊپارٽمينٽ اعتراض اُٿاريو ۽ اسانکي نائين درجي ۾ داخلا ڏيڻ کان اِنڪار ڪيو. ڌنواڻي صاحب خوب حيلا هلايا، اسانجا ٽيسٽ پيپر چڪاسڻ لاءِ ڏنا، پر کـڙتيل ڪونه نڪتو، آخر وچون رستو ڪڍيو ويو، اسانجي عمر ۽ ريگيولر اِسڪول ۾ اڳ ڪيل پڙهائيءَ جي آڌار تي، حڪومت کي اٺين درجي ۾ ۽ مونکي ستين درجي ۾ داخلا جي آفر ڪئي ويئي. ڏک ٿيو، هڪ ڏاڪڻ تي ڪنهن اوچائيءَ تي پهچي، وري ڏاڪا لهڻ پيڙيندڙ ته لڳو، پر ٻيو ڪو رستو ڪونه هو، مئٽرڪ تائين پهچڻ جا سال ڊبل ٿي ويا. ستين درجي ۾، هٻڪي، شرمائيندي، ڪلاس جي پٺين بينچ تي وڃي ويٺس. اُتي ئي، پاسي واري بينچ تي جانڪي ويٺي هئي، هن مون ڏانهن ڏٺو، مان وڌيڪ شرمائجي ويس. جڏهن نائين درجي ۾ هوس، ته رسيس ۾ جانڪي پنهنجي نائين درجي واري ساهيڙي سجنيءَ سان گڏ هوندي هئي، مونکي ڏسي ٻئي کِلنديون هيون، شايد منهنجي ڍِلي ڍالي نِڪر ۽ بلڪل سادي خميس تي، مان سُسي ويندو هوس. ۽ هاڻي رسيس ۾ ئي، نائين درجي وارا نوان ٿيل دوست گڏجندا هئا، ڪي همدردي ڏيکاريندا هئا، ڪي مذاق به اُڏائي وٺندا هئا، اکين ۾ پاڻي اچي ويندو هو. اِها ۱۹۵۸ جي آسپاس جي ڳالهه آهي.
پڙهائي وڻندي هئي. پهريون نمبر پڪو ٿي ويو هو. درجا سر ٿيندا ويا. سڀ ٽيچر پيار ڪندا هئا، خاص ڪري مينگهراج جارواڻي، ڪشنچند ڀاٽيا، وڻجاڻي سر ۽ ٻيا، ڌنواڻي صاحب به خوب چاهيندا هئا. مانيٽري تي ڄڻ هڪ هَٽي ٿي ويئي هئي. جيڪڏهن ڪنهن پيريئڊ ۾ ڪو ٽيچر نه ايندو هو ته مان وشيه پاڙهڻ شروع ڪري ڇڏيندو هوس، هڪ آتم وشواس هو، جنهن تحت هر ڪم ڪندو هوس. پيريئڊ پورو ٿئي اُن کان اڳ سبق جي آڌار تي هوم ورڪ به ضرور ڏيندو هوس. ڪمال جي ڳالهه اِها هئي ته  گڏ پڙهندڙ شاگردن جو پريم ايترو هوندو هو جو ڪن ٿورن کي ڇڏي  ڏنل هوم ورڪ ڪري به ايندا هئا ۽ وشيه جي ٽيچر کي ڏيکاريندا هئا . ٽيچر مرڪي ڏيندو هو.
اُنهن ڏينهن ۾ گُروجي ڀَـنوَرسنگهه پَـنوار به ڊرائينگ سيکاريندا هئا. مان ڊرائينگ ۾ جڏو هوندو هوس، اڄ تائين آهيان، هڪ ليڪ به سڌي ڏوري ڪونه سگهندو آهيان، پر هنن سان ويجهائپ ڏاڍي هوندي هئي. پيار، سنيهه جو ناتو اُن وقت ئي جُڙي ويو هو. مان بيحد ئي پُراڻي سائيڪل تي اِسڪول ايندو هوس. مَڊگارڊَ ڏاڍو آواز ڪندا هئا. پيچَ ٽائيٽ ئي ڪونه ٿيندا هئا. منهنجو سائيڪل رپيئرنگ جو ڏانوُ به ڪم ڪونه ايندو هو. پنوار صاحب ورجائيندا هئا: واسُو ڪئسي سائيڪل پر آتي هو، اِتـني خراب سائيڪل تو دُوڌ والون ڪِي ڀي نهين هوتي، ڪيا آواز ڪرتي هيءِ. مان کلي چوندو هوس: گُروجي اڇا هيءِ نه، بئنڊ باجون ڪي ساٿ اِسڪول آتا هون. پاڻ تي ڪيل ڪنهن ٽِيڪا کي مذاق ۾ کڻڻ جي عادت اڄ به آهي.
هڪ ڏينهن جانڪيءَ کي ٺڪر نگر گهر جي بلڪل سامهون واري گهر جي در تي ڏٺم، عجب لڳو. ارجن حاسد جي سالِـي گهر جي بلڪل سامهون رهندي هئي. جانڪي اُتي آئي هئي. مونکي خبر ڪانه هئي، هوءَ ارجن حاسد جي ڀاڻيجي آهي، مونکي اِها به خبر ڪانه هئي ته حاسد ڪهڙي بڙ جو نالو آهي. هوءَ بنا هٻڪ گهر هلي آئي. مونکي هڪ حساب ۾ ڊفيڪلٽي آهي، سيکار. ڄڻ مان ٽيچر هجان. شڪر آهي، هڪ ڏينهن اڳ ئي اُهو حساب مان ڪافي مغز پچيءَ کانپوءِ سالوَ ڪري چُڪو هوس، اري، هيترو سولو حساب نٿو اچيئي! هوءَ کِکي وِکي ٿي ويئي، ڪالر مٿي ٿي ويو.
جانڪي اڪثر ٺڪر نگر اچڻ لڳي. من جا ڌاڳا اُلجهندا ويا، شاعريءَ جا ٻج ڇٽجي ويا. ڪلاس ۾ هڪ ٻيو دوست به محبت جو ماريل هو، سريش جگر، سو به شاعري ڪرڻ لڳو. مون سان ٺڪر نگر کان گڏ ايندڙ اوڌوَ به ’شڪي‘ تخلص سان شاعري ڪرڻ لڳو. منهنجن اسڪولي دوستن ۾ اڄ به ڪيترا ويجها دوست آهن، پر گهڻي ۾ گهڻو اوڌوَ سان ئي ملڻ ٿيندو آهي. منهنجو گامبٽو ڪلاسز وارو دوست حڪومت به ’جاني‘ تخلص سان شاعري ڪرڻ لڳو. شايد اهڙا ٻيا به شاگرد هئا جيڪي ”بهار، انتظار، بيقرار، پيار“ قافين واري شاعري ڪرڻ لڳا. اِسڪول ۾ ڄڻ شاعرن جو فصل لٿو هو. اِن قسم جي شاعريءَ تي وڌ ۾ وڌ ناراض وائيس پرنسيپال هرجسراءِ ٿيندو هو. ڦِـٽڪاريندو به هو.
ان وچ ۾ حاسد جن سردارنگر وڃي وسيا. حاسد وٽ شاعريءَ جا ور وڪڙ سکڻ لاءِ وڃڻ لڳس. حاسد ڪنڌ هيٺ ڪري فاعلاتن مفاعلن جي ڀڃ ڊاهه پيو ڪندو هو، منهنجيون اکيون جانڪيءَ ۾ کُـتل هونديون هيون. ڪڏهن موقعو ملندو هو ته، هنومان مندر به هليا ويندا هئاسين، مندر جي پاسي ۾ ئي سابرمتي ندي آهي، سابرمتيءَ جي لهرن ۾ به پير پُسائيندا هئاسين. اهڙي هڪ موقعي تي تيز اکين واري ڪنهن هوشيار ماڻهوءَ ڏسي ورتو. اُن وقت گيان رشي نالي ڪو مشهور شخص هو، جو سنت هئڻ سان گڏ جرنلسٽ به هو، سماج جي اخلاق جو بيحد اونو رکندڙ. جوش ۾ اچي ويو. اخبار ۾ وجهي ڇڏيائين. هلچل مچي ويئي. سڄي اسڪول ۾ واسُو-جانڪيءَ جا نالا وڄڻ لڳا. ڪيترا اڻ سُڃاتل شخص خاص اچي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، اڇا هي آهي واسُو، اوهو هو هيِءَ آهي جانڪي! ڌنواڻي صاحب پريشان ٿي ويا. واسُو، هي سڀ ڇا آهي. سائين ڪجهه ڪونهي، صرف سابرمتيءَ ۾ پير وڌا آهن. ٻُڏڻ جو ارادو اٿئي، نه سائين تري پوندس. مونکي پنهنجن جوابن تي عجب لڳو هو. ڌنواڻي صاحب برجستو ماڻهو هو، گيان رشيءَ کي آفيس ۾ گهرائي سمجهايائينس، پوءِ ڪِن تَڪيل توريل لفظن ۾ هدايت به ڪيائينس: بڪواس بند ڪر.
منهنجي شاعري جاري رهي. هڪ عجيب اتفاق ٿيو. اُن وقت، ۱۹۶۲ ۾ ’غزل‘ عنوان سان غزلن جو هڪ مجموعو ظاهر ٿيو. اُن ۾ ۱۵ شاعر شامل ڪيل هئا. ارجن حاسد اُنهن مان هڪ هو. اِنجي ردعمل ۽ وروڌ ۾ ٽيڪچند مست ۽ مِرچو مِسڪين هڪ ٻيو غزلن جو مجموعو ’بوندون ٿيون ملهار‘ ۱۹۶۲ ۾ ئي  شايع ڪرايو ، اِهو ڏيکارڻ لاءِ ته نه صرف هو به غزلگو شاعر آهن بلڪ سنڌيءَ ۾ وڏو انداز غزلگو شاعرن جو موجود آهي، جنکي ’غزل‘ مجموعي ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي . شاعرن جو انداز وڏو ڏيکارڻ لاءِ هنن مون جهڙن ڪچن شاعرن کي به شامل ڪري ڇڏيو ، جنهنجو هڪ به غزل ڪنهن مخزن ۾ ڪونه ڇپيو هو . ڄڻ زوريءَ شاعريءَ جي ميدان ۾ ڌِڪجي ويس . جانڪيءَ سان ملڻ جو بهانو گنڀير ٿي ويو. ساهت سنگت ۾ وڃڻ، جيڪا جيوت ترنگ جي ڪنهن ڪلاس جي ٻاهران، ٿلهي تي ٿيندي هئي، نيمائـتو ڪم ٿي پيو. هيرو شيوڪاڻي، نندلعل، ڀڳوان نردوش، جو اُن وقت ڀيمن گمراهه هو، ڪشنچند رنجايل، ڪيرت مهرچنداڻي، هنسراج پنجابي ۽ پريم پرڪاش سان ٻيا به ڪيترا ئي دوست ايندا رهندا هئا.
سال ۱۹۶۳ع ڌاري مئٽرڪ جي اِمتحان ۾ سُٺين مارڪن جي ڪري سينٽ زيويئرس جهڙي مانائـتي سائنس ڪاليج ۾ داخلا ته ملي، پر ڪنهن طرح پهرئين ٽرم جي في جمع ڪرائڻ بعد ، ٻئي ٽرم جي في جو ڪو بندوبست نه ٿي سگهيو. اِنجنير ٿيڻ جو سُپنو، سُپنو ئي بڻجي رهجي ويو. ننڍپڻ کان قسطن ۾ ٿيل تعليم، هڪ ڀيرو وري ڪَٽ ٿي ويئي. بابا ريوڙي بزار وارو دوڪان ۱۹۵۸ ۾ ئي ڇڏي چڪو هو. ڌنڌا مَٽجندا رهيا، قسمت ساڳي رهي، گوهيون ڏيندڙ. پر من اندر همٿ ڪافي هئي. ٺڪر ٻاپا نگر وارو ڪمپائونڊ وال وارو پپر ياد هو، پپر جو، هڪ ٻوٽي جو ديوار ٽوڙي وڌڻ همٿ ڏيندو رهندو هو. اُنهن ڌُنڌيل حالتن جي وچ ۾ جانڪي سان شادي به ٿي ويئي (۱۹۶۴ع).
اِنڊور ۾ اِنٽر جو اِمتحان ڏنو، ساٿ ۾ هم ڪلاسي ڪنعيو موتياڻي ۽ موهني گوگيا به هئا. ايل آءِ سي جي ڏکي اينٽرنس ٽيسٽ ڏني. اِن وچ ۾ ڌنواڻي صاحب گهرايو. ماستر ٿي ويس (۱۹۶۵). ننڍي هوندي مانيٽري واري ٽيچنگ وسري ڪانه هئي. سال اندر ئي ايل آءِ سي جو سڏ ٿيو. ايل آءِ سي ۾ نندلعل اڳ ئي ملازم هو، پريم پرڪاش به پوءِ جائن ڪيو.
۲۰ صديءَ جي ستين ڏهاڪي ۾ غزل جي جڳهه نئين ڪوتا ورتي. غزل جا ڀُرڪڻا موضوع چمڪ وڃائڻ لڳا هئا، زندگيءَ جون تلخ حقيقتون چُڀڻ لڳيون هيون. حالتون هونئن ئي نُڪيليون هيون. نئين ڪوتا لفظي اُگرواد (ليڪسيڪل مِليٽنسي) جو ٻيو روپ ٿي پيئي . هريش واسواڻي اُنوقت نئين ڪوتا جو ٻيو نالو ٿي پيو هو. پر الائي ڇو مون ڪجهه الڳ واٽ ورتي، جيڪا منهنجي دل جي ويجهو هئي. اُن ۾ بيان جون پيچيدگيون ڪونه هيون، سهجتا هئي، معصوميت هئي، نئين ڪوتا ۾ هريش جي اِن اعلان جي باوجود ته نئين ڪوتا ڇندن جي قبرن تي لکيل آهن، مون لئه جو پلاند ڪونه ڇڏيو.
حالتن هڪ ڀيرو وري ڦيرو کاڌو. نِڪول ڳوٺ ۾ ڀاءُ ڀڳوان پولٽري فارم کوليو. اسانجي سڄي ڪٽنب جي وابستگي هئي، ڪنهن نموني، هن پنهنجي لَوَ لائيف سنڀالڻ خاطر فارم ڇڏي ڏنو، مان خود لوَ مئريج ڪري چڪو هوس، منهنجو ٻيو ننڍو ڀاءُ ڪشن به پيار جي شادي ڪري چڪو هو، ڀڳوان جي خلاف مان ڪئن ٿي وڃي سگهيس. مان ايل آءِ سي ڇڏي پولٽري فارم تي اچي ويٺس. پر مرغين کي منهنجيون ڪوتائون يا منهنجا غزل ڪونه وڻيا. مالي طور مان بريءَ طرح ٽُـٽي پيس. پر ڪٽنب جو مونکي پورو ساٿ هو. ٺڪر ٻاپا نگر جي جڳهه وڪڻي اسانجو سڄو ڪٽنب نئن نگر ۾ هڪ مسواڙي جڳهه ۾ اچي وسياسين. پر نِڪول ڳوٺ ۾ مونکي الڳ طرح جو انڀوَ ٿيو. ڳوٺ جي ماڻهن جي سادگيءَ، سهجتا موهيو، ته هنن جي بُک، بيروزگاريءَ پِيڙيو به، مڻڪوءَ جو جنم اُتي ٿيو. مڻڪُو ڪِردار ذريعي ڳوٺ جي ماڻهن جي ننڍين ننڍين خوشين سان، سندن وڏيون وڏيون ذِلتون، پِيڙائون، سهج، هنن جي ٻوليءَ ۾ ئي ظاهر ٿيون. اُنهن ڪوتائن ذريعي ڪوتا جو اُهو روپ اُڀريو جنهن ڪوتا جي روايتي تقاضائن جي هڪ به ڳالهه پوري ڪانه ٿي ڪئي. اُنهن ۾ ڪو سينگار ڪونهي، ٻوليءَ جو چِمڪو ڪونهي، جذبن جي فلڪ اُڏام ڪانهي ۽ نه ئي اُنهن ۾ اُڻت جي ڪا پيچيدگي آهي. سِڌيون سَنواٽيون اُهي ڪوتائون منهنجي دل جي دڪ دڪ سان واسطو رکندڙ آهن.
پنهنجي مالي حالت کي سنڀالڻ لاءِ مان دُبئي جي اِنڊين هاءِ اِسڪول ۾ هڪ ڀيرو وري ماستر ٿي پيس (۱۹۸۷). اِسڪول ڇا هو، پورو هندستان هو. هر پرانت جا ماڻهو اُتي ڪم ڪندڙ هئا. هندستان جي هُڳاوَ کي ماڻڻ جو، محسوس ڪرڻ جو موقعو مليو. منهنجا ٻه ڀائر پرشوتم ۽ ڪِشن، ڪي سَوٽ اڳ ئي دُبئيءَ ۾ وسيل هئا. دُبئيءَ ۾ ادبي دوست به حاضر هئا: موتي پرڪاش، ڪلا پرڪاش، موهن گيهاڻي، گوپ ڪمل، گووَرڌن شرما، شريڪانت صدف وغيره. پنهنجائپ هئي، ڀائپي هئي پر گهر کان دوريءَ، گهر جي لاءِ ڇٽڇٽاهٽ پيدا ڪئي ۽ اُها مڻڪُوءَ جي ڪيترين ڪوتائن ۽ غزلن ۾ ظاهر ٿي. نامديو تاراچنداڻيءَ مڻڪُو ڪوتائن لاءِ لکيو ته اُهي گهر کان گهر جي تلاش آهن. ٿيو اِئين جو ڪٿي به، گهر نسبت حوالو، ڪوتا يا غزل جي پريرڻا بڻجي پوڻ لڳو. پريم پرڪاش جي ڪهاڻي سنگرهه ’ويهه‘ ۾  هڪ ڪهاڻي آهي ’چُهنب ۾ ڪک‘، هڪ جوڙي جي ڪهاڻي آهي جو گهر جي تلاش ۾ ڀٽڪي ٿو، پر گهر ملڻ ڪٿي آسان آهي! اِن ڪهاڻيءَ، هڪ غزل جو رديف ڏنو:
چُهنب ۾ ڪکّ ڏسان، گهر لڳندو
ڀت جي پاڇي ۾ وِهان گهر لڳندو
’ڪيم ڇو‘، ’ڪئسي هو‘، ’تون ڪئن آهين‘
ڪنهن به ڌرتيءَ تي ٻُڌان ، گهر لڳندو
گهر کان دوريءَ، ويڪري سطح تي، سنڌ کان دوريءَ جي احساس ۾ به اظهار پاتو. مونکي سنڌ جي ڪا يادگيري ڪانهي. ٽن سالن جي ٻار کان اهڙي اُميد ڪري به نٿي سگهجي. پر اُنهن ڪوتائن جي مُول ۾ به پنهنجي اڱڻ کان دوريءَ جي پيڙا ئي سمايل آهي:
تون هُتان هڪ دري کول، مان ڀِت ڀڃان
ختم اِئن قوم ساريءَ جو بنواس ڪر
گهر کان دوريءَ جي احساس کانسواءِ، دبئيءَ ۾ مونکي سمنڊَ بيحد موهيو. دُبئي ٻِٽي شهر وارو آهي ــ بَر دُبئي ۽ ديرا. هڪ کان ٻئي پاسي وڃڻ لاءِ اَبري ۾، يعني ٻيڙيءَ ۾ اچ وڃ ڪرڻي پوندي آهي. ٽيوشن جي سلسلي ۾ مونکي اڪثر ديرا وڃڻو پوندو هو، سمنڊ جي نار پار ڪري. سمنڊ نسبت مون وٽ ٻه تضاديه ڀاوَ آهن. ڊپَ جو ۽ اٿاهه عزت جو. ڊپ شايد اِنڪري جو هڪ ڀيرو اَبري (ٻيڙي) مان لهندي سمنڊ ۾ ڪِري پيو هوس. مونکي ترڻ نه ايندو آهي. سمنڊ ۾ هيٺ وڃي رهيو هوس جو شايد مون پنهنجن پيرن کي زور سان هلايو ۽ ٻانهن مٿي ڪري ڇڏي. ڪنهن همٿ واري اَبري مان لڙڪي منهنجو هٿ پڪڙي ورتو. ٻِيَن هٿُ پَڪڙڻ واري کي سنڀاليو، ورنه شايد هو به مونسان گڏ سمنڊ ۾ هجي ها، ڪجهه سيڪنڊن جي ڳالهه هئي. اُنهن سيڪنڊن ۾ جي مونکي ڪنهنجي هٿ جو سهارو نه ملي ها ته شايد اڄ مان هتي نه هجان ها. مون شڪرانه مڃيا، اَبري وارو ڇوهه ڇنڊيندو رهيو.
صبح ۽ شام ٻئي هُنجا لڳن،
روز سِج تِلڪ ڪري سمنڊ مٿان
ٻارُ ٽهڪن ۾ اچي ڇٽڪي جئن
مِينهُن اهڙو ٿو وسي سمنڊ مٿان
مون روايتن جي عزت ڪئي آهي. مونکي لڳندو آهي اسين پنهنجي روايتي ساهتيه کي درگذر نٿا ڪري سگهون، پر رِوايت پرست ٿيڻ ساهتيه جي واڌ کي روڪڻ ٿيندو. اِن ڪري مون غزل جي رِوايتي فارم کي ته اپنايو، پر اُنجو مواد ڪو نه اپنايو. مون هڏائين پڃري ۾ پنهنجو ماس ڀريو، پنهنجو رت ڏنو، اُنکي پنهنجو رُوپ ڏنو، پنهنجا نِڪور رديف ڏنا، ۽ غزل کي الڳيت ڏني. اِنجنيئر ڪو نه ٿي سگهيو هوس، پر مون غزل جي آرڪِيٽيڪچر سان پاڻکي جوڙي رکيو. اُن ئي وهڪري ۾ مون اڳتي هلي رديف جي الڳيت تي ڀاڙڻ بجاءِ مون  ڪنٽينٽ جي نِـرالپ اختيار ڪئي. اُن حوالي ۾ مون ڌرتيءَ جي توڙي آڪاسي پدارٿن کي پنهنجن جذبن سان جوڙيو:
هيڏو سارو اُڀ ماپيندي
سِج کي به لِـڦون پونديون هونديون
يا
مينهن وسڻ وقت صرف سمنڊ پُسيو
کيت ننڊ ۾ به وِڦلندو ئي رهيو
دُبئيءَ ۾ پويان سال بيحد پيڙيندڙ رهيا. اِئين ته سڄو ڪٽنب اُتي هو. پر پوين سالن ۾ جانڪي ٻارن سان ــ نِـيتو ۽ سُنيل سان هتي اچي ويئي هئي. سُنيل ناچاق ٿي پيو. مونکي جانڪيءَ يا ڀائرن ـ ڀڳوان يا ڊاڪٽر هيري ـ ڪجهه نه ٻُڌايو، متان مان چنتا ڪريان، هنـنکي شايد اِئين به لڳو ته هروڀرو ڳالهه هٿن مان ويئي ڪانهي. مان اِسڪول ۾ بيحد مشغول هوس. مونکي ڀاءُ ڪشن زور ٻڌو، ڀائو چڪر هڻي اچو، ٺيڪ ٿيندو. مان پلين ۾ چڙهي پيس. صبوح جو هاسپيٽل پهتس ته سُنيل جي حالت بگڙي چڪي هئي، هنکي وينٽيليٽر تي رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، هو وات ۾ پَوندڙ نليءَ کي بار بار دُور ڪري رهيو هو. مان صرف وائـڙو ٿي ڏسندو رهيس. منهن ۾ وينٽيليٽر جي نَـلي هئڻ ڪري هو پڇاڙيءَ تائين ڳالهائي نه سگهيو. اَسين صرف هڪ ٻئي کي ڏسندا رهياسين. مون پُٽ جو هِڪُ هِڪُ ساهه ويندي ڏٺو (۲۰۰۳) .
پر مون پاڻکي سنڀاليو. ننڍي هوندي اُگريءَ واري جڳهه ۾ مونکي وڇونءَ جا ڪيترا ئي ڏنگ لڳا هئا. مون اُبتـڙ حالتن ۾ جئڻ سکي ورتو هو، ننڍي هوندي کان ڏُک مٿان مون هميشه گلال ڇٽي اُنکي سُک جو ڏيک ڏنو هو. مالي مشڪلاتن وقت، چَپَ سڻڀا رکيا هئا. ٻاهر اُماس جي هلندي، مون من ۾ ڏياري رکي. ٺيڪ پوڻن ٽن مهينن کانپوءِ، هِتي وئڪيشن پُوري ڪري، اسان سڄو ڪٽنب مس دبئي پهتا هئاسين ته ٻئي ڏينهن منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪشن به نه رهيو. هو ڀاءُ پرشوتم سان مارڪيٽ ويو هو، واپس ئي نه وريو. دُبئي بي رنگ ٿي ويو. اُتي رهڻ تان ارواح کڄي ويو. اِسڪول طرفان نوڪري چالو رکڻ لاءِ زور ڀرڻ جي باوجود مان رٽائرمينٽ وٺي هِتي اچي ويس (۲۰۰۴).
هتي اچڻ کانپوءِ پريم پرڪاش ڪيترا مقالا اٽڪائي ڇڏيا، منهنجي نه، نه ڪرڻ جي باوجود. اِنهن ئي ڪيترين ساهتڪ مشغولين جي وچ ۾ ساهتيه اڪادميءَ سان جُڙي ويس (۲۰۰۸). اُتي مونکي لڳو ته سنڌي ساهتيه کي اڪادميءَ وٽان اهڙو گهڻو ڪجهه نه مليو آهي جيڪو اُنکي ملڻ گهربو هو. اڪادميءَ جي پروگرامن جي حوالي ۾  مان ڏاڍو اَگريسِو (aggressive) ٿي پيس. ڌيري ڌيري سڀني محسوس ڪيو ته ساهتيه اڪادمي صرف اِنعام ڏيندڙ ڪا سنسٿا ڪانهي، بلڪ ڪيترائي ساهتڪ پروگرام ڪندڙ هڪ مُـتحرڪ ادبي باڊي آهي. مونکي ڪافي ڪم ڪرڻو پوندو هو، پر مونکي هميشه لڳو آهي ته آلس وڏي ٿڪاوٽ هوندي آهي. ڪوري ذهانت، انٽيليجنس، مونکي سدا آلسيءَ جو گِره اُديوگcottage Industry لڳو آهي. پنهنجي ٻوليءَ لاءِ مون وٽ ڪيترا سُپنا آهن. مونکي لڳندو آهي ته سنڌيءَ ۾ گلوبل سطح جو ساهت رچيو ٿو وڃي پر اُنکي گهربل مڃتا نه ملي رهي آهي جو سنڌي ساهتيه ترجمي ۾ نه جهڙو آيو آهي. ساهتيه اَڪادمي اِن طرف سجاڳ ٿي آهي، سٺي ڳالهه آهي. پريم پرڪاش به خوب ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڪجهه اهم ضرور ٿيندو. مونکي ڪوتا، سُپنو ۽ ٻج هڪ جهڙا لڳندا آهن. ٽيئي شيون واڌ طرف لاڙو رکندڙ آهن، واڌ جي ڪا حد ڪانه هوندي آهي، ٻج وڌي آڪاش طرف وڌندو ويندو آهي. ڪوتا ۽ سُپنو به اِئين ئي آهن، ضرورت صرف اِها هوندي آهي ته ٻئي حقيقت جي ڌرتي نه وسارين، پاڙون ته ڌرتيءَ ۾ ئي هئڻ کپن. هڪ ننڍڙي ڪوتا آهي:
مونکي ٻوليون وڻنديون آهن
پر ٽن کي پيار ڪندو آهيان
انگريزيءَ کي
مونکي روزگار ڏيندي آهي
هنديءَ کي
مونکي ديش سان جوڙيندي آهي
سنڌيءَ کي
مونکي سُپنا ڏيندي آهي
ساهتيه اڪادميءَ جي پروگرامن جي سلسلي ۾، ڪيترن ئي شهرن ۾ وڃڻو پوندو هو. هندستان جي چئني طرفن ۾ وڃڻ جو موقعو مليو. پراڻي عادت مطابق هر نئين شهر ۾، اُتي جي لوڪن جون رِيتيون رسمون، وشواس، عقيدا ڄاڻڻ جي جِڳياسا رهندي هئي. مان چئي چڪو آهيان ته اِنڊين هاءِ اسڪول ۾ هندستان جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان فرد هوندا هئا. اُنهن سان گهاريل ڪيترا احساس ساڻ هئا. هڪ پوائنٽ تي پهچي اِئين لڳو ته منهنجي اندر ۾ ڪيترن ئي انڀون جو انبار آهي جيڪو ٺيڪ اِن طرح ساهه کڻي رهيو آهي جئن ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار ساهه کڻندو آهي. سال سوا ۾ ’چيڪ بوڪ‘ ڪهاڻي سنگرهه شايع ٿي ويو. ڪهاڻين جي اُڻت ۾ مون ڪوتا وارو انداز اپنايو. مون ڪا به ڪهاڻي ٺهي جڙي ويهي ڪانه لکي آهي، فلاڻي کي ٻه پٽ آهن، اُنهن جا نالا فلاڻا فلاڻا آهن، ڪڏهن ڪونه لکيو آهي. نالا، رِشتا، ٻيا ضروري تـفصيل ڌيري ڌيري، خود بخود مخصوص اُڻت ذريعي هر ڪهاڻيءَ ۾ ظاهر ٿيندا وڃن ٿا. نه صرف ايترو، مون گفتگو ۾ ڪٿي به واڪ جون نشانيون ڪو نه ڏنيون آهن، نه “هُن چيو، هِن چيو” ئي ڪٿي لکيو آهي، گـفتگو ڪٿي ڪٿي پئراگرافن جي وچ ۾ به اچي ٿي. اُتي به اهڙي قسم جو ڪو بيان ڪونهي، مواد جي گهڙت جي آڌار تي، ڊائلاگن جي مَرم مُطابق پاٺڪ ڪهڙو جملو ڪهڙي ڪِردار چيو آهي، بخوبي سمجهي ٿو وٺي. ڪهاڻين مان، هندستان جون ڪيتريون سنسڪرتيون ليئا پائين ٿيون.
منهنجو ساهت طرف سمرپڻ dedication ٽوٽل آهي، هڪ سولجر جيان ۱۰۰ پرسينٽ، سمرپڻ اُنکان گهٽ سمرپڻ سڏجندو به ڪونه. ڪنهن به رچنا طرف مان  اهڙي ڀاونا سان ويندو آهيان جئن ڪوئي مندر ۾ ويندو آهي. ساهت رچڻ مونکي دل، دماغ، آتما جي ياترا لڳندي آهي. هونئن به منهنجيون اڪثر رچنائون ٽيبل ڪرسيءَ تي نه، بلڪ مسافريون ڪندي، ڪٿي اچ وڃ ڪندي جنم وٺنديون آهن. رچنا ڪرم ۾ مونکي ڀڳوان وڏو رچناڪار لڳندو آهي. پوپٽ جهڙي هڪ ننڍڙي جيوَ ۾ جيڪا سندرتا آهي ــ اُنجي پَرن جي ڦـڙڦـڙاهٽ، پَرن جا رنگ، اُنجي چَنچلتا، گلن مان رس وٺڻ جو عمل، سڀ خوبصورت هوندو آهي. ڀڳوان هڪ ڀيرو سِرشٽي ٺاهي اُنکي ڀلجي ويو آهي، هن قدرتي وستن کي جيڪا ريسائڪلنگ جي خوبي ڏني آهي، سا اَربين سالن کان هلي پيئي، پن ڇڻن ٿا، وري پيدا ٿي وڃن ٿا . ڀلي ڀڳوان جون به اسانکي ڪيتريون ئي ڪَميون نظر اچن. پر ڀُـلون ڪرڻ جو پنهنجو آنند هوندو آهي. منهنجي ڪَمپِيٽيشن سِڌي ڀڳوان سان آهي. پنهنجا ڀاوَ برف تي اُڪيرڻ کان پٿر تي تراشي سگهيس ته به لڳندو، ته ڪجهه رچي ورتو. اُڀ جو اُجالو سَجيو live، بَلب جي روشني نِـرجيو لڳندي آهي. منهنجي ڪوشش کوهه جي تَري ۾ نظر ايندڙ اُس بالٽيءَ ۾ ڀرڻ جي رهندي. اڃا ته ڪيتريون رچنائون رچڻيون آهن، اڃا ته ڪيترا بادل اڻ وَسيل آهن.
۲۳.۰۲.۲۰۱۴
(ساهتيه اڪادميءَ ۽ رنگ ڪرم ٿيئـٽر، طرفان ۲۳ فيبروري، ۲۰۱۴ تي احمدآباد ۾ ٿيل ’مِيٽ د آٿر‘ پروگرام ۾ پيش ڪيل) بشڪريه ساهتيه اڪادمي، نئين دهلي


No comments:

راءِ ڏيندا