عبدالغفار ڀٽي تبسم
جڏهن ڄام پنهون ڄائو
ابراهيم لاشاري
سهڻي
ستابي سنڌ منجهه شاعرن جي ڪا ڪمي ناهي ۲۰ نومبر اڱاري ڏينهن ۱۹۵۱ع ڌاري
اڄ کان ڇاھٺ سال اڳ وادي مهراڻ جي سياسي، سماجي، ثقافتي، ادبي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ
ميرپور ڀٽو جي نيڪ مرد محترم قادربخش ڀٽي جي گهر هڪ ذهين، نماڻي ۽ حساس طبعت جي ٻار
عبدالغفار ڀٽي (تبسم) روئڻ بدران مرڪندي، مرڪندي پنهنجي مٺڙي امڙ جي گود ۾ جنم
ورتو ته سندس جو گهر خوشين سان معطر بڻجي ويو، والدين کي اها پروڙ نه هئي ته اڳتي
هلي اسان جو مرڪندڙ اکين جو ٺار پٽ شاعر بڻجي پنهنجو پنهنجي والدين جو نالو (تبسم عبدالغفار) سان ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرائيندو، جڏهن هي ذهين ٻار درس ۽ تدريس حاصل ڪرڻ جي عمر لائق بڻيو ته کيس نصابي
تعليم پرائڻ واسطي نئين ديري اسڪول منجهه داخل ڪرايو ويو، ڪجهه عرصو ان اسڪول
منجهان پڙهي پوءِ ڳڙهي ياسين منجهان پرائمري جي تعليم پرايائين تعليم جي سلسلي کي
اڳتي وڌائيندي سال ۱۹۶۶ع ڌاري
مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول نئو ن ديرو منجهان پاس ڪيائين تنهن بعد عبدالغفار تبسم
گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي آرٽس ايند ڪامرس ڪاليجن مان سال ۱۹۷۲ع ۾ سند حاصل ڪئي.