عبدالغفار تبسم
خوبصورت خيالن جو البيلو شاعر - ٻاھٺهين جنم ڏهاڙي جي مناسبت سان
وزير فرهاد سولنگي
عبدالغفار تبسم سنڌي ٻوليءَ جو اهو خوبصورت شاعر
آهي جنهن نه رڳو پنهنجي شاعري جي حوالي سان سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ جڳھ ٺاهي پر ان سان
گڏ هو سٺو نثر نويس، موسيقار، اداڪار، ۽ بهترين منتظم رهيو آهي. سندس شخصيت جو سٻاجهو
سڀاءِ هئڻ سبب هي هر ڪنهن جي دل ۾ جڳھ ٺاهڻ جو گر ڄاڻي ٿو. عبدالغفار تبسم ولد قادر
بخش ڀٽي ۲۰ نومبر ۱۹۵۱ع ڳوٺ ميرپورڀٽو نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتائين. پاڻ پرائمري تعليم
نئين ديري ۽ ڳڙهي ياسين ۾ ورتائين ۱۹۶۶ع ۾ ميٽرڪ
پاس ڪري، بي اي آرٽس ۽ ڪامرس لاڙڪاڻي ڪاليج مان ۱۹۷۲ع ۾ ڪيائين. پاڻ بين الاقوامي تعلقات ۾ ماسٽر جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
مان ۱۹۷۴ع ڌاري فرسٽ ڪلاس ٻي پوزيشن ۾ پاس ڪيائين
پاڻ شاگردي واري دور کان ڪيترن ئي تنظيمن سان وابسطا رهيو جنهن ۾ ڪاليج اسٽوڊنٽس يونين
جو جنرل سيڪريٽري، سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽ يونين جو ڪلاس نمائندو، سنڌ آزاد ماروئڙا
اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو عهديدار، گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي تقريري ۽ ادبي سوسائيٽي جو
جوائنٽ سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻو اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو نائب صدر، الفتح اسٽوڊنٽس فيڊريشن
نئون ديرو جو جنرل سيڪريٽري، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن نئون ديرو شاخ جو باني ميمبر
۽ نئون ديرو ڊرامائيٽڪ سوسائيٽي جو صدر ۽ سرپرست اعليٰ پڻ رهيو هن ان پليٽ فارم تان
ڪيترائي ڊراما پيش ڪيا جنهن ۾ شيرين فرهاد، آغا حشرڪاشميري جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيل ڊرامو
باغبان، تاريخي ڊرامو ليلان چنيسر ۽ ٻيا ڪيترائي ڊراما پيش ڪيا آهن.
عبدالغفار تبسم پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي سينٽر
تان ڪيترا ئي ڊراما ڪيا جن ۾ بري هن ڀنڀور ۾، چنڊ رهين ٿو ڏور جنهن ۾ هيءَ بطور هيرو ڪم ڪيو. عبدالغفار تبسم سنڌي فلمن
۾ پڻ ڪم ڪيو جن ۾ ايس گل جي فلم سهڻا سائين ۾ بطور ولين ۽ فلم برسات جي رات ۾ بطور
هيرو ڪم ڪيو.
غفار تبسم پنهنجي لکڻ جي شروعات ۱۸، ۱۹ سالن جو عمر ۾ ڪئي سندس شاعريءَ جا
ھن وقت تائين ھيٺ ڄاڻايل ۱۵ ڪتاب ڇپجي
چڪا آهن.
1. گلن جهڙا ڳل،
2. مٽيءَ جا سُر،
3. شفق وارا ڇانورا،
4. سوچون صحرا سراب،
5. نيڻن جي آڱر ۾،
6. موسيقي موسم ۽ تبسم،
7. اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لڇن،
8. سج آرسيءَ ۾،
9. تنها ڪنڌيءَ مسافر،
10.
جو پل جهومي جهول ۾،
11.
سونهن کڻي ساڻيھ چميو،
12.
پتڻ جون پڪارون
۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.
عبدالغفار تبسم جي آتم ڪٿا جا ٽي ڪتاب جن مان
هڪ ڪتاب هو جي جوڀن ڏينهنڙا ۱۹۹۴ع ۾ ڇپجي چڪو آهي باقي ٻه ڪتاب اڻ ڇپيل آهن.
ان سان گڏ سندس سفرناما پڻ ترتيب ڏنل آهن، جن
۾ لنڊن ۽ آمريڪا جو سفرنامو زندگي تنهنجا رنگ هزار ڇپجي چڪو آهي.
عبدالغفار تبسم جي ويجهڙائي علم، ادب ۽ آرٽ جي
انهن سڀني دوستن سان رهي آهي جن سنڌ جي ثقافت جي دنيا ۾ پنهنجي ڏات جا رنگ ڀريا آهن.
تبسم جي گيتن جي سي ڊي ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ آف آمريڪا طرفان موتين مالا جي عنوان تحت رليز
ٿي.
عبدالغفار تبسم شروعاتي دور ۾ ۱۹۷۲ع ۾ استاد ۽ فيملي پلاننگ آفيسر، ۱۹۷۳ع ڌاري يو بي ايل ۾ بئنڪ آفيسر، ۱۹۷۵ع پي آءِ اي ۾ آفيسر مقرر ٿيو. مارشلائي دور ۾ کيس نوڪري مان فارغ ڪيو
ويو. ان کان پوءِ ۱۹۸۳ع ڌاري ميونسپل ڪاميٽي نئون ديرو جو چيئرمين
۱۹۸۷ع تائين رهيو. سال ۱۹۹۰ع ۾ واپس پي آءِ اي جي نوڪري ۾ بحال ٿيو ۽ ڪارگو مينيجر جي عهدي تان ۱۹ نومبر ۲۰۱۱ع تي رٽائرڊمينٽ ڪيائين.
عبدالغفار تبسم ۱۹۸۰ع ڌاري اعواڻ فيملي مان شادي ڪئي. جنهن مان کيس پنج پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو
اولاد آهي.
سندس ويجهڙائي شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس
۽ شمشيرالحيدري سان هوندي هئي.
راڳين ۾ استاد محمد يوسف، منظور سخيراڻي ۽ ٻيا
ڪيترا ئي فنڪار سندس دوست ۽ ساٿي رهيا آهن پر سندس ويجهڙائپ محمد يوسف ۽ منظور سخيراڻي
سان گهڻي رهي آهي.
عبدالغفار تبسم پنهنجي اندر ۾ هڪ انجمن جي حيثيت
رکي ٿو. هيءُ يارن جو يار ۽ محبتي ماڻهو، پنهنجي خوبصورت رويي ۽ ڏات سبب هر عمر جي
ماڻهوءَ جي محبت ۽ پيار جو مرڪز رهيو آهي. تبسم پنهنجي نالي جيان هر وقت پنهنجي منهن
تي مرڪ سجائي سڀني سان ملندو آهي. سندس ڪلام سنڌ جي سؤ کان مٿي فنڪارن ڳايا آهن. جن
کي سڄي ملڪ ۽ ان کان ٻاهر ڀرپور موٽ ملي آهي.
پاڻ موسيقي جو به ڄاڻو آهي، هن پنهنجا ڪيترا
ئي گيت ڪمپوز ڪيا آهن، جن کي ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي داد ورتو آهي. سندس ڪمپوزيشن (ها
مان تنهنجي بنا ڪجھ به ته ناهيان) جنهن کي منظور سخيراڻي ڳايو ان کان علاوه ”سڪ سوز
۾ دل ساري ڪا سار ته لهبي آ“ کي شهنيلا علي ڳائي سڄي سنڌ ۾ مڃتا ماڻي.
عبدالغفار تبسم کي سنڌي ٻولي ۽ ادبي خدمتن عيوض
ڪيترا ئي ايوارڊ ملي چڪا آهن. جن ۾ پروڊڪشن آف ورلڊ، سنڌي انسٽيٽيوٽشن واشنگٽن طرفان
ايوارڊ، عبرت اخبار ايوارڊ، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ طرفان ايوارڊ، اڳواڻ پبليڪيشن ايوارڊ،
ڊائو ميڊيڪل ڪاليج طرفان ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ شامل آهن.
سندس شاعريءَ جون ھيٺ ڄاڻايل، ڏھ آڊيو ڪيسٽون
رليز ٿي چڪيون آهن.
1. چانڊوڪي جا مسافر،
2. همسفر،
3. منهنجا حسين خواب،
4. سانوڻ ۽ ساجن،
5. اداس،
6. بيقراري،
7. دردن جي دنيا،
8. دل جون صدائون،
9. منهنجا گيت،
10.
ڪلھ رات ڪو سپني ۾ آيو.
مٿي ڄاڻايل آڊيو واليم، مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن.
عبدالغفار تبسم، هن وقت تائين به پنهنجي ٻولي ۽ ادب لاءِ پنهنجي ڏات کي استعمال هيٺ
آڻي، سنڌي ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي. اڄ سندس ۶۲ هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي کيس مبارڪ باد ڏيون ٿا.
عبدالغفار ’تبسم‘
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
سنڌ جو
مشھور شاعر عبدالغفار ’تبسم‘ ولد قادربخش ڀٽي ۲۰ نومبر ۱۹۵۱ع تي ميرپور ڀٽي، تعلقي
رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم نئين ديري ۽ ڳڙهي ياسين ۾ ورتائين.
مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئين ديري مان ۱۹۶۶ع ۾، بي.ا ي ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۲ع ۾ ۽ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ۱۹۷۴ع ۾ نمايان نمبرن ۾ حاصل ڪيائين. هيءُ ۱۹۷۲ع ۾ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري، ۱۹۷۴ع ۾ يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاس نمائندو، سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن لاڙڪاڻي
جو نائب صدر، ادبي سوسائٽي گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو جوائنٽ سيڪريٽري رهيو آهي.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن نئين ديري جو باني، ڊراماٽڪ سوسائٽي نئين ديري جو صدر ۽
سرپرست بہ رهيو آهي. هن ڪيترن ئي ٽي. وي ڊرامن ۾ ’هيرو‘ جو رول ادا ڪيو اٿس، ڪيترين
ئي علمي، ادبي ۽ راڳ جي محفلن جو ميزبان ٿيو. ٽيليويزن جي ’سنڌ سينگار‘ پروگرام جو
۱۹۸۱ع کان ۱۹۸۳ع تائين ڪمپيئر رهيو. هن سنڌي فلم ’برسات جي رات‘ ۾ هيرو جو ڪردار ۽ فلم
’سهڻا سائين‘ ۾ ولين جو ڪردار ادا ڪيو. ۱۹۷۲ع ۾ ماستري ڪيائين. ڪجھ وقت فيملي پلاننگ آفيسر رهيو، ۱۹۷۳ع ۾ يونائيٽيڊ بئنڪ ۾ ڪلرڪ ۽ ۱۹۷۵ع ۾
پي. آءِ. اي ۾ آفيسر ٿيو. مارشل لا دور ۾ ۱۹۸۱ع ۾ ملازمت تان لھڻ بعد ٺيڪيداري ڪيائين. ۱۹۸۳ع کان ۱۹۸۷ع تائين نئين ديري ميونسپالٽيءَ
جو چيئرمئن چونڊيو ۽ ۱۹۹۰ع ۾ ٻيهر
پي. آءِ. اي ۾ ملازمت تي بحال ٿيو. پي. آءِ. اي (ڪارگو) آفيس ڪراچيءَ ۾ سيلز
پروموشن آفيسر (ڪارگو آفيسر) طور ڪم بہ ڪيائين ۽ ساڳئي عھدي تان رٽائر ڪيائين.
تبسم ۶۵-۱۹۶۴ع کان شاعري شروع ڪئي.
هن جي شاعري مختلف فنڪارن جهڙوڪ: منظور سخيراڻي، سرمد سنڌي، ثمينه ڪنول، صائمہ
منظور، تعمير حسين، صادق فقير، شمن ميرالي ۽ ٻين ڳاتي آهي. ان کانسواءِ EMI گرامون فون ڪمپني سندس ڪجھ غزل
۽ ڪافيون محمد يوسف جي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايون، پاڻ ڪافي عرصو روزاني اخبار ”عوامي
آواز“ ۾ قطعا لکندو رهيو آهي. هن وقت سندس هي ڪتاب ڇپيل آهن: ’گلن جهڙا ڳل‘ (۱۹۷۶ع)، ’شفق وارا ڇانورا‘ (۱۹۸۲ع)،’زندگي
تنھنجا رنگ هزار‘ (۱۹۹۴ع)،
’سوچون صحرا، سراب‘ (۱۹۹۵ع)،
’نيڻن جي آڳر ۾‘، (۱۹۹۶ع)، ’مٽيءَ
جا سُر‘ (۱۹۹۹ع)،’تنها ڪنڌيءَ مسافر‘ (۱۹۹۹ع)، ’اُڀ هيٺان اڃارا گيت لڇن‘ (۲۰۰۱ع) ۽ ’موسيقي، موسم ۽ تبسم‘ (۲۰۰۳ع). سج
آرسي ۾ (۲۰۰۵ع)، پل جهومي جهول ۾ (۲۰۰۶ع).’تبسم‘ جي گيتن جي پھرين سي. ڊي ”موتين مالها“ جي عنوان سان ورلڊ سنڌي
انسٽيٽيوٽ واشنگٽن آمريڪا پاران ۱۹۹۹ع جاري
ڪئي وئي ۽ ٻي سي. ڊي ”چانڊوڪين جا مسافر“ جي عنوان سان ۲۰۰۱ع ۾ لاڙڪاڻي مان جاري ڪئي وئي آهي. ان سان گڏ سندس شاعريءَ جون ٻيون بہ ڪافي
سي ڊيون آيل آهن، جن ۾ مختلف فنڪارن سندس شاعري ڳائي آهي. عبدالغفار تبسم جي ڪتاب
”موسيقي، موسم ۽ تبسم جي پٺئين ٽائيٽل تي ناليواري شاعر تاج جويي لکيو آهي تہ:
پنھنجي عمر ۽ ٽھيءَ ۾ جيڪا غفار مڃتا ماڻي آهي، اها هر ڪنھن کي نصيب نہ ٿي آهي،
سندس منھن تي ڪڏهن بہ منافقين جا ماسڪ چڙهيل ناهن رهيا. هو اندر ٻاهر هڪ جھڙو اجرو
۽ شفاف آهي، تيئن سندس شاعري پڻ اجرن ۽ شفاف جذبن جو مجموعو آهي. سُر، سونهن ۽ سچ
تبسم جي زندگيءَ جي منشور جا اهم نقطا آهن، جن وٽ الفت جو پنھنجو نيارو اسلوب
آهي“. عبدالغفار تبسم ۱۹۸۰ع ۾
شادي ڪئي. کيس ۵ پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي.
(عبدالجبار
آزاد منگيءَ جي فيسبڪ ٽائئم وال تان ۲۰ نومبر
۲۰۲۲ع تي کنيل)
عبدالغفار تبسم
اتساھ ۽ زندگيَ جو فڪري
شاعر
وحيدمحسن
شاعر
جو وجود زندگيَ جو فلسفو ھوندو آهي ان جي تخليقن مان انساني زندگيَ جون فڪري واٽون
جنم وٺنديون آھن. ساڳي طرح ٻوليون شاعري ۽ ادب جي ذريعي زندھ رھنديون آهن ۽ وري
شاعر پنهنجي ڪرت جي ذريعي زندھ رھندا آهن. موجوده دؤر جي شعري ادب جو مطالعو ڪيون ٿا
ته اسان کي انهيَ ادب مان سنڌ جو ھڪ سھڻو ۽ محبوب شاعر عبدالغفار تبسم پنهنجي
تخليقي جوت ۽ ڪرت سان وابستا ٻوليَ سان پيار ڪندي شاعري جا واھڙ وھائيندي مصروف
نظر اچي ٿو! دنيا ۾ اھو ڏٺو وڃي ٿو ته شاعر تخليق سان ناتو نڀائيندي پنهنجي وجود
جو احساس ڏياريندو رھي ٿو جيڪا ھڪ تمام وڏي ڳالھ آهي. عبدالغفار تبسم جي سڃاڻپ
رومانوي شاعر طور وڌيڪ مضبوط ۽ سگھاري آهي جنهن جي ڪري سندس شاعري ۾ نرالپ ۽
رومانوي رنگ پنهنجي جوھر سان جڳمڳائيندو رھي ٿو. شاعر وٽ شاعراڻا احساس جھومي،
نچي، ڪڏي تخليق تي ڇيريون پائي لھن ٿا ۽ سندس شاعري تي جدت جا ڪيئي حسين ڪومل
احساسن جا گل ڦٽي پون ٿا جيڪي اسان جي نيڻن کي راحت ڏين ٿا ان ڪري اھڙي ڳالھ ڪرڻ ۾
ڪو وڌاء نه ھوندو اھا تخليق وڌيڪ سھڻي، سندر، ساھ ۾ سمائڻ جھڙي نفيس، نازڪ، نرمل
ريشم ۽ اثرائتي بڻجي ماڻهن جي لبن تي رقص ڪري ٿي. عبدالغفار تبسم جي شاعري ۾
موسيقي جو سھڻو، سندر جھان جڙيل آهي ھن جي لفظن ۾ پيار، پريت، ڌرتي، سونهن، سينگار
۽ دلين جي موسمن جي البيلائي سار بڻجي وجود ۾ واسو ڪري ٿي جنهن جي اتساھ سان اداس
۽ مايوس دلڙيون پيار جي ڀاڪر ۾ ويڙھجي سڪون، سڪ محسوس ڪن ٿيون ۽ جيئڻ لاءِ اتساھ ڀريو
زندگيَ جو فڪري شعور سھيڙي اڳتي وڌڻ جي جستجو ڪن ٿيون. جنهن جو سھرو سلڇڻي شاعر
عبدالغفار تبسم ڏانهن وڃي ٿو جيڪو پنهنجي وجود ۾ املھ انسان آهي جنهن وٽ پيار ۽
محبت جا اڻ کٽ خزانا موجود آهن جيڪي ھميشھ مسڪرائي ورھائيندو رھي ٿو. عبدالغفار
تبسم سگھارو شاعر، پيار ۽ پريت جو مجسم ڌرتي ۽ ٻوليَ جو ازلي عاشق سونهن، امن ۽
اقوام عالم جو خير خواھ اھڙو خوبصورت پيغامبر آهي جنهن جي خوشبو سڄي ڏيھ ۾ ڦھليل
آهي ۽ ان کان علاوه ھو پنهنجن ماڻهن سان بي انتھا پيار ڪندڙ شاعر آهي. اھڙو سندس سڀاءُ
ھن کي عظيم انسان بڻائي ٿو. تبسم جي گفتگو ۾ شائستگي ھوندي آهي ۽ ھن جا نيڻ سنڌو
جل جيان جرڪندا رھن ٿا اھي اسان کي جيئڻ جي جماليات ڏئي محبت جو اھڙو درث ڏين ٿا ۽
وقت جي تاريخ ۾ گواھ بڻجي مرڪندا رھن ٿا جنهن مان ھزارين دليون اتساھ ماڻينديون
رھن ٿيون.
عبدالغفار تبسم
“ڪوي کي جنم واڌايون”.
ثناءُالله عتيق
ڌرتيءَ جا اُو اَبل گهور وڃين
توتان ماءُ
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس گيتن جي
مڌر آلاپن تي هڪ پورو نسل عاشق رهيو آهي. پنهنجي سٻاجهي طبيعت ۾ هوءَ هڪ سمنڊ آهي
جنهن جي وجود ۾ درد، دک، وڇوڙن، اڪيلائين ۽ اداسين جا آبشار جتي آخر اچي پناهه وٺن
ٿا. تبسم سان منهنجي پهرين سڃاڻپ استاد منظور سخيراڻي جي آواز ۾ سندس ڳايل گيتن،
غزلن ۽ درد ڀريل لهجي جي شاعري سان ٿي هئي. سندس هڪ اهري ئي ڪلام ۾ تبسم کي دل جي
قريب ڀائنيو هيم جڏهن هن پنهنجي محبوبا اڳيان اهيي انگل ۽ آرا ٿي ڪيا ته:
پٽيندي گل پلاند ۾، ڪنڊن ۾ جي
پئين ڪري،
او پوپري او جل پري، ڏسي نٽائيندي
نه ڪر!
ايئن ئي تبسم جا شعر سنڌي رسالن
۾ ڇپجندا رهيا، سندس انٽرويوز پڻ سنڌي رسالن ۾ پڙهندا رهياسين. آخرڪار سنڏ يونيورسٽي
۾ پڙهائي دوران روپا ماڙي تي سنڌ يونيورسٽي پاران منعقد هڪ مشاعري ۾ تبسم سان
پهريون سُٻنڌ جڙيو جيڪو پنهنجي منفرد هڳاءَ سان اڄ سوڌو سلامت قائم ۽ دائم آهي.
مون تبسم جي هڪڙي سالگرهه لاڙڪاڻي جي المنصور هوٽل ۾ اٽينڊ ڪئي جنهن ۾ سنڌ جو
سورهيه پُٽ بشير خان ڪراچي کان ڪهي اچي شامل ٿيو هيو. سڄي رات محفل موسيقي ۽ دوستن
جا ۽ پياري سائين تبسم جا ٽهڪڙا ٻڌندا رهياسين صبح جو ناشتو پڻ گڏجي ڪيوسين. ڳچ
سالن بعد ڪراچيءَ ۾ تبسم سان ملاقات ٿي قرب ڪري تاج هوٽل تي ڪهي آيا، منهنجو ٻارڙن
جي شاعري جو مجموعو پاڻ سان کڻي ويا ته جيئن سولائي سان ٻه لفظ لکي سگهن. ٻئي ڏهاڙي
پاڻ گڏجي سنڏ اسيمبلي منهنجي دوست سيد حسن شاهه سان ملاقات لاءِ گڏجي پهتاسين. ان
عرصي بعد تبسم سان محبتن، قربتن ۽ تخليقي رابطن جو اڻکٽ سلسلو جاري ساري آهي. اڄ
سائين تبسم جي سالگرهه آهي کيس سالگرهه جون لک لک واڌيون ڏيندي سندس وڏي ڄمار لاءِ
دعائون ۽ سندس شاعريءَ جي بهار جي آجيان ڪجي ٿي.
تبسم جي شاعري سادي لهجي ۾ دل
جي ڌڙڪن جيان هوشربا طلسم آهي، جتي دل جي ڳڙکين کان زندگي جو سڄو سارو ٽڪساٺ مرڪندو،
لڇندو ۽ جياپي جا جتن ڪندو نظر اچي. تبسم جا “گُلن جهڙا ڳل” ۽ سندس شاعريء جا “شفق
وارا ڇانوار” پنهنجي ٽهيءَ جا وڏا روشن دليل آهن، جنهن ۾ تبسم پنهنجي پويتر پيار
جو اظهار ڪندي چيو آهي ته:
هر ڪا آس پُڄي ويندي پر،
ننڍڙو آ ناڪافي جيون!
تبسم جي شاعراڻي ٽئڪنيڪ پنهنجي ڌرتيءَ
جي ڪُک منجهان سلا سلا ٿي اُڀري نسري آئي آهي. سندس شهڪار ملنسار مزاج جي مٽيءَ ۾ ڳوهيل
لهجو به پٿر دل حسينائن جي دلين ۾ محبتن جا آبشار پيدا ڪندو هڪ محبوب ديويءَ اڳيان
مجبور ٿي ڪري اهيو چوڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا ته :
دل جي در کان ته دُک هليا آيا،
رات برسات جي بهاني تي!
تبسم محبتن جي مسيحائي ڪندي هڪ
هڪ جذبي هڪ هڪ اُڌمي جي اپٽار ايئن ڪري ٿو جو جدائيءِ جا ويچار اُٻاڻڪا ۽ اڇوتا بڻجي
وڃن ٿا. سندس ڪمال جون سٽون آهن جنهن ۾ هڪ ڪرشماتي طبيعت کي فطري رنگ سان رنڱيندي
هوء رومانوي ڪمال تي پهچي وڃي ٿو :
دست شفقت مٿس تو ڪيو هوندو،
گل گلابي تڏهن ٿيو هوندو!
تبسم ڀري تري هجومن ۾ پنهنجي من
جي مئڪدي جو هڪ انوکو ساقي رهيو آهي. جنهن وٽ بيساختگي ۽ پاڻمرادو اظهار تڙپي ۽ لڇي
پوي ٿو جنهن جو ڪو اتو پتو، پار ۽ دنگ به نظرن کان اوجهل ٿيو وڃين. سندس نفيس
احساسن جي غضب جهڙي اڻت ته ڏسو: سمنڊ ڪناري تي هوءَ چنڊ ڏسڻ آئي،
سندس سندرتا، نرملتا ۽ دل جي
اجري ديس جي زبان ڪيڏي نه دل تي جادوگري ڪندڙ آهي جڏهن تبسم چوي ٿو ته:
ماڻهن وانگر تو ڀي ته منهنجو
موتين جهڙو من نه سڃاتو،
تبسم سان ڪاوڙجي پئي ان هِن هُن
جي افواهن تي!
تبسم نئين ديري جي مٺڙي مٽيءَ
منجهان جڙيل جنم جنم جو جام آهي جنهن جي هڪ هڪ سُرڪ ۽ هڪ هڪ ڍُڪ ۾ سچائي، ارڏائي،
ديس جي دلداري، محبتن جي مسيحائي، دُک جي اپتار، اٿاهه جذبن جي گلڪاري ۽ زماني جي
نبض تي هڪ ڪامل ويڄ جا هٿ رکيل پيا نظر اچن ڇاڪاڻ جو تبسم جي شاعري محبت جي مدار ۽
فڪر جي فريم کان ٻاهر ڪونه نڪتو آهي. منهنجي ذهن جي ڀتين تي سندس قومي ڪاڄن ۾ پڙهيو
ويندڙ گيت “ڌرتيءَ جا او ابل گهور وڃين توتان ماءُ “ پڙاڏا ٿي گونجندو رهيو آهي.
سندس دل تي جادو ڪندڙ شاعري شال للاٽ ۾ لاٽ ٿي ٻرندي رهي.
ڪيڏو ڀي درد هجئي پر تون هميشه
لب تي،
مون کي استاد چيو هو ته تبسم
رکجانءِ!
(ثناءُ الله عتيق جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ نومبر تي رکيل/
کنيل)
عبدالغفار تبسم
سنڌي زبان جو سرموڙ قوي - (سندس سالگرهه جي ڀيٽا)
آصف رضا موريو
نفيس انداز ۾ سليس سنڌي ٻولي کي
شاعري طور پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻائيندڙ عبدالغفار تبسم کي سنڌ جو نمائندو شاعر
سڏجي ته بيجا ڪونه ٿيندو جنهن جي بااخلاق لهجي ۽ شائسته گفتگو مان صوفياڻو رنگ ڍنگ
جهاتيون پائيندو آهي. سچ اهو پڻ آهي ته هو پنهنجي اٿڻ ويهڻ، کائڻ، پائڻ پهرڻ سان گڏ
زندگي جي بيشمار معاملن ۾ مونکي پنهنجي ئي ڪنهن معياري رنگِ غزل جهڙو شاهڪار لڳندو
آهي. نفرتن جي دنيا ۾ پيار ۽ پاٻوهه ونڊيندڙ تبسم جو نه رڳو تخلص شاعراڻو آهي پر
سندس من موهيندڙ دلچسپ ۽ پروقار ادبي شخصيت کي پڻ شاعري کان الڳ ڪري ڪونه ٿو ڏسي
سگهجي جو هو ادب نواز قوي انسان دوست هئڻ سان گڏ وطن پرست ۽ دوست نواز پڻ آهي.
تبسم جي شخصيت ۾ جيڪا نفاست ۽ توازن آهي سو سندس شاعري ۾ پڻ ڏٺو ويو آهي. بزرگي
واري عمر ۾ نوجوانن جهڙو شاداب لڳندڙ تبسم عزت شهرت جي ايڏي اونچي مقام تي پهچڻ جي
باوجود پنهنجي شاعري، ادبي حلقي، سماجي سڃاڻ، دنياوي وهنوارن ۽ دوستي ياري جي تمام
تقاضائن کي هڪ ڪرو نڀائيندڙ هن جي شخصيت جا تمام لڀائيندڙ ۽ دل آويز پاسا آهن.
عبدالغفار تبسم جو جنم ۲۰ نومبر ۱۹۵۱ع ڌاري نئون
ديرو(موجوده رتوديرو) تعلقي جي ڳوٺ ميرپور ڀٽو ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو قادر بخش ڀٽي
هيو. پرائمري پنج سال گورنمنٽ پرائمري اسڪول نئون ديرو ۽ پرائمري اسڪول ڳڙهي ياسين
۾ حاصل ڪيائين. ۱۹۶۳ع ۾ هو الفتح شاگرد فيڊريشن نئوڻ ديرو جو جنرل سيڪريٽري
هئڻ سان گڏ سگا شاخ نئون ديرو جو باني ۽ نئون ديرو ڊراماٽڪ سوسائٽي جو صدر پڻ
هوندو هيو.
نائين جماعت تائين پبلڪ اسڪول
حيدرآباد ۾، ڏهين جماعت کان فرسٽ ييئر ڦليلي سائنس ڪاليج حيدرآباد پڙهيو جڏهن ته
بي اي ۱۹۷۲ع ڌاري گورنمنٽ ڪامرس آرٽس ڪاليج جناح باغ لاڙڪاڻو مان
حاصل ڪيائين جتي پڙهائي دوران شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري هوندو هيو. هو پڙهائين
دوران بهترين مقرر هوندو هيو جنهن تقريري مقابلن ۾ انعام پڻ کٽيا. پاڻ ۱۹۷۴ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو مان بين الاقوامي تعلقات ۾ ايم اي پڻ ڪيائين شاگرد يونين جو نمائندو ۽ سنڌ
ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو عهديدار هوندو هيو. کيس تعليم جو شوق پنهنجي والد جي
وفات کان پوءِ ٿيوجيڪو نئون ديرو ۾ ڀٽو اسٽيٽ جو مينيجر هوندو هيو.
والد جي مالڪ کي پياري ٿيڻ کان
پوءِ سندس ڪلهن تي ذميدارين جو بار پيو ته هن ايندڙ ڏهن سالن تائين زندگي جو گاڏو
هلائڻ لاءِ لاڙڪاڻو ۽ نئون ديرو ۾بيشمار ڪم ڪارون ۽ ڌنڌا ڌاڙي ڪيا، ڪاروبار ۾
فائدا نقصان ڪيا، ٺيڪيداري ڪئي ۽ نئون ديرو ۾ ميوزڪ سينٽر کوليو وغيره وغيره. هن
نج ادبي ماڻهو سماجي مڃتا جي رڃ پنهنجا ترحا رارڻ لاءِ سياست جي خارزار وادي ۾
پنهنجو پاڻ آزمايو، ۱۹۸۱ع کا ۱۹۸۷ع تائين چار دفعا
نئون ديرو ميونسپل ڪارپوريشن جو چيئرمن به مقرر ٿيو پر سياسي مزاج نه هئڻ سبب اهڙن
جوکن ۾ ڪارگر انسان ڪونه ٿي سگهيو.
۱۹۷۲ع ۾ کيس انگريزي
استاد طور پهرين ملي ۽ سندن پهرين پوسٽنگ نئون ديرو پرائري اسڪول ۾ ٿي. ڪجهه عرصي
کان پوءِ هو اها نوڪري ڇڏي لاڙڪاڻو ۾ فيملي پلاننگ آفيسر مقرر ٿيو.۱۹۷۳ع کيس يوبي ايل بينڪ
۾ نوڪري ملي. ذوالفقار علي ڀٽو جي دورِ حڪومت ۾ دنيا گهمڻ جي شوق دل ۾ ڪر کنيو ته ٿورڙي
ڪوشش کان پوءِ ۱۹۷۵ع ڌاري پي آءِ اي جي هيڊ آفيس جي ڪارگو سيڪشن ۾ ٽريني
آفيسر مقرر ٿيو جتان جنرل ضياءُالحق جي مارشل دوران کيس نيڪالي ڏني وئي. پيپلز پارٽي
جي دور ۾ حڪومت جي سهڪار سان اين آر سي ڪورٽ ۾ مارشل دوران ڪڍيل ملازمن جا ڪيس
هلايا ويا ته ۱۹۹۰ع ۾ تبسم صاحب کي به وري ساڳي ملازمت تي بحال ڪيو ويو
جتان ڪارگو مينيجر جي عهدي تان ۲۰۰۶ع ۾ وقت کان اڳ استيفا ڏنائين.
۱۹۸۰ع ڌري سندس شادي ٿي
۽ کيس خليل جبرا، ارسلان، نوشيروان، زعفران، فاران نالي پنهن تاريخي پٽن ۽ ساره
غفار نالي هڪ نياڻي جي اولاد آهن. عبدالغفار تبسم سنڌ جي موجوده شاعر لڏي ۾ سڀ کان
وڌيڪ ڳايو ويندڙ، ٻڌو ويندڙ ۽ هر ٽهيءَ جو پسنديده شاعر آهي جنهن سنڌي شاعري جي هر
صنف تي انتهائي خوبصورت ۽ شاندار طبع آزمائي ڪئي آهي. تبسم تخلص رکڻ کان اڳ غفار،
عادل ۽ غفار راهي جا تخلص پڻ آزمايائيندو رهيو آهي.
شاعري جي ابتدا ۱۹۶۲ع ڌاري ڪيائون. پاڻ
پهريون گيت ته “اچو ته گڏجي ڏينهن ملهايون” نئون ديرو ٿيٽر ناٽڪ مندلي ۾ جهونگاريو
هيو. سندس شاعري کي نئون رخ سندس ڀاءُ محمد يوسف ڀٽي جي روڊ حادثاتي موت ڏنو جنهن
جي ناگهاني موت تي تبسم هڪ تاثراتي غزل لکيو هيو جيڪو سندس دوست امداد حسين ميراڻي
ڳائي ٻڌايو جنهن جو آواز مهدي حسن سان ملندو هيو. سندس نثر ۾ پهريون ناول “منزل
منزل غم جا سايا” لکيو هئائين جيڪو قسطوار المرتضا اخبار لاڙڪاڻو ۾ ڇپندو رهيو جيڪا
ڪنهن دور ۾ علي حسن ڌاريجو (علي مرتضا ڌاريجو جو والد) لاڙڪاڻو مان ڪڍندو هيو. اهڙي
ريت پاڻ تخيل جي رٿ جي جو سوار ٿيو ته شاعري جي افق جا نوان نوان آسمان ڳولي اسان
تائين پهچائيندو رهيو. سندس شاعري جو سي ڊي جي صورت ۾ پهريون جامع البم ورلڊ سنڌي
انسٽيٽيوٽ پاران واشنگٽن مان پڌرو ڪيو ويو هيو.
شوقيه شاعري کان ذوقيه شاعري ڏانهن
پنهنجو پاڻ کي مڃرائيندڙ تبسم سنڌ جو اهڙو سدا بهار قوي آهي جنهن جي شاعري ۾ مستقل
تازگي، ترنمي ۽ تازه خيالي سان گڏ سندس اسلوب تهه دار، دلچسپ ۽ بامعني رهيو آهي
شايد اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعري پڙهندڙن کي هر دور ۾ دائمي مزو ڏيندي آهي. جذب
۽ عرفان جون منزلون ماڻيندڙ هن شاعر وٽ غزل جو اهڙو منفرد انداز رهيو آهي جنهن کي
نه رڳو اهو ته ڪا به ادبي هلچل هن وقت تائين متاثر ڪندي نظر ڪونه ٿي اچي پر ان جي
ابتر پٺين ٻن ڏهاڪن ۾ تمام ادبي کيتر جي تمام تحريڪن کي سندس ڪلام جي سماجي، ادبي
۽ آفاقي حيثيتِ فڪر ڪنهن نه ڪنهن ريت متاثر ڪندي نظر اچي ٿي.
سنڌي ادبي کيتر جا
بيشمارسنجيدهه محقق ۽ نقاد کيس غزل جو انتهائي ممتاز شاعر پڻ مڃين ٿا جن جو اهو پڻ
خيال آهي ته تبسم جيترو ڀرجلو شاعر آهي سنڌ جي ادبي کيتر ۾ کيس اوتري حيثيت اڃان
تائين ڪونه ملي آهي جيتري جو هو اصليتن حقدار ٿئي ٿو. منهنجي خيال ۾ تبسم جو سنڌي
زبان جي تاريخ جي انهن تمام استاد شاعرن منجهان ڳاڻيٽو ڪري سگهجي ٿو جيڪي غزل ۾
انساني تعلقات جي انتهائي پيچيده نفسياتي مطالعي ۽ پنهنجي اردگرد کي نهايت دلربا،
دلنشين، دل آويز ۽ ڳوڙهي مشاهدي ۾ پيش ڪندا رهيا آهن. سندس شاعري مان جهاتيون
پائيندڙ طرزِ احساس ۽ ردِعمل مان پڻ هن جي هڪ باخبر انسان جي دل و دماغ جي نشاندهي
ٿئي ٿي جنهن کي نه رڳو شاعري جي تمام فني رمزن جي ساڃاهه آهي.
“رنگين شاعري سنگين زندگي” جي مقولي تي پورو ٺهڪندر
تبسم سنڌي زبان جو اهڙو سرموڙ شاعر آهي جنهن لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ پهچڻ، انهن ۾ رهڻ
۽ راڄ ڪرڻ جو ڪامل وسيلو سندس شاعري جو اسلوب ئي آهي. عبدالغفار تبسم اسان جي
موجود ٽهي جي انهن ڪجهه شاعرن منجهان آهي جن متعلق مون کي يقين آهي ته ڏينهن رات
جي ڪنهن نه ڪنهن ويل، ڪنهن نه ڪنهن پاسي، دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾، ڪٿي نه ڪٿي
ٻڌو، پڙهيو ۽ جهونگاريون ضرور ويندو هوندو. توڙي جو سندس اندازِ بيان تمام گهڻو
فهم هئڻ ڪري سندس شاعري جي پروڙ عام مطالعي مان به پئجي وڃي ٿي پر سندس ڪلام ۾
موجود چاشني ۽ دلربائي انداز باربار پڙهڻ ۽ وڌيڪ توجهه سان پڙهڻ لاءِ اڀاري ٿو جو
هو انساني شعور جي نازڪ معاملات کي لفظن ذريعي منظر عام تي آڻڻ جو ڪمال پڻ رکي ٿو.
سندس شاعري انساني نفسيات جي
گهرائين ۾ لهي وڃڻ جي جادوگري کان پڻ واقفڪار لڳندي آهي. جهڙا رومانوي جذبات مون
کي تبسم جي شاعري ۾ لڀندا آهن اهڙا ڪنهن ٻئي شاعر جي ڪلام ۾ گهٽ نظر آيا آهن.
شاعري جو مقصد پنهنجي اندر جي اڌمن، اهنجن ۽ پيڙائن جهڙي مشڪل جذبن کي آسان لفظن
جا ويس پارائي پيش ڪرڻو هوندو آهي جنهن ۾ تبسم جهڙي عظيم شاعر کي ڪامياب ٿيندي ڏٺو
ويو آهي جو لفظن جي هن جادوگر جي پٽاري ۾ انيڪ انمول جذبن تئين لفظ ستا پيا هوندا
آهن جيڪي هن جي سوچ جي اشاري تي چلولائيندي پنهنجا جلوا ڏيکارڻ لاءِ بيتاب هوندا
آهن.
سندس خاص ڪتاب هيٺ ڏجن ٿا.
• گلڙن جهڙا ڳل، ۱۹۶۶ع
• شفق وارا ڇانورا، ۱۹۸۲ع
• مٽيءَ جا سر، ۱۹۹۱ع
• زندگي تنهنجا رنگ هزار (سفرنامو) ۱۹۹۴ع
• هن وقت تائين سندس بيشمار ڪتاب جهڙوڪ بشمول
• سي ئي جوڀن ڏينهڙا (آتم ڪٿا) ۱۹۹۴ع
• سوچون صحرا سراب،۱۹۹۵ع
• نيڻن جي آڳر ۾،۱۹۹۶ع
• ڪندي ڪناري ناُوسال ۱۹۹۹ع
• تنها ڪنڌي مسافر، ۱۹۹۹ع
• اڀ هيٺان اڃارا گيت لڇن ۲۰۰۱ع
• امريڪا، ٿائيلينڊ، سنگاپور جو سفر نامو)،
• موسيقي موسم ۽ تبسم، ۲۰۰۳ع
• سج آرسي ۾، ۲۰۰۵ع
• جو پل جهومي جهول ۾، ۱۰۰۶ع
• لنڊن تنهنجا رنگ هزار (لنڊن،
• سونهن کڻي ساڻيهه ڄميو،
• پسڻ جون پڪارون وغيره شامل آهن.
سندس شاعريءَ جون ھيٺ ڄاڻايل، ڏھ
آڊيو ڪيسٽون رليز ٿي چڪيون آهن.
• چانڊوڪي جا مسافر
• همسفر
• منهنجا حسين خواب
• سانوڻ ۽ ساجن
• اداس
• بيقراري
• دردن جي دنيا
• دل جون صدائون
• منهنجا گيت
• ڪلھ رات ڪو سپني ۾ آيو.
• ان کان علاوه سندس سرجيل خوبصورت گيتن تي
مشتمل هڪ سي ڊي ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ آف آمريڪا طرفان موتين مالا جي عنوان تحت رليز
ٿي چڪي آهي.
سندس ادبي ۽ علمي ڪاوشن طور کيس
بيشمار انعام ۽ ايوارڊ ملي چڪا آهن جن مان
• عبرت اخبار ايوارڊ،
• سنڌي انسٽيٽيوٽشن واشنگٽن طرفان ايوارڊ،
• اڳواڻ پبليڪيشن ايوارڊ،
• سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ طرفان ايوارڊ،
• ڊائو ميڊيڪل ڪاليج طرفان ايوارڊ وغيره شامل
آهن.
تبسم پنهنجي شاعري ۾ ڪٿي ڪٿي
پنهنجي حقيقت پاڻ لڳندو آهي جنهن جي پيڙا ۽ درد ئي سندس زندگي جو اهڙو سرمايو آهي
جنهن سان هو پنهنجي پڙهندڙن سان تخيلي تعلق جوڙيندي نظر ايندو آهي. منهنجا تمام گهڻا
دوست اديب، مورخ، شاعر، دانشور آهن جن مان ڪيترائي مونکي پنهنجي تحريرن کان کوڙ
پري نظر ايندا آهن ۽ کوڙ وري پنهنجي ڪلام و بيان کان مٿاهان بيٺا هوندا ملندا آهن
پر ان پسمنظر ۾ تبسم جي شخصيت پنهنجي تحريرن جي برابر بيٺي نظر ايندي آهي تنهنڪري
ان تي لکڻ لاءِ منافق ٿيڻ جي ضرورت ڪونه هوندي آهي بلڪه ان تي لکڻ تمام سولو لڳندو
آهي جو ان جي ڪار ڪمائي تي نه وڌاءُ ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي نه گهٽاءُ ڪرڻ جي.
کيس ننڍي هوندي کان لکڻ پڙهڻ ۽
اداڪاري جو شوق هوندو هيس. سندس سنڌي اداڪار وسيم ۽ وحيدمراد سان ملندڙ خوبصورت ۽
هيروئڪ چهري سبب کيس فلمن ۽ ڊرامن جو شوق پڻ هوندو هيو. نئون ديرو ۾ پڙهائي دوران ڊراميٽڪ
سوسائٽي جي صدر واري دور۾ هن باغبان، ليلا چنيسر، شيرين فرهاد وغيره ڊراما پڻ ڪيا.
۱۹۸۷ع ۾ هن پاڪستان ٽيلي ويزن جي ڊرامي بري هن ڀنڀور ۾ ۽ چنڊ
رهين ٿو دور ۾ پڻ هيرو جو ڪردار ادا ڪيو هيو. ان کان علاوه پي ٽي وي جي بيشمار
پروگرامن جو روح روان رهيو جهڙوڪ ۱۹۸۱ع کان هڪ سال لاءِ سنڌ سينگار
جو ميزبان. ڪجهه سالن تائين آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي گورننگ باڊي جو
ميمبر رهيو.
تبسم ڪجهه فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو جن
مان ۱۹۸۴ع ڌاري ايس ايم بروهي جي هدايات ۾ ٺهيل فلم برسات جي رات
هئي جنهن ۾ هيرو جو ڪردار پاڻ ادا ڪيو هيائين جنهن جي شوٽنگ لاڙڪاڻو جي سمبارا هوٽل
۾ ٿي هئي جيڪا مان ٻه اڌائي ڏينهن ڏسڻ ويندو هيم جي ان دور ۾ مان سمبارا جي سامهون
پوليس هيڊڪوارٽر ۾ رهندو هيم، فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾صلاح الدين تنيو، منظورمراد، نسرين
ناز، پونم، روشن عطا، منظور سخيراڻي ۽ ساقي شامل هيا. لاڙڪاڻا فلمز پڪچر هائوس ڪراچي
پاران هي فلم ۱۹۸۵ع ڌاري عيدالفطر جي موقعي تي رليز ٿي هئي. سندس ٻي ڄاموٽ
فلمز طرفان ۷ مارچ ۱۹۸۶ع تي هدايتڪار ايس گل جي ٺاهيل
فلم سهڻاسائين ۾ تبسم ولن جو ڪردار اداڪيو هيو. ان فلم جو موسيقار غلام حيدر هيو جڏهن
ته فلم جي ڪاسٽ ۾ غفار ڀٽي سان گڏ نورمحمد لاشاري، صلاح الدين تنيو، تهمينه، نيني
ناز، ممتازڪنول، يارمحمد شاهه، روشن عطا، نسرين ناز، منظورمراد ۽ مشتاق جسڪاڻي
شامل هيا.
سنڌي ٻولي جي عظيم شاعر ناطي
کيس دنيا ڀر ۾ گهرائي مان مرياده ڏني ويندي آهي. پاڻ مڃتا جي ان ماحول ذريعي انڊيا،
امريڪا، ملائيشيا، سنگاپور، سعودي عربيه، دوبئي، بينڪاڪ، انگلنڊ، جرمني وغيره جي
مختلف شهرن جون ياترائون ڪري چڪو آهي جن کي هو سفرنامن جي شڪل ڏئي اسان تائين پڻ
پهچائيندو رهيو آهي.
گذريل ڪيترن سالن تائين سنڌ جي
ساڃاهه وند ادبي، سماجي حلقن ۾ تبسم جي شاعري بيشمار تخليقي، رومانوي ۽ مزاحمتي
تحريڪن جي روح روان رهيو آهي. مان پڻ سوچ جي ارتقائي منزلن تي رسندي کان ئي سندس
مداحن ۾ شامل رهيو آهيان جو تبسم جي شاعري پڙهندي ۽ ٻڌندي هڪ عجيب قسم جي ذهني،
روماني ۽ جذباتي آزادي جو احساس جو واس وٺندو رهيو آهيان.
(آصف رضا موريو جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۲۲ نومبر ۲۰۲۳ع تي رکيل)
عبدالغفار تبسم
سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت
شاعر ۽ نامور شخصيت
ارشادعلي ميراڻي
سنڌ ڌرتيءَ
هميشه ادب، ثقافت ۽ فن جي آبياري ۾ پنهنجي خاص مقام کي قائم رکيو آهي. اهڙي ئي
سرسبز ادب جي دنيا ۾ عبدالغفار تخلص "تبسم" صاحب جو نالو هڪ روشن ستاري
جيان چمڪي ٿو. سندس زندگي ۽ شخصيت مختلف رنگن ۽ مرحلن سان ڀري پيئي آهي، جن ۾ نه
صرف شاعري پر اداڪاري، ميزباني، فلم سازي ۽ سماجي خدمتون به شامل آهن.
عبدالغفار
تبسم صاحب ۲۰ نومبر ۱۹۵۱ع تي ڳوٺ ميرپور ڀٽو، تعلقو رتو ديرو، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پنهنجي
پرائمري تعليم نئون ديرو ۽ ڳڙهي ياسين مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول
نئون ديرو مان ۱۹۶۶ع ۾ مڪمل ڪيائين. اعليٰ تعليم
لاءِ بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۲ع ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ ايم اي (بين الاقوامي تعلقات) ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
مان ۱۹۷۴ع ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪيائين.
تبسم
صاحب جو ادبي سفر ۱۹۶۴ع کان شروع ٿيو. سندس پهريون
شعر ۱۹۶۶ع ۾ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد جي
هڪ مشاعري ۾ پيش ٿيو. هن وقت تائين سندس ڪيترائي شاعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن ۾:
گلن جهڙا
ڳل (۱۹۶۶ع)
مٽي جا
سر (۱۹۹۱ع)
شفق
وارا ڇانورا (۱۹۸۲ع)
زندگي
تنهنجا رنگ هزار (۱۹۹۴ع)
سوچون
صحرا سراب (۱۹۹۵ع)
نيڻن
جي آڳر ۾ (۱۹۹۶ع)
تنها ڪنڌيءَ
مسافر (۱۹۹۹ع) شامل آهن.
تبسم
صاحب جي شاعري ۾ محبت، ڌرتي ۽ انساني احساسن جو اظهار ملي ٿو، جيڪو سندس سوچ ۽
شخصيت جي عڪاسي ڪري ٿو.
تبسم
صاحب پنهنجي فني صلاحيتن کي به نکاريو. ۱۹۷۸ع ۾ مشهور ڊرامي بري هن ڀنڀور ۾ هيرو جو ڪردار ادا ڪيو. ٽيليويزن تي ڪيترائي
سنڌي ڊراما پيش ڪيائين ۽ سنڌ سينگار پروگرام جو ميزبان رهيو. سنڌي فلم برسات جي
رات ۾ هيرو جڏهن ته سهڻا سائين فلم ۾ ولن جو ڪردار ادا ڪيائين.
تبسم
صاحب ۱۹۸۳ع کان ۱۹۸۷ع تائين نئون ديرو ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين رهيو ۽ شهر جي خدمت ۽ راڄوڻي
فيصلن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. پي آئي اي ۾ آفيسر جي حيثيت ۾ پڻ ذميواريون نڀايائين
۽ مارشل لا دوران ملازمت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٺيڪيداري به ڪيائين. ۱۹۹۰ع ۾ ٻيهر پي آئي اي ۾ بحال ٿيو ۽ رٽائرمينٽ تائين پنهنجو فرض نڀايو.
عبدالغفار
تبسم صاحب جي شخصيت ڪيترين ئي صلاحيتن جو مجموعو آهي. شاعري، اداڪاري، ميزباني،
سماجي خدمتون ۽ اعليٰ علمي قابليت سندس زندگيءَ جا روشن باب آهن. سنڌي ادب ۾ سندس
خدمتون سدائين ياد رکڻ جوڳيون رهنديون.
عبدالغفار
تبسم جي شاعري سنڌي ثقافت، درد، محبت، ۽ سماجي حقيقتن جي نمائندگي ڪندي آهي. سندس
شاعري نه رڳو داخلي جذباتن جو اظهار آهي، پر اهو سماجي ارتقا ۽ گڏيل شعور جي عڪاسي
به آهي. سندس لفظن ۾ اها توانائي آهي، جيڪا دلين کي ڇهي ٿي، ۽ ذهنن کي جاڳائي ٿي.
سندس
شخصيت ۾ وقار، عاجزي، ۽ انسانيت جي خوشبو آهي، جيڪا سندس لکڻين ۾ نمايان آهي. تبسم
نه رڳو شاعر آهي، پر هڪ اديب ۽ مفڪر به آهي، جيڪو پنهنجي سماج جي مسئلن کي شعوري
انداز ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ قلم کڻي بيٺو آهي.
تبسم
جو ادبي سفر مختلف صفن تي مشتمل رهيو آهي، پر سندس شاعري خاص طور تي منفرد حيثيت
رکي ٿي. هو جذبات، قدرتي مناظرن ۽ سنڌي ثقافت کي پنهنجي لفظن ۾ اهڙي انداز سان پيش
ڪندو آهي، جو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي هر لفظ پنهنجي دل جي ويجهو محسوس ٿيندو هجي.
عبدالغفار
تبسم جي شاعري جا موضوع گهڻ رخي آهن:
سنڌ جي
دريائن، ريگستانن، ۽ ماڻهن جي جدوجهد کي پنهنجي شاعري ۾ يادگار بڻايل آهي.
محبت
جي احساس کي سندس شاعريءَ ۾ اهميت حاصل آهي، جتي انساني عظمت ۽ جذبات جو وقار
برقرار رهيوآهي.
تبسم
پنهنجي لفظن وسيلي سماج جي دردن ۽ مسئلن کي بيان ڪيو آهي، جيڪي هر سنڌي جي دل جي ڳالهه
لڳن ٿا.
سندس
شاعريءَ ۾ سنڌ جي وڻن، گلن، ۽ فطرت جو عشق جاڳندو نظر اچي ٿو.
عبدالغفار
تبسم جي شاعري ۾ نه رڳو جذباتي حلاوت آهي، پر فڪري گهرائي به آهي. سندس لکڻيون سنڌي
ادب لاءِ هڪ سرمايو آهن، جيڪي نه رڳو پڙهڻ وارن کي متاثر ڪن ٿيون، پر ادب جي طالب
علمن لاءِ تحقيق جو اهم ذريعو پڻ آهن. تبسم جي شاعري پڙهڻ سان اهو محسوس ٿئي ٿو ته
هو لفظن وسيلي پنهنجي دور جي سماجي، سياسي، ۽ ثقافتي حالتن کي قلمبند ڪري رهيو هو.
عبدالغفار
تبسم سنڌي ادب جي ان اُفق تي هڪ اهڙو تارو آهي، جنهن جي روشني سدائين سنڌ جي دلين
۽ ذهنن کي روشن ڪندي رهندي. سندس شاعري نه رڳو پڙهندڙن لاءِ خوشي ۽ جذبات جو ذريعو
آهي، پر اها هڪ اهڙي فڪري ورثي جي نمائندگي به ڪري ٿي، جنهن تي سنڌي ادب کي هميشه
فخر رهندو. عبدالغفار تبسم، بيشڪ، سنڌ جو هڪ وڏو شاعر ۽ اديب آهي، جنهن جا لفظ
هميشه جيئرا رهندا.
تبسم
عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو مطلب آهي "مرڪ" يا "هلڪي مرڪ".
هي خوشي، محبت، سکون يا شائستگيءَ جو اظهار ڪري ٿو. تبسم هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو نه
صرف دل کي خوش ڪري ٿو پر ٻين لاءِ پڻ محبت ۽ ويجهڙائيءَ جو سبب بڻجي ٿو.
تبسم هڪ
اهڙي خوبصورتي آهي، جيڪا ماڻهن جا دل ڳنڍي ٿي ۽ سماجي ماحول کي خوشگوار بڻائي ٿي.
هي نه صرف اندروني سڪون جو ڪارڻ آهي پر ٻين لاءِ پڻ خوشيءَ جو ذريعو آهي.
تبسم
نئون ديرو جو هڪ نامور شاعر ۽ ادبي شخصيت آهي، جنهن جي شاعري سندس دور جي فڪر ۽
جذبات جي عڪاسي ڪري ٿي. سندس شاعري جو انداز منفرد ۽ سليس آهي، جيڪو عام ماڻهو جي
دلين تائين پهچڻ جي صلاحيت رکي ٿو. تبسم پنهنجي ڪلام ۾ نه صرف عشق ۽ محبت جا رنگ
آندا آهن، پر سماجي مسئلن ۽ انساني قدرن کي به تمام گهڻي اهميت ڏني آهي.
عبدالغفار
تبسم جو جنم ادبي ماحول ۾ ٿيو، جيڪو سنڌ جي ثقافت ۽ ادب جي لحاظ کان سدائين زرخيز
رهيو آهي. ننڍپڻ کان ئي شاعري سان شوق هجڻ ڪري، هن شاعري جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ کي
مڃايو. سندس ڪلام ۾ سنڌ جي مٽي جي خوشبو ۽ مقامي ماڻهن جي امنگن جو اظهار ملي ٿو.
عبدالغفار
تبسم جا موضوع وسيع آهن. هو عشق، محبت، سماجي ناانصافي، قوم پرستي، ۽ انساني قدرن
تي شاعري ڪندو آهي. سندس شعرن ۾ سنڌي ٻولي جي حسن، ثقافت ۽ ورثي کي نمايان طور پيش
ڪيو ويو آهي. هو پنهنجي ڪلام ذريعي نه صرف خوشين، پر ماڻهن جي ڏک ۽ سورن کي به
بيان ڪري ٿو.
عبدالغفار
تبسم جا شايع ٿيل ڪتاب ، ادبي حلقن ۾ تمام گهڻو پسند ڪيا ويندا آهن. هو ادبي محفلن
۾ پڻ هڪ نمايان حيثيت رکي ٿو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو رهيو
آهي.
سندس
شاعري نه صرف سنڌ ۾، پر ٻاهرين ملڪن ۾ به پڙهي ۽ پسند ڪئي ويندي آهي.
عبدالغفار
تبسم سنڌ جي ادبي دنيا ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. سندس شاعري نسلن لاءِ مشعلِ راهه
آهي ۽ ادب جي دنيا ۾ هڪ قيمتي ورثو آهي. هن پنهنجي لفظن ذريعي سنڌ جي ماڻهن ۽
ثقافت کي جنهن انداز سان پيش ڪيو آهي، اهو تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو.
No comments:
راءِ ڏيندا