; سنڌي شخصيتون: رشيد راڄڙ

23 November, 2017

رشيد راڄڙ


رشيد راڄڙ
سنڌ جو ارڏو ڪردار
علي ڏنو جروار
هونئنءَ ته سنڌ ۾ ڊسمبر جا وڇوڙا مشهور آهن، ڇو ته ڊسمبر ۾ اسان سنڌ واسين کان بينظير ڀٽو، شيخ اياز، سرمد سنڌي، قاسم پٿر ۽ ٻيا ڪيترائي بهترين انسان وڇڙي ويا آهن. پر هن سال نومبر جو مهينو شروع ٿيڻ سان ئي اسان کان سائين محمد ابراهيم جويو وڇڙي ويو ۽ اڄ وري سنڌ جو هڪ سينئر ۽ بيباڪ صحافي رشيد راڄڙ به اسان کان وڇڙي ويو آهي. رشيد راڄڙ جو سنڌ جي صحافت ۾ تمام وڏو نالو آهي. رشيد راڄڙ جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ جا صحافي، سياسي ڪارڪن، کاٻي ڌر جا سياسي ورڪر توڙي قومپرست سڀئي ڏکويل آهن، لطيف سائين جون اهڙي موقعي بابت سٽون آهن ته


لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا
هٿان حبيبن ڪونه ڏکويو ڪڏهن
رشيد راڄڙ سان منهنجو تعلق ۱۹۸۵ع کان وٺي هو، آئون ان وقت سنڌ جي شاگرد سياست ۾ سرگرم هوس، مون کي به رشيد راڄڙ سان گڏ ڪيترن ئي مرحلن، موقعن ۽ محاذن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هر موقعي تي رشيد راڄڙ جي رهنمائي مان اسان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ پرايو. ان دور ۾ ٿيندڙ ڪيترين ئي سياسي، سماجي، علمي، ادبي سرگرمين ۾ حيدرآباد جي محفلن ۾ رشيد جو وڏو اهم ڪردار هوندو هو. ان کانپوءِ دنيا جون حالتون بدليون ته کاٻي ڌر جا سڀئي سياسي ڪارڪن ۽ ورڪر مختلف اخبارن ۾ صحافتي ذميواريون نڀائڻ ۾ مشغول ٿي ويا. جن ۾ لالا رحمان سمون، رشيد راڄڙ، ارشاد گلاباڻي ۽ ٻيا شامل آهن.
رشيد راڄڙ جون سنڌ جي صحافتي ميدان ۾ تمام گهڻيون خدمتون شامل آهن، هو مختلف اخبارن جو رپورٽر ۽ ايڊيٽر رهيو آهي. آخري لمحن تائين ڪوشش اخبار جو ايڊيٽر رهيو ۽ هن جي رپورٽنگ توڙي ايڊيٽوريل يا وري ٻيا مضمون پڙهڻ جوڳا هوندا هئا. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي رشيد راڄڙ سدائين مضبوطي سان اسٽينڊ وٺندو رهيو آهي. سنڌ جي اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترائي صحافي سندس شاگرد ۽ دوست آهن. هن جهڙا مضبوط ۽ بهادر صحافي ورلي پيدا ٿيندا آهن. اسان سنڌ واسي رشيد جهڙن بيباڪ صحافين جي ڪردار لاءِ واجهائيندا رهنداسين. رشيد راڄڙ ۽ سندس دوست جنهن دور ۾ سنڌ جي صحافت ۾ داخل ٿيا اهو هڪ ڏکيو دور هوندو هو. پر پوءِ به هنن جي سڄي ٽيم جنهن نموني سان صحافت ۾ پنهنجا پير کوڙيا اهو دور انتهائي يادگار رهندو. ڇو ته رشيد راڄڙ ۽ سندس ٻين دوستن ٽنڊي بهاول واري واقعي کان وٺي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيا ۽ جاکوڙ ڪئي.
رشيد راڄڙ ۽ سندس دوست ضياءُ الحق جي دور ۾ صحافتي ميدان ۾ آيا هي اهو دور هو جنهن ۾ ملڪ جون سڀئي اخبارون سينسرشپ جي تلوار هيٺيان هونديون هيون. جيڪي اخبارون ڇپبيون هيون اهي پهرين سينسرشپ جي مرحلي مان گذرنديون هيون. مون کي اهو به زمانو ياد آهي جو اسان جو اخبارون اڌ کان به گهڻيون خالي پيون هونديون هيون. ڇو ته سينسرشپ واري ٽيم اخبارن ۾ ان وقت داخل ٿيندي هئي جنهن وقت اخبار جي ڪاپي مشين طرف ويندي آهي. هو ان وقت اچي پيسٽ ٿيل ڪاپي تي راتاهو هڻندا هئا. اهڙي دور ۾ رشيد راڄڙ ۽ سندس دوستن سنڌي صحافت ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي صحافت کي مضبوط بنياد فراهم ڪيا ۽ نوان رخ متعارف ڪرايا جن کي نوان ٽرينڊ چيو ويندو آهي. رشيد راڄڙ وارا سڀئي ساٿي جن جن اخبارن ۾ رهيا انهن ۾ ڄڻ ساهه پيدا ڪري ويا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ سنڌي صحافت پنهنجي پوري عروج تي آهي، ان صحافت جو پايو وجهندڙن ۾ رشيد راڄڙ ۽ ٻين کاٻي ڌر جي ورڪرن جو وڏو حصو آهي.
رشيد راڄڙ اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ته ناهي پر سندس يادون ۽ صحافتي ڪردار توڙي سياسي ورڪر وارو انداز سنڌ واسين جي دلين ۾ سدائين لاءِ ياد رهندو. لطيف سائين اهڙن ئي بهادر ۽ دلير انسانن لاءِ فرمايو آهي ته
مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي
تنين سندين ڪاءِ، ڪري سگهان ڳالهڙي
سو اسان سنڌ واسين کان بهادر ۽ بهترين ڪردار آهستي آهستي موڪلائيندا پيا وڃن پر سنڌ جي سرزمين اهڙي ته زرخيز ڌرتي آهي جو اها وقت به وقت اهڙي قسم جا بهادر انسان ۽ ڏاها انسان پيدا ڪندي رهندي آهي. مونکي اميد آهي ته رشيد راڄڙ جا پونيئر هي وڏو صدمو برداشت ڪري سگهندا. تنهن کانسواءِ هي به عارضو آهي ته سنڌ جي صحافت، علم ۽ ادب جي ميدان تي سدائين رشيد راڄڙ جهڙن انسانن جو هٿ يا پاڇو رهي، جنهن ڪري اهي پنهنجو ڪم پوري ايمانداري ۽ سچائي سان ڪري سگهن.

صحافي رشيد راڄڙ
هڪ موتيءَ داڻو
الطاف پيرزادو
اسان جهڙن ٽين دنيا جي ملڪن ۾ سچ لکڻ، درست ۽ حقي معلومات ماڻهن تائين پهچائڻ ڏاڍي جي ڏمر کي جيئن جي تيئن رپورٽ ڪرڻ، مظلومن جو ڪيس ڳائڻ يا ائين کڻي چئجي ته صاف سٿري ۽ غيرجانبدار صحافت ڪرڻ کپُر تي پير رکڻ کان گهٽ ناهي. اهڙي سماج ۾ غيرجانبدار صحافت ڄڻ ته اڻ ٿيڻي ڳالهه ڀائنجي اتي پاڻ بچائي پيشيور اصولن تي ڪاربند رهندي جيڪڏهن ڪو صحافي ڪنهن ڏاڍ ۽ ڏمر جي اڳيان آڻ نه مڃي، نه جهڪي، نه وڪامي، جيڪو درست سمجهي سو چئي ڏئي ۽ لکي به ڏئي فقط پنهنجي دل جي ڳالهه مڃي، سو سچ پچ به موتيءَ داڻو ئي ٿي سگهي ٿو، اهڙو موتيءَ داڻو رشيد راڄڙ به هو جيڪو ۱۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي يعني ٽيون ڏينهن سنڌ کان وڇڙي ويو.
رشيد راڄڙ سنڌ اخبار ۾ منهنجو ايڊيٽر رهيو، ڊيسڪ تان اٿاري مون کي فيلڊ ۾ رپورٽنگ لاءِ موڪلڻ وارو يا ائين کڻي چئجي ته مون کي رپورٽر بڻائڻ وارو به رشيد راڄڙ هو، اسان جي مڌر اخبار جيتوڻيڪ عوامي آواز آهي اسان کان وڏي ۽ اسان کان سينيئر ٽهي جو سکيا گهر عوامي آواز رهي آهي، عوامي آواز جيئن ته کاٻي ڌر جي سرگرم سياسي ڪارڪن جو ميڊيائي ادارو هو، سو جڏهن آدرشي ۽ نظرياتي سياست جو زوال آيو ۽ مخلص سياسي ڪارڪن يا ته خاموش ٿي ويهي رهيا يا وري صحافت جي شعبي ۾ اچي ويا. صحافت جي شعبي ۾ به هنن سچائي جو دامن هٿ مان نه ڇڏيو،  هن محاذ کي به هنن مظلومن لاءِ آواز اٿارڻ جو هڪ مضبوط مورچو بڻايو. سو رشيد راڄڙ به صحافت جي شروعات عوامي آواز ذريعي ڪئي، هو جيئن ته سنڌ ۾ شعور ۽ شاگرد سياست جي نرسري سنڌ يونيورسٽيءَ مان پڙهي نڪتو هو، ٻيو ته اتي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي شاگرد ونگ ڊي ايس ايف جو اڳواڻ به هو، سو هن صحافت کي به هڪ مشن سمجهي سرانجام ڏنو، اتي به مظلومن جو ڪيس ڳايو، مارن جو ڪيس ڳايو ۽ سنڌ جو ڪيس ڳايو.
۵ نومبر ۱۹۹۵ع تي حيدرآباد جي بابن شاهه ڪالونيءَ واري علائقي مان روزاني سنڌ اخبار نڪتي، ان دور ۾ اسان ڪراچيءَ ۾ عوامي آواز اخبار ۾ ڪم ڪندا هئاسين، تڏهن عوامي آواز جي آفيس هاڪي اسٽيڊيم نه پر سٽِي ڪورٽ جي سامهون نامڪو سينٽر مان نڪرندي هئي. سنڌ اخبار به کاٻي ڌر جي دوستن يعني ڪامريڊ غلام رسول سهتي، مهيش ڪمار، يونس سومري، منير ميمڻ، ڪامريڊ امداد، صالح بلو، شڪارپور واري حسين سومري ۽ ٻين جو گڏيل پراجيڪٽ هئي، جيئن چئي آيو آهيان ته عوامي آواز کي سنڌ صحافين جي نرسري هئڻ جو اعزاز حاصل رهيو آهي، سو پنج نومبر ۱۹۹۵ع تي جڏهن سنڌ اخبار نڪتي ته مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جي هڪ گڏيل ٽيم جوڙي ان ۾ شامل ڪئي وئي، جنهن سنڌ اخبار کي هڪ پراجيڪٽ نه پر هڪ مشن سمجهي هٿ ۾ کنيو.
رزاق سروهي، ڀائو زلف، مان، سهيل، ذوالفقار شاهه، ارشاد کوکر، اعجاز منگي، ارشاد گلاباڻي، مطلب ته هڪ مضبوط ٽيم ٺاهي سنڌ اخبار جي ڊيسڪ تي ويهاري وئي، رپورٽنگ ۾ اسحاق مڱريو، ممتاز بخاري، صادق ابڙو، فياض منگي، مرتضيٰ ڪلهوڙو، مطلب ته ڊيسڪ تي توڙي رپورٽن جو مضبوط نيٽ ورڪ جوڙيو ويو. هن اخبار جو ايڊيٽر رشيد راڄڙ ۽ مالڪ غلام رسول سهتي جهڙي ڪميٽيڊ ماڻهو هئا، تنهن ڪري ڪنهن به معاملي تي ڪنهن به اشوءَ تي ڪمپرومائيز ڪرڻ سنڌ اخبار ۽ ان جي ٽيم سکيو ئي نه هو. جنهن جي ڪري ڪنهن به ميڊيا ئي شعبي لاءِ شهه رڳ جي حيثيت رکندڙ ”اشتهار“ وارو هن اخبار جو پاسو ڪمزور رهيو.
۲۰ سيپٽمبر ۱۹۹۶ع تي ڪراچيءَ ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو شهيد ٿيو، تڏهن اداري محسوس ڪيو ته لاڙڪاڻي ۾ ڊيسڪ تان ڪنهن نوجوان کي بيورو چيف ڪري موڪلڻ گهرجي، ايئن رشيد صاحب ٽيم سان صلاح ڪري طئي ڪيو ته الطاف کي بيورو چيف ڪري لاڙڪاڻي ٿا موڪليون، ايئن مون کي رپورٽنگ جي فيلڊ ۾ آڻڻ وارو به رشيد صاحب ئي هو. هن نه رڳو رپورٽر ڪري فيلڊ ۾ موڪليو پر يقيني بڻايائين ته اتي آفيس به هجي، ٽيلي فون ۽ فيڪس وغيره جون سهولتون به، نوان پيشور لاڙا متعارف ڪرائڻ ۽ مظلومن جو ڀرپور آواز اٿارڻ، سنڌ جو ڪيس ڳائڻ جو عزم هو، تنهن ڪري جڏهن ڊيسڪ تان فيلڊ ۾ لاڙڪاڻي جو بيورو چيف ڪري موڪليو ٿي ويو، تڏهن رشيد صاحب مون کي رپورٽنگ جا گُر به سيکاريا هئا، ٻڌايو هئائين ته معلومات ماڻهن جو حق آهي، جنهن تي ڪو ڪمپرومائيز نه ڪجان ۽ صرف ۽ صرف ”سچ“ رپورٽ ڪجان. پوءِ ٿيو به ايئن لاڙڪاڻي وڃي ايڪسڪليوسو اسٽوريون ڏيڻ سان گڏوگڏ ”سنڌ ڪورٽ“ نالي ڪچهرين جو سلسلو به شروع ڪيوسين. رشيد صاحب جي ڊڪشنريءَ ۾ صحافين ۾ ڪمپرومائيز وارو لفظ هئو ئي ڪين، تنهن ڪري هن پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ هميشه پيشور اصولن کي اتم رکيو. هن سڄي عمر عام ڪارڪنن وانگر ڪم ڪيو، رشيد اسان جو صحافتي استاد به هو ته دوست به هو، مون کي هميشه پيار مان ”الطڻ“ ڪري سڏيندو هو.
اڄ رشيد وڇڙيو آهي ته مان به ماضيءَ ڏانهن کن پل لاءِ موٽي ويو آهيان، اسان سان ابتدائي سٿ ۾ مديجي ۾ جاويد جوکيو، وارهه ۾ اصغر مڱريو، ٽنڊي آدم ۾ عزيز جان بلوچ، جيڪو سنڌي ميڊيا جو پهريون نيوز ڪاسٽر بڻيو هو، سي سڀ اسان جي سٿ ۾ هئا، ۽ اڄ اسان کان وڇڙي ويا آهن.
رشيد راڄڙ صاحب سنڌي صحافت ۾ جيڪي نوان لاڙا متعارف ڪرايا جيڪي پيشور بنياد رکيا، اسٽوري کي ڪيئن ڊولپ ڪجي؟ تنهن جي پنهنجي ٽيم کي جيڪا تربيت ڏني، جن صحافتي اصولن تي ڄمي بيٺل رهيو تنهن جي ڪري هميشه زندهه رهندو.
نه سي ٿڙ هوڙاڪ، نه وايون وڻجارن جون،
سرتيون سامونڊين جا اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
مارينم فراق، پاڙيچون پرين جا (شاهه).


رشيد راڄڙ
گھاٽين يارين ۽ گھاٽن وڻن کي الوداع
منظور ميراڻي
انهيءَ ڳوٺ جون ٻيون به ڪيتريون ئي سڃاڻپون ٿي سگهن ٿيون، پر مون لاءِ ان ڳوٺ جي هڪڙي سڃاڻپ ان جا گهاٽا وڻ آهن، ٻي سڃاڻپ اهو رشيد راڄڙ، جيڪو ڪالهه اهي گهاٽا وڻ ڇڏي هليو ويو. هاڻي اهي وڻ سدائين ان جو پتو پڇندا رهندا ۽ انهن جي ڇانءَ انهيءَ فقير منش ماڻهوءَ لاءِ سڪندي رهندي، جنهن لاءِ انهن وڻن جي ڇانءَ وٺڻ به ڪنهن عياشيءَ کان گهٽ نه هوندو هو. اهو پنهنجو ڳوٺ ته ناهي، پر بقول حسن درس جي ”پرائو ڳوٺ هو ليڪن پرينءَ جي پار وانگي هو!“ پرينءَ جي پار جهڙي انهيءَ ڳوٺ ڏانهن توڙي جو ڪڏهن ڪڏهن وڃڻ ٿيو، پر ڪڏهن ايئن تصور ۾ به نه آيو ته اتي رشيد جي آخري سفر تي اُسهڻ مهل کيس الوداع به ڪرڻ اچبو...!
اهي ڪارڪن، جن نظرين جي پويان گهڻو ڪجهه ڇڏيو، ورهين کان پوءِ جڏهن ڪنهن گهٽيءَ جي موڙ تي انهن ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو ته ڪنهن بيوفا محبوبه وانگر انهن کي نظريه به الوداع ڪندي نظر آيا...ان ڪري لڳندو آهي ته نظرين جي پويان پنڌ ڪندڙ ڪارڪن ته ڪڏهن ٿڪجي نه سگهيا، پر ڄڻ ته نظريا ٿڪجي کين اڌ ۾ ڇڏي ويا هجن. ان هوندي به انهن جو ڪڏهن انهن سان رشتو ٽُٽي نه سگهيو...هن جي رت ۾ به نظرين جي ستي پيل هئي، ان ڪري هن جي شخصيت ۽ هن جي صحافت ۾ به اهو عڪس سدائين نظر آيو...هن جو پهريون سياسي پيار پنهنجي پاڙيسري شهر سن کان شروع ٿيو، جتان سائين جي ايم سيد سنڌ کي سنڌ سان محبت ڪرڻ سيکاري رهيو هو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن جي پهرين محبت سنڌ هئي، جنهن کان پوءِ هو ان ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ويجهو ٿيو، جنهن کي هڪ کيت، هڪ باغ نه، پر پوري دنيا گهربل هئي. سائين جي ايم سيد کان هن سنڌ سان پيار ڪرڻ سکيو ۽ ڪميونسٽ پارٽي هن کي پوري دنيا سان پيار ڪرڻ سيکاريو.
ايک کهيت نهين، ايک باغ نهين،
هم ساري دنيا مانگين گي! (فيض).
ڪالهه اسان جڏهن ان جي تدفين ۾ شريڪ هئاسين، تڏهن هن جي موت تي سندس شاديءَ جو ڏينهن به ياد اچي رهيو هو، جيڪو لڳو پئي ته ڪالهوڪو ڏينهن هجي...مون کي ياد آهي ته رشيد راڄڙ گهوٽ ڪيئن پئي لڳو ۽ مون ڪالهه به ڏٺو ته هو گهوٽ ئي پئي لڳو...گهوٽ ايئن ئي هوندا آهن، گهوڙن وانگر، جن کي ٿورا ڏينهن مليل هجن ٿا، ان جي شاهدي ته ڀٽائي به ڏئي ويو آهي. رشيد کي به زندگيءَ جا ٿورا ڏينهن مليا، پر انهن ٿورن ڏينهن کي هن ڀرپور نموني گذاريو، ايئن ئي جيئن اسان جو يار حسن درس ٿوري ۽ هڪڙي زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي زندگيون جي ويو. زندگي گذارڻ ۽ زندگي ماڻڻ ۾ فرق هجي ٿو، زندگي ته سڀ پيا گذارين، ڪو زندگي ماڻي ڏيکاري ته مڃجي. رشيد ان ئي نسل جو ماڻهو هو، جن زندگيءَ کي گذاريو نه، پر ماڻيو...هن جي پڄاڻان توڙي جو ڪالهه هن جا سنگتي، مائٽ مٽ روئي رهيا هئا، پر رشيد جيڪا به زندگي گذاري ان تي هن وٽ ڪو روئڻ پٽڻ ڪونه هو. جيڪڏهن روئڻ هو ته فقط سنڌ جي حالتن تي روئڻ هو. جيئن عادي پياڪ ٻه گلاس چڙهڻ کانپوءِ محبوبه جو ذڪر ڪرڻ لڳندا آهن. ايئن ساڳيا ٻه گلاس هن کي سنڌ جي درد ڏانهن وٺي ايندا هئا. اهڙي ئي هڪ محفل مان هڪ ڏينهن رشيد اٿي آيو ۽ اسان ڪاوش آفيس مان گڏجي ڄامشوري پئي وياسين، تڏهن مون هن کان پڇيو ته ”رشيد ڪهڙا حال آهن؟“ تڏهن هن جواب ڏنو ”منهنجا حال ته ٺيڪ آهن، پر سنڌ ٺيڪ ناهي!“ ۽ پوءِ ڪاوش آفيس کان ڄامشوري تائين هن جي ذڪر ۾ بس سنڌ هئي.
جڏهن ۹۰ع واري ڏهاڪي ۾ سوويت يونين جو فال ٿيو هو، ته اهو ڪو ڪنهن هڪڙي ملڪ يا ڪنهن هڪڙي بلاڪ جو فال نه هو، پر اهو انهن ڪيترن ئي نظرياتي ڪارڪنن جو فال به هو، جيڪي انقلاب جي آجيان لاءِ پنهنجي زندگين جا گل نڇاور ڪرڻ جا منتظر هئا. انقلاب ته نه آيو، پر پوءِ سياسي ڪارڪن جتي به ويا، اتي انهن ننڍڙا ننڍڙا انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هر شعبي وانگر صحافت اندر جيڪي Taboos هئا، انهن کي اهڙن ڪارڪنن ئي ڌڪ هنيو، صحافت جو پراڻيون روايتون ٽُٽيون ۽ روايتي ماڻهو حيران ٿيا ته ايئن به ٿي سگهي ٿو. هيءَ اها ئي ”ايک کهيت نهين، ايک باغ نهين....“ واري ايپروچ ۽ ويزن هو ته اخباري صفحا رڳو رولنگ اليٽ جي خبرن لاءِ ڪونهن، پر انهن تي پنڌ هلندڙ پورهيتن، ٽانگي وارن، دڪاندارن ۽ هارين جو به حق آهي. جنهن کيپ صحافت ۾ اچي اهي Taboos ٽوڙيا، رشيد به ان ئي کيپ جو حصو هو. اهو ڪم جيڪو سياسي ڪارڪن اڳ پارٽين اندر رضاڪارانه طور تي ڪندا هئا، ساڳي ڪم لاءِ هنن کي هتي پگهار به ملڻ لڳي. کين لڳو ته سوويت يونين جي فال کان پوءِ انهن جي زندگي بي معني ناهي ٿي، پر ان کي معني ڏيڻ جو فقط انداز تبديل ٿيو آهي. پوءِ انهن پنهنجي پروفيشن کي به معني خيز بڻايو. ان ڪري جڏهن به صحافتي ڪم کي معني ڏيندڙن جو ذڪر ٿيندو، تڏهن رشيد کي قطعي به وساري نه سگهبو.
هر انسان ۾ ڪي ڪمزوريون به هجن ٿيون، ڪمزوريون نه هجن ته پوءِ انسان ته نه ٿيو، ان کي بت ئي ڪوٺي سگهجي ٿو. ايئن رشيد جون ڪمزوريون به هونديون، مون کي ان جي ٻين ڪمزورين جي گهڻي ڄاڻ ڪونهي، پر هن جي هڪڙي ڪمزوريءَ جو مان پاڻ اکين ڏٺو شاهد آهيان. اها ڪمزوري هن جي ننڍڙي ڌيءُ رُباب هئي. ۱۰، ۱۲ سال ٿيندا هڪڙي ڀيري آفيس ۾ ڪنهن ڳالهه تي اسان جو هڪٻئي سان تڪرار ٿي پيو، گهر پهچي مون کي لڳو ته ڏوهه منهنجو هو، سموري رات ننڊ نه آئي، ان ڪري صبح جو سوير رشيد کان معافي وٺڻ لاءِ هن جي ڳوٺ ويس. هن جي حالت مان به لڳو ته اوجاڳيل آهي، پوءِ ٻڌايائين ته راتوڪي بدمزگيءَ جي ڪري هو به سڄي رات سمهي ناهي سگهيو. مون جڏهن هن کي گهران سڏيو ته هو ننڍڙي رُباب کي ڪڇ تي کڻي گهر کان ٻاهر نڪتو هو، اسان جيتري دير هن جي اوطاق تي ويٺا هئاسين، رُباب هن سان گڏ هئي. پوءِ جڏهن هن ڪجهه وقت ڪي ٽي اين لاءِ ڪراچي آفيس اچي وسائي ته هن سان ڪڏهن ڪڏهن فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي. مون کي خبر هئي ته رشيد جو ڄامشوري وارو ڳوٺ ۽ ننڍڙي رُباب هن جي ڪمزوري آهن، سو هڪ ڏينهن مون هن کي فون ڪري کيس جذباتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته ”يار ڪراچي وڃي رهي پيو آهين، توکي رُباب ياد نٿي اچي، ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي جا گهاٽا وڻ توکي ياد نٿا اچن؟ اهي وڻ ۽ رُباب ته توکي سارين ٿا.“ اهي جملا ٻڌڻ کانپوءِ هن جنهن نموني ڳالهايو پئي، مون کي محسوس ٿيو ته رشيد صبح جو اچي ڳوٺ جا وڻ وسائيندو. ٿيو به ايئن ئي هو رات جو ئي ڪراچيءَ مان نڪري پيو، ۽ صبح جو ٻڌايائين ته ”ابا رات جو ئي پهچي ويس، ڪراچيءَ ۾ رهڻ مشڪل آهي.“
پوءِ اهو ڳوٺ هو، ڳوٺ جا اهي وڻ هئا، ۽ رشيد هو، جيڪو آخري وقت تائين ان ڳوٺ ۾ ئي رهيو. ڪالهه جڏهن گهران ان جو جنازو نڪتو پئي، ۽ اندران روئڻ جا آواز پئي آيا ته الائي ڇو انهن آوازن ۾ مون کي ان ننڍڙي رُباب جو روئڻ نمايان پئي لڳو، جيڪا هن ڳوٺ جي گهاٽن وڻن جيان رشيد جي ڪمزوري هئي.


رشيد راڄڙ
سنڌ جو بيباڪ ڪردار
معصوم مصطفيٰ ڪنڀر
تاريخ به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پاڻ کي دهرائي ڪو انمول ڪردار پيدا ڪندي آهي ۽ سنڌ اهڙن ڪافي ڪردارن سان ڀري پئي آهي جن پنهنجي ڀومي سنڌ امڙ لاءِ پنهنجي سموري زندگي وقف ڪري ڇڏي پر ڪڏهن ظلم، جبر جي اڳيان عار نه مڃيائون، اهڙي مانجهي مرد بيباڪ ڪردارن مان سنڌ جي چيڪي مٽي تي هن ڌرتي جي ڪُک مان جنم وٺندڙ رشيد راڄڙ به شامل آهي جنهن پنهنجي سموري زندگي صحافتي قلم ذريعي سنڌ امڙ تان وقف ڪري ڇڏي پر انهي ڪشمش جي هلندڙ صورتحال دوران رشيد پنهنجي قلم کي نروار ڪندي صحافتي جنگ وڙهندي وڙهندي نيٺ هن اڀاڳي نومبر جي راتين ۾ ۵۳ سالن جي ڄمار ۾ اسان سنڌ واسين کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو جيڪو سنڌ جي صحافت ۾ هڪ وڏو خال پيدا ڪري ويو جيڪو شايد ئي ڪوئي ڀري سگهي، رشيد راڄڙ پنهنجي صحافتي سفر کي جاري رکندي ڪجهه مهينا پهريان بيمار ٿي پيو هو جنهن بعد ٽيسٽون ڪرائڻ بعد ڪينسر جهڙو موضي مرض ظاهر ٿي پيو هو ۽ هو ڪافي مهينن کان ڪراچي جي اسپتال ۾ ڪينسر جهڙي موضي مرض سان جهيڙيندو رهيو ۽ نيٺ زندگي هن سان وفا نه ڪئي ۽ زندگي جي واٽي تان ساهه جو سڳو هن کان هميشه جي لاءِ ٽُٽي ويو. رشيد راڄڙ جيڪو مظلومن ۽ خاص ڪري ڏتڙيل طبقي جو آواز هيو. غريبن جو غم خوار ۽ مسڪينن بي يارو مددگار ماڻهن جو جهڙوڪ ڪو ساٿي هو جو انهي مظلوم ڏتڙيل طبقي جي ماڻهن جي ڏکن، سورن، دردن کي پنهنجي مٿان بار سمجهي پنهنجي صحافتي قلم ذريعي انهن کي نروار ڪندو هو، هن جي لکڻين ۾ ماروئڙن مسڪينن جو درد شامل هو ۽ هو جيڪو به ڪجهه لکندو هو اُن مان ٿر جي وارياسي ڀٽن تي وسندڙ مينهن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ خوشبو جهڙي هُٻڪار ايندي هئي، هن جي لکڻين ۾ٿر جي وارياسي ڀٽن تي رهندڙ ان امڙ جو درد شامل هيو جيڪا پنهنجي ٻچڙي جي حياتي بچائڻ لاءِ اسپتالن جي درن تي ٺوڪرون کائيندي رهي ٿي، ان جي لفظن ۾ پيرن اگهاڙي هلندڙ جهوني پوڙهي جو درد سمايل هو جيڪو ٿر جي تپندڙ واري تي پاڻي جي ڍڪ لاءِ هميشه سهڪندو رهي ٿو هن جي سوچ ۽ فڪر ۾ ڏتڙيل طبقي جي دردن ۽ آنهن جو ذڪر شامل هوندو هو، هن جو قلم هميشه حق سچ لاءِ اٿيو، رشيد راڄڙ سنڌ جي قلم ڌڻين ۾ هڪ وڏو نالو هيو ۽ هڪ سچو سنڌ جو سپاهي هيو جنهن پنهنجي ڏات ذريعي سنڌ جي جهر جهنگ جي ڏکن ڀرين ڪهاڻين کي پنهنجين لکڻين ذريعي ايوانن تائين پهچايو، هن پنهنجن لکڻين ۾ سنڌ جي هر ننڊي وڏي مسئلي لاءِ آواز اٿاريو ۽ خاص ڪري سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي مسئلن کي وڌيڪ ترجيع ڏيندي پنهنجن ڪالمن ۾ هميشه نروار ڪيو. هو نه فقط قلمڪار هيو پر هڪ صحافتي ادارن جو سرواڻ به رهيو ۽ ڪافي سنڌي اخبارن ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين.
رشيد راڄڙ جون سنڌ جي صحافتي ميدان ۾ تمام گهڻيون خدمتون شامل آهن، هو مختلف اخبارن جو رپورٽر ۽ ايڊيٽر رهيو آخري لمحن تائين ڪوشش اخبار جو ايڊيٽر رهيو ۽ هن جي رپورٽنگ توڙي ايڊيٽوريل يا وري ٻيا مضمون پڙهڻ جوڳا هوندا هئا. سنڌ جي باهه جيان ٻرندڙ مسئلن تي رشيد راڄڙ سدائين مضبوطي سان قلم ذريعي ڪيس وڙهندو رهيو، ان کان علاوه سنڌ جي اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترائي صحافي سندس شاگرد ۽ دوست آهن. هن جهڙا مضبوط ۽ بهادر صحافي ورلي پيدا ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي سموري زندگي مسڪين ماڻهن جي لاءِ وقف ڪري حق ۽ سچ جي جنگ وڙهندا رهندا آهن. رشيد راڄڙ ۽ سندس دوست جنهن دور ۾ سنڌ جي صحافت ۾ داخل ٿيا اهو هڪ ڏکيو دور هوندو هو. پر پوءِ به هنن جي سموري سٿ جنهن نموني سان صحافت ۾ پنهنجا پير کوڙيا اهو دور انتهائي يادگار رهندو. ڇو ته رشيد راڄڙ ۽ سندس ٻين دوستن ٽنڊي بهاول واري واقعي کان وٺي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيا ۽ جاکوڙ ڪئيرشيد راڄڙ جيئن ته سنڌ ۾ شعور ۽ شاگرد سياست جي نرسري سنڌ يونيورسٽيءَ مان پڙهي نڪتو هو، ٻيو ته اتي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي شاگرد ونگ ڊي ايس ايف جو اڳواڻ به هو، سو هن صحافت کي به هڪ مشن سمجهي سرانجام ڏنو، اتي به مظلومن جو ڪيس ڳايو، مارن جو ڪيس ڳايو ۽ سنڌ جو ڪيس ڳايو، رشيد نه رڳو اخباري ادارن ۾ فرض سرانجام ڏنا پر هو هڪ سماجي ڪارڪن به هو جيڪو سنڌ جي مسئلن تي اُٿي کڙو ٿيندو هو ۽ هر سنڌ جي حمايتي تحريڪ جو ساٿي هو جيڪو هر وقت پنهنجي پختگي سان سنڌ سان وفا جو وچن پيو ورجائيندو رهندو هو. رشيد راڄڙ اخبار ي دنيا جي حوالي سان سنڌي اخبارن ۾ نوان نوان طريقه پڻ بلڊ اپ ڪيا ۽ جديد طرز سان خبر ٺاهڻ ۽ اسٽوري ٺاهڻ، خبر جي اهميت وڌائڻ سميت مختلف نوان طريقا متعارف ڪرايا جيڪي مستقبل جي صحافي نوجوانن لاءِ راهه هموار طور ثابت ٿيا، هن پنهنجي صحافت جي سفر ۾ پنهنجا ڪافي شاگرد به پيدا ڪيا جيڪي مختلف ادارن ۾ ڪم پڻ ڪري رهيا آهن.
هن نفسا نفسي جي دور ۾ جتي هر ماڻهو پنهنجي پيٽ ڀرڻ کي وڌيڪ اهميت ڏيندو، ظلم ۽ بربريت جي انتها هجي، ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار هجن ۽ انهن غريبن جي دانهن ۽ ڪوڪ ٻڌڻ وارو ڪو ئي نه هجي، هر پاسي انصاف جا در بند ٿيل هجن، سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هنيا وڃن، حق ۽ سچ جو آواز اٿارڻ هڪ ڏوهه سمجهيو وڃي، هر ماڻهو انتقامي ڪارواين جو نشانو بڻجندو رهي ۽ ٻين ڪارڻ جيئڻ وارو جذبو هن جُوءِ مان ئي لڏي وڃي ته اُتي رشيد راڄڙ جهڙا ڪردار تاريخ ۾ هميشه ياد ڪيا ويندا ۽ تاريخ انهن کي هميشه سٺن سونهري اکرن سان ياد ڪندي ۽ سنڌ امڙ هميشه اهڙن پنهنجن جوڌن تي ناز ڪندي رهندي، رشيد راڄڙ اڄ اسانجي وچ ۾ ناهي رهيو پر هن جون ڪيل خدمتون، هن جا ڪيل انساني قدر احساس، هن جا جذبا، هن جون محنتون، هن جون ڪاوشون ،ڪوششون، ۽ هن جي پيدا ڪيل درد ن جي دانهن ٻڌڻ واري هٻڪار اڄ به زندهه آهي جيڪا هميشه اسان سنڌ واسين جي دلين تي راڄ ڪندي رهندي.


رشيد راڄڙ
جديد سنڌي صحافت ۾ سندس ڪردار
زلف پيرزادو
ڏانهن ڪر ٿيام، ساڃاهه سپيرين سين
تڏانهن ڪر تر جيترو، وير م وسريام،
اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري. (ڀٽائي)
رشيد راڄڙ سنڌ جي انهن اڪيچار صحافين مان هڪ هو، جن صحافت رڳو پيٽ گذر لاءِ نه ڪئي پر بامقصد صحافت ڪئي. اهو پورهيو رشيد نه رڳو قومي فرض سمجهي ڪيو پر انتهائي خبرداري، بي باڪي، سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ڪيو.
رشيد راڄڙ سان منهنجي سڃاڻپ ڪنهن سياسي ڪارڪن طور نه پر هڪ صحافي طور ٿي جڏهن روزاني عوامي آواز جي نيوز ڊيسڪ تي سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هيس ۽ رشيد عوامي آواز کي حيدرآباد مان بيورو چيف طور خبرون ڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت ڪميونيڪيشن اڃا ڏکي هئي، ان ڪري تازيون خبرون اداري تائين پهچائڻ جو واحد وسيلو ٽيليفون هئي.ان ڪري سنڌ جا ضلعي رپورٽر شام جو فون ڪري اداري کي خبرون لکائيندا هئا.
رشيد راڄڙ جو قدرتي طور ڳالهائڻ اهڙو هو جو سندس ڳالهه ٻڌڻ واري لاءِ سمجهڻ هڪ وڏو امتحان هو، سو وري فون تي لکائي خبرون ته سب ايڊيٽر لاءِ سندس خبر ٻڌڻ ۽ سمجهڻ ڄڻ ته اڃا وڏو امتحان هوندو هو، سو ٿيو ايئن جو جيئن ئي رشيد جي فون ايندي هئي ته پوري ڊيسڪ ڏڪي ويندي هئي، جيڪو فون کڻندو هو. سو رڙ ڪندو هو، نيوز ايڊيٽر رزاق سروهي کي ته سائين حيدرآباد کان رشيد راڄڙ صاحب خبرون لکائيندو. سئوٽ سروهي هڪدم حڪم ڪندو ادا سئوٽ زلف جي حوالي ڪيوس، پاڻهي منهن ڏيندو ۽ مون کي مرڪي چوندو سئوٽ سنڀاليو پنهنجي يار کي اسان کان ڳالهه ڳري آهي. پوءِ رشيد ۽ اسان فون تي پيا ڀوڳ به ڪندا هئاسين ۽ خبرون به لکندا هئاسين.
اها هئي رشيد سان دوستيءَ جي ابتدا پوءِ ته وري رشيد هليو ويو روزاني ڪاوش ۾، اتي رشيد بهرحال هڪ بهترين صحافيءَ طور پاڻ مڃايو. ان کان پوءِ وري رشيد سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو تڏهن مليو جڏهن کاٻي ڌر جي سياسي ماٺار بعد ڪجهه دوست واندا هئا ۽ چندو ڪري روزاني سنڌ اخبار شايع ڪيائون، رشيد ڪراچيءَ آيو ۽ رزاق سروهي کي سنڌ اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪيائين، پوءِ رزاق سروهي پنهنجي ٽيم ٺاهي ۽ اٽڪل عوامي آواز جي سموري نيوز ڊيسڪ ڄڻ ته سنڌ اخبار ۾ منتقل ٿي آئي. رشيد راڄڙ جي ايڊيٽرشپ هيٺ ڪامياب اخبار شايع ٿي پر اڳتي هلي مالي مسئلن سبب ادارو ٺهي نه سگهيو، نيٺ دوست هيڏي هوڏي ٿيا. مون کي زندگيءَ ۾ صحافت جو عجيب ۽ انوکو تجربو ڪرڻو پيو يعني بنا بقايا جي سنڌي اخبار ڪڍڻي پئي ۽ روزاني الک اخبار ۾ وڃي پهتس. اهو تجربو به ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿيو پر مختلف سببن جي ڪري اها اخبار آخرڪار بند ٿي وئي.
زندگيءَ ۾ لاها چاڙها ايندا رهيا پر رشيد سان ياريءَ جو رشتو مضبوط ٿيندو رهيو، آخرڪار گهرڀاتين سميت هڪ ٻئي جي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ، رهڻ جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڄ به قائم آهي. هاڻ به جڏهن ٻارڙن کي موڪلون ٿينديون آهن ته چوندا آهن ابو! چاچا رشيد ته هليو ويو هاڻي ڄام شوري هلنداسين؟.
آئون چوندو آهيان بابا رشيد ڪاڏي به نه ويو آهي، هو منهنجي ۽ پنهنجن يارن جي اندر ۾ اوطاق قائم ڪري ويٺل آهي. اوهان کي موڪلون ٿينديون ته ضرور ڄام شوري هلنداسين.
هڪ ڀيري مون کي خبر پئي ته رشيد جي طبعيت خراب ٿي پئي آهي، اتفاق سان منهنجي امڙ به بيمار هئي ۽ ڪراچي سول اسپتال ۾ داخل هئي، مون رشيد کي موبائل تي ڪال ڪئي ۽ طبعيت جي پڇا ڪئي ته جواب ۾ چيائين ته دل جي تڪليف آهي، معاملو ڪراچيءَ ۾ ڪو نيشنل ميڊيڪل سينٽر آهي اتي حل ٿيندو، سو جڏهن تون ٽائم ڏيندين ته ايندس ۽ اسپتال ۾ مون سان تون گڏ هوندين، ٻيو ڪير به نه هوندو، مون چيو ته دل جو معاملو آهي جلد اچ، چيائين ته ڊاڪٽر جو نمبر موڪليان ٿو، ان کان ٽائيم وٺي مون کي ٻڌاءِ مون ڊاڪٽر منصور کان ٽائيم ورتو ۽ رشيد کي گهرايو، هڪ دوست کان ڪجهه ڏينهن لاءِ موٽر سائيڪل ورتي، رشيد آيو اين ايم سي وياسين، ڊاڪٽر چيو ته هن جي دل جو وال ٻن هنڌان بند آهي، لکن ۾ خرچ ٻڌايائين پر ڇاڪاڻ ته رشيد اداري جي پينل تي هو سو مون ڊاڪٽر کي چيو ته جيڪو به ڪرڻو آهي اهو ڪيو، ڊاڪٽر لکن ۾ خرچ ٻڌايو ۽ چيو ته هن جا وارث ڪاٿي آهن، انهن کي صحيح ڪرڻي پوندي، سو رشيد راڄڙ هڪدم ڊاڪٽر کي چيو ته منهنجو وارث اهو زلف آهي، اهو ئي صحيح ڪندو. ڊاڪٽر کلي چيو ته هي لاڙڪاڻي جو پيرزادو تون ڄام شوري جو راڄڙ هي تنهنجو وارث ڪيئن ٿيو. بهرحال جيئن تيئن ڪري دليل ڏئي ڊاڪٽر کي قائل ڪيوسين ته اسان هڪ ٻئي جا وارث آهيون، اوهان صحيح وٺو ۽ آپريشن ڪيو.
بس! پوءِ موٽرسائيڪل تي ڪنهن وقت امان وٽ سول اسپتال پهچان، ان کان ٿي وري رشيد وٽ پهچان، خير گهڻا ڏينهن ڪو نه لڳا، رشيد ٻن ڏينهن ۾ صحتياب ٿي ويو ۽ پنهنجي دوست منير ميمڻ جي اوتاري تي وڃي آرامي ٿيو ۽ پوءِ فائنل چيڪ اپ ڪرائي ڳوٺ روانو ٿيو، ان بعد جڏهن به چيڪ اپ لاءِ ايندو هو ته هڪل ڪندو هو، يار ڊاڪٽر کان ٽائم وٺ اچان ٿو، چيڪ اپ لاءِ اهڙي طرح رشيد راڄڙ سان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سفر جا موقعا به مليا هڪ اڌ سفر ۾ ته سئوٽ اقبال ملاح به شامل هو، اهي سفر به يادگار آهن، جيڪي اڄ به ياد ڪري سئوٽ اقبال ۽ اسان خوبصورت يادگيرين جا بند ڀڃي وجهندا آهيون، رشيد سان زندگيءَ ۾ جن به يارن وڙ ڪيا، انهن کي رشيد هميشه ياد رکيو ۽ مون سان ذڪر به ڪندو رهيو.
رشيد جو ڪراچيءَ جڏهن به اچڻ ٿيندو هو ته ٺڪاڻو علي بخش مورو جو هوندو ۽ پوءِ مرحوم ارشاد گلاباڻي، ارباب چانڊيو ۽ مون کي فون ڪندو هو، ابا آيا آهيون، سردار علي بخش جي اوتاري تي آهيون، اچو ته محفل مچايون، پوءِ اچي گڏ ٿيندا هئاسين، هڪ ٻئي سان چرچا، ڀوڳ، گارگند، ميهڻا ۽ ميارون ڏئي وري روانا ٿيندا هئاسين.
هڪ ڀيري رمضان شريف جو مهينو هو سردار علي بخش جو زم زمه پارڪ لڳ فليٽ هو، رشيد راڄڙ آيو، سڀ دوست گڏ ٿياسين محفل هلي ۽ ڪجهه دوست پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿيا. ان ڏينهن رشيد ضد ڪيو ۽ ضد به سفا ٻاراڻو، مون کي چيائين رات گهر نه وڃ، اتي رهي پئه، هن جي ٻاراڻي ضد تي رهي پيس، روزي رکڻ جي وقت کان ٿورو اڳ سردار علي بخش کي فرمائش ڪيائين ته سمنڊ تي هلون، سردار به دير ڪا نه ڪئي، ڪلٽس گاڏي ورتي هيائين، سو ڊرائيور کي حڪم ڪيائين ته هلو سمنڊ تي ٿا هلون. ننڊاکڙن نيڻن سان سمنڊ ڪناري پهتاسين، رشيد پير پسائڻ بهاني سمنڊ ۾ گهڙي پيو ۽ پوءِ وڃي اڳتي وڌندو. سردار ۽  اسان کيس پوئتي ڇڪڻ لڳاسين، چيائين! اڄ مون کي ڇڏيو سمنڊ منهنجو، آئون سمنڊ جو، مون کي پاڻ سمنڊ حوالي ڪرڻ ڏيو!. پوءِ جيڪا مون سان ۽ سردار علي بخش سان ٿي، اها ڪيفيت بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. وڏي مشڪل سان رشيد کي سمنڊ کان ٻاهر وٺي آياسين. بهرحال رشيد سان تمام گهڻيون يادگيريون لاڳاپيل آهن. رشيد صوفي منش صفا سچو، کرو ۽ ايماندار انسان هو. هن ڪڏهن به قلم کي پنهنجي ذاتي مفاد ۽ فائدي لاءِ استعمال نه ڪيو. سنڌي صحافت ۾ سندس نالو هڪ ڪميٽيڊ، ايماندار، آدرشي ۽ کري صحافي طور هميشه ياد رکيو ويندو. باقي ذاتي طور منهنجي ڪيفيت اڃا تائين لطيف جي هن بيت جيان آهي:
ڪارا ڪنديس ڪپڙا، هٿن سين هاڻ
هيم جا رهاڻ، سا ڀڃي هوت هليا ويا.

ڪامريد رشيد راڄڙ
اڙٻنگ شخصيت ۽ ڪردار
صالح بلو
وقت ڪيئن تيزي سان گذري ويو ۽ ڪامريڊ رشيد راڄڙ کي هڪ سال وڇوڙي کي ٿي ويا، جيڪو بيشڪ جسماني طور اسان وٽ موجودگي ڪونهي ليڪن روحاني ۽ نظرياتي طور هو موجود آهي. رشيد راڄڙ جي زندگي ڏکن سورن جدوجهد ۾ گذري جنهن نه ڪنهن سان ڪا شڪايت ڪئي نه ڳالهه ڪئي، ليڪن پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو، سندس زندگي جي مقصد واري ڪا نه هئي، جنهن جو عشق ڌرتي ۽ مظلوم عوام سان هو جيڪو هر وقت سوچ ۾ گم ۽ ڪجهه نه ڪجهه سوچيندو رهندو هو رشيد راڄڙ جنهن شاگردي زماني ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي ونگ شآگرد تنظيم ڊي ايس ايف ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ حيدرآباد جو صلعي صدر ٿيڻ بعد ڪامريڊن جي محبت ۾ اچي ڪميونسٽ پارٽي ۾ رهيو، جيڪو پنهنجي خيالن جو نه صرف اظهار ڪندو هو بلڪه اختلاف پڻ رکندو هو، ڪامريڊ رشيد راڄڙ جيڪو ننڍي هوندي کان بهادر حق گوئي انسان هو، جيڪو قومن جي وجود لاءِ سنڌي قوم کي پنهنجو حق ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو هو، هن سياست بعد صحافت ۾ اچي مسڪينن کي حق ڏيارڻ لاءِ عزم ڪيو هو ۽ ڪامريڊ ساٿين  پاران ڪراچي مان ڪڍيل اخبار عوامي آواز جي بيورو رپورٽر حيدرآباد بنيو جنهن بعد جڏهن ڪامريڊ ساٿين پنهنجي هڙون وڙون ڏيئي ۱۹۹۵ع ۾ سنڌ اخبار ڪڍي ته ان وقت رشيد راڄڙ ڪاوش اخبار ۾ ڪم ڪندو هو  جيڪو بعد پنهنجي ساٿين سميت ڪاوش ڇڏي سنڌ اخبار ۾ پهرين ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، جتي ارشاد گلاباڻي، لالا رحمان ۽ ٻيا ساٿي هٿ ونڊرائيندا رهندا هئا، ڪامريڊ رشيد راڄڙ جيڪو آزادي سان پنهنجي ويچار ونڊڻ ۽ سوچ ڦيلائڻ سنڌ اخبار مان ڪري سگهيو پئي اهو ڪاوش مان نه پيو ڪري سگهيو، جنهن جو گهر ڪاوش نه بلڪه سنڌ اخبار هئي، جيڪا ڪارڪنن جي اخبار جنهن کي هلائڻ  وارو رشيد راڄڙ هڪ بهادر بي باڪ انسان هو، جنهن ڪنهن به عامر جابر جي اڳيان نه جهڪيو نه وڪيو، جيڪو زندگي جي هر ڏکي موڙ اچڻ ته به ان انسان ڄڻ کيڏندو رهيو، جنهن جي دور جا ڪيترا واقعا سامهون آيا، جڏهن ته خاص واقعو ٽنڊو بهاول ڪيس جيڪو هن جنهن جو جرئت بهادر سان نمودار ڪيو ۽ ڪيترو به دٻاءُ هجڻ باوجود نه جهڪيو ۽ ميجر کي ڦاهي جي ڦندي تائين پهچايو، جيڪو ٽنڊو بهاول ڪيس ۾ حيدرآباد جي ٻين ڪجهه صحافي جي مڙسي کي وساري نه ٿو سگهجي. رشيد راڄڙ جيڪو هڪ ڪميٽڊ انسان هو ۽ پنهنجي نظرئي سان سچو سنڌ ڌرتي سان پيار ڪندڙ محبتي ماڻهو جيڪو پنهنجي فرض کي بهتر نموني نڀائيندو رهندو هو، جنهن ڪڏهن به اصولن تي سودي بازي نه ڪئي، جنهن سان ٻيا ڀلي اختلاف رکندا هجن، ليڪن سندس ڪردار ۽ قلم جو پورهيو ڪير وڪڻي نه پئي سگهيو، ڪامريڊ رشيد راڄڙ، جنهن جو گهر ۾ مڪمل ٺهيل نه هجڻ ۽ ڳوٺ جو رستو تباهه حال ٿيڻ ليڪن هو ڪنهن اڳيان هٿ نه ڦيلايا بلڪ بهادر کي ۽ جرئت سان منهن ڏيندو رهيو، رشيد راڄڙ وٽ هر ڪنهن لاءِ عزت هوندي هئي، رشيد راڄڙ جيڪو صحافت جي سچ جو امين هو، جنهن پنهنجو پورهيو ڪري ثابت ڪري ڇڏيو هو ته هو ڪڏهن به مرڻو نه آهي، رشيد راڄڙ جو واسطو هڪ ڪنهن مڪتب فڪر سان هو ۽ انهن سان آخري وقت تائين نڀائيندو رهندو. هو ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا ڀوڳ ڪندو هو ته دماغ چڪرائجي ويندو، ڪڏهن ته ماٺڻي طبعيت سان خاموش بنيل جيڪو صحافين لاءِ ڇپر ڇانو هو ته ايندڙ لاءِ محبتي انسان هو، رشيد راڄڙ جي خطرناڪ بيمار ڪينسر جيڪا کيس خبر به هئي، ليڪن هو نهايت ئي بهادري سان ان کي توجهه نه ڏيندو هو، ليڪن بيماري کيس وڪوڙي وئي ۽ موت جي منهن مان هو بچي نه سگهيو ۽ جسماني طور اسان کان جدا ٿي ويو، سندس يادون ملهايون وڃن پيون.

No comments:

راءِ ڏيندا