; سنڌي شخصيتون: محمد ابراهيم جويو -۱

18 November, 2017

محمد ابراهيم جويو -۱

محمد ابراهيم جويو
ٻن صدين جي تاريخ جي پڄاڻي، عظيم مفڪر ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو وڇڙي ويو، سنڌ سوڳوار
حيدرآباد (رپورٽ: غلام حسين خاصخيلي ۽ پون ڪمار)
سنڌي ٻولي جو ناميارو اديب، دانشور، ڏاهو محمد ابراهيم جويو ساهه جي تڪليف سبب حيدرآباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه صحافي ڪالوني ۾ ۱۰۲ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويو جي لاڏاڻي جي خبر تي سڄي سنڌ ۾ سوڳ واري لهر ڇائنجي وئي. سنڌ جي اديبن، دانشورن سميت سياسي سماجي حلقن ۾ ڏک واري لهر ڇانيل آهي. محمد ابراهيم جويو کي پنهنجي رهائشگاهه صحافي ڪالوني ۾ ساهه جي تڪليف سبب سندس ساهه جو سڳو ٽٽڻ سبب سنڌ واسين کان هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو، سندس وڇوڙي تي سنڌي ادبي سنگت، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، جسقم سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن طرفان محمد ابراهيم جويو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. محمد ابراهيم جويو جي لاڏاڻي جي خبر پهچڻ تي سنڌ بارڪائونسل جي سڏ تي ڪراچي کان ڪشمور تائين سوڳ ملهائيندي عدالتن مان ڪيسن جون صرف تاريخون ورتيون ويون. محمد ابراهيم جويو جي لاڏاڻي جي خبر ملڻ تي سندس مٽن مائٽن سان گڏوگڏ سوين اديب، دانشور، شاعر، سياستدان سندس حيدرآباد واري رهائشگاهه تي پهتا. مرحوم محمد ابراهيم جويو کي چار پٽن جو اولاد ۽ ٻن نياڻي جو اولاد آهي. جنهن مان هڪ نياڻي جيڪا وفات ڪري چڪي آهي. مرحوم محمد ابراهيم جويو جي جنازي نماز حيدرآباد صحافي ڪالوني ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ سياسي، سماجي، ادبي حلقن سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. مرحوم محمد ابراهيم جويو جو مڙهه کي ڄامشورو علامه آءِ آءِ قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو  مرحوم محمد ابراهيم جويو جو تڏو صحافي ڪالوني حيدرآباد ۾ سندس رهائشگاهه تي وڇايو ويو آهي. سندس پٽن منور علي جويو، مظفر علي جويو، نياڻي ظفر الله ميمڻ، ڏوهٽي محسن جويو سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. تڏي تي عوامي تحريڪ جو سربراهه رسول بخش پليجو، شاعره مهتاب محبوب ۽ ٻيا تڏي تي پهتا. نامياري اديب، دانشور محمد ابراهيم جويو جي فرزند منور علي جويو چيو ته اسان جي والد سياست ۽ ادب جي ميدان ۾ تمام وڏي خدمت ڪئي. هن سياست ۽ ادب جي لاءِ ماڊل رول وارو ڪردار ڪيو. اسان سان سندس رويو رهبر جهڙو هيو. بابا اسان جي تمام بهترين پرورش ڪئي. سندس فرزند مظفر علي جويو چيو ته بابا هاريءَ جو پٽ هيو، پنهنجي محنت ۽ جدوجهد سان وڏو نالو پيدا ڪيائين. اسان کي گهرجي ته محنت ۽ جدوجهد سان اڳتي وڌون بابا سنڌ جي حقن ۽ ادب جي لاءِ جيڪا جاکوڙ ڪئي اها تاريخ ۾ سونهري لفظن سان ياد رکي ويندي. ابراهيم جويو جي ڏوهٽي محسن جويو چيو ته ابراهيم جويو اسان جي تمام وڏي تربيت ڪئي. ادب جي ميدان ۾ سندس خدمتون هميشه ياد رهنديون. سندس وڇوڙي سان اسان کي دلي صدمو پهتو آهي. ابراهيم جويو جي نياڻي ظفر الله ميمڻ چيو ته محمد ابراهيم جويو منهنجي عزت پٽ وانگي ڪندو هو. سندس وڇوڙي سان دلي صدمو پهتو آهي، سندس يادون ۽ خدمتون اسان کي هميشه ياد رهنديون.  سنڌي ٻولي جي نامياري اديب، دانشور، ڏاهي محمد ابراهيم جويو جي زندگيءَ جو پروفائل هن ريت آهي. محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول، سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي. ايم. سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو محمد ابراهيم جويو سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. محمد ابراهيم جويو ۱۹۳۸ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ مقرر ڪيو ويو.


محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي ايم سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم اين راءِ جيRadical Democratic Party هُن ايم اين راءِ جي ڪتابHistorical Role of Islam  جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ محمد ابراهيم جويو سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. محمد ابراهيم جويو جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئِن موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران محمد ابراهيم جويو (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. جولاءِ ۱۹۶۷ع ۾ محمد ابراهيم جويو هڪ مضمون لکي ’سليم احمد‘ جي فرضي نالي سان ڇپايو، جنهن جو عنوان هو: ’اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو‘. جنهن تان ناراض ٿي سرڪار کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ماستر طور بدلي ڪري ڇڏيو. اها سرڪاري ناراضگي پوءِ به ٿڌي نه ٿي ۽ کيس ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال ڪري موڪليو ويو، جتي لڳ ڀڳ ٻه سال کن رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترا ئي نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ناميارو اديب دانشور محمد ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو آخري گهڙي تائين به سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. نامياري اديب، دانشور محمد ابراهيم جويو ۱۹۷۳ع ۾ ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهيو. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي پڻ رهيو. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج ميمڻ ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. محمد ابراهيم جويو ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو رهيو ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو. نامياري اديب محمد ابراهيم جويو کي ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ اچڻ کانپوءِ کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان ميمبر رهيو. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ رهيو. محمد ابراهيم جويو سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي ۲۲ جامع جُلدن جي سربراهي پڻ محمد ابراهيم  جويو کي ڏني وئي هئي، جنهن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري تاج جويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ (۱۹۶۴ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ محمد ابراهيم جويو سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا آهن ۽ سنڌ ۾ ”مهاڳ نويسيءَ“ جي فن جو استاد ليکيو وڃي ٿو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.  نامياري اديب محمد ابراهيم جويي جي ڇپيل طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن مان ڪجهه اهم ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي. :  (۱). اسلام جو تاريخي ڪارنامو: ايم. اين. راءِ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۴۵ع)، (۲). Save Sindh, Save the Continent (1945)، (۳). ايميلي عرف تعليم: جي. جي روسي جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۶۹ع)، (۴). ٻارن جي تعليم: پليو ٽارچ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۷۲ع)، (۵). وحشي جيوت جا نِشان ‘:هاوَرڊ موئر جي ڪتابSavage Survivals  جو ترجمو، (۱۹۷۶ع)، (۶). سنڌي زبان جي بنيادي لغت: (وڌايل بنيادي لغت ۽ ڪاروباري بنيادي لغت)، (ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل: ۱۹۷۶ع)، (۷). ’فِڪر جي آزادي‘:اسٽيفن زويگ جي ڪتاب ‘The Right to Heresy’ جو ترجمو، (جون ۱۹۷۷ع)، (۸). ’گليلو ‘:برنالٽ بريخت جي ڊرامي ‘Life of Gallileo’ جو ترجمو (۱۹۷۷ع)، (۹). ’شاهه- سچل- سامي ‘:(۱۶۸۹-۱۸۵۰- هڪ مطالعو) (۱۹۷۸ع)، (۱۰). ’ٻارن جو مسيح ‘:اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s Life of Christ’ جو ترجمو (۱۹۸۰ع)، (۱۱). ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ ‘:(ناٽڪ، لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره) (۱۹۸۰ع)، (۱۲). ’عورتازاد‘ (عورتن جي تحريڪ آزادي ):ترتيب ۽ ترجمو(۱۹۸۳ع)، (۱۳). ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس ‘:جارج پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۸۴ع)، (۱۴). ’علم تدريس مظلومن لاءِ ‘:پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy of the Oppressed’ جو ترجمو ۹۸۴ع)، (۱۵). ’مهڪريءَ جا مضمون ‘:(ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ) (۱۹۸۳ع)، (۱۶). ’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم ‘:(ترتيب)، (۱۹۸۵ع)، (۱۷). ’فرينچ انقلاب ‘:ايميل ايرڪمن اليگزانڊر چيتريان جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۹۰ع)، (۱۸). ’مُٺِ مُٺ موتين جي ‘:(هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ)، (۱۹۹۲ع)، (۱۹). ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (پهريون جلد ):مضمون ۽ ترجما (۱۹۹۵ع)، (۲۰). ’ادب- ٻولي- تعليم ‘:(هُوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، جلد ٻيو) (۱۹۹۸ع)، (۲۱). خط ٻن اديبن جا ‘:(عبدالقادر جوڻيجي ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۱۹۹۹ع)، (۲۲). ’ڳالهيون ڪتابن جون‘، ڀاڱو پهريون(۲۰۰۲ع)، (۲۳). ’خط ٻن اُستادن جا ‘:(محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا) (۲۰۰۳ع)، (۲۴). ڳالهيون ڪتابن جون‘ (ڀاڱو ٻيو) (۲۰۰۳ع)، (۲۵). خط دوستن جا (جلد پهريون: پيار، نبارُ، اٿاههُ (ابن حيات پنهور ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۲۰۰۸ع)، (۲۶). Sindh Betrayed: Her Right to Redemption; Essays and Articles, Letters (1942-2003), (2006). ان کان سواءِ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن، ڪريڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاهه لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽ پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس. جن جي ذريعي هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي آهي. محمد ابراهيم جويو کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. حيدرآباد جي صحافين لالارحمان سمون، خالد کوکر، اقبال ملاح، جئه پرڪاش موراڻي، غلام حسين خاصخيلي، خالد چانڊيو، سيد ارشد شاهه، حميد ابڙو، حيات علي شاهه بخاري، مدثر نظر بلوچ، جاني خاصخيلي، مختيار وڪو، پون ڪمار، اعجاز لغاري، اڪبر درس، پرويز ڪليار، ظفر هڪڙو، نواب حميد آرائين، شاهد جوکيو ۽ ٻين سنڌي ٻولي جي نامياري اديب محمد ابراهيم جويو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي پوئينرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروڊيوسرن روشن علي ڪلهوڙو ۽ ٻين ابراهيم جويو جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

ڏيھاڙي عبرت، حيدرآباد، تاريخ ڏھين نومبر ۲۰۱۷ع تي.



محمد ابراهيم جويو ۽ سنڌ
عبدالخالق جوڻيجو
ويهين صدي جي سنڌ جي وڏن ماڻهن جي لسٽ ٺاهبي ته مٿين نمبرن ۾ هڪڙو نالو محمد ابراهيم جويي جو هوندو، جيتوڻيڪ هو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هئو پر سڀ کان اهم ۽ مکيه شعبو جنهن ۾ جويي صاحب سنڌ ۽ سنڌي قوم  جي خدمت ڪئي سو قلم ۽ ڪتاب وارو هئو، هن ڪافي ڪتاب لکيا ۽ ان کان وڌيڪ ترجمو ڪيا، جيڪي سڀئي سنڌي ٻوليءَ جي علم ۽ ادب جي خزاني ۾ بي بها اضافو آهن، پر جيڪڏهن انهن مان چند ڪتابن جي چونڊ ڪبي ته انهن ۾ ”فڪر جي آزادي“ جو نالو نمايان هوندو، اهو ڪتاب يورپ ۾ ” اونداهين دور“ کان پوءِ سجاڳي ۽ روشن خيالي جي تحريڪ جو اهم دستاويز آهي ۽ مون کي ايئن چوڻ  ۾ ڪا به هٻڪ ڪا نه ٿي ٿئي ته ان ڪتاب جو مترجم سنڌ ۾ سجاڳي ۽ روشن خيالي واري تحريڪ جو هڪ اهم ڪردار آهي.
اها هڪ عالمي طور مڃيل حقيقت آهي ته سنڌ انهن خطن مان هڪ آهي، جتان انساني تهذيب جا پهريان ڪرڻا هن ڌرتيءَ تي پيا، پر ان حقيقت کان اڳرو آهي جتان رياستي جوڙجڪ، ادب، سماجيات، تاريخ ۽ سائنس بابت جديد کان جديد علم جا ذّخيرا دنيا ۾ ڦهلبا رهيا آهن، قديم کي جديد سان ملائڻ ۽ هم آهنگ ڪرڻ ئي قومي تعمير ۽ ترقيءَ جو هنر آهي، ان بنياد تي جديد سنڌ جي قومي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ مکيا ڪردار ادا ڪندر حشو ڪيولراماڻي، الله بخش سومري، جي ايم سيد ۽ حيدربخش جتوئيءَ جي قطار ۾ محمد ابراهيم جويي جو نالو به لکي سگهجي ٿو. ايئن چئجي ته اهي جديد سنڌ جا معمار آهن، ذڪر ڪيل نالن مان ٻين کان اڻ سڌي طرح جڏهن ته جي ايم سيد کان جويو صاحب سڌي طرح نظر اچي ٿو. نصابي تعليم ۾ اسڪول جي عمر دوران سن ۾ سائين جي ايم سيد سندس مدد ڪئي جڏهن ته غير نصابي تعليم جي ميدان ۾ هن ڪراچيءَ ۾ ڪاليج جي ڏينهن ۾ حيدر منزل تان سبق حاصل ڪيو.
هڪ سٺي ۽ اعليٰ انسان جي سڃاڻپ اها هوندي آهي ته هو جيترو حاصل ڪري ٿو، اوترو ڏيئي به ڇاڪاڻ ته اسان جيڪي ڪجهه آهيو، جيڪي ڪجهه بڻجون ٿا ۽ علم، عقل، ڄاڻ، تعليم، صحت، روزگار ۽ گهر وغيره جي حوالي سان جيڪي ڪجهه حاصل ڪريون ٿا ان ۾ رڳو اسان جي ذات جو ڪمال ڪونهي، اسان جي آسپاس ، ماحول، قريبي ۽ ڏورانهن انسانن، ڄاتل ۽ اڻڄاتل ماڻهن ۽ سڄي انسان ذات جي جاکوڙ، قربانين ۽ ڏاهپ  جو ان ۾ حصو ۽ اثر آهي. ابراهيم جويي صاحب جيترو حاصل ڪيو، اهو ” وياج“ سميت واپس ڪيو.  جيڪي ڪجهه مليس، ان کي ڇنڊي ڦوڪي، گهڙ گهنت ڪري، وڌيڪ سهڻو ۽ آسان بڻائي پنهنجي ۽ ايندڙ نسلن تائين پهچايائين، هو رسمي توڙي غير رسمي تعليم جو بهترين استاد هئو ۽ هن لڳ ڀڳ ٽن  نسلن کي مستفيض ڪيو. ايئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته گذريل اڌ صديءَ  دوران جوان ٿيندڙ سنڌ جي نسلن کي سائين جي ايم سيد کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ جنهن شخص جي لکڻين متاثر ڪيو اهو محترم ابراهيم جويو هئو.
جويي صاحب جي بي شمار ۽ بيش قيمت لکڻين ۽ علمي جاکوڙ جو جيڪڏهن مختصر لفظن ۾ پر وسيع  تناظر ۾، احاطو ڪجي ته اهو هڪ ٽڪنڊي جو صورت ۾ سامهون اچي ٿو: سيڪيولرزم، نيشنلزم، سوشلزم، انهن ٽنهي مان وري ڏسجي ته سيڪيولرزم سندس اولين ترجيح رهيو، هونئن به ان ٽڪنڊي ۾ سيڪيولرزم بنيادي ليڪBase line  واري حيثيت رکي ٿو. سيڪيولرزم کانسواءِ سوشلزم  ياجدي نيشنلزم جو تصور ممڪن ناهي، جويي صاحب نه رڳو علمي طور سيڪيولرزم لاءِ جاکوڙ ڪئي پر عملي طور به سندس زندگي ان ڏس ۾ هڪ مثالي نمونو هئي.  هونئن ته هر انسان ۾ ڪا نه ڪا ڪوتاهي ڪمزوري هوندي آهي ۽ زندگيءَ ۾ ڪٿي نه ڪٿي غلطي ڪندو آهي. جويو صاحب به هڪ انسان هئو پر ۱۰۰ سالن جي سندس زندگي جيڪا مون پڙهي ۽ ٻڌي ۽ اٽڪل ۳۵ سال جيڪو مون کيس ويجهڙائيءَ کان ڏوٺو ته هن هميشه سيڪيولرزم جي وڪالت ڪئي.
سنڌ جي نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت ۾ جتي جويي صاحب جي تحرير ۽ تقرير جو ڪردار هئو، اتي سندس عملي زندگي به هڪ مثال هئي، هن پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ هڪ ترتيب، هڪ ٽائيم ٽيبل ۽ هڪ ڊسيپلين جو تعين ڪيو هئو ۽ پوءِ ان تي پابنديءَ سان عمل ڪندو هئو. ان ڪري ئي هو ايترا گهڻا ڪم ايتري سٺي نموني ڪري سگهيو. ڪهڙي ڪم کي ڪڏهن ۽ ڪيترو ٽائيم ڏجي ۽ ڪهڙن معاملن کي ڪيتري اهيمت ڏجي، ان بابت سندس سوچ واضح هوندي هئي ۽ گهڻو  تڻو ان تي  عمل ڪندو هئو. مان ذاتي طور به جتي سندس سيڪيولر، سوشلسٽ ۽ نيشنلسٽ خيالن کان متاثر هئس ۽ انهن آدرشن لاءِ ڪيل سندس علمي پورهئي  مان مستفيض  ٿيس، اتي سندس ترتيب ۽ ڊسيپلين واري زندگي به مون کي ساڻس قريب ڪرڻ جو سبب هئي، اهي خاصيتون ڪجهه منهنجي زندگيءَ ۾ اڳ ۾ ئي هيون جيڪي به شايد مون کي جويي صاحب ڏانهن ڇڪڻ جو هڪڙو سبب هيون ۽ وري ساڻن ويجهو ٿيڻ سان اڃا به وڌيڪ سکي سگهيس.
زندگيءَ ۾ جويي صاحب جهڙي ماڻهوءَ سان ويجهڙائپ حاصل ٿيڻ تي مان پاڻ کي خوشقسمت ٿو سمجهان، هڪ ته سندس لکڻين ذريعي  سنڌ جي سوين هزارين نوجوانن  وانگر مان به جويي صاحب کي استاد سمجهندو هئس، ٻي وڏي وٿ اسان جي وچ ۾ سائين جي ايم سيد جي شخصيت هئي، جويو صاحب ته ننڍ پڻ کان وٺي آخري گهڙين تائين سائين جي انتهائي قريبي ماڻهن ۾ شامل رهيو. مون کي  به اٽڪل ۲۳ سال سائين جي صحبت جو اعزاز حاصل رهيو . ان عرصي دوران جويي صاحب سان ملاقاتون، ڪچهريون، رهنمائي، بحث مباحثا ۽ اختلاف پيدا ٿيندا رهيا. ٽيون مشترڪ عنصر محترم نور الدين سرڪي هئو، جيڪو جويي صاحب جو ذاتي ۽ خانداني دوست ۽ منهنجو استاد هئو. ( نه رڳو وڪالت ۾ پر سياست ۽ علم ادب ۾ پڻ ) جڏهن به ڪراچيءَ ايندو هئو ته جويو صاحب سرڪي صاحب وٽ ضرور ايندو هئو ۽ مان انهن ٻنهي عاليشان شخصيتن جي ڪچهري مان ڀرپور فائدو ۽ مزو  وٺندو هئس.
۱۰۲ منجهان ۹۰ سال جويي صاحب مڪمل صحتمند ۽نهايت متحرڪ زندگي گذاري، ان جو راز معلوم ڪرڻ  تي هڪ دفعي ٻڌايائين ته ان جا ٻه مکيه سبب آهن، هڪڙو ڪتاب پڙهڻ ۽ ٻيو پنڌ ڪرڻ، وڌيڪ چڌيائين ته ”مان هڪڙو ڪتاب پڙهندو آهيان ته منهنجي عمر هڪ هفتو وڌي ويندي آهي“ اهي ٻئي ڳالهيون مون پنهنجي اکين سان ڏٺيون، ڪراچيءَ ۾ پاڻ پنهنجي فرزند انجنيئر محبوب جويي جي گهر جناح اسپتال ڀرسان ٽيليفون ڪالونيءَ ۾ رهندو هئو، جيڪو سرڪي صاحب جي صدر واري آفيس کان اٽڪل چار ڪلو ميٽر پري هئو. سموريون سهوليتون هئڻ جي باوجود اتان اڪثر ڪري پنڌ ايندو هئو، اهو پاڻ ٻڌايائين ته حيدرآباد ۾ جيل وٽ پنهنجي گهر کان وٺي گاڏي کاتي تائين پنڌ ويندو هئو، هڪ دفعي سرڪي صاحب جي آفيس ۾ مون کيس پنهنجو ڪتاب ”جي ايم سيد: فڪر، جدوجهد ۽ ڪردار“ ڏنو، ٻئي ڏينهن آيو ته ڪتاب تي تبصرو ڪرڻ لڳو، مون پڇيس ته ”سائين ڪتاب پڙهيو ڇا؟“ وراڻيائين ته ”رات ڪتاب پورو ڪري پوءِ ستس“ ياد رهي ته اهو ڪتاب اٽڪل پوڻا ٻه سئو صفحن جو آهي، جويي صاحب جي صحت، همٿ، خود اعتمادي ۽ زندگيءَ سان پيار جو اظهار ان مان به ٿئي ٿو ته ۹۰ سالن کان مٿي جي عمر ۾ دل جو باءِ پاس آپريشن ڪرايائين، جنهن لاءِ ڊاڪٽرن جو چوڻ  هئو ته مثبت نتيجو اچڻ جا امڪان بلڪل ٿورا هئا.
جيتوڻيڪ جويي صاحب جي جاکوڙ جو مکيا شعبو علم، ادب ۽ تعليم هئو پر سياسي ۽ رياستي معاملن ۾ به سندس ڀرپور دلچسپي هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته بطور هڪ عالم ۽ هڪ دانشور کيس ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئي ته سياست سماج جي ٻين سمورن شعبن تي اثر انداز ٿيندي آهي ۽ هن اهو به چڱي طرح ڄاتو ٿي ته سندس محبوب سنڌ وطن جو مستقبل رياستي جوڙجڪ تي دارو مدار رکي ٿو، ان ڏس ۾ سندس مشهور مقالو سنڌ بچايو، کنڊ بچايوsave sindh, save the continent  ته هڪ تاريخي دستاويز آهي پر ان کان علاوه به سنڌ ۽ سنڌي قوم جي تاريخي ۽ تهذيبي مقام، قومي بقا ۽ نجات، آزاد، خودمختيار ۽ خوشحال مستقبل سان  لاڳاپيل معاملن ۾ پنهنجو حصو ۽ ڪردار ادا ڪندو رهندو هئو، پاڪستاني رياست جي قيام ۽ جوڙجڪ جي حوالي سان  ۽ ان ۾ سنڌ جي حيثيت  جي لحاظ کان ۱۹۴۰ع وارو لاهور ٺهراءَ اڪثر بحث هيٺ ايندو رهندو آهي. پاڪستان جا حڪمران، ساڄي ڌر جا سانشور ۽ صحافي، تعليمدان ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ سان واڳيل ماڻهو (سياستدان توڙي ليکڪ) ڄاڻيندي يا اڻڄاڻائيءَ ۾ پنهنجي پنهنجي مطلب ۽ مفاد مطابق ان جي تشريح ڪندا  رهندا هئا. جويي صاحب وقت به وقت پنهنجي تحريرن توڙي تقريرن ذريعي لاهور ٺهراءَ جي تاريخي ۽ سياسي تناظر ۾، ان جي اکرن ۽ روحletter and spirit  مطابق صحيح تشريح ڪندو رهندو هئو. هڪ دفعي سنڌ جي هڪڙي قومپرست پارٽيءَ سائين  جي ايم سيد جي سالگرهه جي حوالي سان حيدرآباد ۾ ۱۹۴۰ع واري ٺهراءَ تي سيمينار ڪرايو. ان جماعت جي ليڊر چيو ته ”۱۹۴۰ واري ٺهراءَ جو مقصد صوبن کي وڌ ۾ وڌ خودمختياري ڏيڻ هئو“ جويي صاحب چيو ته ”لاهور ٺهراءَ جو مقصد قومي وحدتن جي آزاد ۽ خود مختيارsovereign and autonomous حيثيت هئو.
سنڌ جي قومي تحريڪ کي وسيع پليٽ فارم مهيا ڪرڻ ۽ مخصوصspecific  مطالبن جي صورت ڏيڻ لاءِ ٻه دفعا سنڌ قومي اتحاد ٺهيو، هڪڙو ۱۹۸۸ع ۾ سائين جي ايم سيد جي رهبريءَ ۾ ايس اين ايSNA  جي مخفف سان ۽ ٻيو ۲۰۰۶ع ۾ ممتاز علي ڀٽي جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ڪيو آءِSQI  جي مخفف سان، ٻنهي جي ٺهڻ واري عمل ۾ محترم ابراهيم جويي اهم ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي حوالي سان ڪافي عرصي تائين سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد ۽ جناب رسول بخش  پليجي  جي قيادت ۾ سياست جا ٻه مختلف ڌارا رهيا. اها جويي صاحب جي نيڪ نيتي ۽ سنڌ جي ڪاز سان سڃاڻي هئي، جو هن ٻنهي سان تعلق رکڻ وارو مشڪل ڪم ڪيو.
ون يونٽ جي ٺهڻ سان سنڌ جي قومي تشخص جي بحاليءَ جي نعري سان قومي تحريڪ جو جيڪو مرحلو شروع ٿيو، ان ۾ خاص ڪري ۶۰ ۽ ۷۰ وارا ڏهاڪا يادگار ۽ مثالي قرار ڏنا وڃن ٿا. ان عرصي جي خصوصيت اها هئي ته هڪ طرف سنڌ جي سياست، محبت وطن ۽ سنڌ دشمن قوتن ۾ واضح طور ورهايل هئي ته ٻئي پاسي ادب جي ميدان ۾ به ترقي پسند ۽ رجعت  پسند جي ليڪ چٽي طرح نڪتل هئي، محمد ابراهيم جويي جو شمار ترقي سپند لڏي جي اڳواڻن ۾ ٿيندو هئو.
هتي هڪ ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ مان لازمي ٿو سمجهان، سن ۲۰۱۵ع کي جويي صاحب جي جنم  جي حوالي سان سئو سالا تقريبن جو سال ڪري ملهايو ويو، اديبن، ليکڪن، استادن، حاضر ۽ رٽائرڊ ڪامورن تي مشتمل وڏيون ڪميٽون ٺاهيون ويون ۽ سرڪاري ادارن جي مدد سان ڪروڙين رپين جون بجيٽون استعمال ڪندي ڪيترا ئي جلسا ۽ سيمينار ڪرايا ويا ۽ ڪتاب ڇپرايا ويا، جويي صاحب جي  ذاتي تعريف ۾ وڏيون تقريرون ڪيون ويون ۽ کيس بيشمار لقب ڏنا ويا پر افسوس  ته انهن ٽن نقطن جو ڪٿي به ذڪر ڪو نه هئو، جن جي چوڌاري جويي صاحب جي سڄي جاکوڙ ڦري پئي ۽ جيڪي سندس علم ۽ شعور جا مرڪزي نقطا هئا يعني، سيڪيولرزم، سوشلزم ۽ نيشنلزم.
مان محمد ابراهيم جويي کي زندگيءَ جا سبق ڏيندڙ ۽ سنڌ، سنڌيت ۽ انسانيت جا سبق ڏيندڙ استادن منجهان هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ سلام پيش ڪندي خدا حافظ چوان ٿو.



محمد ابراهيم جويو کي حقيقي خراج ڪيئن پيش ڪجي؟
نسيم بخاري
اڄ رڳو سنڌ ۽ ان جي ساڃاهه وند انسانن جون اکيون ئي آليون نه آهن پر دنيا جي هر ديس ۾ علم، ادب، تاريخ، تحقيق، فلسفي، ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب سان تعلق رکندڙ هر ماڻهوءَ جي اک آلي آهي، ڇو ته ۱۰۲ بهارون ماڻيندڙ علم ۽ ادب جو استاد محمد ابراهيم جويو هاڻ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي، هو هن فاني دنيا مان ان ديس ڏانهن هليو ويو آهي جتي وڃڻ کانپوءِ ڪوبه واپس نه وريو آهي ۽ نه ئي وري اهو ممڪن به آهي.
محمد ابراهيم جويو سڄي ڄمار جُستجو ۽ جدوجهد جي علامت رهيو هو، جرئت سان جيئندو آيو ۽ شانائتي طريقي سان باوقار حياتي گهاري هو اڻٿڪ محنتن جو رڳو اهڃاڻ ئي نه پر علمبردار به هو. هو سنڌ ۽ هنڌ جو ئي نه پر دنيا جي هر ديس جي دردمند ماڻهوءَ جو حوصلو هو. هو ”ڪين“ مان ڪجهه ڪرڻ وارو ماڻهو هو ۽ ”ڪجهه“ کي وري ڪمال جون انتهائون بخشڻ وارو آرٽ رکندو هو، هو هيڻن لاءِ هماليا هو ۽ مظلوم توڙي محڪوم طبقن لاءِ مسيحا هو. هو اوندهه ۾ اجالو هو، هو رڳو پاڪستان جو ئي سينئر ترين سٽيزن نه هو پر هر سماج جو شهري هو، هن جي دل به دنيا جيتري وشال هئي پر اڃا به ائين چئجي ته سندس دل ۾ انيڪ دنيائون آباد هيون.
هن پنهنجي سماج ۾ رڳو پل پل جو ئي قدر نه ڪيو پر هر ساهه ۽ ان جي رفتار جي حساب سان هن جي حياتي هلندي رهي، اهو ئي سبب آهي ته هو سنڌي سماج لاءِ ته لاڀائتو بڻيو ئي بڻيو پر دنيا جي سمورن سماجن لاءِ به اهو سنيهو ڇڏي ويو ته عظيم انسان پنهنجي ڌرتي ۽ ديس لاءِ ڪيئن ڪارائتا ثابت ٿيندا آهن ۽ اهي پٺتي پيل سماج ۾ ڪردار سازي جي حوالي سان ڪيتري ايمانداري سان ڪم ڪندا آهن.
اڄ سڄي سنڌ ۽ هنڌ ۾ ننڍي کنڊ جي وڏي شاعر شيخ اياز کي ادب جي اُفق جو چنڊ چيو وڃي ٿو پر ان کي اُتساهڻ ۽ اڀارڻ توڙي اڳتي آڻڻ ۾ محمد ابراهيم جويو جو تمام وڏو هٿ ۽ عمل دخل هو، جنهن جو اعتراف ۽ کليل اظهار شيخ اياز ڪيترن ئي صنفن تي تحريرن ۽ تقريرن ۾ ڪري ويو آهي ۽ نه رڳو شيخ اياز پر انيڪ انسان محمد ابراهيم جويو جي محبت ڀري قدرداني ۽ رهبريءَ جو اعتراف ڪن ٿا.
محمد ابراهيم جويو شيخ اياز سميت ڪيترن ئي ليکڪن ۽ شاعرن جي ڪتابن جا مهاڳ لکيا، خود پاڻ ٻه سؤ جي لڳ ڀڳ گهڻ رخن موضوعن تي ڪتاب لکيائون ۽ ترجمو ڪيائون. هن وک وک تي عوام سان لاڳاپيل معاملن تي وڏي ثابت قدمي سان وک وڌائي عوام جي آگاهي ۽ سجاڳي لاءِ وقت بوقت ڪالم لکيا. هن جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”فڪر جي آزادي“ اڄ ڏينهن تائين مون کان وسري نه سگهيو آهي.
خبر ناهي ته ڪيترا سال اڳ مون اهو ڪتاب پڙهيو هو پر اڃا تائين اهو ياد آهي ته جن ڏينهن ۾ مون ان جو مطالعو ڪيو هو تن ڏينهن ۾ جهٽ گهڙي لاءِ ته ساهه سڪتي ۾ اچي ويندو هو ۽ پنهنجا لڱ ڪانڊارجندي محسوس ٿيندا هئا، ان ڪتاب ۾ ظلم، جبر ۽ وحشت کي ڀوڳيندڙ انسانن کي جيڪا ڪيفيت ۽ ڪمزوري چئي وئي آهي سا دنيا جي دماغن کي دنگ ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. مون کان محمد ابراهيم جويي جو ڪتاب ”شاهه، سچل، سامي“ به وسري نه سگهيو آهي ۽ اهو وسرڻ ممڪن به نه آهي.
مون سميت جن به لکين پڙهندڙن محمد ابراهيم جويو جي تحريرن ۽ تقريرن کي پڙهيو ۽ ٻڌو آهي، اهي خود پاڻ انتهائي ايمانداريءَ سان سندس اسيريءَ جو اعتراف ڪري رهيا آهن. اهو اعتراف هڪ احترام جي نتيجي ۾ جنم وٺندو آهي، جيڪو محنتن جي مڃتائن جي اجوري جو طلبگار به هوندو آهي ۽ پرستار پڙهندڙ اها قيمت ان عقيدت جي صورت ۾ ادا ڪندا آهن، جيڪا نه رڳو تاحيات دلين ۾ پلجندي رهندي آهي پر اها جنهن به من ۾ موجود هوندي آهي سو ڏيهن کي ان جا ڏس پتا ڏئي رڳو پنهنجي آگاهيءَ جي احساس کان عيان نه ڪندي آهي پر ان سڌي ريت پنهنجي پنهنجي دور جي دريا دل انسانن جي دليري جا درس به ڏيندي آهي.
عقيدت ۽ محبتن جو رشتو ڏاڍو مضبوط ۽ ڏاڍو گهرو ٿيندو آهي، ڇو ته انهن جذبن جي ذريعي انساني سماج جڙندو آهي، ٽُٽندو ۽ ڀرندو نه آهي.
محمد ابراهيم جويو سنڌي سماج ۾ ذهن سازي ۽ ان جي آبياريءَ ۾ جيڪي سال لڳايا آهن ۽ جيڪو سفر ڪيو آهي، تنهن ۾ پَڪَ سان ان غريبيءَ ۽ غربت جي محرومين جو به وڏو عمل دخل آهي، جنهن جي ابتدا سندس هڪ هاري پيءُ محمد خان جويو جي گهر ۱۲ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي تڏهوڪي دادو ۽ هاڻوڪي ڄامشوري ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ اک پٽڻ سان شروع ٿئي ٿي. هو پرائمري جا چار درجا لڪي مان پڙهي رڳو هٿن جي لڪيرن ۾ قسمت بدلجڻ وارا آثار جاچيندو نه رهيو پر پاڻ سميت پوري قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ وڏي تحرڪ ۾ آيو. هن ۱۹۳۴ع ۾ سنڌ مدرسي مان ميٽرڪ جو امتحان ڏئي پنهنجي ڳوٺ ۽ خاندان وارن لاءِ هڪ اهم اداري جي ڊگري حاصل ڪرڻ واري اعزاز ۽ فخر جو حوالو ته ڇڏيو ئي ڇڏيو هو پر انهن ئي ڏينهن ۾ پنهنجو پاڻ سان اهو وچن به ڪري ڇڏيو هئائين ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جڏهن ادارا هن جي نانءُ سان تعلق جي ڪري سڃاتا ويندا. اهو ئي سبب آهي ته اڄ جڏهن ڊي جي ڪاليج مان سندس ۱۹۳۶ع ۾ گريجوئيشن وارو حوالو اچي ٿو ته اهو لاڳاپيل اداري جي انتظاميا ۽ ان جي واسطيدارن جو به فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏي ٿو.
محمد ابراهيم جويو کي ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ مليل استاد واري نوڪري تان هڪ ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾ هٿ ڌوئڻا پئجي ويا، جنهن جو عنوان هو "Save Sindh. Save the continent" هن علم ۽ ادب جي آبياري لاءِ ٺٽي ميونسپل هاءِ اسڪول جا وڻ وسايا، جتان پوءِ حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج بدلي ٿي آيو ۽ ۱۹۵۱ع ۾ سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ بڻيو. سنڌي ادبي بورڊ سندس سيڪريٽري شپ ۾ نت نين قدرن ۽ مثبت روايتن جا مينار ڏٺا، سندس سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي حوالي سان به جنهن جي تاريخ وڏي واکاڻ وارو واءُ سواءُ سانڍي ٿي.
هن دنيا جي وڏن اديبن جي شاهڪار ڪتابن کان ترجمي وسيلي پنهنجي سماج کي ساڃاهه جي نت نون سوجهرن  کان ته واقف ڪيو ئي ڪيو پر پنهنجين لکڻين ۽ تحقيق ذريعي اهو به ٻڌايو ته سماج ڪيئن سُڌرندا ۽ بدلبا آهن، ڪهڙي ريت انهن کي سنواربو آهي ۽ ان ڏس ۾ هڪ باشعور فرد جي ڪهڙي ذميواري هوندي آهي. هن اهو به سمجهايو ته سستي ۽ ڪاهلي يا نااهلي سماجن کي ڪيئن بگاڙيندي آهي ۽ ان بگاڙ کي پنهنجي توازن ۾ آڻڻ لاءِ ڪهڙين تدبيرن کان ڪم وٺڻو پوندو آهي. حقيقت اها آهي ته سنڌي ادب جي تاريخ جو محمد ابراهيم جويو روشن سج هو، جيڪو پنهنجي تحريرن جي صورت ۾ رهندڙ دنيا تائين تجلا ڏيکاريندو رهندو ۽ ان جي روشني ذريعي سنڌي سماج جهالت سان جهيڙيندو ايندو.
محمد ابراهيم جويو سدائين سنڌي قوم کي اهو سيکاريندو ۽ سمجهائيندو رهيو ته قومي عظمت، قومي غيرت ۽ قومي وقار سان هر ڏاڍ ڏمر ۽ انياءَ سان اکيون اکين ۾ ملائي سربلند ٿي ڪيئن مهاڏو اٽڪائڻو آهي، ڪيئن پاڻ ملهائبو آهي ۽ ڪيئن پاڻ مڃائبو آهي.
هو جيڏو انسان هو ايتري ئي هن ۾ عاجزي هئي. هن پنهنجي وطن ۽ قوم سان جيترو ۽ جهڙو نينهن نڀايو آهي، اوترو ئي پنهنجي ڪم کي نظرانداز ڪيو آهي. سنڌ جي هر ٻرندڙ معاملي تي هن پيريءَ ۾ به پاڻ پتوڙيو. عوام کي سجاڳيءَ ۾ اڳ کان اڳرو رهيو، اخبارن توڙي رسالن ۾ وقتائتا ليک لکي خلق کي گهڻ رخي آگاهي ڏني. هن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ پنهنجو سر ۽ ساهه گهوريو، ٻيو ته ٺهيو پر جڏهن ۲۰۱۸ع ۾ نيشنل بڪ فائونڊيشن پاران کيس وقت جو وڏو ادبي ايوارڊ ڏنو ويو ته هن انعام جا اهي مليل لکين رپيا اديب رضوي جي فلاحي اداري کي ڏئي ڇڏيا ته جيئن عوام جو ڀلو ٿئي مسڪين ۽ لاچار ماڻهن کي سک ۽ سهولتون ملن.
محمد ابراهيم جويو پنهنجي سنڌي ٻولي ۽ سنڌ توڙي سنڌين جي حوالي سان ڏاڍو محتاط، سنجيده ۽ جذباتي هوندو هو. اهو ڪردار ۽ اها ڪيفيت سندس عمر جي آخري پل تائين برقرار رهي.
هن جي هڪڙي ڪتاب جو عنوان ”وحشي جيوت جا نشان“ آهي، اهو عنوان پنهنجي ٽائيٽل ۾ جيڪا نشاندهي نروار ڪري ٿو سا اڄ اڳي کان به وڌيڪ آهي، اها الڳ ڳالهه آهي ته جديد دؤر ۾ بدليل حالتن سبب ان پنهنجا رنگ روپ مٽايا آهن، اڳ ڦرلٽ ۽ استحصال جهڙو ٿيندو هو، هاڻ ان کان به وڌيڪ ڏاڍ ڏمر مختلف انداز سان ٿئي ٿو.
اڳ جيڪڏهن بيگار ڪئمپ ۾ بک اڃ تي واڙي دوا درمل کان پري رکي بيگار ورتي ويندي هئي ته هاڻ ان جي جاءِ تي محدود وسيلا ڏئي ماڻهن جون ٻانهون ۽ هٿ کليل ڇڏي کين لاتعداد مسئلن واري ڪُنَ ۽ ڌٻڻ ۾ ڇڏيو ويو آهي. ظاهري طور تي ته ڪو ڏمر نه آهي پر عملي طور تي اهو اڳ کان به وڌيڪ اثرانداز ٿي رهيو آهي، ڏڪر فقط ڪنهن جنس جي نايابي جو نالو نه آهي پر اهو ان صورت ۾ به پنهنجا پار پتا ڏيندو آهي ته مارڪيٽ ۾ شيون وڪري لاءِ دستياب ته هجن پر انهن کي خريد ڪرڻ لاءِ خلق وٽ ڏوڪڙ نه هجن.
سنڌ ۾ ذهني ۽ روحاني اميري لاءِ محمد ابراهيم جويو جيتري هل چل ڪئي هئي حال اڄ ان کان به ڪيترائي حصا وڌيڪ افسوسناڪ ۽ المياتي ٿي ويا آهن، جنهن تي جيتري ڳڻتي ڪجي سا گهٽ آهي ۽ ان کي افسوس جي اظهار تائين محدود ڪرڻ بدران عملي بنيادن تي نيڪ نيتي سان بدلايو وڃي.
صورتحال مثبت تبديلين طرف وڃڻ گهرجي ۽ تبديليون خودبخود جنم نه وٺنديون آهن، ان لاءِ تدبر ۽ تحرڪ جي ضرورت هوندي آهي، جنهن جو پاڻ وٽ اڄڪلهه وڏو فقدان ڏٺو پيو وڃي، جيڪو محمد ابراهيم جويو جي موت تي بلاول ڀٽو زرداري جي ڏک جي اظهار ڪرڻ سان دور نه ٿيڻو آهي نه ئي وري اهو سنڌ اسيمبلي پاران کيس خراج واري ٺهراءَ منظور ڪرڻ سان ختم ٿي سگهي ٿو، ان جو ازالو ادبي سنگت پاران ڏهه ڏينهن ۽ قومي عوامي تحريڪ پاران ۳ ڏينهن سوڳ وارو اعلان به نه ٿو ڪري سگهي ۽ اهو تعزيتي بيانن توڙي ميڙاڪن جو به محتاج نه آهي، اهو ان احساس ۽ عمل جو تقاضائو آهي، جيڪو انسان جي اندر جي سماج دوست اڻتڻ جو نتيجو ۽ ردعمل هوندو آهي، جنهن جي اسان وٽ اڄ جيتري کوٽ محسوس ڪئي پئي وڃي، اوترو ان جي ڪمي جو احساس اڳ ڪڏهن پنهنجي پوري شدت سان محسوس نه ٿيو هو، ان ڪري اسان جيڪڏهن سائين محمد ابراهيم جويو کي سچو خراج پيش ڪرڻ چاهيون ٿا ته ان جي گهاريل زندگي ۾ سامهون آيل جدوجهد کي پنهنجو آئيڊيل بڻائي عملي طور تي ان جي پيروي وارو پتو ڏيون.
اڄوڪيون اخبارون ٽي وي چئنلز ۽ ايف ايم ريڊيو جنهن احساس سان ۽ جن لفظن ۾ جويو صاحب جي جاکوڙي ڪٿا بيان ڪري رهيا آهن، سي اسان لاءِ قدر سان گڏوگڏ عمل جي دعوت وارو درس به ڏئي رهيا آهن، جيڪو اڄ اهو سنيهو ته ڏي ٿو ته ادبي دنيا جو انتهائي قدآور شخص ڪلهه جسماني طور هن جهان مان ڪُوچُ ڪري ويو آهي، پر اهو اطلاع ۽ احساس به سانڍي ٿو ته اسان ڪهڙي قطار ۾، ڪنهن سان ۽ ڪهڙي حال ۾ بيٺل آهيون، اسان جو سوڳ ۽ سکڻيون همدرديون ۽ لفظ جيڪا ساک پت ٺاهي رهيا آهن، تن مان اسان جو نئون نسل ڪهڙو نياپو وٺندو ۽ حال جو ساٿي ڪهڙو تاثر قائم ڪندا. محمد ابراهيم جويو جي اکين پنهنجي سماج ۽ پنهنجن ماڻهن لاءِ جيڪي سپنا سجايا هئا سي ڪيتري قدر ساڀيان ٿيا آهن ۽ هن جي دل ديس جي درد کي جيئن محسوس ڪيو پئي تيئن ان کي ٻين اديبن، شاعرن، حڪمرانن توڙي عام ماڻهن ڪيترو پنهنجي مٿي جو سور ڀانيو آهي. محمد ابراهيم جويو جو دماغ پنهنجي قوم ۽ دنيا لاءِ جيئن سوچيندو لوچيندو هو، اڄ اوتريون ۽ اهڙيون دماغي صلاحيتون ڪير ڪهڙين ڪارگذارين لاءِ قطب آڻي رهيو آهي.
مٿيان سوال ايمانداري سان سوچ ويچار هيٺ آڻي نه رڳو پنهنجو قبلو درست ڪري سگهجي ٿو پر ٻين لاءِ به محمد ابراهيم جويو پاران ٻاريل مشعل مان روشني پکيڙي انسانيت، پنهنجي ضمير ۽ فاني حياتيءَ جو قرض لاهي سگهجي ٿو.


سائين محمد ابراهيم جويو
سوا صديءَ جي تاريخ
گل مورو
اڃا ٻي مهاڀاري جنگ جا دونهان ۽ ڪارا ڪڪر سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ ڇانيل ئي هيا ته انهيءَ عرصي دوران بارودي باهه جي نتيجي ۾ سنڌ اندر وڏي بيماري ”پليگ“ پکڙجي چڪي هئي. انهن ئي ڏينهن يعني ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي لڪي شاهه صدر ويجهو ننڍڙي ڳوٺڙي آباد ۾ هڪ پاڪ پويتر پورهيت سائين محمد خان جويي جي گهر ۾ علم ۽ ادب جي اڏڻهار سائين محمد ابراهيم جوئي اک کولي هئي ۽ اها اک علم ۽ ادب جي ساڃاهه ۽ سمجهه جي اک هئي، جيڪا ديس توڙي پرديس ۾ هميشه پنهنجي ٻولي ۽ ادب کي مانُ ڏيندي رهي. سائين محمد ابراهيم جوئي پرائمري جا ۴ درجا پنهنجي ئي اسڪول ۾ پڙهيا ۽ ان کان پوءِ لڪي شاهه صدر ۽ ستين درجي تائين اي وي اسڪول سن ۾ پڙهيو ۽ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ ۱۹۳۰ ڌاري ستين درجي تائين انگريزي پڙهيو. ان زماني ۾ ستون درجون ميٽرڪ جي برابر شمار ڪيو ويندو هو ۽ هي علم جو اڏڻهار ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان بي اي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ مدرسي ۾ ئي ۱۹۳۸ ڌاري اسسٽنٽ ماسٽر مقرر ٿيو ۽ ممبئي ڪاليج ۾ بي ٽي پڙهڻ ويو ۽ جڏهن هن علم جي اڏڻ هار ڌرتيءَ تي ڏکيا ڏينهن ڏسندي سنڌ مدرسي ۾ پنهنجي ملازمت دوران ’سيوَ سنڌ سيوَ دي ڪانٽيننٽ‘ ڪتاب لکيو ته هند توڙي سنڌ ۾ مانڌاڻ مچي ويو ۽ سنڌ جي تڏهوڪي وزيرِ تعليم پير الاهي بخش کيس نوڪريءَ مان نيڪالي ڏيڻ جو حڪم نامون جاري ڪيو پر هن علم جي اڏڻهار ڪڏهن به خاموشي اختيار نه ڪئي، هميشه پنهنجي وطن ۽ ڌرتيءَ جي جياپي لاءِ جاکوڙيندو رهيو. هن جا کوڙ سارا استاد اهڙا به رهيا جن کيس وطن جي فڪر سان سرشار ڪيو، اهو مٺياڻي جو سائين فيض محمد ميمڻ هجي يا وري پرسرام ٽهل راماڻي هجي، انهن وٽان اهڙو ته ديس جو درس پرايو جو هميشه علم ۽ ادب جي لاءِ جاکوڙيندو رهيو. اُتي ئي سن ۾ سنڌ جي عظيم مفڪر سائين جي ايم سيد جي قائم ڪيل مڪتب ۾ مولوي محمد صالح کان فارسيءَ جو درس ورتائين. سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جي ٻن عظيم مفڪرن کان متاثر ٿيو، جن ۾ هڪ سائين جي ايم سيد ۽ ٻيو ايم اين راءِ هيو ۽ سائين جي ايم سيد تعليمي مددگار جي حيثيت سان هميشه سندس مدد ڪئي. اهو ئي سبب هو جو هن اڳتي هلي شاهه، سچل، سامي کي به سڃاتو ته اسان جي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي به سڃاتو. ادب، ٻولي ۽ تعليم بابت ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“ اڄ به سندس اها عظيم لکڻي يادگار حيثيت رکي ٿي. سنڌ ۾ تعليم کي عام ڪرڻ ۽ سرڪار جي غير سنجيدگي واري حوالي سان ڪيترائي طويل نظم پڻ ترجما ڪيا پر مهراڻ جو ايڊيٽر ٿيڻ ۽ ان کي پنهنجي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪارائتو بنائڻ ۾ مک ڪردار رهيو.
سنڌ جي هن ادبي پورهيت لاءِ سنڌ جي سڄاڻ اديبن، شاعرن ۽ ساڃاهه وند ماڻهن جيڪي به رايا ڏنا آهن، اهي جيڪڏهن گڏ ڪري ڇپائجن ته هڪ سوا صدي جي تاريخ جڙي سگهي ٿي. سائين تاج جوئي بلڪل درست لکيو آهي ته جويو صاحب هن صديءَ جو وڏو اديب، مفڪر ۽ تعليمي ماهر آهي. ننڍي کنڊ ۾ آزادي جي هلچل دوران آخري فيصلي جي ڪن ڏينهن دوران جويو صاحب جو علمي، ادبي محاذ تي وڏو ڪردار رهيو آهي. ان وقت سنڌ جي سياسي ميدان جا شهه سوار حاجي عبدالله هارون، امام انقلاب عبيدالله سنڌي، شهيد الله بخش سومرو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سائين جي ايم سيد، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، مير الله بخش ٽالپر ۽ ٻيا ڪيترائي بزرگ هئا. جڏهن ته علمي ۽ ادبي محاذ جي سجاڳ ذهنن ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولانا دين محمد وفائي، مولانا خير محمد نظاماڻي، حاجي احمد ملاح ۽ ٻين کان سواءِ محمد ابراهيم جويو به سرگرم رهيو.
اها حقيقت آهي ته ورهاڱي کان پوءِ پوري برصغير جيان سنڌ ۾ به علمي، ادبي جمود طاري ٿي ويو هو. سنڌ جا برک اديب، عالم ۽ فاضل نقاد، تاريخدان ۽ استاد سنڌ ڇڏي ڀارت هليا ويا، انهيءَ ڪري سنڌ ۾ چوڌاري ادبي ماٺار ڇانئجي وئي هئي. اهڙي ماحول ۾ گوبند مالهي جي فڪري ٻوٽي سنڌي ادبي سنگت کي جيئارڻ ۾ سائين محمد ابراهيم جوئي جو وڏو هٿ رهيو، جنهن ٽه ماهي مهراڻ رسالي وسيلي جديد سنڌي ادب جي تحريڪ کي همٿايو ۽ انهيءَ سبب جي ڪري سنڌ ۾ مزاحمتي علم ۽ ادب جي شروعات ٿي. سنڌ ۾ قومي جاڳرتا جي تحريڪ شروع ٿي انهيءَ سوچ جي حق ۾ سنڌ جي هن ڏاهي جوئي صاحب سنڌي قوميت جي جاڳرتا جي سلسلي ۾ مزاحمتي ايڊيٽوريل لکيا جن جا عنوان هن ريت هيا. آزادي، ون يونٽ، اديب، ناشر ۽ پڙهندڙ، ٻولي، سنڌي ٻولي جا مسئلا، فنڪار جا ڳوڙها، ٻولين جي ڏي وٺ، نج سنڌي لفظ، ٻه اکر، ادب جي درگاهه ۽ انسانيت وغيره شامل هئا.
سنڌ جو ناميارو شاعر شيخ اياز سائين محمد ابراهيم جوئي بابت هنن لفظن ۾ مڃتا ڏيندي لکي ٿو ته؛ ابراهيم ايترو ته وڏو نانءُ آهي جو مون کي هن جي ادبي فتويٰ قاضيءَ ازل جي فتويٰ وانگر لڳندي آهي. طالب علمي جي دور ۾ مون سان ۳ اهڙا ڪاپڙي مليا جن ٽنهي جي باري ۾ ڀٽائيءَ جي هي سٽ ياد ايندي آهي؛
جوڳي جاڳائي ماري وڌو مامري،
۽ اهي هئا، سوڀوگيانچنداڻي، ابراهيم جويو ۽ حشو ڪيول راماڻي، جڏهن سنڌڙيءَ لانئون لڌيون تڏهن ڪير چوندو ته ان جو سارو لباس، هن ”جوئي جي آڏاڻي جو اڻيل هو! هو اهو جڳادي الوپ ماڻهو آهي جيڪو نوورني جي سينڌ ۾، ستارا سجائي گم ٿي ويندو آهي، هن ئي مون کي سيکاريو ته شاعري زمهير جي برف ناهي جهنم جي آگ آهي ۽ جڏهن ان جا شعلا تيز ٿي وڃن ٿا تڏهن اوچتو جنت جا دروازا کلي پون ٿا.“
جڏهن ته سنڌ جو ڏاهو محقق ۽ اديب سراج ميمڻ جوئي صاحب بابت لکي ٿو ته ابراهيم لاءِ وطن پرستي پرستش جي حد تائين اونهو ۽ روحاني تجربو آهي مون کي ياد ٿو پوي ته سندري اُتم چنداڻي سنڌ گهمڻ آئي هئي ۽ هڪ شام، ابراهيم، اياز، رباني ۽ آئون سندريءَ ۽ اُتم سان گڏجي، ڪلفٽن تي سمنڊ جي ڪناري تي گهمڻ آياسون روحانيت تي بحث ڇڙي پيو هو. اياز تصوف ۽ ويدانيت جي روايت سان روحانيت جي تعلق تي ڳالهائي رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ته ان معنيٰ ۾ هو منهنجي روحانيت جو قائل آهي ۽ ابراهيم به سندس حمايت ڪندي چيو هو ته روحانيت کي هروڀرو ڪا تنگ معنيٰ نه ڏيڻ گهرجي.”ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي جو جوئي صاحب هميشه ترقي پسند سوچ کي اهميت ڏني، ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ سڄي زندگي جاکوڙيندو رهيو تڏهن ئي ته سنڌ جو ڏاهو غلام رباني آگرو سندس علمي ادبي حيثيت کي مڃتا ڏيندي لکي ٿو ته، سنڌي ادبي سنگت ۾ جوئي صاحب جو وڏو احترام ڪيو ويندو هو، جڏهن هو ڪنهن مسئلي تي راءِ ڏيندو هو ته پوءِ ٻيو ڪير به ان مسئلي تي لب ڪشائي ڪو نه ڪندو هو.
اهو سچ آهي ته هي علم ۽ ادب جو ناکئو هيو، جنهن ون يونٽ واري دور ۾ به پاڻ ملهايو. جدوجهد جو درس ڏيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو جنهن سائين جي ايم سيد جي علمي ۽ اشاعتي سرگرمين جو هڪ باب جوڙيو هو، ان ڪتاب ۾ هن جو اظهار نمايان نظر اچي ٿو، نه رڳي سنڌ پر سڄي دنيا جا عالم، اديب، مفڪر اڄ سوا صديءَ جي وڇوڙي تي ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن.


سنڌ جي هڪ صديءَ جي پڄاڻي
امداد سومرو
ڪي ڏهاڪو کن سال اڳ اها رات هلڪي ٿڌ ۽ معمول واري ڪائي رات هئي. پر ان ۾ هڪ غيرمعمولي ڳالهه اها هئي ته ان رات اسان سنڌ جي ٻن وڏن ذهنن سان بنهه نويڪلائي واري ماحول ۾ ڪچهري ڪري رهيا هاسين. صرف ۴ ڄڻا. يا ٿي سگهي ٿو ته پنجون به ڪوئي اتي هجي. اها اسان جي خوشقسمتي هئي ته اسان سنڌ جي تاريخ تي پنهنجا نشان ڇڏيندڙ استاد ۽ شاگرد کي گڏجي ٻڌي رهيا هاسين ۽ هنن جي يادگيرين جي رک ۾ ڪاٺيون سيري رهيا هاسين.
سائين محمد ابراهيم جويو ان رات پليجي صاحب جي گهر آيل هو. مان ۽ منهنجو دوست اقبال ملاح پڻ ساڻن ان محفل ۾ گڏ هاسين. مون ۽ اقبال جون پليجي صاحب سان سنگت توڻي اڪيلائي واريون ڪيئي ڪچهريون ٿيل آهن ۽ رات جي پوين پهرن تائين به اهي ڪچهريون هلندڙ آهن. ڪڏهن سنگت سان ته ڪڏهن نويڪلائي واريون. پليجو صاحب مغربي ڪلچر وارو (ويسٽرنائزڊ) ماڻهو هوندي به مهمان نوازيءَ ۾ ساڳو سنڌي ماڻهو رهيو آهي. جڏهن اڃا هو رات جي الاءُ واريون ڪچهريون افورڊ ڪري سگهندو هو (مطلب صحت جي حوالي کان) تڏهن هو مهمانن کي در تائين ڇڏڻ ايندو ۽ ايسين بيٺو هوندو جيسين مهمان گهٽيءَ مان غائب ٿي نه ٿو وڃي. پليجو صاحب جڏهن ڪچهريءَ جو ٽون تلخيءَ طرف ويندو ڏسندو هو ته راڳ طرف هليو ويندو هو. پليجو صاحب جون اهي مارڪسي آرٽسٽڪ ادائون هونديون هيون جيڪي محفل کي سرد ٿيڻ نه ڏينديون هيون.
نهر اها ئي لهر ڪٿي آ
گذري ويو جو پهر ڪٿي آ؟ (اياز)
ها، سو ڳالهه پئي ڪئي ان ڀنل رات جي. اسان (مان ۽ اقبال) فرمانبردار شاگردن جيان کين ٻڌي رهياهاسين جو اوچتو پليجي صاحب سنڌ مدرسته اسلام واري دور جي ڳالهه ڪندي جوئي صاحب کي سندس نظم سندس ئي ڌن ۾ ڳائڻ جي فرمائش ڪئي... ۽ ان کانپوءِ جڏهن سرور ۽ درد جو احساس ڪجهه گهاٽو ٿيڻ لڳو تڏهن جويو صاحب ڀٽائي جي انهيءَ وائي کي جهونگارڻ لڳو:
سپريان جي ڳالهڙي، ڪنهن سان ڪين ڪجي،
اکيون پير ڪري وڃجي، ووءِ وڃجي...
اوچتو اسان جويي صاحب جي اکين مان ڳوڙها لار ڪري وهندي ڏٺاسين. پوءِ هو ٻئي ماضيءَ تي ڳالهائڻ لڳا. پليجو صاحب رک مان چڻنگ دکائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
۽ ان کان به ڪي سال اڳ شايد ۹۰ع جي وچ ڌاري حسن مجتبيٰ ڊان اخبار جي هفتيوار ”ٽيوزڊي رويو“ ۾ سندس پروفائل ڪرڻ لاءِ مون کي پاڻ سان وٺي ويو هو. جويو صاحب پنهنجي ڪتابن سان سٿيل ڪمري ۾ ويٺل هو جنهن ۾ ڇت کان هيٺ فرش تائين ڪتاب رکيل هئا ۽ ويندي هن جو بيڊ به ڪتابن سان سٿيل هو؛ رڳو جويي صاحب جي سمهڻ جيتري جاءِ بچيل هئي. جڏهن حسن کيس چيو ته هو مٿس پروفائل ڪري رهيو آهي تڏهن جويي صاحب کيس چيو ته پهرين ٻڌاءِ ته پروفائل جي معنيٰ ڇا آهي؟ حسن کيس ٻڌايو ۽ ائين ڳالهيون شروع ٿيون. ڳالهين ڪندي آخر ۾ جڏهن مون جويي صاحب کي برصغير جي عظيم مارڪسٽ ۽ انارڪسٽ دانشور ۽ سندس ذاتي دوست حشو ڪيولراماڻيءَ بابت پڇيو ته جويي صاحب جي چهري تي ناگوار تاثر محسوس ڪيو هو. ”بس اياز هن (حشوءَ) کي رومنٽسائز ڪيو آهي.“ هن ان تي وڌيڪ ڳالهائڻ ضروري نه سمجهيو ۽ اسان به موقعي جي نزاڪت محسوس ڪندي اتان اٿياسين.
”هيئر از دي بيسٽ“ وارن لفظن سان ٽوسٽ ڪندڙ ”سر“ نذير ميمڻ به هاڻ نه رهيو آهي جيڪو جيسين حال حيات هو جويي صاحب جي سالگرهه بيسنت هال ۾ ضرور ڪندو هو. تڏهن اڃا فيس بڪ جي وبا سنڌ ۾ نه لٿي هئي. جويي صاحب جي سالگرهه سادي پر پروقار نموني ڪرڻ جي رسم سر نذير ميمڻ وڌي هئي. مختصر ماڻهو ۽ مختصر ڪچهري. جويو صاحب سالگرهه جي موقعي تي به جڏهن ڳالهائيندو هو ته هن جا موضوع اهي هوندا هئا: تاريخ جي مٿان پيل دز لاهڻ، سنڌ جو ماضي ۽ ان جو آئيندو. سنڌ جي ماضي ۽ آئيندي واري ڳالهه ڪرڻ وارو اهو بزرگ دانشور ڪالهه گذاري ويو.
هو آخر تائين ساڳي فلسفي ۽ ساڳي سوچ سان زنده رهيو. هو ماده پرست دانشور ۽ سيڪيولر دانشور هو. اسان جي دوست جاميءَ صحيح چيو آهي ته هو زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين Materialist Thought سان رهيو. روحانيت وغيره جي قريب هو ڪڏهن نه آيو جيئن سنڌ توڻي ننڍي کنڊ جا اڪثر دانشور زندگيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ تصوف يا روحانيت طرف راغب ٿي ويندا آهن.
جويو صاحب صحيح معنيٰ ۾ Educationist (تعليمدان) هو. جي هو آمريڪا ۾ ڄمي ها ته نوم چومسڪيءَ کان به وڏي پائي جو دانشور هجي ها. پر اسان کي ان ڀيٽ ۾ نه وڃڻ گهرجي. مغالطو غلط آهي پر جويي صاحب جيڪو ڪيو اهو سنڌ جهڙي علمي لحاظ کان پوئتي پيل سماج ۾ وڏو ڪم هو. جويي صاحب واري ٽهي جنهن سنڌ ورهاڱي کان اڳ ڏٺي هئي ان کي تڏهن ئي حالتن جو ادراڪ پئجي چڪو هو ته حالتون ڪهڙي کاهيءَ طرف وڃي رهيون آهن. ”سنڌ بچايو، ننڍوکنڊ بچايو“ وارو پمفليٽ ان جو مثال آهي.
اسان کي سيڪنڊريءَ ۾ فرينچ انقلاب جو پتو ٻئي هنڌان نه پر جويي صاحب جي ترجمي ڪيل ڪتاب ”فرينچ انقلاب“ مان پيو. پوءِ اسان سارتر ۽ سمان کي پڙهيو. پر جويي صاحب جا ڪتاب اسان لاءِ ننڍي هوندي کان ڄڻ اسان جي نصاب جو حصو بڻجي ويا.
سئي ڌاڳي کي به حفاظت سان رکندڙ جويو صاحب دراصل Man of the word هو. هن شيخ اياز کان عبدالقادر جوڻيجي تائين جا خط سنڀالي رکيا جيڪي ان دور جي بنا ايڊٽ ٿيل تاريخ آهن. اسان کي انهن خطن مان پتو پئي ٿو ته شوبز دنيا جي ڊرامن ۾ وڃائجڻ کان اڳ عبدالقادر جوڻيجو جڏهن ماستر هو ۽ ڳوٺ ۾ رهندو هو ته ڇا هو ۽ ڇا سوچيندو هو.
ڇا ڇا چور ڇڏي ويو آهي،
اڃا ته آ چنڊ منهنجي اڱڻ ۾؟ (اياز)
هو سنڌ جي پوري صدي هو. پوري صديءَ جي تاريخ. ۱۲ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي ڄاول محمد ابراهيم جويو ان ڏينهن (۹ نومبر) دنيا مان ڪوچ ڪري ويو جڏهن نومبر ۱۹۱۷ع واري ڪميونسٽ انقلاب کي هڪ صدي هڪ ڏينهن مس پورو ٿيو هو. پهرين عالمي جنگ جي هلندي هن جو جنم ٿيو. ٻي عالمي جنگ کي هن ميچوئر عمر ۾ ڏٺو. هن ۴۷ع واري ورهاڱي کي ڏٺو ۽ ان تحريڪ دوران سنڌ جي بدلجندڙ جاگرافي توڻي حالتن کي ڏٺو آهي. هو ”رائسٽ“(Royist) هو. ايم اين راءِ کان متاثر. هڪ طرف هو مارڪسٽن سان گڏ هو ته ٻئي طرف هو سن جي سيد سان به هو. ممڪن آهي ته مستقبل جي تاريخ جو شاگرد هن ۾ اهي تضاد ڳولي لهي پر هن جي سڄي تعليم ۽ تربيت جو محور سنڌ رهي جيئن رشيد ڀٽيءَ لکيو هو، سنڌڙي رهي اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو.
هو ويندي نون لکندڙن جي ڪالمن تائين به پڙهندو ۽ جي ڪنهن جي ڪا تحرير يا ٻولي وڻي ويس ته ان جي تعريف ڪرڻ ضروري اسم مان سمجهندو ته جيئن هن (لکندڙ) جي همت افزائي ٿئي. مان تڏهن ئي ته چوندو هوس ته هو اول آخر هڪ استاد هو، هڪ عظيم استاد. هو ان دور جو استاد هو جڏهن علم اڃا ڪاروبار نه بڻيو هو ۽ استادي پيشو اڃا معزز سمجهيو ويندو هو. استاد هڪ فرد نه پر ادارو سمجهيو ويندو هو.


هڪ صديءَ اکيون ٻوٽيون
رکيل مورائي
نائين نومبر جو صبح گذريل هڪ صدي ڏسي نه سگهي، هن اڄ جي صبح کان اڳ ئي اکيون بند ڪري ڇڏيو، اهي اکيون جن هڪ صديءَ جا اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج ڏٺا، ڪيترن ئي تپندڙ سجن سان اکيون ملايون ۽ اونداهين سان اٽڪنديون رهيون، هڪ سئو ٻه بهارون ماڻيون ۽ خزائون ڀوڳيون ۽ پوءِ به انهن اکين پنهنجي جرڪندڙ جوت جهڪي نه ڪئي. انهيءَ جوت جنهن سنڌ کي روشن ڪيو، سنڌ جي شعور کي روشن ڪيو ۽ اهم اهو ته ان جوت سنڌ جي ضمير کي جاڳائي انهيءَ کي سموري عالم جي جوت سان جوڙيو، ايئن سنڌ هڪ نئين شعور سان روشناس ٿي. ان جوت جو نالو محمد ابراهيم جويو آهي.
سائين محمد ابراهيم جويي پندرهين آگسٽ اوڻيهه سئوپندرهن عيسوي تي لڪي شاهه صدر جي لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ آباد ۾ جنم ورتو. هي اهو دور هو جنهن دور ۾ مجموعي طور سنڌ تعليم ڏانهن وڌي رهي هئي.  جنهن لاءِ هڪ اسڪول لڪي شاهه صدر ۾ به کوليو ويو هو جيڪو جويي صاحب جو پهريون اسڪول بڻيو. جنهن کان پوءِ هو پنهنجي ساٿ ڌڻي سرواڻ جي ڳوٺ سن ۾ اچي رهيو به ۽ پڙهيوبه ۽ سن جي سائينءَ مئٽرڪ پڙهڻ لاءِ کيس سنڌ مدرسي موڪليو.
هن مئٽرڪ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ مان ڪئي ۽ بي اي، ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪري پنهنجي نوڪريءَ لاءِ جيڪو ادارو چونڊيو، اهو به سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ئي هئو.  ايئن سندس پهرين نوڪري سنڌ مدرسي کان شروع ٿي، جڏهن کيس اتان پنهنجي املهه ۽ اڄ تائين ساڳي اهميت رکندڙ ڪتاب ”سنڌ بچايو، کنڊ بچايو“ لکڻ ۽ ڇپائڻ جي گناهه ۾ ڪڍيو ويو ته هن جي ٻي نوڪري ٺٽي هاءِ اسڪول ۾ هڪ استاد طور مقرريءَ واري هئي جنهن کان پوءِ هو سدائين لاءِ هن قوم جو تعليمي استاد ته رهيو ئي پر فڪري/نظرياتي استاد به بڻجي ويو. جيڪو استاد وارو ڪردارهو نائين نومبر تائين نڀائيندو آيو، ايستائين جيستائين سندس آخري ساهه اڏاڻو ۽ سندس اکين جي جوت بند ٿي.
هو هڪ اهڙو استاد ثابت ٿيو جنهن هن قوم کي پاڻ سڃاڻڻ وارو عظيم علم پڙهايو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ هڪ نئين فڪر ۽ شعور سان نئين سجاڳي کڻي پنهنجي هڪ باشعور قوم واري سڃاڻپ ڏني. موجوده سنڌ جو شعور جويي صاحب جي ان شعوري روشنيءَ جو تسلسل آهي، جيڪا هن آباد ڳوٺ کان ننڍڙو ڏيئو ٻاري ڪرڻ شروع ڪئي هئي ۽ پوءِ ان ڏيئي جيڪا سنڌ ۾ روشني ڦهلائي اها اڄ تائين اسان کي پنهنجو رستو ڏيکاري رهي آهي.
جيتوڻيڪ ان روشنيءَ جون اڻ ڳڻيون ڏسائون آهن، جنهن به ڏسا ڏانهن سفر شروع ڪبو ان تي جويي صاحب جا پيرا نظر ايندا ۽ ايئن اسان تائين ايندڙ سڀني نسلن انهن پيرن تي پير رکي هلڻ سکيو ۽ ان فڪري ۽ شعوري ڏئي مان ڪيترائي ڏيئا روشن ٿيا جن پنهنجي پنهنجي روشني ڏيئي سنڌ ۾ شعور جي جوت جرڪائي.  رسمي طور جويي صاحب ڪهڙيون نوڪريون ڪيون ڪيترن ادارن ۾ رهيو، اهو تفصيل منهنجي لاءِ غير اهم آهي، ان ڪري مان ان ڳالهه تي قناعت ڪندس ته جويي صاحب جيڪا روشني ڏني، انهيءَ ۾ هن جن مسافرن سان سفر ڪيو، انهن جيڪي علمي، ادبي ۽ فڪري ماڳ ماڻيا اهي اسين اڄ ڏسي رهيا آهيون.
جن اکين انهيءَ روشني کي پٺي ڏني انهن سنڌ کي فڪري طور جيڪو نقصان ڏنو ان جو نتيجو اڄ سنڌ مختلف شدتن ۾ ڀوڳي رهي آهي.
جن ان روشنيءَ کي اکين تي رکيو انهن سنڌ کي هڪ اهڙو روشن مستقبل ڏيکاريو، جنهن تي هلي دنيا جي ڪيترين ئي قومن ۽ طبقن پنهنجا مستقبل سنواريا، آزاديون ۽ امن حاصل ڪيا. سنڌ اڃا تائين سفر ۾ آهي ۽ کيس ان سفر ۾ ئي ڇڏي اڄ اسان جي ان ٻڍڙي استاد پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون، محسوس ٿيو ڄڻ هڪ صديءَ پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون، هڪ صديءَ جو سفر پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو.
هڪ ڏيئو پنهنجي پٺيان ڪيترائي ڏيئا روشن ڪري پاڻ اجهامي ويو هڪ صديءَ جو علم، ادب، ڏاهپ، فڪر، شعور ۽ ٻيو گهڻو ئي ڪجهه ان اٻوجهه سنڌ جي پاند ۾ وجهي هو پنهنجا خالي پاند کڻي ان ڏيهه ڏانهن روانو ٿي ويو جنهن ڏانهن هر انسان کي وڃڻو آهي ۽ وري
ويس مٽائي ورڻو آهي،
روپ نئين سان،
رنگ بدل سان،
هن جي جاري جنگ ازل کان.
ايئن شخص کي هليو وڃڻو آهي پر زندگي سدائين روان دوان رهڻي آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي هلڻو آهي.  پڪ سان دنيا مان اها روشني اجهامڻي نه آهي، جيڪا جويي صاحب جهڙا ڏاها پوئتي ڇڏي ويندا آهن، اهو پوئتي رهجي ويلن تي ڇڏيل آهي ته هو ان روشنيءَ جو ڪيترو تحفظ ڪن ٿا، ان روشنيءَ ۾ پنهنجي مستقبل ڏانهن ڪيترو تڪڙو سفر ڪن ٿا پر اهو سچ آهي ته جڏهن پويان پنهنجي رهبرن، رهنمائن، ڏاهن، استادن جي ڏسيل راهه تي هلي، پنهنجو ماڳ ماڻيندا ته اها کين عظيم ڀيٽا هوندي، ائين جويي صاحب جي ٻاريل علمي، ادبي ۽ فڪري ڏيئي کي روشن رکڻ ئي کيس اصلي  ڀيٽا آهي.
اڄ هو اسان سان گڏ نه آهي پر هن جيڪو ڪجهه اسان کي ڏنو آهي، اسان کي سانڍڻو آهي ۽ ڏيئي مان هڪ نئون ڏيئو ٻاري روشن رکڻو آهي. جيڪي هليا وڃڻا آهن انهن لاءِ ته فقط اهو ئي چئي سگهجي ته هو پنهنجي جوت جلائي ويا. بلڪل ايئن اڄ محسوس ٿي رهيو آهي ته هڪ جوت اجهامي وئي آهي، هڪ صديءَ اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن.


ابراهيم جويو
سنڌ جو پروميئٿس
غلام حسين رنگريز
پروميئٿس يونان جو هڪ ديو مالائي ڪردار آهي، جنهن کي ٻين ديوتائن انهي ڪري آلپس جبل تي ٻڌي قيد رکيو هو، جو هُن تي اهو الزام هو ته هُن آسماني باهه چورائي ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن کي باهه جو استعمال سيکاريو هو.  اهڙي ريت هو ديوتائن وچ ۾ هڪ باغياڻو ڪردار بڻجي ويو، هيءَ باغياڻو ديومالائي ڪردار مشهور فيلسوف ڪارل مارڪس جو آئيڊيل هو.
باهه نه رڳو شين کي ساڙي ٿي پر شين کي پچائي به ٿي، رُڪ کي رجائي به ٿي، مختلف ڌاتوئن کي پگهاري به ٿي ۽ اها روشني يا سهائي جو اهڃاڻ به آهي، ايران جي تمام وڏي فيلسوف زرتشت/زردشت جا باهه کي ابديت جو اهڃان ڄاڻايو آهي ۽ اڄ تائين هُن جا پوئلڳ جيڪي ”پارسي مذهب“ جا سمجها وڃن ٿا تن وٽ ”باهه“ مقدس ڄاتي ۽ قبولي وڃي ٿي ۽ اُهي پنهنجي عبادتگاهن سان گڏوگڏ پنهنجي رهائش گاهن توڻي دڪانن ۾ باهه جو شعلو ٻرندو رکندا آهن، ڇاڪاڻ ته اُها نور جي نشاني آهي ۽ انهيءَ نُر جي بقا هُنن جي ايمان جو جُزو آهي، اهڙيءَ ريت اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ باهه جي لاءِ ”اگني ديوي“ جو تصور موجود آهي.
مون سائين محمد ابراهيم جويي کي سنڌ جو پروميئٿس انهيءَ ڪري لکيو آهي جو هو پروميئٿس جيئن سنڌ واسين کي ڏک ۽ ڏولاوا سهندي به اڄ تائين ”هدايت جو نُور“ آڇيندو رهيو آهي، طبعي لحاظ کان هڪ صديءَ جي ڏاڪي تي پهچندي سندس هڏ هيڻا ضرور ٿيا هئا پر سندس حوصلن جي جواني اڃا به قائم هئي .
تاريخ ماڻهو نه ٺاهيندي آهي پر ماڻهو تاريخ ٺاهيندا آهن، انهيءَ لحاظ کان ” جويي صاحب جي شخصيت پنهنجي ڏات، ذات ۽ صفات ۾ هڪ تاريخ ساز شخصيت جي مالڪ آهي، هو ڪرڻا ڪرڻا ٿي برسي به ٿو ته ڪٿي ڇپر ڇانو ٿيڻ لاءِ همرچو به ٿي پوي ٿو. هوُ جوانن کي  آرهڙ ۾ آرڻ جو ڏس به ڏئي ٿو ته ڇمر الوٽ ٿي وسڻ جو گس  به ڏسي ٿو.
هيءُ آمر تائين به اُهي ڏينهن ڏسندو رهيو ، جڏهن سنڌ مٿي سڪار جا ڪڪر ڪارو نڀار ڪري وڄن سان ورندا ۽ ترايون به تار ٿي وينديون ۽ ڪونڀٽ ڪر کڻي جهومندا ۽ ٿر جا ٻاٻيها اڃارا نه مرندا ۽ مارو لوڪ پنهنجي  وسندين ۾ ” همرچو، جو هل ڪري کيت کيڙيندا ۽ لابارو وجهندا ۽ نامرادي هنن جي نجهري نه رهندي.
آڌيءَ رات اٺي سان آيو،
اوٺي ڪالهه اڱڻ ۾،
ڇَنَ ڇڻن ٿا، پَنَ  وڻن ٿا،
ڀائيرو ميگهه پسايو، آيو،
اوٺي ڪالهه اڱڻ ۾
ور ور ماري ڇپ ڇمر ۾،
چنڊ لياڪا ڇايو، آيو،
اوٺي ڪالهه اڱڻ ۾،
چونري، چونري چنگ وڄن ٿا،
ماروءَ پاڻ ملهايو، آيو،
اوٺي ڪالهه اڱڻ ۾،
اڄ به ڪٿ آنگم آهي،
ڪلهه جنهن ڀال ڀلايو، آيو،
اوٺي ڪالهه اڱڻ ۾.
(اياز شيخ )
ڳوٺ ” آباد تعلقو ڪوٽڙي ضلعو دادو راڳي ضلعي ڪراچي جي هڪڙي هاريءَ جي گهر ۾ ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي جنم وٺندڙ هيءُ  ڪلهه جو ٻالڪ اڄ جو ايڏو وڏو ڏاهو ۽ اديب بڻبو انهيءَ جي ڪٿ سائين جي ايم سيد کي به نه هئي، جڏهن هن سندس ڏاڏي کي چيو  هو ته هن کي سن جي اسڪول ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ داخل ڪرايو وڃي ۽ سائين جي ايم سيد کي ان وقت به اهو تصور به نه هو جڏهن هو جويي صاحب کي وٺي ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ داخل ڪرائي آيو،  جنهنجو ان وقت پرنسپال / هيڊ ماستر سنڌ جو مشهور عالم علامه عمر بن محمد دائود پوٽو  هو، جيڪو خود به ٻهراڙيءَ ۽ غربت جو پس منظر رکندڙ هو.
سنڌ جي ٻهراڙي وارن لوڪن لاءِ اها ڳالهه اتساهه جو ذريعو آهي ته سنڌ جي تمام وڏن عالمن، اديبن ۽ سياستدانن جو تعلق ٻهراڙين سان رهيو آهي، سو به خاص طرح پورهيت طبقي سان، مثال طور علامه عمر بن محمد دائود پوٽو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، مولانا غلام محمد گرامي سوڀو گيانچنداڻي، محمد ابراهيم جويو، سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، مولوي احمد ملاح، ابراهيم نشي، سرويچ سجاولي، عبدالقادر جوڻيجو، ڊاڪٽر خواجا غلام علي الانا (تڙ خواجا وارو ) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، استاد بخاري، سليم ڳاڙهو ي، حيدربخش جتوئي، رسول بش پليجو وغيره وغيره (نالا تمام گهڻا آهن)
انهيءَ ڪري اهو مفروضو سراسر غلط آهي ته صرف شهري ماڻهو ئي ذهين ٿي سگهن ٿا، اسان جي ٻهراڙين ۾ به Talent  موجود آهي، فقط ڪوشش، لڳن ۽ حالتن کي پاڻ لاءِ سازگار بڻائڻ جي ڪاوش درڪار آهي.
سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي شخصيت گهڻ پاسائين آهي ۽ ان جا معترف سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي، عبدالواحد آريسر ۽ٻيا کوڙ سارا ماڻهو به رهيا.
”جويي“ صاحب جي طبيعت ۾ ميٺاج، ڌيرج، صاف گوئي، همدردي، ساده مزاجي ۽ پاڪيزگي“ رهي آهي، جتي هو پنهنجي آدرشن تي اڏول رهيو آهي سنڌ دشمنن ۽ نظرياتي مخالفن يعني رجعت پسندن ۽ مذهب جي نالي تي سنڌ کي ڇيهو رسائيندڙن خلاف به سخت موقف رکندڙ رهيو آهي.
متحرم سوڀي گيانچنداڻي هڪ ڀيري بٺوري ۾ مون سان ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته اڪثر هندو شراب واپرائيندا آهن، پر هو ڪڏهن به شراب جي ويجهو نه ويو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ هن وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن هو ڪراچي ۾ صحافي طور ڪم ڪري رهيو هو ته ان وقت ڪراچي ملڪ جي گاديءَ وارو شهر هو ۽ دنيا جا سڀ قونصل خانا اتي موجود هئا، انهن قونصل خانن طرفان خاص ڏهاڙن تي صحافين کي دعوت ڏني ويندي هئي، جتي ولايتي شراب جام پيش ڪيو ويندو هو ۽ صحافي دوست جن ۾ اسان جا کاٻيءَ ڌر سان لاڳاپو رکندڙ به هئا سي انڌا ٿي شراب  تي ڪرندا هئا ۽ ايترو پيئندا هئا جو اُتي پيا الٽيون ڪندا هئا پر انهيءَ ماحول ۾ هو ( يعني سوڀو) ڪڏهن به شراب نه پيئندو  هو، سوڀي وانگيان سائين ابراهيم جويو، شيخ اياز جي صحبتي هوندي نه ڪڏهن شراب جو هيراڪ ٿيو ۽ نه تماڪ ڇڪڻ جو عادي بڻيو.
سياستدانن ۾ سائين جي ايم سيد جي ڪيفيت به ساڳي رهي، جيتوڻيڪ سندس ڪافي سياسي دوست شراب ۽ شباب جا متوالا رهيا پر سيد ڪڏهن به انهيءَ ڪمزوري يا وڏ جو شڪار نه رهيو.
سنڌ جي سياسي وايو منڊل ۾ قومپرستي ۽ سيڪيولر سوچ کي وڌائڻ ۾ سائين جي ايم سيد تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ دل جي گهراين سان پنهنجي ماضيءَ جي سياسي غلطين جو نه رڳو اعتراف ڪيو پر انهن جي ازالي لاءِ ورهن جا ورهيه قيد ۽ بند، گهرو نطربندي، ڪفر ۽ ملڪ دشمني جي فتوائن کي به آخري پساهه تائين ڀوڳيو، اهڙي طرح سائين محمد ابراهيم  جويو فڪري محاذ تي صحتمند ترقي پسند ۽ وطن دوستيءَ واري سوچ کي وڌائڻ لاءِ لکندو ۽ لوچيندو رهيو ۽ هن ڪٿي به ٿڪ نه ڀڳو.
جويو صاحب هڪ بهترين نثر نويد، ترجمي نگار ۽ نقاد رهيو ، ادب، تنقيد، ٻولي، تاريخ، تعليم ۽ فلسفو هن جا محبوب موضوع رهيا،  جيتري قدر سندس نثر نويسي جو تعلق آهي ته منهنجي ناقص ۽ محتاط راءِ مطابق جويي صاحب جو نثر ” نثر مسجع“  جي دائري ۾ نٿو اچي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ ڪا به رنگ آميزي ۽ گرامي صاحب وانگي عربي فارسي جي امتزاج سان سجاوٽ نه آهي، بلڪه جويي صاحب جو نثر سادو سلوڻو آهي، سندس طبيعت وانگي انهيءَ  ڪري پڙهندڙ نه اُن جي رنگيني ۾ کوئجي وڃي ٿو ۽ نه سمجهڻ لاءِ کيس لغات جو سهارو وٺڻو پوي ٿو. جويي صاحب جو اهو ڪمال آهي ته هو فلسفي  جي پيچيده معاملن  کي به آسانيءَ سان سمجهائڻ ۾ سوڀارو ٿيو وڃي. اهڙيءَ ريت ترجمي نگاري ءَ ۾ هو لفظي ترجمي کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو ته جيئن اصل لکت جو مفهوم جيئن جو تئين پڙهندڙ تائين پهچي.
هڪ تنقيدنگار ۽ تبصري نگار جي فرق کي هو بخوبي سمجهي ۽ پوءِ انهيءَ تي خيال جو اظهار ڪري ٿو، هن شيخ اياز جي شعري مجموعن جا مهاڳ لکندي به ساڳي ريت اختيار ڪئي آهي. مون کي ذاتي طرح انهيءَ ڳالهه جو احساس تڏهن ويتر ٿيو، جڏهن سائين جويي صاحب کي منهنجي نثري ٽڪرن تي مشتمل ڪتاب ” ورق ورق زندگي“ جي حيدرآباد ۾ صدارت ۽ مهورت ڪرڻي هئي، منهنجو هيءَ ڪتاب سنڌي ساهت گهر حيدرآباد طرفان پهرين سيپٽمبر ۲۰۱۱ع تي ڇپجي پڌرو ٿيو هو ۽ ۲۰۱۳، ۷، ۷ تي انهي جي مهورتي تقريب ٿي، مون هيءُ ڪتاب ۲۰۱۲، ۶، ۲۵ تي سائين جويي صاحب کي ڏنو، منهنجي حيرت جي حد نه رهي جڏهن پاڻ مهرباني ڪري تقرير بعد اها کيس ڏنل اعزازي ڪاپي مون کي ڏيئي پاڻ مون کان نئين ڪاپي وٺي چيائين” هيءَ ڪاپي پاڻ وٽ رکجان ۽ انهيءَ کي ڏسجان“ مون فرصت جي وقت انهي ڪاپي جي ورق گرداني ڪندي ڏٺو ته  جويي صاحب ڪتاب کي اکر اکر ڪري پڙهيو هئو ۽ جتي به ڪا پروف جي چڪ هئي ته انهيءَ کي درست به ڪيو هئائين ۽ هر صفحي تي نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه تي ٽڪ يا ڪٿي ٻٽي ٽڪ جو نشان به لڳايو هئائين. اهڙيءَ طرح جتي اعراب (زير، زبر، پيش) جي نشاني ڏنل نه هئي ته پاڻ اُهي نشانيون هٿ اکرن سان ڏنيون هئائين، ڪتاب جي آخري صفحي تي هيءَ سٽ لکي ڇڏيائين.
” سوچ ۽ وڏيءَ دل سان پڙهڻ جو ڪتاب“
حيدرآباد سنڌ ۲۸، ۶، ۲۰۱۳ع .
جويي صاحب پنهنجي زندگيءَ جا سمورا سونهري پل لکڻ پڙهڻ کي ارپي ڇڏيا آهن ۽ ڪو به پل ضايع نه ڪيو آهي، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي تسليم ڪرائڻ واري جهد مسلسل ۾ جويي صاحب مستقل  مزاجيءَ سان ثابت قدم رهيو، هن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪارائتون اسڪيمون نه رڳو متعارف ڪرايون پر انهن تي عملدارآمد لاءِ به لاڳيتو جاکوڙيندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ادبي بورڊ لوڪ ادب کان وٺي تاريخ  جي حوالي سان قيمتي ڪتاب ڇپرايا ۽ ٽه ماهي مهراڻ رسالي کي گرامي صاحب جي معاونت سان اعليٰ  معيار تي پهچايو، ٽه ماهي مهراڻ جا خاص نمبر سنڌي ادب جو املهه خزانو آهن، جيڪي نالي وارن عالمن ۽ اديبن جهڙوڪ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، مولانا غلام محمد گرامي، شمشمير الحيدري، امداد حسيني، نفيس احمد شيخ وغيره جي علمي ۽ ادبي مزاج ۽ معيار جو اولڙو پسائين ٿا ۽ انهن جي نگراني لاءِ سائين جي ايم سيد، پير حسام الدين شاهه راشدي، مرحوم ميران محمد شاهه، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسيني، محمد ابراهيم جويي، غلام رباني  آگرو جهڙن معتبر ۽ بي لوث ماڻهن جي شفقت  شامل رهي آهي، موجوده وقت اهو وڏو ادبي ادارو  سازشن جي شڪار ٿيڻ سبب انتظامي ۽ مالي بحران جو شڪار ٿي رهيوآهي، جيڪا انتهائي افسوس ناڪ صورتحال آهي سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٻارن لاءِ نڪرندڙ رسالو گل ڦل ۽ عورتن جي لاءِ نڪرندڙ رسالو ” سرتيون “ جيڪي اڳي ڳوٺن تائين پهچندا هئا، سي هاڻي شهرن ۾ به ڏسڻ ۾ نٿا اچن. ”جويو“ صاحب بالغ ذهنن لاءِ رڳو نه لکيو پر هن ٻاراڻي ادب ڏانهن به ڌيان ڏنو، جنهن جو  مثال سندس هيٺيان ترجمو ڪيل ڪتاب آهن.
بلائٽس جو ڪتاب ” ٻارن جو مسيح“
(۲) مشهور يوناني مورخ ۽ عالم پليو ٽارچ جو مضمون” ٻارن جي تعليم“
انهن کان علاه هن هڪ تعليمي ماهر هئڻ جي نسبت سان روسو جو ڪتاب ” ايملي عرف تعليم“  به ترجمو ڪيو، روسو جو تعلق فرانس سان  هو ۽ ۱۷۸۹ع واري انقلاب ۾ هن والٽيئر سان گڏجي پاپائيت جي خلاف علمي ۽ عملي تحريڪ هلائي، انهن ڏاهن کي انهيءَ دور ۾ انسائڪلوپيڊسٽ سڏيو ويندو  هو، سائين جويو صاحب ” فرينچ انقلاب“ نالي ايمل ايرڪسن ۽ اليگزينڊر جينريان جو ڪتاب ” انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇپرايو. ۱۷۸۹ع واري انقلاب کي بي اثر بڻائڻ لاءِ نيپولين  بونا پارٽ بادشاهت قائم ڪري ورتي پر هن انقلاب جا اثر پوري يورپ تي ڇائنجي ويا ۽ پاپائيت ( ملائيت)  جو زوال  اچي ويو. مغرب ۾ ملڪي سياست کي مذهب کان الڳ ڪري جمهوري ۽ سيڪيولر سرشتو رائج ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ مغرب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اسان کان صديون اڳيان ٿي ويو آهي پر اسان اڃان تائين ” ملائيت“ جي زنجيرن کان رهائي حاصل نه ڪري سگهيا آهيون. اسان کي تاريخ مان سبق سکڻ کپي ۽ ” مذهب“  ۽ ” رياست“ کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪرڻ جي جاکوڙ ڪرڻ گهرُجي، محترمه جويو صاحب انهيءَ لاءِ پتوڙيندو رهيو.
جويي صاحب جي طبعزاد ڪتابن ۾ ٻه ڪتاب نمايان آهن، (۱) شاهي، سچل، سامي (۲) هُوءَ جا ٽمڪي باهڙي. جويي صاحب جا ڪيترائي مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن ۽ هن جون ڪيتريون ئي تقريرون رڪارڊ ٿيل آهن، جن کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ اسان جي اشاعتي ادارن جهڙوڪ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، سنڌي لينگويج اٿارٽي، ثقافت کاتو، شاهه عبداللطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي کان ڪي اسڪيمون منظور ڪرائڻ گهرجن.
محترم جويو صاحب ترجمي ڏانهن زياده راغب رهيو ، ڇاڪاڻ ته هن جي خيال موجب، دنيا جي چونڊ ادب کي سنڌيءَ ۾ آڻي سنڌي ٻوليءَ کي ادبي طرح شاهوڪار بڻائي سگهجي ٿو. اهڙو فڪر شيخ اياز کي به دامن گير هو، جنهن سنڌالاجي کي عالمي ڪلاسيڪل ادب کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، پر شيخ صاحب جي وائس چانسلري  کانپوءِ اها اسڪيم ئي ختم ٿي ويئي.
سائين جويي صاحب ڪافي ملهائتا ۽  معياري ڪتاب ترجمو ڪيا آهن، جيڪي ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا پر انهن ڪتابن جا نوان ايڊيشن نه اچڻ سبب اهي ڪتاب اڻلڀ آهن، ٿي سگهي ٿو ته ڪن ڪتاب فروشن وٽ ڪجهه ڪاپيون هجن. اهي ترجمو ڪيل ڪتاب هيٺان آهن.
”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ ليکڪ جارج پوليرز
” فڪر جي آزادي“ ليکڪ اسٽيفن زويگ
” علم تدريس مظلومن لاءِ“ ليکڪ پائلو فريري
” گليلو گليلي“ ليکڪ بريٽالٽ بريخت.
”وحشي جيوت جا نشان“ ليکڪ هار ورڊ مووز .
انهن ترجمن کان علاه جويي صاحب شيخ اياز جي ڪتاب ”وڄون وسڻ آڻئيون“ ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ ”راج گهاٽ تي چنڊ“ ”لڙيون سج لڪن ۾“ ”بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي“ تي شاهڪار مهاڳ لکيا آهن ۽ انهيءَ کان علاوه ابراهيم منشي ۽ نورالهديٰ شاهه جي ڪتابن جا مهاڳ به لکيا آهن.
شيخ اياز جو خطن تي مشتمل شاندار ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ سائين جويي صاحب ڏانهن ئي لکيل خط آهن ۽ هيءُ ڪتاب پڙهڻ ۽ سانڍي رکڻ جهڙو آهي.
جويو صاحب سنڌ بابت تمام حساس رهيو ۽ هن پنهنجي حياتيءَ جي ابتدائي دور ۾ هڪ ڪتاب Save Sindh, Save continant لکيو ۽ هن ننڍي کنڊ ۾ ايندڙ تبديلين جي حوالي سان ”سنڌ ۽ ان جي مستقبل بابت، جن انديشن ۽ خدشن جو اظهار  ڪيو هو، تن کي بعد جي حالتن صحيح ثابت ڪيو، انهيءَ مان سندس ڏور رس نگاهه ۽ سنڌ سان والهاڻي وابستگي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ون يونٽ خلاف ٺهندڙ” اينٽي ون يونٽ فرنٽ “ ۽ ” سنڌ متحده محاذ، جي سلسلي ۾ به جويو صاحب ون يونٽ جي مخالفت سبب ايوب شاهي جي عتاب جو نشانو بڻيو ۽ کيس سنڌ کان ڪوهاٽ بدلي ڪيو ويو.
جويو صاحب سنڌي ادبي سنگت کي هڪ ترقي پسند تنظيم طور قبوليو هو ۽ اڄڪلهه سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجي پٽڙي تان لاهڻ جا جيڪي جتن ڪيا پيا وڃن سي ڄاڻي يقينن کيس ڏک رسندو هو. انهيءَ ڪري سنڌ جي سڄاڻ ترقي پسند ماڻهن جو فرض آهي ته سنڌي ادبي سنگت جي ” جوهر“ کي ڪو نقصان نه رسي ۽ اها ترقي پسند سيڪيولر سوچ جي نمائنده ادبي جماعت رهي، جيڪي ماڻهو ان کي رجعت پرستي ڏانهن ڌڪيندا سي سنڌي قوم ۽ تاريخ جا ڏوهاري ليکيا ويندا.
جويو صاحب سائين جي ايم سيد سان گڏ ” بزم صوفياءِ سنڌ“ جو به ساٿاري رهيو، هو حيدر بخش جتوي جي سنڌ هاري ڪميٽي جو به حامي رهيو، هو رسول بخش پليجي جي سنڌي عوامي تحريڪ جو به خيرخواهه رهيو، هو بنيادي طرح مارڪسوادي هيو پر پاڪستاني اشتراڪين سان سندس سنڌي قوم جي مسئلي ۽ مفاد تي هميشه ٽڪراءُ رهيو، هيءُ آزاد سيڪيولر سماجوادي سنڌ جو پيامي رهيو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ لطيفي فڪر مطابق پوري انسان ذات جي ڀلائي لاءِ نئين نظام جو حامي به رهيو آهي.
جويو صاحب شخصي، جماعتي ۽ نظرياتي جمهوريت ۾ جيڪي نقص ۽ عيب به آهن پر مهڪري جي هڪ مضمون کي ترجمو ڪندي هو لکي ٿو ته ” جمهوريت جي خرابين جو علاج وڌيڪ جمهوريت آهي“
اهو ئي غالبن ڪارڻ آهي ته ايم اين را ۽ جيڪو ڪميونسٽ پارٽي  جي پهرئين قطار جي دانشورن ۾ شامل هو سو به سياسي ۽ نظرياتي اختلافن سبب اشتراڪي پارٽي کان عليحده ٿي ويو ۽ هن مارڪسزم ۽ انسانيت دوستيءَ کي ملائي هڪ نئون نقطئه نظر پيش ڪيو، جنهن کي هن ” نيو هيومنزم“  جو نالو ڏنو. جويو صاحب ۽ شيخ اياز فڪري ۽ عملي طور انهيءَ ”نيو هيومنزم“ جا حامي ٿي ايم اين راءِ جي سٿ ۾ شريڪ ٿي ويا هئا.
جيڪڏهن جويي صاحب جي فڪري اوسر جو احاطو ڪجي ته اسان ڏسون ٿا ته ” جويي صاحب  جي فڪري تاڃي پيٽي ۾ سماجوادي سوچ، قومي خود اختياري، نيو هيومنزم ۽ تصوف جا ڌاڳا پرويل نظر اچن ٿا.
هيءُ جويي صاحب جي فڪر ۽ نظر بابت منهنجو پنهنجو اڀياس آهي ۽ دوستن ۽ پرهندڙن کي اختلاف ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي ۽وڌيڪ تصديق يا ترديد جو مجاز جويو صاحب خود آهي.
مانجهاندي جا ماڳ سوين، پر منهنجو پنڌ پري،
منهنجو پنڌ پري!
پک پکيڙي مور هوا ۾، سرلا سڏ ڪري،
منهنجو پنڌ پري!
ڪارونجهر  تي پهتو  ڪو ڪو ڏينهن ٺري،
منهنجو پنڌ پري !
منهنجو پنڌ پري.


سائين محمد ابراهيم جويو
جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهار
پروفيسر اعجاز قريشي
ڪالهه تاريخ ۹ نومبر تي سنڌ جو هڪ عظيم انسان سائين محمد ابراهيم جويو اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو، سائين سڄي عمر يعني حياتيءَ جا ۱۰۲ سال سنڌ کي ارپيا ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي. سنڌي ٻولي ۽ ادب سان انتهائي پيار ڪيو، تازو ئي پوين ڏينهن ۾ جڏهن به سائين سان ملبو هئو ته به سنڌ کي پيو ياد ڪندو  هئو، پاڻ سنڌي نوجوانن لاءِ نت نوان پيغام ڏيندو رهيو ۽ انهن جي شعور کي اڏڻ لاءِ پاڻ ارپيو. اڄ جڏهن هو اسان وٽ ناهي تڏهن سندس علمي/ادبي پورهيو سنڌ کي پيڙهيون ۽ صديون ياد رهندو.
سائين سموري زندگي ۽ ان جو هر هڪ پل هڪ مقصد جي پنڌ تي هلندي گذاريو، هن ڪڏهن به لکڻ ۽ پڙهڻ، يعني قلم ۽ علم کي ذهني عياشي ۽ دماغي ورونهن جو وسيلو نه بڻايو. ان جي ابتڙ هن جو لکيل هر لفظ هڪ مقصد، هڪ تمنا، هڪ خواب ۽ ان جي ساڀيا جي ڏس ۾ قدم کڻي هلي ٿو، سندس هر هڪ جملو سندس سوچ جي پاتالن کان هلندي، هن جي قلم جي نوڪ تي اچي ڪا ڳر تي جرڪي پوي ٿو ۽ لڳ ڀڳ هڪ صديءَ جي ڊگهي سفر م هو ڪٿي به، ڪڏهن به ٿڪو يا مايوس نه ٿيو، ڪٿ به هن ساهي نه کنئي، لڳاتار منزلون لتاڙيون،  فقط هڪ منزل کي رسڻ جي لاءِ ڇاڪاڻ ته هو ڄاڻي پيو ته حرڪت ۾ ئي برڪت آهي، پر اها حرڪت جيڪا ڪنهن ماڳ ، جيڪو اسان سڀني جو ماڳ به آهي، ان ڪري هي پاڻ سنڌ منهنجي خوابن جي“ جو نالو ڏئي ٿو ۽ هڪ خواب جي ساڀيا ٿيڻ لاءِ هن ڪيترا نه پنڌ ڪيا۽ هن ڪيترا نه ڏاکڙا ۽ ڏک ڏٺا، پر هن ڪٿي به ايئن ناهي چيو ته:
ايئن ئي رهيس راهه ۾، ايئن ئي هٿ هڻي،
ويا خيال کڻي،ماءُ منهنجو جندڙو.
پر ان جي ابتڙ سندس سموري زندگي لطيف جي هن بيت جو اجرو ۽ چٽو عڪس آهي:
ٿڪيائي ٿر ٿيل چڙهه چڪيائي چوٽئين،
هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀوءَ مڙيوئي ڀيل،
اٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري،
سنڌ ۾ نئين علم جي روشني پکيڙڻ ۽ جديد فڪر ۽ نظرين جا واس وٺرائڻ جي سلسلي ۾ سائين جويي صاحب جي ڀاڱي ڀائيواري بنهه بنيادي قسم جي آهي. هن سدائين، خير، خوشي، خوبي، امن، سلامي، سک ۽ انصاف لاءِ آواز اٿاريو ۽ بديءَ جون قوتون ۽ شر جي شيطانن خلاف علم بلند ڪيو. هن سدائين اصتحصال ۽ استبداد جي دادن خلاف ببانگ دهل ڳالهايو ۽ لکيو. هن هميشه اميرن، وزيرن، وڏيرن، جاگيردارن جي ڪارستانين ۽ ڪارنامن کي بي نقاب ڪيو ۽ مذهب جي آڙ ۾ ٿيندر انسانيت خلاف اڍنگاين ۽ مورک پاين کي للڪاريو. اهو ئي سبب آهي جو غلام رباني آگري هن لاچيو آهي ته: ” هي پيدائشي باغي آهي پر علم ۽ ڏاهپ جي مٿاهين ڏاڪي تي پهچي به هن پاڻ پڏائڻ کان پاسو ڪيو آهي. هن ڪڏهن به زبان کي مان جي ورڊ تي ناهي هيرايو. انا پرستي، طمع پروري، حرص، لالچ ۽ لوڀ جا لينگها  سندس دامن تي نه ڏٺا ويا آهن، سندس من به هن جي هن اڇيءَ کاڌيءَ جيان اڇو ۽ بي داغ آهي ۽ اسين خوش نصيب آهيون جو اسان اڻويهين ۽ ويهين صديءَ جي هڪ عظيم ڏاهي ۽ ساڃهه وند کي اکين سان ڏٺو ۽ مون کي ذاتي حوالي سان ان ڳالهه تي فخر رهندو ته آئون پڻ ان دور جو آهيان، جنهن دور جو محمد ابراهيم جويو رهيوآهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته لطيف سائينءَ  به اهڙا ڪردار ڏٺا هئا، جن لاءِ هن چيو هو:
بُک وڌائون بُگرئين، جوڳي ڪندا جي،
طلب نه رکن طعام سين، اوتيو پيئن اڃ،
لاهوتين لطيف چئي، من ماري ڪيو مُڃ،
سامي جهاڳي سُڃ وسنهن کي ويجهو ٿيا،
روسي ناول نگار ۽ شاعر پاسترنڪ جي جڳ مشهور ڪتاب ڊاڪٽر زواگو ۾ هڪ هنڌ بيان ڪيو ويو آهي ته:
”شايد هر زندگي ۾ ٻين خاص ماڻهن کانسواءِ هڪ ڳجهي ۽ هستي آهي، جيڪا سڏڻ کانسواءِ ئي مدد لاءِ پهچي ويندي آهي“. اهي سٽون پڙهي جڏهن آئون سائين ابراهيم جويي تي سوچان ٿو، جنهن جا هونئن ته هزارين يار، درست ۽ ساٿي آهن، پر اها ڪهڙي ڳجهي ۽ اڻ لکي طاقت آهي، جيڪا سدائين ساڻس گڏ آهي، هڪ جسم طور نه پر هڪ روح طور هن سان دمبدم ۽ هر قدم گڏ هلي ٿي، ان جي جواب لاءِ پاڻ ۾ جهاتي پائجي ٿي ته اندر جي فضائن ۾ ” سنڌ جو نالو پر کولي اڏندڙ پنڇيءَ جي ڀڙڪي جيان گونجڻ لڳي ٿو، تحقيق، اها سنڌ ئي آهي، جنهن سان سندس جنم جنم جو رشتو آهي، جيڪا هن سان سدائين ساڻ رهي آهي، اها ئي قوت آهي، جنهن جو جلوو ۽ جهلڪ اسان کي جويي صاحب جي پوري حياتيءَ ۾ نطر اچي ٿي. پوءِ ڪڏهن ڪيهي ته ڪڏهن ڪيهي، ڪڏهن ڪنهن روپ ۾ ته، ڪڏهن ڪنهنءَ رنگ ۾.
ايڪ قص در لک ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،
جيڏان ڪريان پرک، تيڏان صاحب سامهان.
سنڌ، سنڌي قوم، سنڌي ٻولي، سنڌ جي تاريخ، سنڌي ثقافت سان جويي صاحب جو سچو عشق رهيو، هو خوابن جي سودائي نه پر ساڀيان جو سوداگر هئو. هن هيترن ڪتابن ۽ ادارن جا سانگ ان عشق جي روايتن کي ان جي حقيقي جوهر ۾ برقرار ۽ بحال رکڻ لاءِ رچايا، سنڌ سان عشق جو اعلان اقرار ۽ دعويٰ  ته گهڻائي ڪن ٿا پر ان نينهن جي ناتي سان نڀاءُ ۽ ان جي گهرجن سان نياءُ ڪنهن ڪنهن جي وس آهي، سنڌ سان محبت فقط سڏ جو نالو ناهي، پر ” سر کي سٽ“ ۾ ڏيڻ جو اهڃاڻ آهي۽ جويو صاحب اهو مرد قلندر هئو، جيڪو هر دور جي ڇوهين ۽ چٽين ڇولين ۽ سير ۾ گهاگهائي گهڙيو. هن ڪڏهن  به محبتن ۽ اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، عبدالواحد آريسر کيس پنهنجن لفظن ۾ هيئن ياد ڪيوآهي.
”جويي صاحب جا ڪيترائي همعصر وڪامجي ويا، تبديل ٿي ويا، پنهنجي سجده نگاهون بدلائي ڇڏيائون، نون جلون ۽ چمڪيدار نظارن ۾ کوئجي ويا، پر هيءُ ماڻهو لطيف سائين چواڻي: ”اتي ئي آهين، جتي اوهان ڇڏيون “ ۽  هو جنهن جذبي، ٻاجهه ۽ خلوص سان هن اڀاڳيءَ ڀونءِ  جي نادان ماڻهن کي هدايت جي واٽ ڏسيندي، پنهنجي توانائي، ڏاهپ ۽ ڏات جي پلٽ ڪندو رهيو ، ان کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته: مضبوط پهاڙ پنهنجي جاءِ ڇڏي سگهن ٿا، پر جن جون دليون لازوال محبت  جي جذبي سان سرشار هونديون آهن، سي لُڏي لمي نه سگهندا آهن ۽ محمد ابراهيم جويو ايئن انهن سٽن جو مصدق رهيو“
پير ميريدلين ۽ بي شناس اکين سندس پورهيي، محنت، قرباني ۽ وابستگيءَ مان ڪاڻ ڪڍڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ڪجهه سالن کان اسان جي ڪجهه اسان جي ڪجهه قلم جي روزگار ڪندڙ ۽ قلمڪاري نه پر قلم ڪارو ڪندڙن قلم ۽ لفظن جي جيڪا اڻ وڻندڙ ۽ ڇسي راند رهي آهي. ان سان جويي صاحب تي ته ڪو به اثر نٿو پوي ۽ پيو به ناهي پر انهن پنهنجي پت وائکي ڪئي، هيءُ ته اڃا به پهاڙ جيان اوچو اڏول ۽ مضبوط بيٺو رهيو، جيڪڏهن ڪو وڇون ان کي ڏنگ هڻي ٿو ته فقط اهو پنهنجي فتني باز فطرت جي تسڪين ڪري ٿو پر ان سان پهاڙ تي ڪو به فرق نٿو پوي.


ابراهيم جويو
سنڌ کي نئين سجاڳي جو سڏ ڏيندڙ
ادريس جتوئي
سائين محمد ابراهيم جويي جي وڇوڙي جي خبر ڏاڍي ڏکوئيندڙ آهي، جويي صاحب سان اسان جو روح جو رشتو ۽ فڪري ناتو ۱۹۸۰ع کان وٺي رهيو، پاڻ هر گهڙي اسان لاءِ اتساهه جو ذريعو ۽ سرچشمو رهيو. زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين سنڌ جي نئين نسل جو سونهون ۽ رهبر رهيو.
سائين محمد ابراهيم جويي صاحب نئين سنڌ جو خواب ڏٺو، ان خواب جي تڪميل لاءِ هر گهڙي جدوجهد ۾ رهيو، نئين سنڌ جي تعمير ۾ جوئي صاحب جو نمايان ڪردار رهيو، هو جديد سنڌ جي تعمير ڪندڙن منجهان هڪ هو.
هن سنڌ کي نئين سجاڳيءَ جو سڏ ڏنو ۽ فڪري جاڳرتا کي جنم ڏنو، هن پنهنجي قلم ذريعي روسو ۽ والٽيئر جيان ڪردار ادا ڪيو. روشن خيالي، سماجي انصاف، وطن دوستي ۽ جمهوري قدرن جي آبياري ڪئي ۽ ان لاءِ عملي ميدان ۾ جدوجهد پڻ ڪئي، سنڌ ٻولي، ادب ۽ تعليم لاءِ محمد ابراهيم جويي صاحب جون خدمتون نه وسرڻ جوڳيون رهيون آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ ان بچاءَ لاءِ پاڻ اڳڀرا رهيو، جڏهن به سنڌي ٻوليءَ تي ڪو ڏکيو وقت آيو ته محمد ابراهيم جويي صاحب پنهنجو مثالي ڪردار ادا ڪري سنڌي ٻوليءَ لاءِ پاڻ ملهايو. پاڻ سڄي عمر تعليم ۽ مادري زبان يعني سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏيڻ جي ڳالهه وڏي واڪي ڪندو رهيو، ڇاڪاڻ ته پاڻ تعليمي ماهر جي حيثيت ۾ چڱي ريت ڳالهه ڄاتائين ٿي ته ٻار جي سکيا پنهنجي مادري زبان ۾ ئي بهتر ٿي سگهي ٿي.
۱۹۶۰ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن شريف تعليمي ڪميشن سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت گهٽائي پرائمري تائين محدود ڪئي ته سائين محمد ابراهيم جويي ۽ ٻين سنڌ جي عالمن ۽ اديبن ان جي مخالفت ڪئي ۽ شريف ڪميشن کي اهو فيصلو واپس وٺڻو پيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي حيثيت کي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سائين جويي صاحب تعليمي ميدان ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ڪوهاٽ، ٺٽي ۽ جيڪب آباد هاءِ اسڪولن ۾ تعليم ڏني.
پاڻ روسو جو ”ايملي عرف تعليم“پليو ٽارچ ٻارن جي تعليم جو جهڙا تعليمي نفسيات تي ڪتاب ۱۹۵۰ع جي ڏهاڪي ۾ لکيا ۽ ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ جڳ مشهور تعليمي ماهر پائلو فريري جو ڪتاب ”علم تدريس مظلومن لاءِ“جو نهايت شاندار ترجمو ڪيائين. هن وقت تائين ان ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا روشني پبليڪيشن ڇاپي چڪي آهي.اهو ڪتاب سنڌ ۾ تمام گهڻو پڙهيو ويو.۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ جويي صاحب جا ترجمو ڪيل ڪتاب ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ علم تدريس مظلومن لاءِ“ ”شاهه سچل سامي“”گليلو“ سنڌ اندر اسٽڊي سرڪلن ۾ پڙهيا ويندا هئا.
جويو صاحب هڪ اداري ساز شخصيت هو، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي، سنڌ سرونٽس سوسائٽي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو ڪيتري عرصي تائين سيڪريٽري رهيو. سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”مهراڻ“ جي ذريعي جويي صاحب جديد سنڌي ادب جي تعمير ڪئي. نون ليکڪن ۽ شاعرن کي متعارف ڪرايو. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سالن تائين جويي صاحب درسي ڪتاب لکيا، ترجمو ڪيا ۽ ايڊٽ ڪيا. پاڻ درسي ڪتابن ۾ معياري سنڌي ٻولي ڪتب آندائين ۽ سنڌي ٻوليءَ جو صحت جو خيال رکيائين. جويي صاحب پهريون ڪتاب ايم اين راءِ جو ”هسٽاريڪل رول...........آف اسلام“ ترجمو ڪيو. جيڪو کانئس سنڌ جو هڪ ناميارو دانشور ڇپائڻ لاءِ کڻي ويو پر ان کان گم ٿي ويو ۽ اهو نه ڇپجي سگهيو. جنهن جو ڏک کيس زندگي جي آخري گهڙيءَ تائين رهيو.
اها خوشنصيبي چئجي ته شاهه لطيف کي ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ سورلي جهڙا شارح ۽ محقق مليا پر سنڌ جي جديد شاعر شيخ اياز کي سائين ابراهيم جويي جهڙو شارح ۽ دانشور مليو. جنهن سندس شاعريءَ جي فني، فڪري ۽ جمالياتي پاسن کي پنهنجي علمي تنقيد ۽ ڇنڊ ڇاڻ رستي واضح ڪيو. سائين ابراهيم جويي سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي ڪيترن ئي نسلن جي تربيت ڪئي، سندس لاڏاڻي سان سنڌي ٻولي، ادب ۽ تعليم هڪ نماڻي، ڪميٽيڊ خدمتگار کان محروم ٿي وئي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سائين محمد ابراهيم جويي جي هڪ صديءَ جي پورهئي کي پرجهيون ۽ پروڙيون. جويي صاحب جي زندگيءَ ۾ ڪيل مختلف ڪمن ۽ ڪتابن تي تحقيق ڪريون. سنڌ جون يونيورسٽيون ۽ انهن جا شعبا، علمي، ادبي ادارا ۽ انفرادي طور تي مختلف محقق جويي صاحب جي فڪر ۽ فن تي نون رخن کان تحقيق کي اڳتي وڌائين، سنڌ اسيمبلي ڪافي وقت اڳ هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو هو ته محمد ابراهيم جويو ترجمي جو بيورو ٺاهڻ ٺاهڻ گهرجي، ان کي به عملي جامو پهرايو وڃي ۽ ٻيا اهڙا نيڪ ۽ سٺا ڪم ڪري جويي صاحب کي خراج تحسين پيش ڪريون.


محمد ابراهيم جويو
برک ڏاهي، اديب، عالم ۽ دانشور جو وڇوڙو
حيدرآباد مان امتياز چانڊيو جي ڊائري
سنڌ صوفين ۽ بزرگن جي اها ڌرتي آهي، جنهن تي ازل کان وٺي قدرت مھربان رھي آھي، تنهن ڪري سنڌ جي ڪک مان بي مثال شخصيتون جنم وٺنديو رھيون آھن، جن ۾ ڀٽائي سرڪار، سچل سرمست، سامي، شاهه عنايت شھيد، جي ايم سيد، امداد حسيني، رسول بخش پليجو، عبدالحواحد آريسر، احمد خان مدھوش ۽ سائين ابراھيم جويو جهڙيون شخصيتون شامل آهن. محمد ابراھيم جويو ھڪ آدرشي انسان ھئڻ سان گڏوگڏ وڏو محنتي ۽ جاکوڙي انسان ھو، سندس علم، عقل ۽ ڏاھپ ڪمال جي ھئي، هن سنڌ کي پنهنجي محبوبا بڻايو هو ۽ پنهنجي سڄي زندگي سنڌ محبوبا جي نانءَ ڪري ڇڏي هئي، سندس جيڪا سنڌ لاءِ قلمي محنت ۽ جدوجھد هئي، اها تاريخ جي سنھري اکرن ۾ لکجي وئي آھي، ابراھيم جويو پنهنجي زندگي ۾ محنت ۽ جفاڪشي تي يقين رکندڙ انسان ھو، هن جون سنڌ جي حقن لاءِ محنتون ۽ ڪوششون به وسارڻ جهڙيون ناهن.
ڪالهه خميس ڏينهن صبح جو سوير سنڌ ان وقت هڪ برک ڏاهي، اديب، عالم ۽ دانشور کان محروم ٿي وئي، جڏهن اها خبر آئي ته محمد ابراهيم جويو جي ساهه جو سڳو ٽٽي ويو، ۱۰۲ سالن جي ڄمار ۾ سندس چمڪيليون اکڙيون هميشه لاءِ بند ٿي ويون آهن ۽ هو سنڌ واسين کان جسماني طور تي هميشه لاءِ موڪلائي ويو آهي، اها خبر سنڌ جي ادب، ڏاهپ ۽ دانشوري مٿان ڇپ ڪرڻ برابر هئي، جنهن ماڻهوءَ جي ڪنن تائين اها خبر پئي پهتي، ان وقت ان ماڻهو کان رڙ نڪري پئي وئي، سڄي زندگي ادب جي خدمت ۾ گذاريندڙ هن معتبر انسان جو وڇوڙو حيدرآباد جي صحافي ڪالوني واري سندس رهائشگاهه تي ٿيو، محمد ابراهيم جويو جي وڇڙي وڃڻ واري خبر پوڻ شرط ئي سڄي ملڪ جا اديب، دانشور، ڏاها، شهري، دوست ۽ مٽ مائٽ سندس رهائشگاهه تي پهچي ويا.
هن نامياري عالم، اديب ۽ ڏاهي محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي دادوءَ ضلعي جي ڳوٺ آباد ۾ هڪ هاري محمد خان جويو جي گهر ۾ جنم وٺي اکڙيون کوليون، هو ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل بيماريءَ ۾لاڏاڻو ڪري ويو هو، جنهن ڪري سندس ننڍپڻ انتهائي غربت ۾گذريو هو، محمد ابراهيم جويي پرائمري جا چار درجا ڳوٺ ۾پڙهڻ بعد ۱۹۲۷ع ۾ اي وي اسڪول، سن ۾داخلا ورتي، جتي ٽي درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين، جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻي پوزيشن ماڻي، سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائودپوٽو پرنسيپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو، جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي، ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس، ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ”اسسٽنٽ ماسٽر“ مقرر ڪيو ويو.
محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾پهريون مضمون Democracy in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ”ڪرانيڪل“ ۾ ڇپيو. سائين جي ايم سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو، هو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم اين راءِ کان گهڻو متاثر هو ۽ هن ايم اين راءِ جي  ۾ شموليت اختيار ڪئي.  هن ايم اين راءِ جي ڪتاب ” اسلام جو تاريخي ڪارنامو“ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ ابراهيم جويي سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دوران هن هڪ ڪتاب ”سنڌ بچايو-کنڊ بچايو“ لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو. ابراهيم جويي جي اهليت کي مڃندي ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمين موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، هن ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايو، بعد ۾اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين.
۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ” هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي سنڌي ادبي بورڊ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور ڪم ڪيائين. ان دوران ابراهيم جويو ٻه سال بورڊ جي ٽماهي رسالي مهراڻ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ مهراڻ جو اهو دور يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو، جولاءِ ۱۹۶۷ع ۾ جويي صاحب هڪ مضمون لکي سليم احمد جي فرضي نالي سان ڇپايو، جنهن جو عنوان ” اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو“ هو، جنهن تان ناراض ٿي سرڪار کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ماستر طور بدلي ڪري ڇڏيو، اها سرڪاري ناراضگي پوءِ به ٿڌي نه ٿي ۽ کيس ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال ڪري موڪليو ويو، جتي لڳ ڀڳ ٻه سال کن رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هو سنڌ ۾رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزيمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا، ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين، ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دور ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي نئين جاڳرتاجو اهم اڳواڻ رهيو.
۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان ۴۰ کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ ” سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ جو بنياد رکيائين ۽ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي، سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج الحق ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا، جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. ابراهيم جويو ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان مختلف مرحلن ۾سنڌي لئنگوئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو رهيو. ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان ميمبر رهيو آهي، ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ آهي.
ابراهيم جويي سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا، ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي ۲۲ جامع جُلدن جي سربراهي پڻ ابراهيم جويي کي ڏني وئي، جنهن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري تاج جويو هو. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج الحق جي لکيل ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ (۱۹۶۴ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ هن سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا آهن ۽ سنڌ ۾ ” مهاڳ نويسيءَ“ جي فن جو استاد ليکيو وڃي ٿو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفاڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪيا.
محمد ابراهيم جويي پاران اسلام جو تاريخي ڪارنامو، ايم اين راءِ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۴۵ع)، Save Sindh, Save the Continent (۱۹۴۵)) ايميلي عرف تعليم، جي جي روسي جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۶۹ع)، ٻارن جي تعليم، پليو ٽارچ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۷۲ع)، وحشي جيوت جا نشان هاوَرڊ موئر جي ڪتاب ‘Savage Survivals’ جو ترجمو، (۱۹۷۶ع)، سنڌي زبان جي بنيادي لغت: (وڌايل بنيادي لغت ۽ ڪاروباري بنيادي لغت)، (ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل: ۱۹۷۶ع)، فڪر جي آزادي :اسٽيفن زويگ جي ڪتاب ‘The Right to Heresy’ جو ترجمو، (جون ۱۹۷۷ع)، گليلو برنالٽ بريخت جي ڊرامي ‘Life of Gallileo’  جو ترجمو (۱۹۷۷ع)، شاهه- سچل- سامي:(۱۶۸۹-۱۸۵۰- هڪ مطالعو) (۱۹۷۸ع)، ٻارن جو مسيح، اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s Life of Christ’ جو ترجمو (۱۹۸۰ع)، ماڻهوءَ جو ڀاڳ :(ناٽڪ، لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره) (۱۹۸۰ع)، عورت آزاد (عورتن جي تحريڪ آزادي)، ترتيب ۽ ترجمو (۱۹۸۳ع)، فلسفي جو ابتدائي ڪورس جارج پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۸۴ع)، علم تدريس مظلومن لاءِ پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy of the Oppressed’ جو ترجمو ۹۸۴ع)، مهڪريءَ جا مضمون (ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ) (۱۹۸۳ع)، اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم :(ترتيب)، (۱۹۸۵ع)،  فرينچ انقلاب ايميل ايرڪمن اليگزانڊر چيتريان جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۹۰ع)، مُٺِ مُٺ موتين جي (هفتيوار ’هدايت، حيدرآباد ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ)، (۱۹۹۲ع)، هوءَ جا ٽمڪي باهڙي (پهريون جلد ) مضمون ۽ ترجما (۱۹۹۵ع)، ادب- ٻولي- تعليم :(هُوءَ جا ٽمڪي باهڙي، جلد ٻيو) (۱۹۹۸ع)، خط ٻن اديبن جا :(عبدالقادر جوڻيجي ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۱۹۹۹ع)، ڳالهيون ڪتابن جون، ڀاڱو پهريون (۲۰۰۲ع)، خط ٻن استادن جا :(محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا) (۲۰۰۳ع)  ڳالهيون ڪتابن جون (ڀاڱو ٻيو) (۲۰۰۳ع)، خط دوستن جا (جلد پهريون: پيار، نبارُ، اٿاههُ (ابن حيات پنهور ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۲۰۰۸ع)، (۲۶). Sindh Betrayed: Her Right to Redemption; Essays and Articles, Letters (۱۹۴۲-۲۰۰۳), (۲۰۰۶). ) جا ترجما ڪيا.
ان کان سواءِ محمد ابراهيم جويو جا سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن، ڪريڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاهه لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽ پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس، جن جي ذريعي هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي آهي. ابراهيم جويو کي ظفر، منور ۽ مظفر سميت چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي، نياڻين مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار آهي. سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ابراهيم جويو ڪارنر پڻ قائم ڪيو ويو آهي، هو هن وقت صحافي ڪالونيءَ، حيدرآباد ۾ رهائش پذير هو، محمد ابراهيم پيرسن هوندي به سنڌ جي ادب ۽ ٻولي لاءِ جاکوڙ جاري رکندو رهيو.
هن نماڻي، سٻاجهڙي ۽ سهڻي انسان سان ڪچهري لاءِ وڃبو هو ته سندس دل باغ بهار ٿي ويندي هئي ۽ هو هر ساڻس ملڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو سان تمام گهڻي پيار سان ملندو هو، حيدرآباد ۾ٿيندڙ مختلف علمي ادبي پروگرامن ۾محمد ابراهيم جويو وڏي شوق سان شرڪت ڪندو هو، جسم ڪمزور ٿيڻ ڪري هو ڊائيس تي بيهي نه سگهندو هو پر تنهن هوندي به هو اسٽيج تي ويهي سنڌ جي ماڻهن کي اتساهيندو رهندو هو، سندس ڪيل ڳالهيون هر انسان کي بهتري طرف وڃڻ لاءِ هڪ نياپو هوندو هو، هو هڪ عظيم انسان هو جيڪو جسماني طور تي گڏ ناهي رهيو، پر سندس ڪيل علمي، ادبي پورهيي کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، علم سان اهڙو عشق جو سندس گهر جو ڪمرو ڪتابن سان ائين ڀريل هوندو هو ڄڻ لڳندو هو ته اها سندس لائيبرري هجي. سنڌ جي سياسي، سماجي اڳواڻن، اديبن ۽ علمي شخصيتن، محمد ابراهيم جويو جي وڇوڙي کي سنڌ جي ادب ۽ علم لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي، ڪيترين ئي ادبي ۽ سياسي تنظيمن پاران سوڳ جو اعلان ڪيو به ويو آهي. محمد ابراهيم جويو جي لاءِ آخري آرامگاهه سنڌ يونيورسٽي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار جي ڀرسان جوڙي وئي، جتي هو هميشه لاءِ آرامي ٿي سنڌ واسين جي دلين ۾ امر بڻجي ويو آهي.


سائين محمد ابراهيم جويو
استاد خالد
آگسٽ ۱۳_۱۹۱۵ع_______نومبر ۰۹_۲۰۱۷ع
ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول، سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي. ايم. سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ مقرر ڪيو ويو.
محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي. ايم. سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم. اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم. اين. راءِ جي ‘Radical Democratic Party’. هُن ايم. اين راءِ جي ڪتاب ‘Historical Role of Islam’ جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘Save Sindh, Save the Continent from Feudal Lords, Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئِن موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. جولاءِ ۱۹۶۷ع ۾ جويي صاحب هڪ مضمون لکي ’سليم احمد‘ جي فرضي نالي سان ڇپايو، جنهن جو عنوان هو: ’اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو‘. جنهن تان ناراض ٿي سرڪار کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ماستر طور بدلي ڪري ڇڏيو. اها سرڪاري ناراضگي پوءِ به ٿڌي نه ٿي ۽ کيس ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال ڪري موڪليو ويو، جتي لڳ ڀڳ ٻه سال کن رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘ (Renaissance) جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو اڄ به سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.
۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويو صاحب ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو اچي ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو آهي. جڏهن ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ آهي.
جويي صاحب، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي ۲۲ جامع جُلدن جي سربراهي پڻ جويي صاحب کي ڏني وئي آهي، جنهن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري تاج جويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ (۱۹۶۴ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا آهن ۽ سنڌ ۾ ”مهاڳ نويسيءَ“ جي فن جو استاد ليکيو وڃي ٿو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.
محمد ابراهيم جويي جي ڇپيل طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن مان ڪجهه اهم ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي. :
(۱). اسلام جو تاريخي ڪارنامو: ايم. اين. راءِ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۴۵ع)، (۲). Save Sindh, Save the Continent (۱۹۴۵)، (۳). ايميلي عرف تعليم: جي. جي روسي جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۶۹ع)، (۴). ٻارن جي تعليم: پليو ٽارچ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۷۲ع)، (۵). وحشي جيوت جا نِشان ‘:هاوَرڊ موئر جي ڪتاب ‘Savage Survivals’ جو ترجمو، (۱۹۷۶ع)، (۶). سنڌي زبان جي بنيادي لغت: (وڌايل بنيادي لغت ۽ ڪاروباري
بنيادي لغت)، (ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل: ۱۹۷۶ع)، (۷). ’فِڪر جي آزادي ‘:اسٽيفن زويگ جي ڪتاب ‘The Right to Heresy’ جو ترجمو، (جون ۱۹۷۷ع)، (۸). ’گليلو ‘:برنالٽ بريخت جي ڊرامي ‘Life of Gallileo’ جو ترجمو (۱۹۷۷ع)، (۹). ’شاهه- سچل- سامي ‘:(۱۶۸۹-۱۸۵۰- هڪ مطالعو) (۱۹۷۸ع)، (۱۰). ’ٻارن جو مسيح ‘:اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s Life of Christ’ جو ترجمو (۱۹۸۰ع)، (۱۱). ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ ‘:(ناٽڪ، لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره) (۱۹۸۰ع)، (۱۲). ’عورتازاد‘ (عورتن جي تحريڪ آزادي ):ترتيب ۽ ترجمو(۱۹۸۳ع)، (۱۳). ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس ‘:جارج پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۸۴ع)، (۱۴). ’علم تدريس مظلومن لاءِ ‘:پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy of the Oppressed’ جو ترجمو ۹۸۴ع)، (۱۵). ’مهڪريءَ جا مضمون ‘:(ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ) (۱۹۸۳ع)، (۱۶). ’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم ‘:(ترتيب)، (۱۹۸۵ع)، (۱۷). ’فرينچ انقلاب ‘:ايميل ايرڪمن اليگزانڊر چيتريان جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۹۰ع)، (۱۸). ’مُٺِ مُٺ موتين جي ‘:(هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ)، (۱۹۹۲ع)، (۱۹). ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (پهريون جلد ):مضمون ۽ ترجما (۱۹۹۵ع)، (۲۰). ’ادب- ٻولي- تعليم ‘:(هُوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، جلد ٻيو) (۱۹۹۸ع)، (۲۱). خط ٻن اديبن جا ‘:(عبدالقادر جوڻيجي ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۱۹۹۹ع)، (۲۲). ’ڳالهيون ڪتابن جون‘، ڀاڱو پهريون(۲۰۰۲ع)، (۲۳). ’خط ٻن اُستادن جا ‘:(محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا) (۲۰۰۳ع)، (۲۴). ڳالهيون ڪتابن جون‘ (ڀاڱو ٻيو) (۲۰۰۳ع)، (۲۵). خط دوستن جا (جلد پهريون: پيار، نبارُ، اٿاههُ (ابن حيات پنهور ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۲۰۰۸ع)، (۲۶). Sindh Betrayed: Her Right to Redemption; Essays and Articles, Letters (۱۹۴۲-۲۰۰۳), (۲۰۰۶).
ان کان سواءِ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن، ڪريڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاهه لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽ پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس. جن جي ذريعي هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي آهي.
جويي صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. تازو مئي ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هو لاڏاڻي وقت صحافي ڪالونيءَ، حيدرآباد ۾ رهائش پذير هيو.
محمدابراهيم جويي صاحب ۹.نومبر ۲۰۱۷ع تي پنهنجي گهر واقع صحافي ڪالوني حيدرآباد ۾ خميس ڏينهن صبح جو ۹ لڳي ۵۶ منٽن تي وفات ڪئي.



سائين ابراهيم جويو
تاريخ ساز شخصيت
نسرين الطاف
ڪالهه صبح جو سج پاڻ سان گڏ هڪ دکدائڪ خبر کڻي آيو هو ته سائين ابراهيم جويو ۱۰۲ سالن جي ڄمار ۾ راهه رباني جو راهي ٿيو. اها خبر مون کي صبح مهراڻ جي مارننگ شو ۾ پئي، جيڪو مهراڻ ٽي تي شو هلي رهيو هو. سچ ته دل اداسيءَ ۾ ويڙهجي وئي، اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا، جڏهن ادا مرتضيٰ مجبور پاران اها خبر پئي. جيئن تيئن ڪري پروگرام ختم ڪري سائين ابراهيم جويي جي گهر پهتس، سندس نياڻين، پوٽين ۽ ڌيئرن سان ڀاڪر پائي پار ڪڍي رنس. سچ ته سائين جو وڇوڙو ڄڻ ته سڄي سنڌ کي يتيم ڪري ويو. ٿوري دير کانپوءِ سائين جي آخري ديدار ڪرڻ لاءِ گهرڀاتين کي هيٺ سڏيو ويو، مان ۽ آپا نذير ناز به سندس آخري ديدار لاءِ ويونسين. جڏهن مان سندس آخري ديدار ڪيو پئي ته محسوس ٿيو ته هي سنڌ جو خوشحالي جا خواب ڏسندڙ سنڌ ڌرتي لاءِ محبت رکندڙ سنڌي ماڻهوءَ لاءِ درد رکندڙ هي سٻاجهڙو، هوشيار، دانشور ۽ الائي ڪيترن ئي رخن واري شخصيت رکندڙ هي شاهه سائين جي انهن سٽن:
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.
جي مصداق پنهنجي زندگي جو هڪ هڪ لمحو هڪ هڪ گهڙي سڦل بڻائي ويو. سندس روح ڪيڏو سڪون ۾ هوندو ته ان پنهنجي ڌرتي پنهنجي سنڌ جو فرض ۽ قرض پنهنجي سوچ، سمجهه ۽ ساڃاهه سان سنڌ کي هڪ تاريخ ڏئي لاٿو. واقعي اهي ماڻهو املهه ڪردار بڻجي ٿا وڃن. سندس سٽ سٽ ۾ ماروئڙن سان محبت ۽ هڪ روشن منزل ڏسيل آهي. هڪ استاد سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ سائين ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ لکيو. سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School administration سال ۱۹۴۶ ۾ سنڌ جي مدرسي جي مئگزين ”ڪرانيڪل“ ۾ ڇپيو. سائين جي ايم سيد سندس پهريون تخليقي مددگار هو. هو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، علمي زندگي ۾ جويي صاحب سنڌ سان دوستي ۽ پيار ڪرڻ جي پاداش ۾ سرڪار جا عتاب ناراضگيون به سٺيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دوران هڪ ڪتاب ”سنڌ بچايو کنڊ بچايو“ لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر تڏهوڪي وزير تعليم سندس نوڪري ختم ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو. جويي صاحب جي هوشياري ۽ اهليت کي مڃيندي ٺٺي ميونسپالٽي جي چيئرمين کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي پاڻ ٽي سال پڙهايائون، پوءِ اهو اسڪول سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، ان کانپوءِ پاڻ بدلي ٿي ٽيچر ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور پنهنجو فرض نڀايائون ۽ منهنجو والد سائين الطاف حسين قريشي جيڪو پڻ استاد هو ۽ پاڻ ٽريننگ لاءِ جڏهن ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد بي ٽي ڪرڻ آيا ته سائين ابراهيم جويي جي شاگردي ۾ رهيا. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان گزيٽڊ آفيسر طور هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر جو سيڪريٽري مقرر ٿيو.
۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪاميٽي کي سنڌي ادبي بورڊ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽري طور ڪم ڪيائين، ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵ع) ٻه سال بورڊ جي ٽه ماهي (مهراڻ) جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ مهراڻ جو اهو يادگار دور سڏيو ٿو وڃي. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هو آفيسر ان اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري به رهيو. ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزيميشن ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد آيو. ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو ميمبر ٿيو، هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن سروسز سنڌ حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ بڪ بورڊ مقرر ٿيو اتان پوءِ رٽائرمينٽ ورتائين.
پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين جن مان ڪجهه هتي ڏجن ٿا.
(۱) اسلام جو تاريخي ڪارنامو، (۲) Save Sindh. Save the continent، (۳) ايملي عرف تعليم جي جي روسيءَ جي ڪتاب جو ترجمو ۱۹۶۹ع، (۴) ٻارن جي تعليم پليو ٽارچ جي ڪتاب جو ترجمو ۱۹۷۲ع، (۵) وحشي جيوت جا نشان هاور د موئر جو ترجمو ۱۹۷۲ع، (۶) سنڌي زبان جي بنيادي لغت: وڏا بنيادي لغت ۽ ڪاروباري بنيادي لغت سائينءَ سان گڏ تيار ڪيل ۱۹۷۶ع، (۷) فڪر جي آزادي اسٽيفن رويگ جي ڪتاب The right to heresy جو ترجمو ۱۹۷۷ع، (۸) گلبلو: برنالٽ برخت جي ڊرامي Life of gullible جو ترجمو، (۹) شاهه سچل سامي ۱۹۵۰-۱۹۸۹ع هڪ مطالعو ۱۹۸۷ع، (۱۰) ٻارن جو مسيح اينڊ بلائنٽ جي ڪتاب Children of life’s Christ جو ترجمو ۱۹۸۰ع، (۱۱) ماڻهو جو ڀاڳ ناٽڪ لوڪ ڪهاڻيون شاعري وغيره ۱۹۸۰ع، (۱۲) عورتزاد عورتن جي تحريڪ آزادي ترتيب ترجمو ۱۹۸۳ع، (۱۳) فلسفي جو ابتدائي ڪورس جارج يوليزر جي ڪتاب جو ترجمو ۱۹۸۴ع، (۱۴) علم تدريس مظلومن لاءِ بائلو فراري جي ڪتاب جو ترجمو Pedagogy of the oppressed آهن.
سائين ابراهيم جويو سچ ته شاهه جي ان شعر کي پاڻ سان گڏ پنهنجي زندگي جو مقصد بڻايو ته:
تتي ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرينءَ جو.
سچ اِهو آهي ته سائين ابراهيم جويو سنڌ جو فڪري استاد هُو. کيس ٻوليءَ جي اصل صورت جو تمام گهڻو اونو هوندو هو، پاڻ اخبارن، رسالن توڙي اديبن کي درست ٻوليءَ لاءِ سدائين اُتساهيندو رهندو هو. بلڪه ڪٿي به جيڪڏهن لفظ جي درست لکڻ جو مامرو اُٿندو هو ته ماهر کانئس ئي راءِ وٺندا هُئا. پاڻ سنڌ جي مسئلن لاءِ هميشه سرگرم رهيو، خاص ڪري ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ آخري وقت تائين ڪيل ڪوششون وسارڻ جوڳيون ناهن. هُو سنڌ جي اُنهن گهڻ گهرن مان هو، جيڪي رات ڏينهن سنڌ جي خوشحاليءَ جا ئي خواب ڏسندا آهن. سائين ابراهيم جويي جي سڀ کان اهم ڳالهه اِها آهي ته هُو جنهن نظريي سان سلهاڙيل هو، آخري دم تائين اُن تان نه ڦريو.
اڄ ان صديءَ جي باب جي پڄاڻي ٿي، جنهن پنهنجي پويان ڪتابن جي شڪل ۾ ڪيئي روشنيءَ جا ڏيئا ڇڏيا آهن، جن جي دوستي سنڌ جي نسلن کي روشن ڪندي ۽ سندس ڪيل علمي ادبي پورهيي مان لاڀ پرائينديون، هو پنهنجي اندر علم جا ڏيئا چئني پاسي علم ۽ ادب ئي لکڙائيندا هئا، سندس علمي ۽ ادبي خدمتن کي سنڌ ڪڏهن به وساري نه سگهندي.


محمد ابراهيم جويو
سندس شخصي ۽ فڪري تاريخ
مدثر کهاوڙ
اسان جي سونهاري سنڌ ڪيترائي دانشو، اديب، شاعر، مفڪر پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي جوڀن جواني ۽ دنيا ڇڏڻ کانپوء به انهن جو نالو صدين تائين ياد ڪيو وڃي ٿو. شاعر، اديب، ليکڪ، مفڪر دنيا ڇڏي ته وڃن ٿا پر انهن جون يادون ۽ سماج ۾ ڪيل خدمتون وساري نٿيون سگهجن انهن مان اسان جي سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو صاحب به هڪ آهي. ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر هن همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي. ايم. سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماستر‘ مقرر ڪيو ويو.
محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي. ايم. سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم. اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم. اين. راءِ جي ‘Radical Democratic Party’. هُن ايم. اين راءِ جي ڪتاب ‘Historical Role of Islam’ جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘Save Sindh, Save the Continent from Feudal Lords, Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمين موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو.  نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘ (Renaissance) جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهيو.
۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي رهيو. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويي صاحب ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو. جڏهن ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ.
جويي صاحب، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي ۲۲ جامع جُلدن جي سربراهي پڻ جويي صاحب کي ڏني وئي ، جنهن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري تاج جويو رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ (۱۹۶۴ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا ۽ سنڌ ۾ ”مهاڳ نويسيءَ“ جي فن جو استاد ليکيو وڃي ٿو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
جويي صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. تازو مئي ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هو لاڏاڻي وقت صحافي ڪالونيءَ، حيدرآباد ۾ رهائش پذير هيو. محمدابراهيم جويي صاحب  ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي پنهنجي گهر حيدرآباد ۾ خميس ڏينهن صبح جو وفات ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي لاءِ سنڌ اسيمبلي مان ٺھراءُ به پاس ڪيو ويو ۽ محمد ابراهيم جويو جي ڪيل خدمتن کي پڻ ساراهيو ويو.


سائين ابراهيم جويي جي مهانتا
سارنگ جويو
سنڌ جي ترقي پسندي ءَ ۽ آزاد خياليءَ جي بُنياد وجھندڙ، قومي آزاديءَ جي خواھان ڏاھي سائين محمد ابراھيم جويي جو ھي وڇوڙو سنڌ جو وڏو قومي ھاڃو آھي. سائين محمد ابراھيم جويو سنڌ جي ترقي پسند ادب، سنڌي ٻوليءَ،  سائنسي ادب، تحقيق ۽ فلسفي جي نمايان ستاري سان گڏ ھو گھاٽي بَڙ جي ڇانوَ مثل ھو جنھن جي ڇانوَ ۾ ڪيترائي پتنگا اچي ساھس وٺندا ھُئا ۽ کانئس ڌرتيءَ ۽ انھن جي ماڻھن لاءِ جيئڻ جو سليقو سکندا ھُئا. سائين ابراھيم جويي ۱۹۱۵ع ۾ ضلعي دادوءَ( ھاڻوڪي ضلعي ڄامشوري) جي ڳوٺ آباد ۾ جنم ورتو. سائين ابتدائي تعليم لڪي شاھ صدر مان حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ سن شھر ۾ پڻ پڙھيو، سائين محمد اڀراھيم جويو ننڍي ھوندي کان ئي نھايت ذھين ۽ خوددار قسم جو  انسان ھو، سندس ذھانت کي ڏسي سائين جي ايم سيد سندس اعليٰ تعليم پرائڻ جو بندوبست ڪيو، سائين محمد ابراھيم جويي سنڌ مدرسته الاسلام مان ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنو ۽ بي اي ڊي جي سنڌ ڪاليج يونيورسٽي آف بمبئيءَ مان ڪئي.
سائين محمد ابراھيم جويو ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ۾ اُستاد مقرر ٿيو، ان دوران سائين محمد ابراھيم جويي سنڌ جي سياست جي وڏن نالن سائين جي ايم سيد، شھيد الله بخش سومري، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سورھيه بادشاھ صبغت الله شاھ راشدي ۽ ٻين جي ھوندي اھو واحد نوجوان ھو، جنھن ان وقت Save Sindh Save the Continent جھڙو شاندار دستاويز لکي پنھنجي سياسي ڏاھپ ۽ دورانديشيءَ جو مظاھرو ڪيو، جنھن دستاويز لکڻ جي سزا ۾ پير الاھي بخش جي چوڻ تي سائين محمد ابراھيم جويي کي سنڌ مدرسته الاسلام مان ھٽايو ويو. ان کان پوءِ سائين محمد ابراھيم جويو ٺٽي جي ميونسيپل ھاءِ اسڪول ۾ استاد طور ڀرتي ٿيو، ان کان پوءِ سائين حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج بدلي ٿيو، جتي سائين پنھنجا فرض سرانجام ڏنا، جتي سائين جن ڪيترن ئي استادن جي تربيت ڪئي. سائين محمد ابراھيم جويو ۱۹۵۱ ۾ سنڌي ادبي بورڊجو سيڪريٽري چونڊيو ويو جتان سائين ۱۹۶۱ع ۾ رٽائر ٿيو، ان کان پوءِ به سائين ۱۹۷۳ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رھيو، سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري شپ دوران سنڌي ادب ۽ تحقيق جي ميدان ۾ وڏو ڪم ٿيو، بلڪه آئون بغير ڪنھن ھٻڪ جي اھو چوان ٿو ته سنڌي ادبي بورڊ ۾ جيڪو علمي، فڪري ۽ ادبي ڪم سائين محمد ابراھيم جويي جي دور ۾ ٿيو، اوترو ڪم غلام رباني آگري جي دور کان علاوہ  ٻيو ڪنھن جي به دور ۾ ناھي ٿيو.
سائين محمد ابراھيم جويو سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو چيئرمين پڻ رھيو، جتي رھي پاڻ ترقي پسند نصاب کي جوڙڻ ۾ پنھنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو. سائين محمد ابراھيم جويو سنڌ اندر ترقي پسندي يعني مارڪسزم جو فڪري بُنياد وجھندڙ ھو، جنھن ئي مذھبي انتھاپسند لاڙن جو فڪري ۽ نظرياتي طور مقابلو ڪيو. نه صرف اھو پر سنڌ جا ان وقت ڪيترائي وڏا ليکڪ اردو ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکي رھيا ھُئا، جن ۾ شيخ اياز پڻ ھڪ ھو. شيخ اياز پنھنجي آتم ڪٿا ”ڪٿي نه ڀڃڀو ٿڪ مسافر“ ۾ لکيو آھي ته ابراھيم جويي جي ڪري ئي مون سنڌي ۾ لکڻ شروع ڪيو، نه صرف اھو پر ڪيترن ئي منھجن نثر توڙي شاعريءَ جي ڪتابن جي ٻوليءَ کي سنواريندڙ محمد ابراھيم جويو آھي. خود سنڌ جو ڏاھو سڏجندڙ رسول بخش پليجو پڻ سائين ابراھيم جويي کي پنھنجو اُستاد مڃيندو آھي. سائين محمد ابراھيم جويو سائين جي ايم سيد جي ڪيترن ئي ڪتابن جي ٻوليءَ جو پڻ سنواريندڙ به رھيو آھي. سائين محمد ابراھيم جويي ”سيڪيولرازم ۽ عقليت پسنديءَ“ جھڙو شاندار ڪتابچو لکي مذھبي انتھاپسند مولوين ۽ ٺيڪيدارن جي منھن تي چماٽ ھنئي آھي،
سائين محمد ابراھيم جويي ”انقلاب فرانس“، پائلو فريري جي شاھڪار ڪتاب جو شاھڪار ترجمو ”علم تدريس مظلومن لاءِ“، روسو جي تعليم تي لکيل ڪتاب جو ترجمو “ايملي عرف تعليم“، جارج پوليزر جي فلسفي تي لکيل ڪتاب جو ترجمو ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ ”فڪر جي آزادي“، ”ڏاھپ ساري ڏيھه جي“، مئڪسم گورڪي جي آتم ڪٿا اياز قادريءَ سان گڏ ڪيل ترجما ھن صديءَ جا بھترين ۽ شاندار ترجما آھن. سائين محمد ابراھيم جويي سنڌي ادب، ٻوليءَ، تحقيق، سائنسي ادب ۽ فلسفي تي تمام گھڻو ڪم ڪيو آھي، ان سلسلي ۾ سائين ڪيترائي ڪتاب ترجما ڪيا، سھيڙيا ۽ ان سان گڏ ڪيترائي ناياب تحقيقي ڪتاب پڻ لکيا آھن. جن ۾ سنڌ جي فلاسافر شاعرن جي ٽمورتيءَ تي شاندار تحقيقي ڪتابچو ” شاھ، سچل ۽ سامي“،  جيڪو ڪتاب تحقيق جي ميدان ۾ ھڪ مُنفرد حيثيت رکي ٿو. ان کان علاوہ ”مُٺ مُٺ موتين جي“، ”ھوءَ جا ٽِمڪي باھڙي“، ”عورتازاد“، ٽن جُلدن تي مشتمل ”ڳالھيون ڪتابن جون” جيڪو ھاڻي ھڪ ئي جُلد ۾ ڇپرايو ويو آھي، جيڪو ھادي بخش ڀَٽ سھيڙيو آھي. سندس خطن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”سڏ ۽ پڙاڏو” جيڪو پروفيسر سليم ميمڻ سھيڙيو آھي، ”ادب ٻولي ۽ تعليم“، ”مون ڏات انوکي آندي آ“، ”مارئي، مارو ۽ ملير“، ”جڙون جنين جي جيءَ ۾“، ۽ ان کان علاوه سندس ٻيا به ڪيترائي اھم ڪتاب ڇپيل آھن.
سائين محمد ابراھيم جويو پنھنجي ذات ۾ ھڪ وڏو انسان ھو، جيڪو انتھائي شفيق ھو، مُنھنجو ساڻس لاڳاپو ھڪ شاگرد ۽ سکندڙ جي حيثيت ۾ گُذريل ۱۰ سالن کان رھيو. سائين اڄ کان ۵ سال اڳ مون کي بلوچستان جي نالي واري ليکڪ شاھ محمد مريءَ جو اردو ۾ لکيل ڪتاب ” ھوچي منھ“ تحفي طور ڏيندي چيو ته پُٽ ھيءُ ڪتاب تون ترجمو ڪر آئون ان وقت حيران ٿي ويس ته سائين مون جھڙي ادنيٰ ماڻھوءَ کي ان لائق سمجھيو آھي ۽ مون کان اھو ڪتاب ترجمو ڪرائڻ پيو چاھي، دراصل اھو سائين محمد ابراھيم جويي جو وڏ ماڻھپو ھو، جو نوجوانن کي اُتساھيندو ھو ته ھو لکن ۽ ترجما ڪن،  اھي ھڪ وڏي انسان جون نشانيون آھن.



محمد ابراهيم جويو
سنڌ جو مها ڏاهو
واءَ ۾ آهه ڪا ڳالهڙي اڻ ڪَهي
مونس اياز
منهنجو پيءُ هميشه گهڻو ڪري سڄي عمر کيس ابراهيم ڪري سڏيندو رهيو ۽ ياد ناهي ته مان به کين ننڍپڻ کان اڄ ڏينهن تائين چاچا ابراهيم ڪري سڏيندو آهيان، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جوئي صاحب جي اڌ صدي جي دوستي ۽ رفاقت فڪري ۽ ذاتي به رهي آهي جو سندس وڏي ڌيءَ چاچا ابراهيم جي نُنهن آهي ۽ اهڙي سيڻيءَ واري رشتي کان ڪافي اڳ ۾ ۱۹۶۴ع ڌاري شيخ اياز جي اولاد مان واحد ٻار آنءُ آهيان، جيڪو تعليم جي لاءِ چاچا ابراهيم جي گهر ٻارن سان سال ڏيڍ حيدرآباد ۾ رهيو آهيان ۽ ۱۹۶۵ع واري جنگ ۾ بابا جي نظربنديءَ ڪري وري واپس وڃي سگهيوس. اهڙو ڪجهه ذڪر اردو جي مشهور ليکڪ مظهر جميل سيد، چاچا ابراهيم جي آتم ڪٿا ”ايڪ صدي ڪي آواز“ ۾ ڪيو آهي.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، جيئن سنڌ جي دانشورن جي راء آھي ته ابراهيم جوئي ۽ شيخ اياز جي دوستي جو محور ۽ محُرڪ فقط ئي فقط سنڌ رهيو آهي ۽ سنڌ جي حوالي سان سموري سنڌي ادب ۽ شاعري ۾ ان جو شعور رهيو آهي، سنڌ جي خوشحالي، آجپي ۽ هڪ نئين سنڌ جي تعمير شروع ڪئي آهي. اياز صاحب خود پاڻ جويو صاحب لاءِ لکن ٿا،” منهنجي دوستي ۾ ٽي شخص آهن، جن منهنجي ننڍيءَ عمر ۾ تربيت ڪئي آهي ۽ جي مان انهن سان نه ملان ها ته مان، مان نه هجان ها ۽ اُهي آهن حشو، سوڀو ۽ ابراهيم جويو، انهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي جيئن روميءَ جي شمس تبريز سان رهي هئي، اهي ئي ٽي ماڻهو آهن جيڪي مون کان منهنجي ليکي چوکي وٺڻ جا حقدار آهن“ ۽ خاص ابراهيم جويو لاءِ،” منهنجي ۽ هن جي دوستي رومي ۽ شمس تبريز واري هئي جنهن رومي جي ڪتابن تي نگاهه وڌي هئي ته انهن ۾ آگ لڳي وئي هئي (ڪتاب ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون  ص ۴۷-۴۸، ۱۷۴ وڌيڪ اياز صاحب جي مڪمل تعريف هنن لفظن  ۾ آهي،” جويو، ڪيرت ۽ ڪرانتيڪاريءَ جو ڳوڙهو ڳانڍاپو آهي تو ته هن جي اُڻت ڏٺي آهي، پر جڏهن سنڌڙيءَ لائون لڌيون، تڏهن ڪير چوندو ته ان جو سارو لباس، هن جي آڏائي ۾ اُڻيل نه آهي، هي اُهو آدي جگادي الوت ماڻهو آهي جونو ورنيءَ جي سينڌ ۾ ستارا سجائي گم ٿي ويندو آهي“. شيخ اياز ڪجهه ڪتاب ابراهيم جوئي جي نالي منسوب ڪيا آهن ۽ فقط هڪ شڪوه نظم جويا او جويا جي عنوان سان لکيو، جيڪو شاعر ليکڪ ۽ سياسي رهنما رشيد راڄڙ جي ڪتاب ۾ شايع ٿيل آهي ۽ ٻيو ڪنهن به ڪتاب ۾ ذڪر نه آهي. سچ ته شيخ اياز کانسواءِ ٻيو ڪنھن به ابراهيم جوئي جو ذڪر  ايترو نه ڪيو آهي ۽ نه وري انهن ٻنهي جو ذڪر هڪ ٻئي کان ڌار  ڪو مڪمل آهي ۽ ٿي سگهي ٿو پر افسوس سان الائي ڇو  ابراهيم جوئي صاحب جو سو سالا جنم ملهائيندڙ ڪميٽي جيڪا ناميارن ليکڪن ۽ دانشورن تي مشتمل آهي تنهن ۾ شيخ اياز جي اولاد مان ڪنهن به فرد کي ميمبر نه رکيو ويو آهي، جيڪو اهڙي رشتي جي ڀرپور نمائندگي ۽ پوئيواري ڪري سگهي.
جيڪي فراقون سو وصالون نه  ٿئي
اچي اوطاقن مون، پرين پري ڪيو. (شاهه)
”تنهنجيءَ ماءُ به ڏاڍا ڏک ڏٺا“ اوچتو چاچا ابراهيم آغا خان اسپتال ڪراچي (۲۰۱۰) جي بيڊ تان اهي لفظ چئي مون کي ڇرڪائي وڌو ۽ مان اچرج ۾ پئجي ويس. اهڙا لفظ هن هڪ وڏو ٿڌو ساهه ڀريندي الائي ڪيئن منهنجي ماءُ کي ساريندي سندس ڏکڙا ياد ڪيا، جڏهن هڪ دفعو هوءَ بيواهه ٿي هئي ۽ ٻيو دفعو گهر وسايو هئائين، سندس ڏکوئيندڙ آواز باءِ پاس ٿيل آپريشن سان چيريل وڍيل سيني مان ٿي ڄڻ نڪتو وڌيڪ چيائين ته ”... مون ڪڏھن به اياز کي اهو ڪونه چيو ھو ته تون ٻه ٻه ڳھر ٿو ھلائين ۽ تھنجو تخليقي ڪم متاثر ٿو ٿئي ۽  نه ڪوتنهنجي ماءُ جو به ڏوھ هو. اياز جي مرڻ تي ڏک وچان چيو هوندائين مون لاءِ جو (جيڪو اخبارن ۾ آيو هو، سھي يا غلط) اسان، مان ۽ رباني اياز جا ويجها هئاسين“ اهو چئي وري چاچا ابراهيم چيو” اڙي هاءِ هاءِ“
مان جنرل وارڊ ۾ سندس ڀرسان ويٺل هيس ۽ سنڌ ثقافت کاتي پاران سندن خرچ ۽ صحت جي خبر چار لهڻ ايندو هئس، جو ان وقت کاتي ۾ بطور ڊي جي خدمت انچارج ڏئي رهيو هيس. ان وقت سندس پٽ محبوب جويو وارڊ کان ٻاهر ويل هو. اها ابراهيم جوئي صاحب جي ماءُ جي ذات ۽ هستي کان محرومي/ دوري يا سندس ڏک هو جنهن جو پورائو هن ڪرڻ چاهيو ٿي، جو سڄي ڄمار سنڌ ڌرتي جي هر شئي، رنگ روپ ۾ وسيع تر ڌرتي ماءُ جو(Archetypal موروثي)) يويگ جي مشهور نفسياتي اصطلاح جو روپ وٺي سندس زندگي جو اڻمٽ حصو ۽ نقش ٿي وئي ۽ سنڌ سان محبت جو اظهار ۽ ممتا جي اڪير، ٿڃ ۽ ڪڇ جهڙي پناهه ۽ ڳانڍاپي جي اڪير بڻجي وئي ۽ ڏکين حالتن ۾ به کيس هڪ لحظي لاءِ به پري نه ٿيڻ ڏنو جيئن پاڻ ماءُ کي ياد ڪندي اڪثر چوندا رهندا هئا ”ڀري ڊڀن هٿڙا، واريون دوست ڪريج، اچي سار لهج ساجن، سور تنهنجي آءُ ماري (شاهه) (انٽرويو،مئي ۱۹۹۷ع)
وري اڳتي هلي پاڻ هڪ سنڌ ڌرتي تي طويل بهترين نظم لکيائون ”او سنڌ!“
او سنڌ!
منهنجي پنهنجي سنڌ
اچ ته آءٌ تو کان پڇان
ٻڌاءِ...
تون مون کان ڇا ٿي گهرين
آءٌ ڪير آهيان
تون ٿي مون کان پڇين
ماءُ
آءٌ تنهنجو اولاد...
چاچا ابراهيم جي سئو سال جنم ڏينهن جي حوالي سان پهريون پروگرام هوٽل ريجنٽ Regent پلازه ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران محمد ابراهيم جويو سئو سالا جشن جنم ڏينهن جي جنرل ڪاميٽي سهڪار سان رکيو ويو هو جنهن جو صدر سابق وائيس چانسلر مظهرالحق يونيورسٽي آف سنڌ ۽ سيڪريٽري پروفيسر سليم ميمڻ ڊائريڪٽر شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي آهي ۽ کين هم سال آگسٽ ۲۰۱۵ع تائين جويو صاحب جو جشن ملهائڻو آهي.
هال ۾ اندر گهڙندي اڳيان ويٺل پراڻن اديب دوستن سان ملاقات مس ٿئي ٿي ته پوين سيٽن تان تڪڙ ۾ خاڪي سفاري سوٽ ۾ اٿي اچي ٻه ماڻهو وڏي اڪير ۽ سڪ سان مليا، جن مان هڪ کي ته مان بنهه نه سڃاتو سو هو چاچا ابراهيم جو وڏو پٽ ادا منور ۽ ٻيو سندس ننڍو ڀاءُ محبوب، جنهن وڏي ڀاءُ منور جو نالو وٺي مونسان تعارف ڪرايو جنهن سان مان ڪوئي ۳۰ سالن کان پوءِ ملي رهيو هيس. هو ڪافي جهونوٿي چڪو هو ۽ ۷۰-۷۵ کن ڄمار جو ٿي ويو هوندو. ساڻن ملي مان اڳتي هلي اردو جي شاعر سحر انصاري ۽ (ر) جسٽس ديدار حيدر حسين شاھ سان سلام دعا مون کي خيال آيو ته هو ويچارا چاچي ابراهيم جا ٻئي پٽ مون سان اٿي اچي مليا هئا سو اخلاقي طور تي مون کي ساڻن گڏ ڪجهه گهڙي ويهڻ کپي ۽ حالي احوالي ٿيڻ کپي. مان پنهنجو ڪارڊ ۽ پويان ويٺل ليکڪ دوست تاج جويو جو ڏنل ڪتاب ”محمد ابراهيم جويو“پنهنجي ڪوٺ جي دعوت نامي سميت جاءِ تي رکي جويي صاحب جي ناراض پٽن منور ۽ محبوب سان ملڻ ويس ته منهنجو هڪ ٻيو بزرگ وڪيل ۽ بابا جنهن جو ذڪر به ڪيو آهي پنهنجي آتم ڪٿا۾ (رٽائرڊ) اسلم جعفري خيرپور جي مشهور ترقي پسند اڳواڻ علي مطاهر وڪيل جو فرزند اچي ويٺو ۽ مان ان جي ڀرسان ويهي پاسي کان ساڻن هم ڪلامي ٿي.
ادا منور جويو نئون نئون پرڻجي آيو هو انهن ڏينهن ۾ سال ۱۹۶۴ع ۾ جڏهن بابا مون کي چاچي ابراهيم وٽ ساڻن حيدرآباد ۾ پڙهائڻ لاءِ گڏ رهايو هو مارڪيٽ جي علائقي ۾ به نوان فليٽ هئا جن مان سندن ڀاءُ مظفر، منور ۽ محبوب ، ٻن ڀينرن نيلوفر ۽ نرگس سان گڏ سندن سئوٽ عبدالله جوئي سان رهندو هيس.
پروگرام ۾ جيئن چاچا ابراهيم کي هال اندر وٺي آيا ته ساڻس اٿي وڃي مليس ۽ کيس يادگيري لاءِ پنهنجو نالو کڻي چيم ”چاچا مان مونس آهيان“ ته وراڻيون هئائين،”ھا، مونس، مونس“ ڇو ته مان گهڻن سالن کان پوءِ جڏهن گذريل سال جون مهيني ۾ حيدرآباد ويس ته ساڻن ملڻ ويس جرنلسٽ ڪالوني جيل روڊ واري بنگلي/گهر تي، جتي گذريل ۴۰-۳۰ سالن کان ڪڏهن ڪڏهن ساڻن ملڻ ويندو هيس  جتي هيٺئين حصي ۾ چئني پاسن کان ڪتابن سان ڀريل، سنگهاريل ڪمري ۾ چاچا ابراهيم رهندو هو ۽ مٿيئن حصي ۾ ۸۰-۷۰ واري ڏهاڪي ۾ ادا منور به رهندو هو جيڪو پوءِ مظفر ورتو، گهر جيڪو پلاٽ ادا منور کي بطور صحافي مليو هو جنهن کي هن پوءِ ٺهرايو هو. پروگرام ۾ سٺو اردو جي ليکڪ ۽ وڪيل سيد مظهر جميل ڳالهايو جيڪو سندس پهريون آتم ڪٿا (Biography) ””صدي ڪي آواز، محمد ابراهيم جويو“ لکي اسان سنڌين کي پوئتي ڇڏي ويو، جي ڪير به سندس جيون ڪهاڻي اڄ تائين لکي نه سگهيو آهي ۽ ٻيو ميڊم مهتاب راشدي چاچا ابراهيم جي لکيل گذريل سال لکيل آتم ڪهاڻي جي ڪجهه قسطن تي لکيل هڪ مقالو ڏاڍي خوبصورت اندر ۽ پراثر ۾ پڙهيو چاچا ابراهيم پنهنجي ماءُ ،ناني ۽ ٻين عورتن جو ساڻن پراڻي جڳ جي ٻاهراٿريءَ جي وڏين ڪراڙين ماين واري محبت ۽ شفقت جو انداز هو. مئڊم جي ادائگيءَ نه فقط ويٺل سئو ڏيڍ ماڻهن کي بيحد لڀايو پر خود چاچا ابراهيم جي اکين ۽ منهن تي اها ٻاراڻي چمڪ ، مرڪ ۽ خوشي اچي وئي هئي ۽ هو نه فقط پنهنجي لکيل لفظن کي ميڊيم راشدي جي ڪڍ ورجائي رهيو هو ۽ ٻاراوتڻ جي  وقت کي ياد نه ڪري رهيو هو اهڙا تاثرات قدرتي طور تي مٿس تي لٿا به پئي، پراڻي چوڻي آهي ته ”ٻار ۽ ٻڍو هڪ ڳالهه آهن“ هي شخص سئو ورهين جي ڄمار ۾ هڪ ڏهن سالن جي ٻار جو ڏيک ڏئي رهيو هو.
مختلف تقريرن جي وچ ۾ڪڏهن سخت سنجيده ٿي ٿي ويو ۽ سندس نظر عين اسان وچ ۾ ويٺل سندس پٽن ۽ مون تي پئجي رهي هئي. مون کي پڪ آهي ته هو اسان کي سڃاڻي رهيو هو ۽ خاص ڪري پنهنجي پٽ محبوب ۽ منور کي هن بنا اک ڇنب پئي ڏٺو ۽ هو انهن کي هڪ دک ۽ ڪاوڙ مليل نظر سان ڏسي رهيو هو. هن کي هنن ٽنهي پٽن جو هن سال مٿس وڌل ڪورٽ ۾ ڪيس ته سندس ڀاءُ مظفر علي کيس ”حبس بيجا“ ۾ رکي ويٺو آهي ۽ سندس علاج نٿو ڪرائي  اهڙي الزام هيٺ سندس ذهني حالت جو سالم نه هجڻ جي شاهدي لاءِ کين ڪورٽ ۾ پاڻ پيش پوڻو پيو، جتي هڪ وڏوانگ نوجوانن جو  موجود هو ،سندن اخلاقي پوئواري لاءِ ڪورٽ کيس عام لوڪ اڳيان ان وقت ئي بري ڪري ڇڏيو هو، پر هتي هن جي اک پٽن مان نٿي نڪتي ، مٿاڇرو کڻي، شايد کين منهنجو سندن پٽن سان گڏ ويهڻ ساڻن متفق هجن ٿي لڳو، جڏهن ته مطهر ۽ محسن ته سڃاڻيندي ڪندي به مون سان ڪو  نه ڳالهايو، شايد انهن کي به ڳالهه نه وڻي جڏهن ته پوري هال ۾ ويٺل ماڻهن به سندن ڪا آجيان نه ڪئي ۽ هو شرمسار به ٿيندا ٿي رهيا ۽ اچرج به ڪندا رهيا. مون کي آخري ڀيرو به پڪ ٿي ته چاچا ابراهيم سڄي دنيا سان مفاهمت Reconciliation وارو ورتاءُ رکيو دوست ۽ دشمن کي به گڏ ڪيائون، ويندي سنڌ جي مشهور غدارن کي به ڍاھ_ ٺاءُ(Deconstruction) فلسفي جهڙا تجزيا ڪري ڪري کين ادبي سياسي ۽ اخلاقي دنيا مان بري ۽ نروارا ڪيائون، پر ذاتي رشتن ۽ زندگيءَ ۾ هو ڪڏهن به مفاهمت، پرچاءُ سرچاءُ نه ڪري سگهيا.
چاچا ابراهيم سڀني لڳ لڳاپن کي سڄي زندگي پنهنجي اجتماعي مارڪسي نظريي تحت توريندا تڪيندا رهيا پر پنهنجي ذاتي زندگي ۾ وري شايد پوءِ ”ڏوجهيان متيان ڏيوي آپي متيان کوئي“ ٿي ويندو آهي. تصوف جي نقطه نگاهه کان قدرت پاران هڪ توازن قائم ٿيندو آهي جيئن ڪائي به ذات  مڪمل نه آھي ان ڪري مارڪسي اصولن جهڙوڪ مخالف ڌرين جي قانون law of unity of opposites۽ نفي جي نفي negation of negation کي فلسفي هيگل جي بنيادي جدلياتي اصولن جي ويجهو ۽ ساڳيو سمجهندا آهن، پوءِ شعوري ڪي لاشعوري طور تي ۽ تصوف جو ايمر سن چواڻي ته اسرار پسند (صوفي لادين) هڪ دهرئي جو شريفاڻو نالو آهي Mysticism is the noblest name for Atheism. پاڻ  هڪ صديءَ جي پورهيئي سنڌ ۽ فقط سنڌ جي ٻولي، ادب تاريخ، سياست تعليم، تربيت ستن پيڙهين جي ڪئي اٿن ۽ سا به بيحد ايمانداري ۽ ڏکن، ڏولاون سان ڄڻ رُکي سکي کائي جبل ٽڪيو اٿن پر سياڻا چوندا آهن”  رت تئي تي به تڙڪندو آهي“ ان ذاتي جيوت جي نشان کي هو مٽائڻ ۾ ڪامياب نه ويا. هنن وحشي جيوت جا نشان ترجمو ڪري انسان کي جسماني جبلتن ۽ نفسياتي جبلتن کان ڌار ڪري ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته ماڻهو کين دفاعي نظام defense mechanism سمجهن ۽ پنهنجي ذات جو تحفظ سکن ۽ اجاين مونجهارن کان آزاد ٿين.
ڪِنِ، والدين جو اولاد سان رشتو دنيا جي وڏن ۽ عظيم سياستدانن ۽ دانشورن ۽ ليکڪن جو ڪجهه عجيب حيرتناڪ ۽ ڇرڪائيندڙ رهيو آهي جو پاڻ ته انسانيت، قومي بين الاقوامي طور تي عام ماڻهن لاءِ گهڻ گهرا ۽ گهور وڃڻ وارا رهيا پر ذاتي حيثيت ۾ سندن اولاد سان نفرت محبت وارو تعلق به هڪ وڏو الميو رهيو آهي
انجيل ۽ قرآن شريف ۾ حضرت يعقوب جي پٽن جو پنهنجي ڀاءُ يوسف کي کوهه ۾ ڦٽي ڪري اچڻ ۽ حضرت يعقوب جي روئي روئي نور وڃائڻ جو مثال ته هر عام اڻ پڙهيل مسلمان جي آڏو پري نه وڃو پر اسان جي قائداعظم محمد علي جناح صاحب جي ڌيءَ دنيا جو پيءُ کان پري رهڻ، علامه اقبال جي وڏو پٽ آفتاب جو پيءُ سان اختلاف جي بنياد تي عاق ٿيڻ، علامه مشرقي جي پٽن کي ملڪيت نه ملڻ مهاتما گانڌي جي پٽ جو پيءَ کي ڇڏي مسلمان ٿيڻ، ڪمال اتاترڪ جي ڌيءَ جو پيءُ کان الڳ رهڻ، آمريڪي اديب هيمگوي جو پٽ جي پيار لاءِ سڪي مرڻ،  چين جي مائوزي تنگ جو پٽ کي سڃاڻن کان انڪار ڪرڻ ء۽ تازو ڏکڻ آفريڪا جي ھيرو تي زال جو ڪورٽ کيس ٿيڻ، وغير ه.
ته وري سنڌ جتي وڏن صوفي بزرگن قادر بخش ”بيدل“ ۽ سندس پٽ” بيڪس“ جي وري گڏ دفن ٿيڻ محبت ۽ سفقت جو وڏو مثال آهي. بدقسمتي سان اهڙا رويا تاريخ ۾ عام جام رهيا آهن ۽ خاص ڪري عوامي سياستدانن، دانشورن، ليکڪن، شاعرن ۽ ٻين کي نفسيات ۾ pathetic رحم جوڳا ۽ بي حس، گڏوگڏ هئڻ متضاد سمجهيو ويو آهي. جيئن شاهه جي سٽ آھي،” پاڻيءَ مٿي،جهوپڙا مورک اڃ مرن“.ايڏي ڄمار ۾ جوئي صاحب جو اھڙو الميو تمام ڏکوئندڙ آھي پر دنيا جي تاريخ ۾ انصاف جي تقاضا جي پورائي لاءِ ائين ٿيو آهي تڏھن شايد چيو ويو آھي” الميو جڏھن چڱائي، چڱائيءَ کي کائي“. پاڻ حيات آھن ۽ مون کين ملندي چيو ته” چاچا توھان جي اولاد ۾ احساس توھانکي پنھنجو ڪرڻ جو آُھي، ملڪيت جو ناھي“.
چاچي ابراهيم کي پنهنجي ڌيءَ نيلوفر سان تمام گهڻي محبت هئي ء سيرت، صورت ٻئي پئ سان ملندڙ اٿس، پر  ابراهيم جويو صاحب شڪل صورت ۽ فلسفي طور تي هوبهو برطانوي نوبل انعام رکندڙ انسان پرست فلسفي ۽ ليکڪ برٽرنڊ رسل سان ملندڙ آهي، جنهن ۹۹ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي پر جويو صاحب ڪڏهن به رسل جي پوئين عمر ۾ ڪاوڙ واري طبيعت جو قائل نه رهيو جيڪا رسل جلد دنيا مان جان ڇڏائڻ لاءَ ڪندو ھو .
جويو صاحب ايم اين رائي هندستاني مارڪسٽ جو قائل رهيو ۽ سندس پارٽي ۾ شامل ٿيو هو. برصغير جي ڪميونسٽ پارٽي سان شايد ان ڪري متفق نه رهيو جو کين وٽ جمهوري پهلو جو خال هيو ۽ صوبائي ۽ مرڪزيت تي به اختلاف ٿي رکيو، ته وري سڀ کان اول” سنڌ بچايو، کنڊ بچايوSave Sindh, Save the Continent“ لکيو آزاديءَ کان اڳي جاگيردارن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن کان جيڪي خاص ڪري ٻئن علائقن مان ٿي لڏي آيا سنڌ ۾ ورهاڱي کان اڳ جنھن جو اڃان پورو تصور به نه ھيو. هن فلسفي جو ابتدائي ڪورس توڙي مادي جدليات  ترجما ڪيا آهن پر ان کان اڳ ۾ اسان مان گهڻن کي اها گهٽ خبر هوندي ته هو سنڌ ٿياسافيڪل سوسائٽي جو پوئين ڏهاڪي تائين وائيس پريزيڊنٽ به رهيو آهي ۽ اهڙو ذڪر سوسائٽي جي ڪتابڙن ۾ پڻ آهي. اهڙي سوسائٽي ۾ هو جي ايم سنڌ سان گڏ شروعات ۾ شامل ٿيو هئو، هن ۲۰ صدي جي شروعات ۾ جڏهن کيس ايني بسنت ۽  سندس مڙس ڪرنل الڪوٽ،  ۽ ٻين قائم ڪيو، ايني بسنت انڊيا ۾ ڪانگريس پارٽيءَ جي باني هئي ۽ ڪرنل الڪوٽ مهاتما ٻڌ جو  نئون جنم مشهور فلسفي ڪرشنا مورتيءَ ۾ ڳولهي لڌو هو ۽ ابراهيم جوئي شايد سنڌ کي بچائڻ ۽ اڏڻ جو طئه ڪيو هو.



محمد ابراهيم جويو
سنڌ جي عظمت جو اهڃاڻ
پروفيسر اعجاز قريشي
موهن جي دڙي کان وٺي محمد ابراهيم جويي تائين سنڌ امڙ پنهنجي ڪُک مان اهڙن هزارين عظيم انسانن کي پيدا ڪيو آهي، جن هر اوکيءَ ويل ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي حفاظت ۽ ترقيءَ خاطر پنهنجي تن من ۽ ڌن جي قرباني ڏيڻ، سنڌ ۽ سنڌ واسين جو مان مٿانهون ڪيو آهي.
۱۸۴۳ع ۾ جڏهن سنڌ تي انگريزن قبضو پئي ڪيو ته جرنيل هوش محمد شيدي پنهنجي ساٿين سميت ڌرتيءَ جي بچاءَ جي آخري ويڙهه وڙهيو، اهڙيءَ ريت جڏهن ٻين عالمي جنگ جي ۱۹۴۰ع واري ڏهاڪي ۾ انگريز هن خطي مان ٺپڙ گول ڪري رهيو هو ته به سنڌ جا ڪجهه اهم اڳواڻ سنڌ جي خودمختياريءَ جي خاتمي کي ڏسندي سراپا احتجاج هئا.
۱۹۴۶ع- ۱۹۴۷ع وارا سال سنڌ ۽ سنڌين جي مستقبل جي حوالي سان نهايت اهم هئا، ڇاڪا ته ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ تاريخ جي هڪ اهڙي دؤر ۾ داخل ٿيڻ جو فيصلو ڪرڻ واري هئي، جيڪو اڳتي هلي سندس عوام لاءِ بدنصيبي يا خوش نصيبيءَ جو دروازو کولي رهيو هو. ان صورتحال جي سنگين ۽ تاريخي اهميت کي تمام ٿورن ماڻهن ڀليءَ ڀت ٿي ڄاتو. بيشڪ اهي نهايت دورانديش، زيرڪ ۽ داناءَ ماڻهو هئا، جن مان سائين محمد ابراهيم جويو خاص طور ذڪر جوڳو آهي. ڇاڪاڻ ته سائينءَ جويي صاحب نه رڳو ان صورتحال جي ڳنڀيرتا ۽ حساسيت کي ان جي سموري پسمنظر ۽ پيش منظر سميت ڄاتو پئي پر ان ۾ سنڌ جي پورهيت ۽ مسڪين عوام جي بهتر مستقبل خاطر پنهنجي وت ۽ وس آهر پاڻ پتوڙڻ جو فيصلو پڻ ڪري ورتو.
سائين جويي صاحب کي ان ڳالهه جو بخوبي احساس هو ته سنڌ جو اڪثريتي پيداواري طبقو جيئن ته ٻهراڙين ۾ رهي ٿو ۽ اهو تعليم ۽ شعور کان وانجهيل آهي، تنهن ڪري جيستائين سنڌ جون ٻهراڙيون تبديل نه ٿينديون تيستائين ڪا به جٽادار سماجي يا سياسي تبديلي اڻ ٿيڻي آهي، جيئن سائين ۱۹۴۳ع ۾ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
”هڪ دفعي لينن کان پڇيو ويو ته روس ۾ سوشلزم ڪهڙيءَ شڪل ۽ صورت ۾ هوندو؟“ هُن هڪدم جواب ڏنو ته؛ ”روس جي ڳوٺن کي روشن ڪرڻ سان! بجليءَ جي توانائيءَ ۽ گرميءَ سان بلاشبه رجعت پسندي، توهم پرستي ۽ جهالت دور ٿي وڃي ٿي.“ اُن وقت جو تصور ڪريو، جڏهن سنڌ جو هر ڳوٺ، جيئن اڄ آهي، ائين گند ڪچري، مڇرن هاڻن ڇيڻن مان ڦري، ويهين صديءَ جي لائق، انساني آباديءَ لاءِ موزون ۽ سکائتو هنڌ بڻجي پوندو ته اڄ اِهو تصور محض خيال پسندي ۽ خيالي پلاءُ سمجهيو ويندو، پر انهيءَ شاندار مستقبل ۽ اسان جي عوام جي موجوده دکدائڪ زندگيءَ جي وچ ۾ سواءِ زندگيءَ جي هڪ دقيانوسي، مدي خارج ۽ اُڏوهي کاڌل سماجي معاشيات جي نظام جي ٻي ڪابه رڪاوٽ ڪانهي، جنهن کي ٻه صديون اڳ دنيا جي مڙني مهذب ملڪن رد ڪري ڇڏيو هو.“ (سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي- ص ۶۰)
اِهو اُهو عرصو هو جڏهن سائين جويو صاحب سنڌ مدرسي ۾ استاد جي حيثيت ۾ سنڌ جي نئين نسل جي ذهني آبياريءَ ۾ مصروف هو، پر جيئن ته سندس دوربين نظرون سنڌ جي اجتماعي حالتن ۽ ان سان وابسته فيصلن تي هيون.
هو ڏسي رهيو هو ته سنڌ اسيمبليءَ جا اڪثريتي ميمبر مسلم ليگ جي فرقيوارانه نعري هيٺ هڪ هاڃيڪار رستي ڏانهن سموري سنڌي قوم کي وٺي وڃي رهيا آهن، تنهن ڪري هُن ۱۹۴۶ع ۾ انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب "Save Sindh save the continent from feudal lords, Capitalists and their communalisms" لکيو، جنهن ۾ هن سنڌ جي جاگرافيائي، معاشي ۽ ثقافتي تعارف ڪرائڻ ۽ پس منظر ڄاڻائڻ بعد سنڌ جي مستقبل بابت زيرِ بحث سوال جو جائزو وٺندي سنڌ جي پاڪستان يا هندستان ۾ شموليت کي سنڌ واسين لاءِ سخت هاڃيڪار قرار ڏنو.“
”جيڪڏهن ائين سمجهيو وڃي ته سنڌ کي سياسي، سماجي ۽ اخلاقي طور اڳتي هلي انهي ميلاپ مان ڌار ٿيڻ جو اختيار هوندو ته پوءِ هروڀرو ڪهڙو ضرور پيو آهي ته سنڌ کي ٽنگو ٽالي ڪري ان ميلاپ ۾ اماڻيو وڃي. اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ عجيب و غريب منطق يا ضرورت آهي ته ڪنهن کي به هروڀرو شامل ٿيڻ لاءِ زور بار هيٺ آندو وڃي؟ ائين چئي سگهجي ٿو ته ڪن ماڻهن کي فتح ڪرڻ، آزادي کسڻ ۽ والار ڪرڻ کانپوءِ کين ٻن شهنشاهيتن جي ٻيڪڙ ۾ ڦاسائي مروت سان چيو وڃي ته انهيءَ کان پاڻ کي ڇڏائي سگهو ٿا ته ڇڏائي وڃو.“ (سنڌ بچايو، براعظم بچايو -ص ۳۲)
دراصل سائين جويي صاحب جو نقطه نظر سنڌ جي خودمختياريءَ جي بچاءَ ۽ بقا سان سلهاڙيل هو، جيئن پاڻ لکي ٿو ته:
”اسان اميد رکون ٿا ته اُهي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي اهو آواز اٿارڻ کان ڪو نه ڪيٻائيندا ته سنڌ کي ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي آزادي نئين سر هٿ ڪرڻي آهي، جيڪا سؤ سال اڳ انگريز حملي آورن جي ڪري وڃائي ويٺي هئي ۽ انهيءَ آزادي ماڻڻ لاءِ هر قسم جو سانباهو ۽ سٽاءُ ڪرڻو پوندو، پوءِ اهو سڄو ڪارج ستت ئي اڪلائڻ جوڳو هجي يا ڊگهي مدي لاءِ رٿابندي ڪرڻ گهرجي، جنهن وسيلي آزادي ۽ خودمختياري حاصل ڪرڻ لاءِ تيار هجون. ڇا اسان جا اڳواڻ ڪنهن به شرطن هيٺ ڪنهن به اوپرن جي هٿن ۾ پنهنجي آزادي ۽ اختياري ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندا؟ هونئن اسان ٻين دوستن ۽ ساٿين سان گڏ هلڻ لاءِ تڏهن تيار ٿي سگهون ٿا جڏهن هو اسان کي برابر حيثيت ڏيڻ لاءِ ذهني طور تيار هجن ۽ ساڳئي وقت هڪ جداگانه مانَ ۽ مرتبي جهڙو به سمجهن، جنهن مطابق اسان کي آزادي ۽ خودمختياري ماڻڻ جا سڀئي حق حاصل هجن. جيڪڏهن پنجاب واسي يا هندوستان جي ڪنهن به خطي جا رهواسي اسان کي پاڻ جهڙو سمجهڻ لاءِ تيار هجن ۽ اختيار ۽ مالڪي ۾ هڪ جهڙو ڀاڱي ڀائيوار سمجهن، جيتوڻيڪ اهي اسان کان سؤ ڀيرا جداگانه حيثيت جا مالڪ هجن، ته به اسين انهن سان گڏيل مفادن جي آڌار تي، مرڪزي جوڙ جڪ ۾ هڪ ٻئي لاءِ سودمند شرطن تي گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“ (سنڌ بچايو، براعظم بچايو -ص ۴۰-۳۹)
سنڌ جي سالميت ۽ خودمختياريءَ بابت ههڙي نقطه نظر پڌري ڪرڻ تي ٿيڻ ته ائين کپي ها ته قوم جا رهنما ۽ اڳواڻ ٿڌي دل ۽ کليل دماغ سان مٿس غور فڪر ڪن ها، پر اسان جي سمجهه ۽ سوچ کان عاري حڪمرانن پاران بنا دير جي ان ڪتاب پڌري ڪرڻ جي سزا ۾ جون ۱۹۴۷ع ۾ جويي صاحب کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو.
اهڙيءَ ريت حالتن سبب ۱۹۴۷ع وارو ورهاڱو عمل ۾ آيو، ان بعد سائين جويي صاحب پنهنجي ساٿين سميت علمي ادبي محاذ تي سنڌي ٻولي، علم ادب ۽ تهذيب ۽ ثقافت جي بقا ۽ واڌ ويجهه لاءِ پاڻ پتوڙيو. ون يونٽ واري دور ۾ سائين جويو صاحب جيتوڻيڪ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازم رهيو پوءِ به سنڌي ادبي سنگت توڙي بزم صوفياءِ سنڌ، جشن روح رهاڻ جي سرگرمين ۾ بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي شرڪت ڪندو رهيو. سرڪار کيس ان جي سزا ۾ ملڪ جي ڏورانهن پرڳڻن ۾ سندس بدليون ڪندي رهي. جيتوڻيڪ کيس ون يونٽ سرڪار جي ڏهڪاءَ جي چڱي ريت پروڙ هئي پوءِ به پاڻ خاموش نه رهيو. ڪوهاٽ ۽ پشاور جا پنڌ ته هن باغي انسان جي هماليه جيڏي حوصلي کي جهڪائڻ لاءِ ڪا معنيٰ نه پيا رکن. جيئن ان دور ۾ پنهنجي دوست عبدالقادر جوڻيجي کي ۲۷ فيبروري ۱۹۶۳ع تي خط ۾ ليکائون.
”منهنجي بدلي اوچتو ئي اوچتو پشاور ڪئي اٿن. هونئن به گهڻي ۾ گهڻو کڻي نوڪريءَ مان ڪڍندا، ٻيو ڇا ڪندا. نوڪريءَ تان لاهڻ بعد ٻيو ڪو هو قدم کڻن ته به کڻي سگهن ٿا. ان لاءِ به تيار آهيون.“ (سڏ پڙاڏو ص ۲۹۷-۲۹۶)
انهيءَ جان نثاريءَ واري جذبي تحت جويو صاحب ون يونٽ دور ۾ سنڌي نوجوانن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جي رهنمائي ڪندو رهيو. انهيءَ دور ۾ منهنجي به ساڻن پنهنجي والد صاحب معرفت ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ تڏهن کان اڄ تائين سندن شفقت ڀريو ڇانورو قائم دائم آهي. ساڻن ويجهڙائي سبب توڙي سندن ڪتابن، مضمونن ۽ خيالن جي اڀياس مان مون محسوس ڪيو ته جويو صاحب هڪ قوم ساز شخصيت آهي، کيس سنڌ، سنڌ جي ڌرتي، ماڻهن، وڻن ٽڻن، جبلن، دريائن مطلب ته هر شيءِ سان پيار آهي، جيئن ڪنهن عاشق کي پنهنجي محبوب جي هر ادا ۽ انداز سان پيار هوندو آهي. بلڪل ائين ئي جويي صاحب کي سنڌ ۽ سنڌ واسين سان بي پناهه ۽ غير مشروط محبت آهي ۽ انهيءَ محبت کي من ۾ پائي جويي صاحب جڏهن ۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي سياسي پسپائيءَ کي اکئين ڏٺو ته هن سنڌي قوم جي نئين سر تعمير جو تمام وڏو بار پنهنجي سر تي کنيو. جويي صاحب ان سلسلي ۾ پهريائين سنڌي قوم جي ذهني تربيت تي ڌيان ڏنو. جويي صاحب محسوس ڪيو ته جيستائين سنڌ جي ٻهراڙين توڙي شهرن جي سنڌي نوجوانن جي ذهنن مان دقيانوسي خيالن ۽ رجعت پسند سوچن، وهمن ۽ وسوسن واري سوچ ويچار جي انداز کي بدلائي کين عقلي انداز ۾ سوچڻ، دليل ۽ منطق جي سگهه ذريعي پنهنجي موقف کي مڃائڻ، سستي، ڪاهلي ۽ مفت خوريءَ بدران پورهئي ۽ محنت ذريعي سماج ۾ پنهنجو مقام ۽ مرتبو ماڻڻ وارو زندگي گذارڻ جو ڏانءُ نٿو ڏنو وڃي تيستائين نه رڳو اهو ته سنڌ جا نوجوان پنهنجي اجتماعي آئيندي لاءِ ڪجهه ڪرڻ کان قاصر رهجي ويندا پر پنهنجي انفرادي زندگيءَ جي لاهن چاڙهن کي به ڀليءَ ڀت منهن ڏيئي نه سگهندا. ان سلسلي ۾ جويي صاحب روشن خيالي ۽ ترقي پسند فڪر جي حوالي سان بين الاقوامي سطح جا بنيادي ۽ اهم ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌ واسين جي ذهنن جو ڪڙو کڙڪائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ئي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻين ادارن پاران ڇپجي اسان جي آڏو ايندا رهيا ۽ مون سميت سنڌ جا هزارين نوجوان ان علمي سرمايي مان مستفيض ٿيندا رهيا. جيتوڻيڪ جويي صاحب جي لکيل توڙي ترجمو ڪيل انهن ڪتابن، ڪتابڙن ۽ مضمونن جي فهرست تمام ڊگهي آهي پر مان هتي ڪجهه اهم ۽ جڳ مشهور ڪتابن جو ذڪر ڪندس جن جو ترجمو ڪري سچ پچ ته جويي صاحب سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي خيالن ۽ سوچن کي هڪ نئون موڙ ڏنو آهي، اهي هيٺيان آهن:
۱- ايملي عرف تعليم، جان جئڪن رولو،
۲. وحشي جيوت جا نشان انساني تهذيب جي ارتقا بابت
۳. جارج پولائيزر جو فلسفي جو ابتدائي ڪورس
۴. ڏکڻ آمريڪا جي دانشور پائلو فراري جو علم تدريس مظلومن لاءِ
۵. استاد گليلو،
۶. اسٽيفن زويگ جو فڪر جي آزادي.
 اِهي اُهي ڪتاب آهن جن ۾ انساني تهذيب، غريب ۽ مظلوم ماڻهن لاءِ گهڻو ڪجهه لکيل آهي ۽ ڪيترن ئي پهلوئن کي اجاگر ڪيو آهي.
جويي صاحب، پنهنجي فڪر علم، عمل ذريعي سنڌ جي نوجوانن لاءِ اِهي ڪتاب ترجمو ڪيا ته جيئن سنڌ جا نوجوان ۽ استاد انهن مان لاڀ پرائين. انهن ڪتابن کانسواءِ سائين جوئي صاحب سنڌ بابت پنهنجا ڪيترائي ڪتاب، مضمون لکيا آهن ۽ پنهنجا ليڪچر به فلمبند ڪيا آهن.
جويي صاحب جو سنڌ لاءِ هڪ فلسفي ۽ رهبر ۽ استاد جو ڪردار رهيو آهي. سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن، شاگردن، استادن سائينءَ جي انهن سڀني لکڻين مان گهڻو ڪجهه پرايو آهي ۽ يقينن مستقبل ۾ اهو عمل قائم ۽ دائم رهندو. اسان لاءِ اڄ انتهائي خوشيءَ جو ڏينهن آهي جو سائين اڄوڪي تاريخ تي پنهنجي عمر جا هڪ سئو سال پورا ڪري رهيو آهي. سڄي سنڌي قوم اڄ کيس مبارڪون ڏئي رهي آهي. اسان سڀ دعاگو آهيون ته خدا تعاليٰ کيس اڃا وڏي ڄمار ڏئي ته هو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ وڌيڪ ڪم ڪري.



مون کاهوڙي پرکيا
ڊاڪٽر سليمان شيخ
ڪنهن سچ چيو هو ته، ”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا.“ اسان جو نسل ان لحاظ کان خوش نصيب آهي ته انهن تاريخ کي جڙندو پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي.
سائين محمد ابراهيم جويو صاحب سنڌ جي صديءَ جي تاريخ جو هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن کي پرکي سنڌ سڃاڻي سگهجي ٿي.
حقيقت ۾ سنڌ هارين ۽ پورهيتن جو ملڪ آهي. ان هيڻي طبقي تي موقعي آهر هر ٻل وان پنهن جو ٻل آزمايو آهي ۽ ڪئين هاڃا ٿيا آهن. ان سنڌ جي وارث طبقي مان ابراهيم جويو ڪِلڪَ کڻي ٻاهر نڪتو آهي. هن هڪ گهڙيءَ لاءِ به اهو نه سوچيو ته سندس ڪمزور ڪلڪ، ايوانن کي لوڏي ڇڏيندي يا ڪو انقلاب آڻيندي پر هن جي سامهون سچ نِبار پڌري پٽ بيٺو آهي، ان جو اپٽار ڪرڻ هن پنهنجو فرض منصبي سمجهي اڳتي وک وڌائي. انگريز فيل مست جي پاشاهي پوين پساهن ۾ آهي سنڌ جي اسڪول جو روشن خيال استاد سڏ ڏئي ٿو ”سنڌ بچايو“ اهو صديءَ جو تاريخي سڏ هو، ڪنهن نه ورنايو. صدين کان غلامي جي جانڊاهه ۾ جٽيل غلام ماڻهو، اڳواڻن جي کوٽ سبب بي آواز ٿي ويا ۽ استاد کي اسڪول مان ٻاهر موڪليو ويو.  سائينءَ جي جدوجهد مات نه مڃي. هو اڳتي وڌندو رهيو. هن سنڌي ادبي بورڊ وسيلي ڏاهپ ۽ ساڃاهه جا سبق ورجايا ته جيئن هيڻا همٿ حاصل ڪن سجاڳ ٿي پنهنجي ورثي کي سنڀالي سگهن.
هن گهاٽي وڻ جي ڇانوَ هن اڻ ڄاڻ کي ستر جي ڏهاڪي ۾ نصيب ٿي. سٺ جي ڏهاڪي ۾ جشن روح رهاڻ جي روح پرور گڏجاڻين ۾ سندن ڏاهپ جي ڏانءَ کان واقف ٿي ويس. ستر جي ڏهاڪي ۾ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جو پايو پيو. استاد سائين مون کي به ان ۾ سهڪاري بنجڻ جي آڇ ڪئي. ان ريت سندن رهنمائي ۽ هدايتون نصيب ٿينديون رهيون.
۱۹۷۸ع ۾ سائينءَ جو شاهڪار ڪتاب ’شاهه سچل سامي‘ شايع ٿيو. سنڌ جي صدين جي سوداءَ جي ساڃاهه سنواريندڙ هي اهم ڪتاب آهي، جنهن کي پڙهڻ سان سنڌي سماج جي بنيادي اڳواڻن ’شاهه سچل سامي‘ جي فلسفي، پيغام ۽ سوچ جي ساڃاهه جو اپٽار ٿئي ٿو. اهو ڪتاب هر شاگرد کي مئٽرڪ امتحان لاءِ پڙهڻ گهرجي. اسڪول ختم ٿيڻ واري هن امتحان جي تياريءَ ۾ هي ڪتاب نوجوانن جي شخصيت کي نکارڻ ۽ هنن کي سنڌي ساڃاهه سان سنوارڻ لاءِ تمام فائديمند ٿيندو. استاد ابراهيم جڏهين استاد هو ته سنڌ آزادي ماڻڻ لاءِ اتاولي هئي، هاڻي ان آزاديءَ ڇڙواڳي واري روش اختيار ڪئي آهي ۽ هاڻي اسان کي استاد سائينءَ جي نئين سوچ ۽ نِبار راهه جي ضرورت آهي جتي سنڌي جوان پنهنجي منزل ماڻي سگهي. هن وقت تعليم جي پستي، ٻولي ادب ۽ لطيف کان دوري، لوڀ لالچ ۽ پاڻ پڏائڻ جي نيتي سنڌي سماج کي اڏوهيءَ وانگر چنبڙي وئي آهي.
سائين جويي صاحب پنهنجو وارو واهه جو وڄايو آهي پر اسان کي سائين گهڻي وقت لاءِ گهرجي، جو اڃان اسان وٽ نعم البدل تيار ٿي نه سگهيو آهي. ان لاءِ ضروري اهو به آهي ته سائينءَ جي لاءِ سٺو ماحول ۽ سندن صحت جي اعليٰ سنڀال جو به انتظام ٿيڻ کپي. ههڙا ماڻهو دنيا جو ورثو آهن. انڪري سندن سنڀال انسانيت جو فرض آهي.
سائين ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ جي هڪ سکي ستابي آزاد ماحول ۽ معاشري عدل انصاف واري سماج جو خواب ڏٺو هو. هن نئين آزاد سنڌ جو پورو خاڪو جوڙيو هو. افسوس جو ان وقت جي سماج ان اهم ڪتاب کي اهميت نه ڏني ان وقت سنڌي جاتي گڏ هئي. ان سماج کي ورهايو ويو مذهب جي نالي تي. مذهب ڳانڍاپو، امن ڀائيچاري ۽ سهپ جا داعي هوندا آهن. اسان جي سنڌ صدين کان ان ماحول ۾ رهي آهي پر چرخ جو اهڙو ڦيرو ڦريو جنهن سڀ ساڃاهه وکيري ڇڏي. وڏن اڪابرن هن حادثي تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ڀاءُ کي ڀاءُ هٿان نقصان پهتو. اڄ ويڳاڻي ماحول ۾ اسان جو نسل پنهنجي سڃاڻپ ۽ ٻوليءَ کي بچائڻ جي يُڌ ۾ ڦاٿل آهي. بنيادي تعليم جي بنيادن تي به اسان متفق نه آهيون. اسان سڀ سڃاڻپ سنڌي ٻوليءَ کي سمجهون ٿا پر اسان پنهنجي نئين نسل کي ان کان پري رکڻ جا جتن پيا ڪريون، ڇاڪاڻ جو شعوري طور اسان کي اهو خطرو آهي ته ان ٻوليءَ ۾ تعليم اسان جي نسل کي دنيا جي ترقي واري گس کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندي. ان ڪري اسان هنڌين ماڳين سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ تڪڙا قدم کڻي سنڌي اسڪول ميسارڻ جي پويان لڳا پيا آهيون. ڪئين خوبصورت اوپرا نالا هاڻ اسان جي ٻارن جي تعليم جي حوالي سان اسان جي فخر جو سبب بنجي ويا آهن.
۱۹۶۹ع سال سنڌ جي تاريخ ۾ اهم سال آهي. ان ئي سال ۾ پاڪستان جي سياسي تاريخ جا وڏا فيصلا ڪيا ويا جنهن جو اثر اڄ تائين عيان آهي. جنرل يحيٰ خان جي بادشاهي جو دؤر هو. جنهن ۾ ون يونٽ ٽٽڻ جو اعلان ڊسمبر مهيني ۾ ڪيو ويو ۽ هڪ نئين ملڪي آئين جوڙڻ لاءِ ڪي رهنما اصول جوڙيا ويا. ان وقت تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ پڻ نيتي جوڙي وئي. سنڌ جي نوجوانن ۽ شاگردن سائين جويو صاحب جي رهنمائي ۾ هڪ مفصل پڌرنامو شايع ڪيو، هن تاريخي پڌرنامي جو هڪ نُڪتو هتي ورجائڻ برمحل آهي.
The November ۱۹۶۸ March ۱۹۶۹ movement for democracy and human rights reflected national consensus, among other things, on restoration of autonomy to former provinces. This autonomy to provinces, states or regions in a free and democractic Union of Federation presupposes the right of each of the constituent units to the use of its mother-tongue as medium of education at all levels as well as for all official purposes within its territorial boundaries. Among other things, it was for the recognition and fulfillment of this basic democratic right that the November ۱۹۶۸ March ۱۹۶۹ mass movement rose and pursued its glorious course. Sindh, for example, did not struggle for restoration of its autonomy only to see Urdu push over Sindhi language and take its place at all levels of education as medium of instruction or to see it displace Sindhi as a language of courts or of revenue and other records and for other official purposes within its area.”
۷۱-۱۹۷۰ع ۾ هن پياري ملڪ  ۾ ڇا ٿيو اهو تاريخ جو هڪ بيحد ڏکوئيندڙ ورق آهي. پر اسان ان مان ڪابه عبرت ته حاصل نه ڪئي. قرآن مجيد فرمائي ٿو ته، ”اکين وارا عبرت حاصل ڪريو.“ اهي حادثا ۽ تاريخ ردوبدل جا واقعا ايندڙ نسلن لاءِ نوان سبق کڻي اچن ٿا. پر اسان انهن سبقن کي هنئين سان هنڊائڻ جي بدران دهشت ۽ دهمان سان هڪ نئون ملڪ جوڙڻ جا جتن ڪيا.
اڄ ايڪويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ اسان سوچيو آهي ته هاڻي چيني ٻولي اهميت سان سنڌ ۾ پڙهائي وڃي ته چين جهڙي ترقي حاصل ٿئي چين جي اڄوڪي طاقت سندن پورهئي ۾ آهي ۽ سندن چيني ٻولي ثقافت ۽ ساڃاهه سان اڻ ٽٽ سٻنڌ جي ڪري آهي. ان جي اپٽار ڪرڻ بدران اسان پنهنجي ريت کي ڇڏي چيني پڙهڻ جي شوق ۾ نڪري پيا آهيون.
منزل ماڻڻ لاءِ اسان کي قومن جي جدوجهد ۽ پاڻ ارپڻ واري وِٿ کي سِکڻو پوندو.
ابراهيم جويو صاحب جي ساڃاهه، رهنمائي ۽ علمي راهه کي سمجهڻ ۽ پرکڻ لاءِ سائينءَ جي ساٿ جي اڄ هر دؤر کان وڌيڪ ضرورت آهي.
الله سائين کين مڪمل صحت ۽ وڏي عمر عطا ڪري. (آمين)


ليجنڊ ابراهيم جويي کي سينچري مبارڪ
زرار پيرزادو
ابراهيم جويو صاحب بيشڪ هڪ تاريخ ساز، ادارا ساز ۽ انسان ساز شخصيت رهيو آهي پر هن عمر جي سينچري مڪمل ڪري به هڪ ريڪارڊ قائم ڪيو آهي. مون کي سواءِ سامي صاحب جي ڪوبه اديب يا دانشور سئو سالن جو نٿو سُجهي.
ايڏي ڊگهي ڄمار سو به ڪو فڪر انگيز شخص ماڻي ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي.
ڪٿي ايئن ته ناهي ته جويو صاحب جيئن ته هڪ منظم ۽ اصولي شخص رهيو آهي تنهن ڪري هو عمر جي شاندار، يادگار ۽ تاريخي سينچري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.
ابراهيم جويي صاحب مان رڳو اسان کي ڊگهي ڄمار ماڻڻ جو ڏانءُ ئي نه سکڻ گهرجي پر حقيقت ته اها آهي ته سئو سالن تي ٻڌل هن شخص جي سڄي زندگي هڪ ڪتاب ۽ سبق وانگر آهي.
ابراهيم جويي صاحب سنڌ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي شعور ڏيڻ ۾ به نيون روايتون پيدا ڪيون آهن.
هو جيڪڏهن ڪنهن سيٽ اپ کي قبول نه به پئي ڪيو ته تڏهن به سنڌ جي ادب ۽ ٻولي جي واڌ ويجهه واري خدمت جو موقعو هليو ته هن نظرياتي وابستگي کان هٽي ڪري به اهو مثالي ڪم ڪيو. يعني لڪير جو فقير نه هو
شيخ اياز جنهن اردو ۾ شاعري ڪرڻ جي شروعات ڪئي هُئي تنهن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ شاعري ڪرڻ ڏانهن ابراهيم جويو ئي وٺي آيو.
اهي اسان جا ڀاڳ چئبا جو اسان ابراهيم جويو جهري تاريخي شخصيت کي پنهنجي دور ۾ ۽ پنهنجين اکين آڏو ڏسي رهيا آهيون.
بقول بدر ابڙي صاحب جي ته اسان سقراط نه ڏٺوسين، اسان افلاطون نه ڏٺوسين، اسان ارسطو نه ڏٺوسين پر اسان ابراهيم جويو ڏٺوسين.
ائين مان چوان ٿو ته اسان شمس تبريز ۽ مولانا روميءَ جي سنگت به نه ڏٺي سين پر ابراهيم جويي ۽ شيخ اياز جي دوستي ضرور ڏٺي سين.
ابراهيم جويو اڄ سئو سال جي ڄمار ۾ به ذهني طور مضبوط، متحرڪ ۽ سرگرم آهي.
هو تڪليف ۾ هئڻ باوجود سوين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت ڪري نئين نسل سان ان اڳڀرائي لاءِ تعاون ڪندي ڄڻ ليجنڊ کي خراج ڏيڻ واري زنده دلي جي روايت سيکاريندو هجي.
هن عمر ۾ به ابراهيم جويي صاحب ايوارڊ ۾ مليل پنج لک روپيا پاڻ تي ۽ گهر تي خرچ ڪرڻ بدران ايس آءِ يو ٽي جي اداري کي ڏئي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو هو.
سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ابراهيم جويو صاحب سئو سالن جي عمر ۾ به ذهني طور مضبوط ۽ سرگرم رهي ڪري ثابت ڪيو آهي ته جوان هجي يا پوڙهو شينهن، شينهن ئي هوندو آهي.


محمد ابراهيم جويو
اونداهيءَ ۾ لاٽ
مهتاب اڪبر راشدي
محمد ابرهيم جويي کي حياتي جا سئو سال مڪمل ڪرڻ تي لک لک واڌايون
محمد ابراهيم جويو، جنهن کي سيد مظهر جميل ’هڪ صديءَ جو آواز‘ ڪوٺي امر ڪري ڇڏيو آهي. اُن محمد ابراهيم جوئي جي ۱۰۰ سالن جي سفر جي جشن کي ملهائيندي، سندس فڪري پورهئي کي سنڌ جي سرڪرده ادارن جي ساٿ سان ملهائيندي، سندس فڪر، فلسفو ۽ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سندس تصور جو جڏهين ورجاءُ ڪيو ويندو ته ائين ڪرڻ سان محمد ابراهيم جويو نه بلڪ ان تي ڳالهائڻ واري جو قد بلند ٿي ويندو.
هونئن عام طرح ٿيندو اهو آهي ته جيڪو جيئرو جاڳندو شخص اسان جي وچ ۾ موجود هوندو آهي، اُن جي علم، عقل، فهم و فراست جو اندازو ٿيندي ڪجهه وقت لڳندو آهي. پر محمد ابراهيم جوئي جي مسلسل قلمي پورهئي، طبيعت ۽ نرم مزاجي اهڙي ته سٻاجهڙي، اثرائتي نموني، سنڌ واسين تائين پهتي آهي، جو اڄ پوئين چئن مهينن کان، سندس ان محبت جي پورهئي جي مڃتا جو سفر جاري آهي. ۽ انشا الله ايندڙ آگسٽ تائين جاري رهندو.
اسان جڏهن ڪنهن وڏي فلاسفر ۽ مفڪر جو ذڪر ڪندا آهيون ته ان جي فهم جي پرواز ۽ مستقبل ۾ ڏسڻ جي قوت، اسان کي متاثر ڪندي آهي. ساڳيءَ طرح، اسان جڏهن، محمد ابراهيم جوئي جي لکڻين تي نظر وجهون ٿا ته ان دؤر جي حالت جو تجزيو ڪندي، جيڪو اڄ کان لڳ ڀڳ ستر سال اڳ، جوئي صاحب مستقبل جي سنڌ لاءِ لکيو؛ اڄ اُهو حرف به حرف صحيح ثابت ٿيو آهي. توهان مان جنهن به جوئي صاحب جو لکيل مقالو Save The Sindh Save The Continent سنڌ بچايو، برِ اعظم بچايو پڙهيو هوندو. ان حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته جڏهين  ننڍي کنڊ ۾ ورهاڱي جون تحريڪون زور وٺي رهيون هيون ته مستقبل ۾ نظر ايندڙ ڏکئي وقت ۽ پيش ايندڙ خطرات کان جوئي صاحب، تمام بالغ نظري ۽ حقيقي پيرائي ۾ سڀني کي خبردار ڪري ڇڏيو هو.
”مون هنن صفحن ۾ وس آهر، سنڌ واسي مسلمانن توڙي هندو ڀائرن آڏو پنهنجا ڪجهه خيال ۽ ويچار مناسب عمل لاءِ سادن لفظن ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڄ اسان سنڌ واسي تواريخ جي اهڙي ٻه واٽي تي بيٺا آهيون، جتان پاڻ هڪ صديءَ جي غلامانه ٻاٽ اونداهي رات مان سجاڳ ٿي آزاديءَ جي ڦٽندر باک کي ويجهو ٿينداسون، يا ته وري نئين سر ورهين تائين پنهنجن پاڙيسرين جي سياسي ۽ اقتصادي غلاميءَ جو کاڄ بڻجي وينداسون.“ (مهاڳ، سنڌ بچايو-براعظم بچايو، صفحو ۹: محمد ابراهيم جويو، سنڌيڪار: امان الله شيخ، پيڪاڪ پبلشز جولاءِ ۲۰۱۴)
”انڊين نيشنل ڪانگريس هجي يا مسلم ليگ انهن ٻنهي ڌرين جي خيالن مان ائين پيو لڳي ته اسان سنڌ وارن جي قدر و قيمت انهن ڍورن وانگر آهي جن کي هڪ همه گير هندستان يا پاڪستان ۾ شامل ٿيڻو آهي. هنن ٻنهي ڌرين جي ڇڪتاڻ ۾ سنڌ چير ڦاڙ ۽ وڍ ڪُٽ جي اڏيءَ تي آهي. حوالو ساڳيو صفو ۹
انهيءَ سڄي مقالي ۾ جوئي صاحب، سنڌ جي سڄي سماجي ۽ اقتصادي صورتحال جو جائزو ورتو آهي، جنهن ۾ هن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ڪنهن به فيصلي ڪرڻ کان اڳ ۾ هن خطي جي ماڻهن جي لاءِ اهڙين حالتن جي پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو، جنهن ۾ سنڌ واسين کي پنهنجي سڀني اقتصادي وسيلن تي اختيار جي ضرورت جي نشاندهي ڪئي، جتي سڄي حڪومتي وهنوار ۽ ان جا اختيار هنن جي هٿن ۾ هجن، ان دؤر ۾ هو پنهنجي عوام لاءِ بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي آزاديءَ جي ڦل کائڻ جي حق ملڻ جي آرزو رکي ٿو.
محمد ابراهيم جوئي جي پنهنجي ڌرتيءَ اُتي جي ماڻهن جي حقن جي جدوجهد ۽ اثرائتي نموني نقطه نظر پيش ڪرڻ تي، کيس ”سنڌي قوم پرستي جي پرچارڪ“ هئڻ جو طعنو ڏنو ويو. جنهن جي جواب ۾ هن جو دليل آهي ته، ”منهنجي راءِ موجب ته قوم پرستي، اڄ جي (اُن وقت جي) هندستاني ڇاپ واري غير مذهبي فرقيواريت Irreligious Communalism کان ڪيترا ڀيرا چڱي آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي ڇاپ انسان کي ڪڏهين حيوان بڻايو ڇڏي ۽ دل تان لهيو وڃي ته اسين به ڪو انسان آهيون. ”مان پنهنجي ڪنهن به اهڙي قوم پرستيءَ جو پرچارڪ ڪونه آهيان، جنهن وسيلي رڳو پاڻ جيئڻ جو ذهن ۾ لاڙو پيدا ٿئي، ڇاڪاڻ ته اهڙي ڏانءَ جي قوم پرستي مورڳو ئي ترقي پسندي جي رحجاڻ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿي ۽ منهنجو دين اسلام امن ۽ آشتي جو دين آهي، ان ڪري پهريائين ته هو جهيڙي ۽ فساد ۾ ڦاٿل قومن کي جهيڙي فساد کان منع ڪري ٿو ۽ ٻيو ته قومي تاڃي پيٽي جي اندر آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن جي هٿان، سڄي قوم جي سياسي سماجي ۽ ثقافتي ڦرلٽ ۽ دٻاءُ جي مخالفت ڪري ٿو. ان ڪري جنگجو، ڦرلٽ ۽ دٻاءُ جي مخالفت ڪري ٿو. ان ڪري جنگجو ۽ ڦرلٽ واري ذهني اوسر کي سياسي لغت ۾ قوم پرستي نه پر ”فاشرم“ چيو ويندو آهي.“
جوئي صاحب، هتي قومپرستي ۽ فاشز۾ ۾ موجود نزاڪت کي جهڙي نموني نهايت وضاحت ۽ صفائي سان بيان ڪيو آهي. سا سياست جا شاگرد به شايد اهڙي کُلي ذهن spen minded ness سان شايد نه سمجهائي سگهن.
قوم پرست ته مسوليني به هيو، جنهن جي سوچ ۽ فڪر کي فاشسٽ سوچ جو نالو ڏنو ويو. اهڙي قوم پرستي ته هٽلر ۾ به موجود هئي، جيڪو اڄ به سڄي دنيا ۾ بجاءِ نالي ڪمائڻ جي نفرت جونشان بڻجي ويو. جنهن جرمن قوم لاءِ هن دنيا کي فتح ڪرڻ چاهيو، اهو پنهنجي فاشسٽ طور طريقن باعث، هيرو نه بڻجي سگهيو آهي. اڄ اسان وٽ سنڌ ۾ ساڳيا نظريا رکندر اهڙيون شهري جماعتون اُڀري آيون آهن. جيڪي جوئي صاحب جي فاشزم جي ٻڌايل وصف تي بنهه پوريون لهن ٿيون.
جوئي صاحب مطابق ”فاشزم جي وڌڻ ويجهڻ لاءِ ٻه مکيه ڪارڻ چئي سگهجن ٿا.
۱: جيڪڏهن ڪنهن جي ذهن ۾ ويهي وڃي ته جنهن به طريقي سان سندس قوم کي فائدو رسي سو جائز ۽ حقيقي آهي، جيتوڻيڪ انهيءَ دڳ وٺڻ سان ٻين قومن جي ڳچيءَ ۾ غلاميءَ جو گهانگو پوي يا مورڳوئي اُهي قومون نابود ٿي وڃن.
۲: اهڙي حرفت جنهن ۾ ڪنهن جو به ويساهه هجي ته سندس قوم ٻين قومن کان مان ۽ مرتبي جي لحاظ کان نه رڳو خاص رعايت جي حقدار آهي پر سڀني کان مٿڀري پڻ آهي. جنهن ڪري سندس قوم کي پئسي ڏوڪڙ ۽ مڙني وسيلن تي ٻين ننڍين قومن جي مٿان اختيار حاصل هجن ۽ اهڙي ڪارج کي وڏ ماڻهپ جو ڪارڻ سمجهيو وڃي.“
جوئي صاحب جي ان سمجهاڻيءَ تي جيڪڏهن اسان غور ڪيون ته اڄ دنيا ۾ بين الاقوامي طور تي آمريڪا ان وصف تي پورو ٿو لهي، جڏهن ته پنهنجي ملڪ جي اهڙن ڪارنامن جي پٺڀرائي ۾ ته آمريڪا جي ٻن وڏن سياسي ڏاهن اسٽيفن ديڪاٽر Stephen Decatur ۽ John. J. Crittenden ته کُلي طرح ”America! My country, right or wrong“ جو نعرو هڻي، اُن جي هر غلط يا صحيح پاليسيءَ جي دفاغ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن جو مجموعي نتيجو، سندس ملڪ کي فائدي رسڻ جي صورت ۾ ٿئي. اسان جي ملڪ ۾اها ساڳي روش، اسان کي هڪ وڏي صوبي جي بالادستيءَ جي صورت ۾ ملي ٿي، ته وري شهري علائقن ۾ ايم. ڪيو. ايم جو ٺهڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ به ساڳي ذهنيت جو غماز نظر اچي ٿو.
جڏهين ته، جوئي صاحب جي قوم پرستي جي فلسفي، جو بنياد ئي امن ۽ آشتيءَ سان رهڻ ۾ آهي. هن مطابق قوم پرستيءَ جي سنيهي جو بڻ بڻياد ئي انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ٻن نقطن تي آهي.
۱: پنهنجي ديس جي ڌرتي ۽ ديس واسين سان پيار ڪرڻ.
۲: سڄي سنسار ۽ انسان ذات سان پيار ڪرڻ.
۽ جيڪڏهن مان جوئي صاحب جي ان سوچ جو ماخذ، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي قرار ڏيان ته غلط نه ٿيندو، جنهن جو هي بيت، سندس سوچ ۽ فلسفي جو عڪاس آهي:
سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
جنهن مفڪر، حُب الوطنيءَ جو سبق، مرشد لطيف کان پڙهيو هجي، ان کان وڌيڪ وطن دوست ۽ انسان دوست ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو.
سنڌ بچائڻ واري هن سڄي مقالي ۾، جتي محمد ابراهيم جوئي، سنڌ جي جاگرافيائي، سماجي ۽ اقتصادي صورتحال تي، سچو پچو تبصرو ڪيل آهي، اُتي هو پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن جي ڪمزورين کان به آگاهه آهي. هو هنن جون اوڻايون پوڻايون به ڄاڻي ٿو.
پر شاهه سائين چواڻي،
جيها جي تيها، مون مارو مڃيا.
”هونئن به هر ڪنهن کي ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي ته اسان جي عوام ۾ عيب ۽ اوگڻ آهن. پوءِ به چڱو دڳ هڪ ئي آهي ته پنهجي عوام جي خدمت ڪريون نه ته پاڻ لاءِ به ناموسيءَ جي راهه وات پٽيون بيٺي آهي، ۽ پوءِ ڇا هر هڪ اخلاقي ۽ روحاني تباهيءَ جا ذميوار اسين نه سڏيا وينداسين؟ نتيجي ۾ عوام جو جيئڻ جنجال ٿي پوندو ۽ سندن جياپو به هميشه لاءِ ٻاٽ اونداهين، مصيبتن، بيمارين، خوارين جو کاڄ ٿي ويندو.“
محمد ابراهيم جوئي جي اها خواهش ته پنهنجي عوام جي ڪمزورين کي سامهون رکي انهن جي مدد ڪيون. اسان ائين نه ڪري سگهياسين. جڏهن سنڌ کي ابراهيم جويو، جاگيردارن، سرمايه دارن ۽ سندس فرقيوارانه فتني کان بچائڻ جو فرياد ڪندو رهيو، ان تي ڪنهن به اچڻ واري حڪومت ڪجهه نه ڪيو، بلڪه هندستان جي ڪانگريس ته جاگيرداريءَ جي پاڙ پٽي ڇڏي، پر اسان وٽ ته واڳون ئي جاگيردارن ۽ سرمايه دارن جي هٿ اچي ويون، جن هن مهل تائين مختلف طريقن سان، رڳو عوام کي پيڙيو آهي.
قيامِ پاڪستان کان پوءِ، محمد ابراهيم جوئي جو قلم، هليو ئي، سنڌ ۽ سنڌ جي مسئلن تي. هُن نهايت سچائيءَ ۽ دردمديءَ سان پنهنجي سپنن جي سنڌ جو خاڪو اسان جي سامهون رکيو، مختلف وقتن تي لکيل سندس فڪر آميز مقالن ۽ مضمونن جا عنوان اهو ٻڌائڻ لاءِ ڪافي آهن ته هن جي سوچ جو مرڪز ۽ محور رڳو سنڌ ۽ سنڌ رهي آهي. سنڌ جي زمين، سنڌ ۽ جمهوريت، سنڌ جي خودمختياريءَ جو سوال، قومي ٻڌيءَ جو سڏ. قومي ايڪتا، وطن جو سڏ، سنڌي ٻولي ۽ بقا، سنڌ ۾ تعليم کي عام ڪرڻ. وفاق ۽ قومي ٻولين وارو سوال، سنڌ جو پاڻي ڪيس، ڪالاباغ ڊيم ۽ ٿل ڪئنال جا هاڃيڪار اثر، اُهي ڪجهه موضوع آهن، جن تي جوئي صاحب کُلي لکيو آهي. پر اڃان به جي توهان کي ورهاڱي کان اڳ ۽ اُن کان پوءِ ۽ اڄ تائين واري سنڌ جي ڪهاڻي پڙهڻي آهي ته، ”اي سنڌ ڄائي!“ طويل آزاد نظم پڙهو ۽ ”مارئي، مارُو ۽ ملير: ڪهاڻي سنڌ ڄائيءَ سنڌ راڻيءَ جي“ پڙهو، توهان کي انهن ۾ سمويل هڪ هڪ حرف ۾ محمد ابراهيم جوئي، جي دل جو درد ۽ پيڙا محسوس ٿيندي.
اهو بي سبب ته ڪونهي ته جوئي صاحب ۱۸۵۴ع ۾ هڪ ريڊ انڊين قبيلي، سياٽل (seatel) جي سردار جو آمريڪي صدر جي نالي هڪ خط ”اسين پنهنجي ڌرتيءَ جو سودو نه ٿا ڪري سگهون.“ ترجمو ڪري، ان کي ڇپرايو، شايد ان ڪري ته ان جو هڪ هڪ لفظ پنهنجي ڌرتيءَ  سان لازوال محبت جو مظهر آهي.
”هن ڌرتيءَ جو هر گوشو، هن مٽيءَ جو ذرو ذرو اسان جي قبيلي وارن لاءِ مقدس شئيءَ جي حيثيت رکي ٿو، ديال جي هر وڻ جا نوڪدار چمڪندڙ پن، سمنڊ جو هر وارياسو ڪنارو، گهاٽن ٻيلن ۽ جهنگلن ۾ ڇانيل ڌنڌ، انهن جي گهاٽي ٿڌي ڇانوَ، هن ڌرتيءَ جو هر ميداني علائقو ۽ ڀون ڀون ڪندڙ ڀؤنر ۽ ڀِڻ ڀِڻ ڪندڙ پوپٽ، هر جيت جڻيو، اسان لاءِ مقدس آهي. گورا ماڻهو مرڻ پڄاڻان پنهنجي جنم ڀوميءَ کي وساري ويهن ٿا. اسان جا ماڻهو مرڻ کانپوءِ به هن سدا ملوڪ سهڻي ڌرتيءَ کي نٿا وسارين، ڇو ته اها اسان ڳاڙهن لوڪن جي جيجل ماءُ آهي. اسان هن ڌرتيءَ جو جُز آهيون. اُن جا حلالي پُٽ آهيون. ۽ اها اسان جو جُز آهي. هن چمن جا سهڻا، ساهه سيباڻا گل، من موهيندڙ خوشبوئن ڀريا  اسان جا ڀائر آهن. هرڻيون، گهوڙا، عظيم عقاب، بلند چوٽيون، چراگاهن جي ماڪ، گهوڙن جي جسم جي گرمائش ۽ ماڻهو اسين سڀ هڪ ڪٽنب جيئن آهيون. تنهن ڪري واشنگٽن جو سردار جڏهين اسان کان اسان جون زمينون ڳنهڻ گهري ٿو ته ڄڻ هن اسان کان رڳو زمين نه بلڪه گهڻو ڪجهه گُهري ورتو آهي.“ سو! سنڌ واسيو، سنڌ دوستو، منهنجا عزيزو! هي اَٿو اُهو ڏاهو، جيڪو سؤ سالن جو سفر ڪري پاڻ ته سنڌ جا سور اندر ۾ ٿو سانڍي پر پنهنجي سپنن جي سنڌ توهان جي حوالي پيو ڪري. ان کان اهي هڙئي سپنا، سڀ خواب، پاڻ ڏانهن سوريو، ساڀيان ڪيو.
اهو سچ سپنو جيڪو هن توهان ۽ توهان جي ايندر نسلن لاءِ ڏٺو آهي. محمد ابراهيم جوئي جي سؤ سالا جشن ۽ سفر جيڪو سنڌ جي هر ضلعي ۽ هر سرڪرده اداري جي سهڪار سان جاري آهي. اها ڀيٽا آهي، ان عظيم شخص لاءِ، جنهن سڄي زندگي پنهنجي قلم کي پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ارپي ڇڏيو. هن سڄي عمر ڪجهه نه لکيو سواءِ سنڌ جي! اهڙو به ڪو عشق ٿيندو آهي ڇا؟ ڪلهه به ۽ اڄ به پنهنجي ڌرتيءَ جي ڏتڙيل عوام لاءِ ڌڻيءَ در دُعاگو هو. اچو ته اسان به هن سان همنوا ٿيون.
تون ڏتڙيل لوڪن جي ڪڏهين سهائتا ڪندين!
اي منهنجا ٻاجهارا ڌڻي، ڪڏهن؟
رڳو لوڪن جي سهائتا، او سائين لوڪن جي،
نه وري تختن تاجن جي سهائتا، پر انسانن جي سهائتا.
ڌڻي! لوڪن جي سهائتا ڪر، جيڪي تنهنجا ئي آهن.
۽ کين نراسائين نااميديءَ ۽ انياءَ کان بچاءِ،
منهنجا ڌڻي لوڪن کي بچاءِ.
م-ا-ج (۱ جون ۱۹۴۷) ڪراچي.


محمد ابراهيم جويو جون تعليمي خدمتون
پروفيسر محمد سليم ميمڻ
محمد ابراهيم جويي جي شخصيت ايتري ته گهڻ رخي آهي، جو ان تي لکڻ لاءِ ڪيئي ڪتاب گهربل آهن. پاڻ هڪ عالم، اديب، محقق، نقاد، سماج سڌارڪ، هڪ استاد، سياسي ۽ سماجي شعور عطا ڪندڙ، هڪ نقاد ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي ڏتڙيلن سان حد کان وڌيڪ پيار ڪندڙ شخصيت آهي.
ننڍپڻ ۾ سندس زندگيءَ ۾ جن شخصيتن کان متاثر ٿيو، تن ۾ سندس پرائمري جو استاد ٽيڪڻ مل شامل آهي، جيڪو سندس لاءِ هڪ رول ماڊل يا مثالي ڪردار هو، بلڪ مان اهو چوندس ته گهر ۾ سندس ڏاڏو ۽ گهر کان ٻاهر جنهن شخصيت جا گهرا ۽ نه مٽندڙ نقش ابراهيم جويي جي ذهن جي ڪمپيوٽر تي نقش ٿي ويا، تن ۾ سندس استاد ٽيڪڻ مل هو، ۽ اڳتي هلي سائين جي. ايم. سيد سندس عملي زندگيءَ ۾ گهرا اثر ڇڏيا.
پنهنجي زندگيءَ جي پهرين اهم ڏينهن بابت سائين ٽيڪڻ مل جي ڪردار ۽ شخصيت تي ابراهيم جويي جيڪو خاڪو لکيو آهي، تنهن ۾ لکي ٿو:
پنهنجي ننڍپڻ جي پهرين يادگيريءَ مان پهريون هڪڙي جيڪا پياري ۾ پيارِي يادگيري منهنجي دل تي سدائين تري ايندي آهي، سا آهي منهنجي اسڪول ۾ وڃڻ جي پهرين ڏينهن جي يادگيري. منهنجي ڏاڏِي مون کي اسڪول وٺي هلي هئي. ان کان اڳ ڏاڏو مرهيات ناني احمد موچيءَ کان جتي جوڙائي آيو هو. منهنجي غريب امڙ مون لاءِ ڪپڙن جو نئون جوڙو سبيو هو ۽ ٽِڪن واري ٽوپي ٽونئر سان، قلم ۽ سليٽ رکڻ لاءِ هڪ بُجڪي تيار ڪئي هئي، جنهن تي به هُن ٽِڪون جَڙيون هيون ۽ ڀرت ڀري ان کي سهڻو بڻايو هو. ڪنهن دفعي آءٌ پنهنجي امڙ جي ڳالهه به لکندس، هينئر به جڏهن آءٌ هي اکر لکي رهيو آهيان، ته منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا آهن ۽ منهنجو هانءُ به ڀرجي آيو آهي. (۱)

ٽيڪڻ مل جي زندگيءَ جا عڪس ابراهيم جويي جي زندگيءَ ۾ جهلڪندا نظر اچن ٿا.
محمد ابراهيم جويي جڏهن بي. اي جو امتحان سٺين مارڪن ۾ پاس ڪيو ته سندس لاءِ گهڻيون ئي راهون اختيار ڪرڻ لاءِ هيون. ڪن کيس صوبيدار بڻجڻ جي صلاح ڏني، ڪنهن مختيارڪار پر جويو صاحب اڪثر جڏهن ڳالهين ۾ موڊ ۾ هوندو آهي ته ٻڌائيندو آهي ته مون استاد بڻجڻ کي ترجيح ڏني ۽ سنڌ مدرسي ۾ اسسٽنٽ ٽيچر مقرر ٿيو. زندگيءَ جا اٽڪل ڏهه سال پاڻ سنڌ مدرسي ۾ اسسٽنٽ ٽيچر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. ان عرصي ۾ پاڻ پڙهائڻ جي حوالي سان جديد ترين ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو، پر حقيقت اها آهي ته هن پڙهائڻ جي ڏس ۾ پنهنجي پهرين استاد سائين ٽيڪڻ مل جي شخصيت ۽ سندس پڙهائڻ جي انداز کي رول ماڊل بڻايو. ان عرصي ۾ هن اهو طريقو اختيار ڪيو ته ڪلاس ۾ وڃڻ کان اڳ پاڻ هر موضوع ۽ سبق کي چڱيءَ طرح ڏسي ويندو هو ته جيئن شاگردن سان گڏيل اعتماد جو جٽادار تعلق قائم ٿئي ۽ پاڻ مڪمل اعتماد سان شاگردن کي پڙهائي سگهي. ان ڏس ۾ پاڻ سائين ٽيڪڻ مل جي تعليم جي طريقي کي آڏو رکيائين. گڏوگڏ هر شاگرد جي ڪمن تي ذاتي طور تي ڌيان ڏيندو هو. اڪثر سندن ننڍن ننڍن مسئلن کي ٻڌندو هو ۽ انهن جي نبيري لاءِ جوڳا اُپاءَ وٺندو هو. اهڙيءَ ريت ٻارن ۾ نه فقط مقبوليت ماڻيائين بلڪ سندن پڙهائڻ تي به پڻ ڀرپور ڌيان ڌريندو هو.
ٻن سالن کان پوءِ B.T جي ٽريننگ لاءِ ايس. ٽي. ڪاليج بمبئي موڪليو ويو. ٻن سالن جي ڪورس ۾ تعليم جي شعبي بابت علمي، فني ۽ عملي موضوعن جي سکيا ورتائين. جويي صاحب B.T دوران انگريزي ۽ فارسي ٻولين کي پڙهائڻ بابت خاص ڪورس کنيا. ٻن سالن جي عرصي ۾ سندس گهڻو تڻو وقت ڪاليج جي لائبريريءَ ۾ گذرندو هو، جنهن سبب سندس ڄاڻ ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي.
۱۹۴۶ع ۾Save Sindh Save the Continent from the Feudal Lords, Capitalists and their Communalist نالي ۱۳۶ صفحن تي ٻڌل ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾ کيس سنڌ مدرسي جي نوڪريءَ مان بنا ڪنهن سبب ڄاڻائڻ جي ڪڍيو ويو. تعليم جو وزير پير الاهي بخش، جيڪو سنڌ مدرسة الاسلام اسڪول جي بورڊ جو چيئرمين پڻ هو، تنهن کي ۽ ان دور جي ڀوتارن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ جون ۱۹۴۷ع ۾ کيس گهر ڀيڙو ڪيو ويو. ان ڏکي صورتحال کي ابراهيم جويي خنده پيشانيءَ سان قبول ڪيو. ڪتاب جي اشاعت ۽ نوڪريءَ کان جواب ملڻ تي ابراهيم جويي واويلا ڪرڻ يا داد فرياد لاءِ ڪوشش ڪرڻ بدران پنهنجي سياسي مقصدن جي حاصلا لاءِ وڌيڪ سرگرم ٿي ويو ۽ وقت وڃائڻ کان سواءِ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن ڏانهن هڪ کليل خط لکيو، جنهن ۾ ڪتاب ۾ ڏنل نڪتن جي وڌيڪ وضاحت ڪئي ويئي هئي ۽ سنڌ جي عوام پاران گهر ڪئي وئي ته شخصي گروهي ۽ طبقاتي مفادن بدران پارلياماني سياست ۾ هلندڙ سازشن کي ٻنجو ڏنو وڃي، ۽ سنڌ جي عوام جي معاشي، سياسي ۽ سماجي حقن جي تحفظ لاءِ اثرائتا اپاءَ ورتا وڃن. ابراهيم جويي اهو خط اسيمبليءَ جي ميمبرن  کي سنڌ بچايو ڪاميٽيءَ جي اعزازي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ لکيو. ان خط کي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جي اخبارن ۾ وڏي پيماني تي پذيرائي ملي. ڳالهه اتي پوري ڪانه ٿي بلڪ پاڻ سنڌ اسيمبليءَ جي هڪ هڪ ميمبر سان گڏجاڻيون ڪري کين سڌي قوم جي جذبن، خيالن، اندر جي اڌمن کي پهچائڻ جي مهم شروع ڪيائين، جنهن جو مقصد فقط اهو هو ته سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر انهن حالتن ۽ معاملن کي چڱي پر سمجهن، جن کي سنڌي عوام انهن ڏينهن ۾ منهن ڏيئي رهيو هو.
سنڌ مدرسي جي نوڪريءَ مان نيڪاليءَ کان پوءِ ٺٽي ميونسپل  ڪاميٽي جي چيئرمين مولا ڏني عباسيءَ پاران کيس ٺٽي ميونسپل هاءِ اسڪول جي هيڊماستري جي عهدي جي آڇ ملي، جنهن کي يڪدم قبول ڪيائين. ان نوڪريءَ سان سندس عهدو به وڌي مليو، پر سندن ماهوار آمدني ۾ ويهه روپين جي گهٽتائي اچي ويئي. کين ٺٽي ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين جو مڪمل اعتماد حاصل هو، بلڪ ميونسپل ڪاميٽيءَ جا چڱا مڙس سندس خيالن ۽ لاڙن جو قدر به ڪندا هئا. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سندس پسنديده مشغلو هو ۽ پاڻ ان شعبي ۾ ڪجهه اهڙيون تبديليون آڻڻ جو خواهشمند هئو، جن ۾ قومي زندگيءَ جي گهرجن ۽ امنگن جو خيال رکيو وڃي. پاڻ درسي ڪتابن کان هٽي شاگردن ۽ استادن جي وچ ۾ اعتماد جي اهڙي ناتي کي پيدا ڪرڻ ضروري سمجهندو هئو، جيڪو ٻارن جي ذهني اوسر ۾ مددگار ثابت ٿئي. ٺٽي اسڪول جي هيڊماستري واري دور ۾ کيس موقعو مليو هو ته پاڻ تعليم کي هٿي وٺرائڻ بابت پنهنجن ويچارن ۽ تصورن کي عملي جامو پهرائي سگهي، تنهن ڪري پاڻ استادن ۾ ان ڳالهه بابت ويساهه ويهاري ڇڏيو هئائين ته پڙهائڻ جي ٽائيم ٽيبل مطابق درسي ڪتابن سان گڏوگڏ ٻارن جي فڪري سکيا ۽ جسماني صحت به نهايت ضروري آهي. جيئن ته پاڻ نهايت جاکوڙي ۽ محنتي هو ۽ ڪم جي وقت ڪنهن اهڙي مصروفيت کي جائز نه سمجهندو هو، جيڪا سندس تعليمي مقصدن کي اڳتي وڌڻ ۾ مددگار ثابت نه ٿئي، تنهن ڪري ساٿي استادن کان به اهائي اميد رکندو هو. ان ڪري ٻن سالن جي عرصي ۾ غيرنصابي سرگرمين کي گهڻو همٿايو ويو. شاگردن جا تقريري ۽ تحريري مقابلا ڪرايا ويا، باصلاحيت ٻارڙن کي همٿائڻ لاءِ کين قيمتي انعام به ڏنا ويا. ٺٽي ۾ رهڻ دوران کيس مضمونن ۾ ڄاڻايل معاملن کي عملي صورت ڏيڻ جو موقعو مليو، پر ان صورتحال جو ناڪاري رخ اهو هو ته اتي کيس ڪم ڪرڻ لاءِ رڳو ٻه سال مليا، ان مختصر عرصي ۾ اهي سڀئي تعليمي سڌارا آڻڻ هڪ ڏکيو ڪم هو، جن کي پاڻ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ آڻڻ جو خواهشمند هو. تنهن هوندي به پاڻ ٺٽي جي ميونسپل هائي اسڪول ۾ گهڻي ڀاڱي ماحول ۾ تبديلي آڻڻ جو عمل شروع ڪري چڪو هو.
ابراهيم جويو جيڪو ان وقت تائين هڪ پڙهيل ڳڙهيل قومپرست دانشور جي شهرت ماڻڻ لڳو هو، سنڌ جي بي زمين، مفلس ۽ پارماريت جو شڪار غريب هارين ۽ آبادگارن جي حقن لاءِ اڪثر مضمون به لکندو رهندو هو، جيڪي سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا. اهڙي ريت پاڻ سنڌ جي نوجوانن ۾ متعارف ٿي چڪو هو. جوشيلا شاگرد ۽ قومپرست سياستدان ساڻس ملڻ لاءِ اڪثر ٺٽي ايندا هئا. انهن ڏينهن ۾ ٺٽو، هارين ۽ پورهيتن جي احتجاجي مظاهرن ۽ ميڙن جو مرڪز بڻجي رهيو هو، تنهن ڪري ٺٽي کي سياسي حوالي سان گهڻي اهميت حاصل هئي ۽ سڪون ڀريو نظر ايندڙ اهو شهر حڪومتي نڪته نظر کان سرگرم ۽ ٻرندڙ نظر اچڻ لڳو.

ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد (جون ۱۹۴۹ع)
ابراهيم جويو پنهنجي مزاج جي خيال کان پاڻ کي هر ماحول ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ جي ڀرپور خداداد صلاحيت رکندو هو. کين ان ڳالهه جو احساس هو ته سنڌ جا مسلم ليگي حاڪم سندس ويچارن ۽ لاڙن کي عام طور تي پسند ڪونه ٿا ڪن. خاص طور تي اهي سنڌي اڳواڻ جيڪي سنڌي قوم ۽ عوام جي حقن جي ڳالهه ٿا ڪن، ۽ انهن جي تحفظ ۽ حق لاءِ آواز اٿارين ٿا. انهن کي حڪومتي ڳجها ادارا پاڪستان جو دشمن ڪوٺين ٿا ۽ اڪثر اڳواڻن کي هندستان جو ايجنٽ به ڪوٺين ٿا. انهن اڳواڻن ۾ جي. ايم. سيد، حيدر بخش جتوئي، عبدالمجيد سنڌي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ قاضي فيض محمد وغيره شامل آهن. ابراهيم جويو سياسي ماڻهو ته نه هو، پر سندس سياسي خيال، جي. ايم. سيد جي سياسي خيالن کان ڌار به نه هئا، تنهن ڪري پاڻ هر وقت هر قسم جي تڪليف برداشت ڪرڻ لاءِ تيار هوندو هو. تنهن ڪري پاڻ ٺٽي جي آرام واري قيام کان پوءِ حيدرآباد جي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي مقرري جي آجيان ڪيائين. ان وقت ڪاليج جو پرنسپال غلام حسين سومرو هو، جيڪو پڙهائي جو شاندار ڊگهو تجربو رکندڙ استاد هو. هن به ابراهيم جويي جي شهرت بابت ٻڌو هو، ۽ سندس ڪجهه لکيل مضمون به پڙهيا هئائين، تنهن ڪري جويي صاحب جي پنهنجي ڪاليج ۾ مقرر ٿي اچڻ تي سندس سٺو آڌرڀاءُ ڪيائين. اسڪول جي هيڊماستري ۽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهائڻ جي طريقن ۾ تمام گهڻو فرق هو. هتي پڙهائڻ وارن جو واسطو انهن نوجوانن سان پوندو هو، جيڪي پڙهڻ پڙهائڻ جو اڳ ۾ ئي ذوق ۽ شوق رکندا هئا، جن جا ذهن  نين نين ڳالهين کي سکڻ ۽ پنهنجائڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا. انهن مان اڪثر شاگرد تعليم کاتي مان ئي ايندا هئا، تنهن ڪري ابراهيم جويي ان موقعي مان به لاڀ پرائڻ جو رٿيو ۽ محنت ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي سان ذميداريون نڀائڻ شروع ڪيون، جيڪا سندس فطرت هئي. سندس طبيعت ۾ سائين ٽيڪڻ مل کان ورتل سکيا جو اثر هو. جلد ئي سندس چوڌاري اهڙن مخلص شاگردن جو حلقو قائم ٿي ويو، جيڪي پڙهڻ پڙهائڻ کان سواءِ سنڌ جي حالتن ۽ مسئلن ۾ عملي دلچسپي رکندا هئا، ۽ سنڌي عوام، سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ ابراهيم جويو جي ويچارن ۽ لاڙن سان گهڻي ڀاڱي سهمت هئا.
اولهه پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سنڌ، سرحد، بلوچستان ۽ پنجاب جا عيوضي گڏجي ڪم ڪندا هئا ۽ پڙهائڻ جي سرشتي لاءِ نصاب تيار ڪرڻ جو ڪم ڪندا هئا. علاقائي گهرجن ۽ اتان جي موڪليل سفارشن کي به آڏو رکيو ويندو هو. ان بورڊ جي هڪ اهم ذميداري اها به هئي ته هر ايراضي جي گهرج پٽاندڙ منظور ٿيل ڪتابن کي ترت ۽ تڪڙو تيار ڪرائي، اولهه پاڪستان جي وحدت جي ڏورانهن ايراضين تائين انهن ڪتابن کي پهچائڻ لاءِ جوڳو انتظام ڪري.
جويي صاحب کي اتي بدلي ڪري موڪليندي وقت شايد سندس سنڌي ادبي بورڊ جي اشاعتي تجربي کي آڏو رکيو ويو هو. بهرحال لاهور ۾ مان پنجن ڇهن مهينن کان وڌيڪ ڪونه رهيو. ان عرصي ۾ ڪو بنيادي ڪم ته نه ٿي سگهيو، تنهن هوندي به ان مختصر وقت ۾ کيس ون يونٽ جي رائج تعليمي سرشتي ۽ پڙهائڻ جي طريقي بابت سنڌ جي نڪته نظر جي ڀرپور وڪالت ڪرڻ جو موقعو مليو، ۽ هر فورم ۽ گڏجاڻيءَ ۾ سنڌين جي مادري زبان سان ٿيندڙ ناانصافين کي وڏي واڪ سڀ تائين پهچائڻ کان وسان ڪين گهٽايائين، ۽ پنهنجي انهن ڪوششن ۾ گهڻي قدر ڪاميابي به مليس. نتيجي ۾ ڪجهه درسي ڪتابن مان تعصب سان ڀريل غلط ڳالهين کي ڪتابن مان ڪڍرائڻ ۾ سوڀارو ٿيو.

ٽيڪسٽ بڪ بورڊ – حيدرآباد ڪوئٽا ريجن
مارچ ۱۹۶۳ع ڌاري ابراهيم جويي کي آخرڪار وري حيدرآباد بدلي ڪري موڪليو ويو ۽ کيس اولهه پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي حيدرآباد ۽ ڪوئٽا ريجن جو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر ڪيو ويو. حيدرآباد موٽي اچڻ جو هڪ فائدو اهو ٿيو ته کيس سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جي عهدي جي ٻيهر آڇ ڪئي ويئي، ڇاڪاڻ ته سندس نه هئڻ ڪري بورڊ جي ڪارڪردگي تمام گهڻي متاثر ٿي رهي هئي، ڪيتريون ئي رٿائون رولڙي جو شڪار ٿي ويون هيون. جويي صاحب ان آڇ کي اعزازي طور ان شرڪت تي قبول ڪيو ته پاڻ تعليم کاتي ۾ پنهنجي نوڪريءَ سان گڏوگڏ ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ به خدمتون سرانجام ڏيندو رهندو. سندس اها واڌو ذميداري اعزازي هئي، ۽ پاڻ ان حيثيت ۾ مارچ ۱۹۶۳ع کان جولائي ۱۹۶۷ع تائين ڪم ڪندو رهيو.
ان عرصي ۾ سندس ڌيان سنڌي ٻوليءَ جو تحفظ، جٽاءُ ۽ ترقيءَ سان لاڳاپيل مسئلا ۽ موضوع هئا. جيتوڻيڪ ان معاملي کي پاڻ شروعاتي دؤر کان ئي گهڻي اهميت ڏيندو ٿي آيو، پر ون يونٽ واري دور ۾ سنڌي ٻوليءَ سان ٿيندر زيادتين کيس ان ڏس ۾ وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي مجبور ڪيو، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ کي ايڪيهين صديءَ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ترقيءَ جون ڪيتريون ئي منزلون ۽ مرحلا طئه ڪرڻا هئا.
تعليم کاتي جي هر گڏجاڻيءَ ۾ پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ اشاعت جي ڏس ۾ ساڻس پيش ايندڙ تعصبي روين جي سڃاڻپ ڪرائيندو رهندو هو، جنهن جي نتيجي ۾ سياستدانن ۽ اعليٰ حڪومتي عملدارن ۾ سندس ان هلت خلاف اڻوڻندڙ ۽ نفرت وارو رويو واضح طور تي نظر ايندو هو، پر جويو صاحب هڪ آدرشوادي انسان هو، تنهن ڪري پاڻ ڪنهن مصلحت جي ڪري پنهنجي خيالن تان هٿ نٿي کڻي سگهيو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ حڪومت جي ناڪاري روين تي ملول هو. ان کان وڌيڪ پاڻ سنڌي عالمن، اديبن، ڏاهن ۽ لسانيات جي ماهرن کان ان ڳالهه جو گُهرجائو هو ته اُهي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ سائنسي بنيادن تي ڪم ڪن ۽ سنڌي ٻوليءَ کي نون عصري گهرجن آهر بڻائڻ لاءِ عملي رٿائون جوڙين.

گورنمينٽ هائي اسڪول جيڪب آباد (جولائي ۱۹۶۷ع کان مارچ ۱۹۶۸ع)
ظاهر آهي ته ڪنهن ملازم جي ٿوري ٿوري عرصي کان پوءِ بدليون ڪري سندس اهنجن ۾ واڌاري آڻڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿي ٿو سگهي؟ اڃا هو هڪ ماحول جو عادي مس ٿي ٿيو ته کيس وري ڪنهن ٻئي ماڳ ڏانهن ڌڪيو پئي ويو.
ان صورتحال بابت جويو صاحب، پنهنجي سوانح عمري لکندڙ محترم مظهر جميل صاحب کي ٻڌايو ته ”مان پنهنجي ڪنهن به بدليءَ تي ڪڏهن اَرهو نه ٿيس ۽ هميشہ ان جي هاڪاري رخن کي نظر ۾ رکندو هئس. جڏهن ڪنهن کي مختلف هنڌن تي وڃي ڪم ڪرڻا پون ته سندس تجربي ۾ گهڻو واڌارو اچي ٿو ۽ هر نئين ڏينهن تي نئين ڳالهه سکي ٿو. نون نون شعبن جي ماڻهن سان ملي ٿو ۽ سندس زندگيءَ جو دائرو وسيع ٿيندو وڃي ٿو. ان ڪري مون نوڪريءَ دوران بدلين جي دل سان آجيان ڪئي، ٻيو اهو ته مان هونءَ به ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو آهيان، اِها منهنجي فطرت آهي پوءِ توهان مون کي کڻي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال مقرر ڪيو يا ڪنهن پرائمري يا سيڪنڊري اسڪول جو هيڊماستر يا اسڪولن جو انسپيڪٽر. اهي سڀئي ڪم نه فقط منهنجي ذوق ۽ شوق سان واسطو رکن ٿا، بلڪه منهنجي پنهنجي سکيا جو به حصو رهيا آهن، تنهن ڪري انهن حيثيتن ۾ ڪم ڪندي مون کي ڪڏهن اوپرائپ محسوس نه ٿي. جڏهن مون کي جيڪب آباد جي اسڪول جو هيڊماستر مقرر ڪيو ويو ته حقيقت ۾ مان پنهنجي اصل پيشي ڏانهن موٽيس، ۽ مون کي اهو ڪم ڪندي گهڻو مزو آيو. تعليمي سرشتي ۾ اصل اثاثو ته ٻار هوندا آهن، جن کي اوهان کي پڙهائڻو آهي ۽ انهن جي سکيا ڪرڻي آهي، سندن سُتل صلاحيتن کي جاڳائڻو آهي، سندن شخصيت جي اڏاوت ڪرڻي آهي. سٺي ۽ ڪني، اڇي ۽ ڪاري جي وچ ۾ فرق کي واضح ڪرڻو آهي. منهنجو اهو تجربو آهي ته وڏن شهرن جي ڀيٽ ۾ ڏُورانهن پنڌن تي ننڍن شهرن جا رهواسي سادا سودا ماڻهو هوندا آهن، ۽ اتان جي ٻارن ۾ غير معمولي صلاحيت هوندي آهي، جڏهن ته اتان جا تعليمي ادارا بي ڌيانيءَ جو شڪار هوندا آهن، نه ته استادن کي گهربل سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وينديون آهن ۽ نه وري ٻارن کي همدردي ۽ پيار وارو ماحول فراهم ڪيو ويندو آهي. انهن سڀني حالتن جو اثر تعليم جي معيار تي پوندو آهي. عام طور تي سڄي سال ۾ نصاب مڪمل ٿي نه سگهندو آهي، پر جيڪڏهن ڪورس مڪمل ٿي به وڃي ته شاگرد، استاد پاران مڪمل ڌيان کان محروم هوندو آهي، جيڪو تعليم ۽ تدريس جي ڏس ۾ بنيادي اهميت رکي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ساليانا نتيجا به همٿائيندڙ نه هوندا آهن. جويو صاحب ٻين تعليمي معاملن سان گڏوگڏ استادن جي اهليت ۽ صلاحيتن تي به ڪرڙي نظر رکندو هو.
جيڪب آباد هائي اسڪول ۾ ڪم ڪندڙ فارسيءَ واري استاد غلام علي چني، پنهنجي هڪ مضمون ۾ جويي صاحب جي مٿين ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ۽ لکيو آهي،
”جيڪب آباد جي گورنمينٽ هائي اسڪول ۾ آئون چوٿين اسٽينڊرڊ کان ستين اسٽينڊرڊ تائين فارسي پڙهائيندو هئس، پر منهنجي فارسي گهڻي ڪمزور هوندي هئي، جنهن جو اندازو ڳالهين ڳالهين ۾ جويي صاحب کي ٿي ويو هو. تنهن ڪري پاڻ هر ڪلاس ۾ پڙهائجندڙ سبق کان اڳ ۾ مون کي ان جي تياري ڪرائيندو هو، ۽ چوندو هو ته هڪ سٺي استاد کي شاگرد آڏو پوري تياريءَ سان گڏ وڃڻ گهرجي، ته جيئن انهن جي هر سوال جو جواب ڏيئي سگهي. جويي صاحب منهنجي فارسي پڙهائڻ ۾ دلچسپي ورتي، جو مون فارسي گرامر جا نوان ڪتاب گهرايا ۽ فارسيءَ جا ڪلاسيڪل ڪتاب مثال طور ڪريما کان گلستان ۽ بوستان تائين گهرائي، جويي صاحب کان دل لڳائي پڙهيا ۽ فارسي ٻوليءَ تي ايتري دسترس ٿي ويئي جو خوداعتماديءَ سان مٿين ڪلاسن کي پڙهائي سگهندو هئس.

گورنمينٽ ٽيچرس ٽريننگ اسڪول – ڪوهاٽ (مارچ ۱۹۶۸ع کان جنوري ۱۹۷۱ع)
اڃا گورنمينٽ هائي اسڪول جيڪب آباد ۾ هڪ ورهيه مس ٿيو هو ته سرڪار بهادر کي محمد ابراهيم جويو وري ياد آيو، ڇاڪاڻ ته سنڌي قومي سڃاڻپ جي بحالي ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مزاحمتي تحريڪ، حڪومتي ڏاڍ ۽ هيسائڻ کان پوءِ به ضابطي ۾ نه ٿي آئي، ان ڪري سرڪار پنهنجي سطح تي ”شرپسندن“ کي نئين دڳ تي لائڻ لاءِ ڪانه ڪا تاديبي ڪارروائي جاري رکڻ جي حق ۾ هوندي هئي. ان ڏس ۾ محمد ابراهيم جويي کي جيڪب آباد جهڙي گرم شهر مان ڪڍي، پشاور جي ريجنل ڊائريڪٽوريٽ ۾ مارچ ۱۹۶۸ع ۾ بدلي ڪري اماڻيو ويو.
دراصل منهنجي اها بدلي ون يونٽ حڪومت جي بدلي وٺڻ جي هڪ ڪارروائيءَ جو حصو هئي، ڇاڪاڻ ته سرڪاري اطلاعن موجب مون جيڪب آباد ۾ رهڻ واري عرصي ۾ اردو ۽ سنڌي جي ترقي پسند اديبن، شاعرن ۽ ڏاهن جي هڪ نئين عوامي ادبي انجمن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن سان پاڪستان جي وفاقي حڪومت ۽ ون يونٽ جي حڪومت کي خطرو هو. حڪومت جو خيال هو ته عوامي ادبي انجمن جو منشور تيار ڪرڻ ۽ ان جي سنڌي ترجمي ڪرڻ ۾ ابراهيم جويي جو خاص ڪردار هو. عوامي ادبي انجمن جي قائم ٿيڻ جون شروعاتي گڏجاڻيون جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ ٿيون هيون، جن ۾ فيض احمد فيض، گل خان نصير، سوڀي گيانچنداڻي، فتح الله عثماني، ايم. آر. حسان، شيخ اياز، اجمل خٽڪ، حسن حميدي ۽ مسلم شميم وغيره شرڪت ڪندا هئا.“
ابراهيم جويو صاحب پشاور ۾ تعليم جي ريجنل ڊائريڪٽوريٽ وڃي پهتو، جتي ريجنل ڊائريڪٽر خان هاشم خان سندس سٺو آڌرڀاءُ ڪيو، ۽ کيس ٻڌايو ته تعليم کاتي جي وزير جي خواهش آهي ته ابراهيم جويي کي ڪنهن سخت ۽ ڏکي جاءِ تي مقرر ڪيو وڃي، تنهن ڪري مون توهان کي ڪوهاٽ جي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي پرنسپال جي حيثيت ۾ مقرر ڪيو آهي. هي ڪاليج اڃا نئون ٺهيو آهي، ساڻس گڏ هڪ هائي اسڪول به لاڳاپيل آهي، جتي سکيا وٺندڙ استادن کي عملي سکيا ڏني وڃي ٿي. ان ڪاليج جي افتتاح لاءِ اوهان کان بهتر ٻيو ڪو تعليم جو  ماهر مون کي نٿو سُجهي. اها اسان جي خوش نصيبي آهي جو پٺاڻن کي اوهان جي خدمت مان فيض ياب ٿيڻ جو موقعو مليو آهي.“ هاشم خان جون ڳالهيون ٻڌي جويي صاحب جي خدمت گذاريءَ جي رڳ هيڪر وري ڦڙڪي، ۽ پاڻ هڪ نئين جوش ۽ جذبي سان ڪوهاٽ ڏانهن روانو ٿيو. اتي پهچي کيس خوشي ٿي ته صاف سٿري، ساوڪ سان ڀريل ماحول ۾ پهتو آهي. ڪاليج جي عمارت واقعي نئين هئي، اڃا عملو به پورو مقرر نه ٿيو هو. داخلائون هلندڙ هيون، اسڪول جو ماحول به تمام سٺو هو. اسڪول جو هيڊماستر به هڪ سٺي استاد جي شهرت رکندڙ هو. ڪوهاٽ ۾ رهڻ واري عرصي دوران کين شروعاتي ڏينهن ۾ تمام گهڻي جاکوڙ ڪرڻي پيئي، جيئن هر نئين جاءِ يا اداري ۾ ٿيندو آهي. پاڻ ڪوهاٽ ۾ اٽڪل اڍائي پوڻا ٽي سال رهيو.
جويي صاحب ان ڪاليج کي ٺاهڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو ۽ بمبئيءَ جي ايس. ٽي. ڪاليج مان پاڻ B.T جو ڪورس ڪري آيو هو. سندس ڪوشش هئي ته کيس ان ڪاليج جي معيار تي آڻي.
اهڙي ريت ڏٺو وڃي ته جويي صاحب کي عملي زندگيءَ ۾ جڏهن به ۽ جتي به تعليم کي هٿي وٺرائڻ، سڌارڻ ۽ واڌ ويجهه جو موقعو مليو ته هن پنهنجي وس ۽ وِت کان وڌيڪ ڪوششون ورتيون ۽ پاڻ انهن ۾ سوڀارو به ٿيو.




محمد ابراهيم جويو

سنڌ جو سڄڻ

محبوب سنڌي

تيرٿ لڪيءَ جي درد ڪٿا کي پير علي احمد راشدي ڀلي سمجهي نہ سگهيو هجي پر موهن ڪلپنا ۽ طارق اشرف جي دلين ۾ تيرٿ لڪي جي درديلي ڪهاڻي ڌڙڪندي هئي، اهو ئي سبب آهي جو موهن ڪلپنا پنهنجي ناول “لگن” ۽ طارق اشرف جي ناول “ميرو ڌاڙيل” ۾ تيرٿ لڪي ۾ وسندڙ اصل سنڌين کي ڪيڏي نه حيبت ناڪ طريقي سان جلاوطن ٿيڻ مجبور ڪيو ويو. اهڙا منظر انهن ٻنهي ناول ۾ ڏيکاريل آهن.

طارق اشرف يا موهن ڪلپنا اهڙي ڏکن ۽ سورن جا والي وارث ٿيڻ جا بلڪل حقدار آهن پر محمد ابراهيم جويي ته لڪي جبل جي سخت پٿرن ۾ جنم ورتو هو. سو اهو سڄو درد ڪنهن وحشي قاتل جي زهريلي خنجر جيان جويي صاحب جي سيني ۾ آخري وقت تائين کتل رهيو ۽ اهو ئي سبب چئي سگهجي ٿو ته جويي صاحب تيرٿ لڪي جي دکيت سان ڀريل داستان کي سمجهڻ لاءِ سنڌ مٿان پيدا ڪيل بربيت واري ماحول کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ سنڌ ورهاڱي جي عبرتناڪ عذاب کي ڀوڳي رهي هئي. خواب مري رهيا هئا. ساڀيان ٿيل سپنا به سڙي رهيا هئا. خوشيون پکين وانگي پر ڪڍي ڪنهن اڻ ڄاتل منزل ڏانهن اڏري وڃي رهيو هيون، سيوستان جي شام “شامِ غريبان” جو نوحو الاپي رهي هئي. روپلي جو اداس روح ڪارونجهر تي ڦيرا ڏئي رهيو هو، مياڻي جي ميدان ۾ ڪٺل هوش محمد شيدي ۽ حب الوطني خاطر انگريز سرڪار جي دار کي چمي ڏيندڙ شهيد هيمون ڪالاڻي جي وطن دوستي واري فلسفي کي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ هن پاڻ پتوڙيو، لڇيو، سائين جي ايم ۽ علامہ آءِ آءِ قاضي جي صحبت اختيار ڪئي. آخرڪار ۱۹۴۶ع ۾ save Sindh save the continent “سنڌ بچايو_کنڊ بچايو“ جهڙي عظيم ڪتاب ڏئي سنڌ جي بقا لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.

تاريخ ڪردار پيدا ڪندي آهي ۽ عملي جدوجهد ڪندي جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ محمد ابراهيم جوئي جي ڪردار جنم ورتو آهي، ان جي تعليم، تربيت، فڪر، عملي جدوجهد ڪرڻ تي مليل سختين، تڪليفن تي اسان جي اديبن، محققن ۽ عالمن بهتر ڪم ڪيو آهي خاص طور تي” سٻاجهو ساڃھوند ۽ محمد ابراهيم جويو ايڪ صدي ڪي آواز” اهي ٻئي ڪتاب هڪ تاريخي دستاويز آهن، جنهن ۾ جويي صاحب جي جيون جي هر هلچل درج ٿيل آهن، جنهن جي ملاحظي کانپوءِ جويي صاحب جو ڪردار هڪ کاهوڙي ٿي سامهون ايندو.

سنڌي ادبي بورڊ سان محمد ابراهيم جويي جي رشتي کي سمجهڻ لاءِ سائين جي ايم سيد جي هن سٽن کي دل سان لڳائڻو پوندو ته “سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري لاءِ جڏهن ڳولا ڪئي وئي ته ڊاڪٽر بلوچ ۽ هن جا نالا بورڊ جي سامهون آيا. بلوچ پگهار گهٽ هئڻ ڪري نه آيو. آخرڪار قرعہ فال وڃي هن تي پيئي. هن اميدن کان وڌيڪ ڪاميابي ڏيکاري. بورڊ ۾ هن پگهاردار جي حيثيت ۾ ڪم نه ڪيو آهي بلڪہ سنڌي زبان جي مِشنري ۽ هڪ قوم پرست سنڌي خادم طور ڪم ڪيو آهي(ڪتاب جنب گذاريم جن سين) “ جوئي صاحب سنڌي ادب کي جديد روشن خيال عالمي ادب سان ڳنڍڻ لاءِ بہ سنڌي ادبي بورڊ ۾ رهي ڪري هن جيڪو ترقي پسند ادب کي هٿي وٺرائڻءُ لاءِخدمتون ڏنيون آهن اهي وسارڻ جوڳيون ناهن. هن دنيا جي عظيم اسڪالر جا عظيم ڪتاب پاڻ به ترجمو ڪيا ۽ سنڌ جي ٻين اديبن کان به ترجما ڪريا جنهن سان سنڌ ۾ شعري ترقي پسند ۽ روشن خيالي واري سفر جي ارتقا شروع ٿئي ۽ اهڙو سڄو ڪم تقريبن ڪتابن جي زينت بڻجي چڪو آهي.

پر هن وقت جيڪا ضرورت آهي ته اسان جويي صاحب جي تعليم، تربيت ۽ فڪر کي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ آهي.هن وقت اسان کي سنڌ کي بچائڻ لاءِ نوان ذهن پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهيءَ لاءِ نئين سوچ ۽ نئين سنڌ کي تعمير ڪرڻ لاءِ اسان کي جويو صاحب جي فڪر کي عام ڪرڻو پوندو. ڇو تہ جيڪي اڄ جون حالتون آهن اهي اڳ پيدا ٿيل حالتن کان الاهي ڏکيون آهن. جيئن هن وقت ٻوليءَ جا خطرا وڌيڪ آهن، هر طرف کان ڌرتيءَ تي والار ٿي رهي آهي، وسيلن تي قبضا، جبل به محفوظ ناهن. تعليم جي تباهي، ڌاري آباد ڪاري ۽ مذهبي انتهاپسندي جو وڌڻ وغيره اهڙي صورتحال ۾ استحصالي قوتن اڳيان پنهنجي قومي تشخص کي بحال رکڻ لاءِ اسان کي جويو صاحب جي ڏيکاري راھ ڪم ڏيندي ڪم ڏيندي انهي ڪري “سنڌ بچايو _کنڊ بچايو” يا “سنڌ منهنجي خوابن جي” کان پنهنجن نوجوانن کي واقف ڪرڻو پوندو. جئين “شاھ، سچل، سامي” جي عظيم ڪردارن ۽ انهن جي ڏسيل واٽ تي اهي پنهنجا پير پختا ڪري ان تي هلي سگهن، جيئن “سنڌي ٻوليءَ جو سياسي” هو وڙهي سگهن. جيئن”سائنس ۽ جادو” جي تعليم جي انهن کي ويجهو ڪري سگهجي، جيئن “فلسفي جو ابتدائي ڪورس” کي ڄاڻي هو فلسفي جي اھميت کي پرکي سگهن ۽”فڪر جي آزادي “ هو ماڻي سگهن ڇو ته محمد ابراهيم جويو پنهنجي تعليم ۾ اسان کي جيڪو ٻڌائي ۽ سمجهائي ٿو. ان جي پيروي سان ذهني سوچ جو معيار بلند ٿئي ٿو ۽ انسان شعوري سفر ڏانهن تڪڙيون تڪڙيون وکون وڌائي ٿو. جنهن سان نيئن سنڌ کي فائدو رسڻو آهي. اهڙي عظيم منشور ڏيڻ جي ڪري هر باشعور ماڻهو محمد ابراهيم جوئي کي فڪري استاد مڃي ٿو.

اهو ٻہ لازمي آهي جنهن مڪتبِ فڪر سان سلهاڙجي ماڻهو مستقل مزاجي سان هلي ٿو ان کي هر نقطہ نظر وارو ماڻهو پنهنجي نگاھ سان ڏسندو آهي ۽ هر ڪم ۽ هر ڪردار ۾ تنقيد جي گنجائش موجود هوندي آهي ڇو ته هر ماڻهو ڪنهن جي ڪم مان سئو سيڪڙو مطمئن نه ٿو ٿئي سگهي. پر سنڌ جو ڪجھ اهڙيون اهم شخصيتون آهن، جنهن نئين سماج، نئين سوچ ۽ نئين سنڌ کي اڏيو آهن. جيڪو وڏو ڪم آهي. جنهن جي اڳيان انهن جون ڪميون ۽ ڪوتاهيون به ڪا اهميت نه ٿيون رکن اهڙن ڪجھ مثالي شخصيتن ۾ محمد ابراهيم جويو به هڪ آهي، جنهن تي سنڌ فخر محسوس ڪري ٿي ۽ هر ايندڙ نسل پڻ فخر محسوس ڪندو. انهيءَ لاءِ هن وقت اها ضرورت آهي ته اسين پنهنجي نئين نسل کي محمد ابراهيم جويو جي ڪردار کان واقف ڪيون جيئن اهي پنهنجي ساھ ۾ سنڌيت جي عشق کي سمائي سگهن. اڄ ۱۳ آگسٽ ۲۰۲۳ تي سنڌ جي هن سپوت جويي صاحب جو جنم ڏينهن آهي. جيڪو سنڌ واسين کي ڀرپور طرح سان ملهائڻ گهرجي

 

(ڏھاڙي سوڀ ۽ عبرت حيدرآباد ۾ ۱۳ آگسٽ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


محمد ابراهيم جويو

ھڪ صديءَ جي تاريخ

منظور اڄڻ

سنڌو ماٿريءَ جي ﻋﻈﻴﻢ ﻣﺤﻘﻖ، ﺍﺩﻳﺐ، ﺩﺍﻧﺸﻮ ﺳﻮﻳﻦ ڪﺘﺎﺑﻦ جي ليکڪ ھڪ صديءَ جي تاريخ جو تجربو، علم، سياست ۽ ادب جا لاھا چاڙھا ڏسندڙ ڏاھي ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﺮﻫﻴﻢ ﺟﻮيو ﻫڪ ﺻﺪء ﮐﺍﻥ ڌﻳڪ ﺳﻨڌ جي ﻓڪﺮ ﺳﺮﻭﺍڻي ڪندي ۹ نومبر واري ڏينهن تي ھن دنيان مان رخصت ٿيو .

مارڪسي فلسفي کان متاثر محمد ابراھيم جويو چاھيندو ھو ته پورھيت، محقوم ۽ مظلوم ماڻھو خوش ھجي خوشحال ھجي، ھو فڪري ۽ سيڪيولر جدوجھد جو روح روان ھو. ھن شاندار ڪتابن جا ترجما ڪيا، ڪيترائي ليڪچر ڏنا، سنڌ لاءِ اوجاڳا ڪيا، تڪليفون سٺيون ۽ ڏوراھا پنڌ ڪيا.

ھن تاريخ جون سچايون بيان ڪري رجئت پسند قوتن کي خاموش ڪرايو.

محمد ابراهيم جويو چوندو هو ڪنڌ ھوندو ئي ٻن شين لاء آھي

يا محبوب جي پيرن ۾ جهڪڻ لاء يا ان کان به وڏي محبوب آزادي خاطر ڪٽائڻ لاء .

جويو صاحب چوندو ھو ته خيال پنھنجو يا پرايو ناھي ٿيندو، ھر اھو خيال جيڪو ترقي پسند آ ۽ انسان ذات جي ڀلائي ۽ ان جي روشن مستقبل لاء فائديمند آ، اھو اسانکي کليل ذھن سان قبول ڪرڻ گھرجي، بجاء اھو سوچڻ جي ته اھو خيال ڪٿان جو ۽ ڪنھن جو آ...!!!

براهيم جويو بابت ترقي پسند دانشور ۽ قوم پرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر چيو ته ھڪڙو ابراھيم تاريخ ۾ موجود ھو، جنھن جي پويان پيامبر جي قطار ھئي، جا ان جو اولاد سڏي ويندي ھئي ۽ ٻيو ابراھيم ھيءُ آھي، جنھن جو اسين سڀ اولاد آھيون. ھن اسان سڀني کي فڪر ۽ عمل وسيلي روحاني طرح ڄڻيو آھي ۽ اسان بجا طور ان تي فخر به ڪريون ٿا. هيءُ اُھو ماڻھو آھي، جنھن جي زبان تي ھڪ صديء اڳ بہ “سنڌ بچايو” جو نعرو ھو ۽ اڄ سندس زبان تي ھڪ صديء جي سفر ۾ جويو صاحب پنھنجي تاريخي موقف تي پوريءَ سگھ سان بيٺو رھيو آھي. وقت ۽ حالتن سندس سوچن ۾ ڪو به ڦيرو نه آندو آھي.

جوجو صاحب سنڌ جو يگانو عاشق ھو. ھن سنڌ لاءِ لازوال جاکوڙ ڪئي.

ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، وِيھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،

چَڙِهي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پُنھونءَ جو پَسُ،

ڏورِڻ منجھان ڏَسُ، پوندءِ ھوتَ پُنھونءَ جو.

محمد ابراهيم جويو جون قيمتي لکڻيون، علمي ڪاوشون ۽ تحريرون سنڌ واسين ۽ سنڌو ماٿريءَ جي رھنمائي، سونھن ۽ سڀيتا جي حفاظت ۽ سنڌ جي پر امن، ترقي ﻳﺎﻓﺘﻪ سماج جي اڏاوت ۾ ڪﻴﻞ ڪاوشن ﻣﺎ ﺳﺪﺋﻴﻦ ﻻڀ ﺣﺎﺻﻞ ٿيندو ﻫﻨﺪ

 

(ڏھاڙي سن حيدرآباد ۾ ۹ نومبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


محمد ابراهيم جويو

سنڌ جو ترقي پسند مفڪر - ورسيءَ جي مناسبت سان

طارق عزيز شيخ

جڏھن محمد ابراهيم جويو نالو اچي ٿو تڏهن فقط سنڌ جو عالم، اديب ترجمي نگار ۽ تعليمدان جي شخصيت نہ بلڪه ھڪ اداري مثل ھستيءَ جو روپ ذھن ۾ لڙي اچي ٿو. محمد ابراهم جويو انهن ڏاهن منجهان ڳڻيو وڃي ٿو جن سنڌي ادب جي آبياري ڪئي. سائين ابراهيم جويو ترقي پسند لاڙو رکندڙ رهيو. سنڌ جي عظيم مفڪرن ۽ ڏاھن ۾ محمد ابراهيم جويو نھايت مانائتو نانءُ آهي. سنڌ جو ايترو بلند پايي جو دانشور محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي دادوءَ جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو تہ سندس والد محمد خان جويو لاڏاڻو ڪري ويو. سندس والده ڏکين بکين ڏينھن کي برداشت ڪري ابتدائي تعليم ڏياري پر پوءِ سنڌ جي ناليواري سياستدان سائين جي ايم سيد سندن وڌيڪ تعليم جو ذمو کنيو جنھن ڪري جويو صاحب پڙھي اڳتي نڪتو. اھڙي ريت ھن سنڌ مدرسة السلام ۾ داخلا ورتي، جيڪو تنھن وقت سنڌ جو وڏي ۾ وڏو تعليمي ادارو ھو. جويو صاحب پڙھائي کان پوءِ ٽيوشن پڻ پڙھائيندو ھو. ھن کي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد اتي ئي استاد مقرر ٿيو، اھو پڻ وڏو اعزاز ھو ڇاڪاڻ ته تمام قابليت وارا ماڻھو ھن اداري ۾ چونڊبا ھئا. جويو صاحب انگريزي ٻوليءَ جو ماھر ھو انھيءَ ڪري سندن ڪيترائي مضمون ۽ ڪتاب ترجمو ٿيل پڻ ملندا. ادب ۾ ترقي پسند لاڙو رکيائين انھي ڪري پرڏيهي انقلابي تحريڪن ۽ خاص طور تي سرمائيداريءَ نظام خلاف عالمي وايو منڊل تي لٽريچر تحرير ڪيائين. جويي صاحب جي ڪيل علمي پورهئي جو تفصيل هن ريت آهي، (۱) اسلام جو تاريخي ڪارنامو (ترجمو) (۲) سنڌ بچايو، کنڊ بچايو (۳) ايميلي عرف تعليم (ترجمو) (۴) ٻارن جي تعليم (ترجمو) (۵) وحشي جيوت جا نشان (ترجمو) (۶) سنڌي زبان جي بنيادي لغت (۷) فڪفر جي آزادي (ترجمو) (۸ گليلو انگريزي ڊرامي جو (ترجمو) (۹) شاهه سچل سامي، (۱۰) ٻارن جو ميسج (ترجمو) (۱۱) ماڻهوءَ جو ڀاڳ، (۱۲) عورت زاد، عورتن جي تحريڪ آزادي (ترجمو) (۱۳) فلسفي جو ابتدائي ڪورس (ترجمو) (۱۴) علم تدريس مظلومن لاءِ (ترجمو) (۱۵) مهڪريءَ جا مضمون (ترجمو) (۱۶) اسان جي ٻولي اسان جي تعليم، (۱۷) فرينچ انقلاب (ترجمو) (۱۸) مُٺ مُٺ موتين جي (۱۹) هوءَ جا ٽمڪي باهڙي (۲ جلدن ۾) (۲۰) خط ٻن اديبن جا، (۲۱) ڳالهيون ڪتابن جون (۲۲) خط ٻن استادن جا (۲۳) خط دوستن جا، ان کان علاوه ثقافت کاتي پاران مون ڏات انوکي آندي آ، ۲۰۱۲ ۾ جويي صاحب جو لکيل ڪتاب آهي، جڏهن ته اردو دانشور مظهر جميل، “محمد ابراهيم جويو: ايڪ صدي ڪي آواز” نالي ڪتاب لکيو جيڪو پڻ ثقافت کاتي ڇپرايو آهي، جنهن ۾ جويي صاحب جي سوانح آهي. ابراهيم جويو ملازمت جي ابتدا پنھنجي مادر علمي سنڌ مدرسة السلام کان ڪري چڪو ھو ان کان پوءِ ھن تعليم کاتي ۾ استاد کان وٺي ڪيترن ئي انتظامي عھدن تي ڪم ڪيو. ان کان علاوه جويو صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ پڻ ڊائريڪٽر پڻ رھيو، جتان ۱۹۷۳ع ۾ ريٽائرڊ ڪيائين. جويو صاحب انسان دوست جذبو رکندڙ هو. صحت ۾ سنڌ جي ادارن جي حالت زار تي هميشه افسوس ڪندو رهندو هو. ڪيترن پروگرامن ۾ ان ڏس ۾ اظهار پڻ ڪندو رهندو هو. پاڪستان جي مايه ناز سرجن گردي ۽ مثاني جي ماهر ڊاڪٽر اديب رضويءَ سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪراچيءَ واري ايس آئي يو ٽي جهڙو ادارو قائم ڪرڻ لاءِ محمد ابراهيم جويي زور ڀريو جنهن بعد ڊاڪٽر اديب رضويءَ سکر ۾ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي قائم ڪرڻ جي شروعات ڪئي. هن ڪم ۾ جويي صاحب پنهنجي پاران جيڪو ڪيش ايوارڊ پنج لک روپيا مليا هئس سي به عطيو ڪيا.

سنڌ جو هي مها ڏاهو ۱۰۲ ورهين جي ڄمار ۾ ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي قبرستان ۾ آهي.

 

(ڏھاڙي اخبار ۾ ۹ نومبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


محمد ابراهيم جويو

هڪ اداري ساز شخصيت

پروفيسر اعجاز قريشي

انساني تهذيب جي انيڪ خوبين مان هڪ خوبي اها به رهي آهي ته اها هر لمحي فردن کان اجتماعيت ڏانهن سفر ۾ روان دوان هوندي آهي. اها سماج، زندگي ۽ ماڻهوءَ سان لاڳاپيل مسئلن جو حل گڏيل نموني ڪڍڻ کي ترجيح ڏيندي رهي آهي. ادب هجي يا راڳ، مصوري هجي يا سنگتراشي، تاريخ هجي يا ٻولي، سياست هجي يا حڪومت، فلسفو هجي يا سائنس، انهن مڙني شعبن ۾ اها ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي ته ڪالهه اهي شعبا ۽ ضابطا فردن جي حوالي هئا ۽ اڄ اهي ادارن جي حوالي آهن. سماجي ترقيءَ جو اهو به هڪ نشانبر اهڃاڻ آهي ته سماج اوسر جي هڪ خاص ڏاڪي تي رسڻ کان پوءِ فردن بدران ادارن تي ڀاڙڻ لڳندا آهن. مٿي بيان ڪيل شعبن ۾ جيڪي ڪم اڳي فرد ڪندا هئا، اهي هاڻي ادارا سرانجام ڏيئي رهيا آهن. ان جو اهو مطلب ناهي ته فردن جي اهميت گهٽجي ويئي آهي، پر هاڻي انفرادي سوچ، ڪم ۽ محنت جي جاءِ گڏيل سوچ، ڪم ۽ محنت اچي والاري آهي. ادارا پنهنجي پنهنجي طئه ڪيل دائرن، مقصدن ۽ هدفن کي اڳيان رکندي، فردن کان لاڳاپيل صلاحيت، ڪم ۽ وابستگيءَ جي گُهر ڪندا آهن ۽ انهن کي مصروف رکندا آهن. ادارن جي اوسر ۽ مضبوطيءَ جي ڪري سماج فرد واحد جي هڪ هٽيءَ کان به ٻاهر اچي ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته طاقت يا اختيار فردن کان هلي ادارن ڏانهن منتقل ٿي ويندو آهي. ادارا فردن کان خاص نموني ڪم وٺڻ جو هڪ طريقيڪار به آهن، جيڪي افرادي سگهه کي هڪ قاعدي واري انداز ۾ هلائيندا آهن ۽ سماج جون گهرجون پوريون ڪندا آهن. ادب جي واڌ جو مامرو هجي يا ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ ترقيءَ جو، ان لاءِ ادارا ئي گهربل ڪردار ڪري سگهن ٿا ۽ ان ريت ادارا لاڳاپيل شعبن ۾ توازن کي برقرار ۽ بحال رکڻ ۾ بنيادي ڪردار ڪن ٿا ۽ ادارن جي فعاليت ۽ جوابدهي پوري سماج ۾ توازن کي پيدا ڪرڻ ۽ ان کي بحال رکڻ جي ڏس ۾ ڪم ڪري ٿي. اڄ ادارا سڄي دنيا جي گهرج آهن، سماج جو جيڪو به ڪم ڪار آهي، اهو اڄ ادارن جي حوالي آهي. ان حساب سان اڄ جي دنيا حقيقت ۾ ادارن تي ڀاڙيندڙ دنيا ئي آهي. ظاهري طرح الڳ الڳ نظر ايندڙ ادارا مجموعي طرح ۽ وڏي دائري ۾ پنهنجي جوهر ۾ هڪجهڙا ئي هوندا آهن، جن جو ڪم سماج جون گهرجون پوريون ڪرڻ، عام ماڻهن کي خدمتون فراهم ۽ سندن مسئلن کي حل ڪرڻ ئي هوندو آهي.

سنڌي سماج ۾ به اهڙا منصوبي ساز ۽ ويزنري ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن نئين سنڌ جي تعمير لاءِ ادارن جي گهرج کي ضروري سمجهيو ۽ شعوري ڪوششون وٺي ادارا قائم ڪيا ته جيئن سنڌ جي ادارتي گهرجن جو پورائو ڪري سگهجي. سنڌ ۾ اهڙن ادارا ساز شخصيتن ۾ سنڌ جي عظيم ڏاهي، استاد ۽ اديب سائين محمد ابراهيم جويي جي حيثيت سرواڻي ۽ اڳواڻي واري رهي آهي. جويي صاحب سنڌ ۾ ادارن جي قيام لاءِ اڳڀرائي، رٿابندي ۽ انهن کي عملي صورت ۾ هلائڻ ۽ انهن جي سار سنڀال لهڻ جي ڏس ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، ان جو ڪو ٻيو مثال نٿو ملي. سنڌي ٻولي، علم ادب، تعيلم تدريس، راڳ، نصاب، تاريخ ۽ جديد فڪر جي آبياريءَ لاءِ جويي صاحب ادارن جي اهميت کي ڄاڻندي، جيڪي ادارا قائم ڪيا ۽ انهن جي واڌ ويجهه ۽ اؤسر جي سلسلي م گهربل ڪردار ادا ڪيو ان لاءِ سڄي سنڌ سندس ٿورائتي آهي.

جويي صاحب جي شخصيت جا ڪيترائي اهم ۽ جاندار پاسا آهن، جن مان جويي صاحب جو اداري سازيءَ وارو پاسو به اهم آهي، جنهن تي هڪ نظر وجهڻ جي گهرج آهي ته جيئن سنڌ جي هن عظيم محسن ۽ فڪري هماليا جي زندگيءَ جي انهيءَ باب جو تعارف به عام ٿي سگهي. جويي صاحب ادارن جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ جيڪي ڪم ڪيا، انهن جي شروعات سنڌي ادبي بورڊ کان ٿئي ٿي.اهو جويي صاحب جو ڪمال، دلچسپي، محنت، سوچ ۽ عمل ئي هئا، جن جي ڪري سنڌي ادبي بورڊ سنڌي ادب، ٻولي، تاريخ، لوڪ ادب ۽ تهذيب ۽ ثقافت جو هڪ مهندار ادارو ٿي اڀريو. هن انهيءَ پليٽ فارم کي پنهنجن هم خيال ساٿي شاعرن، اديبن، استادن، علم پرورن ۽ محققن جي مدد سان نئين سنڌ جي تعمير لاءِ استعمال ڪيو ۽ اهم ۽ نمايان ڪارناما سرانجام ڏنا. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ادبي بورڊ ۾ جويي صاحب جي سيڪريٽري شپ وارو زمانو ۱۹۵۴ع کان ۱۹۶۱ع تائين، سنڌ ۾ نئين عملي ادبي سجاڳيءَ جو دور قرار ڏنو ويو آهي. ان دور ۾ ادب کي نئين سر جيارڻ لاءِ جيڪو به اهم ترين ڪم ٿيو، ان جي نگراني، نگهباني ۽ پڻ اتساهه جويو صاحب ئي هو. اهو سنڌي ادب جي نئين سجاڳيءَ جو دور هڪ وسيع تحريڪ جي صورت ۾ ان نموني پکڙيو جو ادب جي نئين بهار جي رنگ ۽ سڳنڌ کي ان دور ۾ به محسوس ڪيو ويو ۽ هن وقت به محسوس ٿي رهيو آهي. جويي صاحب جي فڪري اڳواڻيءَ ۾ هلندڙ انهيءَ تحريڪ جا، پنهنجي دور کان سواءِ، ايندڙ ڏهاڪن ۽ پيڙهين تي به اڻمٽ ۽ نمايان اثر پيا آهن.

اهو زمانو سنڌ ۾ هنگامي نوعيت جو هو. ورهاڱي کان پوءِ وارين حالتن ۾ سڀ ڪم نئين سري کان، نئين سٽاءَ ۽ نئين ترتيب سان ڪرڻا هئا. ٻين لفظن ۾ ڪيتريون شيون موجود نه هيون، جن کي پيدا ڪرڻو هو ۽ جن جي واڌ ويجهه ۽ ترقيءَ لاءِ به بندوبست ڪرڻا هئا. ڪم تمام گهڻو هو ۽ ماڻهو ٿورڙا هئا، پر جويي صاحب جو ڪمال اهو هو ته هن ادارتي سطح تي ساٿين کي منظم ڪيو ۽ گڏيل نموني ڪم ڪار ڪيو. اهڙي اجتماعي سوچ ۽ تنظيم جي ڪري ٻوليءَ، ادب، تعليم، تاريخ، لوڪ ادب، تهذيب ۽ ثقافت جي ميدان ۾ اهم ڪارناما سرانجام ڏنا ويا. ان ريت، ادارتي سطح تي ان منظم پڻي ڪيترن شاعرن ۽ اديبن کي پنهنجين صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ ۽ انهن کي پاڻ مڃائڻ جو موقعو فراهم ڪيو، جيڪي اڳتي هلي سنڌي ادب جي آسمان جا چمڪندڙ چنڊ ۽ ستارا بڻجي ويا. جويي صاحب جي زماني ۾ جيڪي سنڌي ادبي بورڊ مهراڻ جون ڪڙيون جاري ڪيون، انهن اڄ ادبي دستاويزن جي حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي، جن جي مطالعي مان اهو اندازو سولائيءَ سان ڪري سگهجي ٿو ته سنڌي ادب ڪهڙيءَ ريت ترقي ڪئي آهي.سنڌي ادبي بورڊ کان سواءِ، جويي صاحب سنڌي ادبي سنگت جي تنظيم جي جوڙجڪ، ان جي مول متن کي طئي ڪرڻ ۽ ان جي تنظيمڪاريءَ ۾ پڻ سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. سنڌ ۾ ترقي پسند، سيڪيولر ۽ سنڌ دوست فڪر جي پکيڙ ۽ ادب جي تخليق جي مقصدن سان انهيءَ تنظيم کي مضبوط ڪرڻ ۾ جويي صاحب ڪليدي ڪردار ادا ڪيو. ان سموري ساٿ ۾ هن سان شيخ اياز، تنوير عباسي، سوڀو گيانچنداڻي، سراج الحق ميمڻ، رشيد ڀٽي، غلام رباني آگري سميت ڪيترائي دوست گڏ هئا. جويو صاحب بصيرت جو ڀنڊار هو ۽ آهي. هو دنيا ۾ آيل اٿلن پٿلن، انقلابن، تبديلين، تحريڪن مان چڱيءَ ريت واقف هو. هن ڄاتو پئي ته سنڌ جي فڪري تربيت لاءِ ادب جي ميدان کي منظم نموني استعمال ڪرڻ گهرجي. اهو ئي سبب هو جو هن سنڌي ادبي سنگت جي فعاليت تي خاص ڌيان ڏنو. ان جو سٽاءُ به جديد بنيادن تي رکيو. هن پليٽ فارم جهموري طرز تي ڪم ڪيو، جنهن جا عهديدار چونڊ واري مڃيل جهموري اصول هيٺ هر سال مٽبا هئا. ان کان سواءِ، ادبي سنگت جي گڏجاڻين کي به تربيتي ورڪشاپن واري شڪل ڏني ويئي، جتي پيش ٿيندڙ تخليقن تي ٺلهي واهه واهه ڪرڻ بدران انهن جي تنقيدي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي هئي، جنهن ۾ شامل اديبن توڙي ادب دوستن کي ڳالهائڻ جو هڪ جيترو حق حاصل هو. ان کان سواءِ هفتيوار گڏجاڻين جي صدارت پڻ هر ڀيري مٽبي رهندي هئي، جنهن ڪري سنگت جي شاخ واري سطح تي فردن جي هڪ هٽي قائم ٿيڻ کي روڪيو ويو. اڄ سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏي رضاڪاراڻي ادبي تنظيم جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. جيتوڻيڪ ان ۾ اڄ سڌارن جي گهرج آهي، پر اها پنهنجن مقصدن کي اڳيان رکندي پنهنجو ڪم ڪندي سنڌ ۾ ترقي پسند، سيڪيولر ۽ سنڌ دوست ادب تخليق ڪرڻ جو بهتر وسيلو بڻيل آهي. اهو سنڌي ادبي سنگت جو ڪرشمو آهي جو اڄ اسان کي سنڌي ادب نثر توڙي نظم جي ميدانن ۾ تمام گهڻو شاهوڪار نظر اچي رهيو آهي. ادبي سنگت جي جوڙجڪ، ان جي تنظيم سازي، ان جي بهتريءَ ۾ ادا ڪيل ڪردار جويي صاحب جي اداري سازيءَ واري تصور جي هڪ حقيقي ۽ حسين تصوير آهي.

جويي صاحب پنهنجي سرڪاري نوڪريءَ تان رٽاير ٿيڻ وقت هڪ ادارو ٺاهيو هو، جنهن جو نالو هو سنڌ فرينڊس سرڪل. اهو ادارو سنڌ ۾ تخليق ٿيندڙ معياري ادب کي همٿائڻ جي مقصد سان قائم ڪيو ويو هو، جيڪو پڻ جويي صاحب پنهنجن هم خيالن ساٿين سان گڏجي جوڙيو هو. انهيءَ سرڪل پڻ سنڌي ادب کي ويهارو کن ڪتاب ڏنا، جيڪي انگ ۾ ٿورڙا ئي آهن، پر اهي ادبي معياري مواد جي لحاظ کان هيرن سان گڏ تورڻ جهڙا آهن. ان ريت، ڏسبو ته جويي صاحب جو ذهني لاڙو ادارن جي قيام ڏانهن شروع کان وٺي رهيو هو. هن وقت ۽ حالتن جي تقاضائن کي اڳيان رکندي، سنڌ ۾ عملي ادبي ادارن جي قيام ۽ انهن جي مضبوطيءَ لاءِ سڀ توانايون استعمال پئي ڪيون.

سنڌ جي سماجي سياسي مسئلن تي راءِ ۽ درست ۽ وقتائتو موقف ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ لاءِ سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ادارو پڻ جويي صاحب اسيءَ جي ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ پنهنجن ڏاهن ۽ سنڌ جي مقصد سان سلهاڙيل دوستن سان گڏجي ٺاهيو، جنهن ۾ ان وقت جا سنڌ جا اهم ترين ماڻهو شامل هئا. اهو زمانو ضياءَ الحق جي بدترين آمريت جو هو، جنهن جي عتاب ۾ سنڌ سڌيءَ ريت آيل هئي. ان جو ڪارڻ اهو هو ته سنڌي ماڻهو ڪنهن به طرح ضياءَ جي آمريت کي قبولڻ لاءِ تيار نه هئا. تاريخ جي ان نازڪ موقعي تي اهو ضروري هو ته عملي ميدان ۾ سياسي جدوجهد سان گڏ سنڌي ماڻهن جي ذهني تربيت به ڪجي، انهن کي سنڌ جي مسئلن تي فڪري بنياد فراهم ڪجن، انهن کي سنڌ سان لاڳاپيل مسئلن جي درست ۽ تز ڄاڻ ڏجي ۽ انهن بابت درست موقف قائم ڪرڻ جي ڏس ۾ هنن لاءِ سهولت پيدا ڪجي. اهڙن مقصدن لاءِ سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي قائم ڪئي ويئي هئي. ان اداري جي قيام ۾ جويي صاحب، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ سراج الحق ميمڻ جو بنيادي ڪردار هو ۽ انهن سنڌ سڄڻن جي ذهن جي پيداوار هو. ان کان سواءِ ان اداري ۾ نورالدين سرڪي، پروفيسر جمال ميمڻ، ايم ايڇ پنهور، پروفيسر خالد شهيد آخوند، پروفيسر ظفر حسن، ڊاڪٽر آفتاب قريشي، برڪت چوهاڻ، اسلم بلوچ، چاچا نظير ميمڻ، ڊاڪٽر سليمان شيخ، پروفيسر اعجاز قريشي (راقم) ۽ ٻيا ڪئين اهم ماڻهو شامل رهيا آهن. اداري جو چيئرمين ناميارو ناول نگار، ڪهاڻيڪار، صحافي ۽ ٻوليءَ جو ماهر سراج الحق هو، جڏهن ته وائيس چيئرمين سائين محمد ابراهيم جويو هو. هن اداري جو وڏي ۾ وڏو ڪم سنڌ جي مسئلن تي سنڌي ماڻهن جي رهنمائي ڪرڻ رهيو آهي. هن فورم تان سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي جيڪي به ٺهراءَ ۽ يادداشت ناما، مختلف وقتن تي، مختلف معاملن تي جاري ڪيا ويا، انهن کي هاڻي هڪ دستاويز جي شڪل ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، جنهن تي هڪ نظر وجهڻ سان ئي اهو معلوم ڪري سگهبو ته انهن ٺهرائن جي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن ۽ سنڌ جي ساڃاهه جي سلسلي ۾ ڪيتري گهڻي تاريخي اهميت آهي. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جي انهن ٺهرائن جي اهميت انڪري به آهي جو اهي هڪ تاريخ آهن ته گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ سنڌ سان ڇا وهيو واپريو آهي. سوسائٽيءَ جون جيڪي گڏجاڻيون ٿينديون هيون، ان جا تفصيل، سفارشون، عملي نقطا ۽ ٺهراءَ جويو صاحب پاڻ ڊرافٽ ڪندو هو. ٻين لفظن ۾ اهي تفصيل، سفارشون، عملي نقطا ۽ ٺهراءَ هڪ حساب سان جويي صاحب جي عظيم ذهن ۽ سڀاويڪ فڪر جو هڪ علمي پاڇو به آهن. پوين ڪجهه سالن کان وٺي ٺهرائن جي ڊرافٽنگ جو ڪم راقم جي حوالي رهيو آهي. جويي صاحب جي جيستائين صحت ٺيڪ هئي، ان وقت تائين راقم هن ڏانهن گڏجاڻين جا تفصيل تصحيح لاءِ پڻ موڪليندو رهيو هو. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي جو ادارو اڄ به ساڳيي نموني سرگرم آهي ۽ اڄ به ان طرفان سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي گڏجاڻيون سڏرايون وڃن ٿيون ۽ مختلف سيمينار ۽ پروگرام ڪرايا پيا وڃن.

عملي ادبي ۽ سياسي سماجي ميدان ۾ جويي صاحب جي اداري سازيءَ جي هن تفصيل ۾ هڪ اهم باب سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ به آهي. سنڌ ۾ معياري تعليم ۽ تعليمي ۽ درسي سرگرمين جي حوالي سان قائم ڪيل ان اداري جي بنياد وجهڻ ۾ وري به جويي صاحب ۽ سراج الحق ميمڻ صاحب جو ئي بنيادي ڪردار رهيو. جويو صاحب ٽرسٽ جو مئنيجنگ ٽرسٽي رهيو آهي. هن اداري لاءِ هڪ عاليشان جاءِ سراج الحق ميمڻ صاحب گاڏي کاتي ۾ ڏني، جتي هينئر تائين سنڌ جي تعليم جي اڳڀرائيءَ لاءِ اڻڳڻيا پروگرام ڪرايا ويا آهن ۽ ان کان سواءِ پنهنجي قيام کان وٺي اهو ادارو علمي ادبي ۽ سماجي سرگرمين جو اهم مرڪز رهيو آهي. اتي سنڌ جي تعليم، درس تدريس توڙي علمي ادبي موضوعن تي سنڌ جي ناميارن دانشورن، اديبن ۽ ڏاهن سالن جا سال ادب، تاريخ، لطيفيات، اقتصاديات توڙي سنڌ سان لاڳاپيل مسئلن ۽ مامرن تي ليڪچر پڻ ڪيا آهن، جن سنڌي ماڻهن جي شعور کي اڀارڻ ۾ اهم ڪردار ڪيو آهي. ان ئي اداري جي عمارت ۾، جويي صاحب پنهنجن ٻين سائين سان گڏجي شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آندو، جيڪا پڻ شيخ اياز جي ڪتابن ڇپائڻ توڙي ان جي مزار اڏائڻ جي سلسلي ۾ اهم اڳڀرايون ڪري چڪي آهي. نه رڳو ايترو پر انهيءَ ٽرسٽ جي عمارت ۾ جويي صاحب سنڌ ميوزڪ لورز ڪلب پڻ قائم ڪئي، جيڪو راڳ جو شوق رکندڙن لاءِ ڪيترائي تربيتي پروگرام ڪرائي چڪو آهي. تمام ٿورڙن ماڻهن کي اها ڄاڻ آهي ته جويي صاحب کي راڳ سان تمام گهڻو پيار رهيو آهي ۽ پاڻ راڳ جو ڄاڻو به آهي ۽ پنهنجي سريلي آواز ۾ ڳائيندو به رهيو آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وٽ يا ڪن دوستن وٽ شايد جويي صاحب جي ڳايل گيتن جي رڪارڊنگ به هجي. بهرحال، اداري سازيءَ جي انهيءَ لڳاتار سفر ۾ جويي صاحب سنڌ جي راڳ کي به نه وساريو آهي.

سنڌ ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽ سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم جي قيام توڙي انهن جي عملي ڪم ڪار ۾ جويي صاحب جو پڻ اهم ڪردار رهيو، پر جويي صاحب جو اداري سازيءَ جي سلسلي ۾ هڪ وڌيڪ اهم ڪم سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي قيام جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ڪوششن جو اڻٽٽ حصو ٿي رهڻ به آهي. ۱۹۸۸ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، جويو صاحب اٿارٽيءَ سان هر طرح سلهاڙيل رهيو آهي. ان جي رهنمائي ڪندو رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بهتري ۽ اڳڀرائيءَ جي ڏس ۾ ٿيندڙ لڳ ڀڳ سمورين ڪوششن جو حصو رهيو آهي. پاڻ ۱۹۹۸ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريون نڀائيندو اچي ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو آهي.

اهڙيءَ ريت، سنڌ جا اهڙا انيڪ علمي ادبي، سياسي سماجي، ثقافتي، سول سوسائٽي، شهري، تحقيقي، ٿياسافيڪل ۽ فڪري ادارا، فورم، پليٽ فارم ۽ تنظيمون آهن، جن جو پاڻ حصو رهيو آهي ۽ انهن کي پنهنجي علم، تجربي ۽ ڏاهپ سان مالامال ڪندو رهيو آهي. اداري سازيءَ جي رخ کان جائزو وٺبو ته ايئن نظر ۾ ايندو ته جويي صاحب اداري سازيءَ کي هڪ مشن طور کنيو. اهو جويي صاحب ۽ سنڌ جي ٻين سنڌ دوست اديبن، ڏاهن ۽ شاعرن جو ڪمال آهي جو اڄ سنڌ ۾ علم ادب، ٻولي، تعليم، تدريس، تاريخ، تهذيب، فڪري تربيت ۽ ثقافت جي ميدانن ۾، ادارتي نوعيت جا اهم ڪارناما سرانجام ڏنا ويا آهن. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ ٻين شعبن ۾ ماڻهن جي کوٽ موجود آهي ۽ ان کي محسوس به ڪيو وڃي ٿو، پر جويي صاحب ۽ سندس ٻين ساٿين جي خدمتن جي ڪري ايترو ضرور ٿي سگهيو آهي، جو مٿي ڄاڻايل شعبن ۾ مواد توڙي لکندڙن جي ڪابه کوٽ ناهي. جويي صاحب جي ان اداري ساز پهلوءَ سان سنڌ ۾ جيڪا سجاڳي آئي آهي ۽ لاڳاپيل ادارن جيڪي ڪم ڪيا آهن، انهن جو مثال ئي ناهي. انڪري، سنڌ ۾ جڏهن به اداري سازيءَ جي ڳالهه نڪري ٿي ته اسين جويي صاحب جي نالي جي صورت ۾ سگهارو حوالو پيش ڪري سگهون ٿا.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۹ نومبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


محمد ابراهيم جويو

دادا سنڌي

 جوئي صاحب سان پراڻي واقفيت آهي. سندس هر دلعزيز شخصيت ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. هو سنڌ جو آهي ۽ سنڌ جي لسانيات، نفسيات، فلسفي، ادب ۽ عمرانيات ۾ سندس مقام ارفع ۽ اعلى آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ سندس ڪيل خدمتون، سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون. خاص ڪري ترقي پسند اد ۾ هو مٿاهون مقام رکي ٿو. اڄ سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي جي معرفت سنڌي ادب سان ناتو نباهيون ٿو اچي. هر نوجوان سنڌي اديبن سان اهڙي ته قربت سان ملندو آهي، ڄڻ ته ورهين جو واقف آهي ۽ وس آهر ان جو جائز ڪم ڪندو آهي. خدمت خلق سندس زندگي جو اصول آهي. (۱۹۸۹)

 

(سڄڻ جون ساروڻيون ڪتاب تان کنيل)

 


(نوٽ: محمد ابراھيم جويو بابت وڌيڪ ليک پڙھڻ لاءِ ھيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪيو.)

محمد ابراھيم جويو - ۲

No comments:

راءِ ڏيندا