; سنڌي شخصيتون: عبدالستار ڀٽي

18 November, 2017

عبدالستار ڀٽي

عبدالستار ڀٽي
طارق عزيز شيخ
سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۾ جڏهن صنم مارئي جو پروگرام شروع ٿيو تڌهن ستار ڀٽي سان آخري ملاقات ٿي، مرحوم پنهنجو ڪتاب ”ستار ڀٽي، شخصيت ۽ خط“ بابت ٻڌايو ته اڃا هاڻي ورهائي ختم ڪيو اٿم، توهان جي ڪاپي پوسٽ ڪندس، انهي ۾اوهان جي رپورٽ به آهي جڏهن انڊيا جا سنڌي اديب ڪراچي آيا هيا ۽ اوهان عوامي آواز جا رپورٽر هئا. مون کي ياد اچي ويو اهو هندو جيم خاني ۾ 2003 ڌاري پروگرام ٿيو هو، ستار ڀٽي تڏهن سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جو سيڪريٽري هو ۽ سندس دور ۾ ڀلا ۽ يادگار پرگرام ٿيا هئا.


هو علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي خدمتن ۾ سرگرم رهيو۔ سگا، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن، سنڌ گورنمينٽ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئشن، لاڙڪاڻو فرينڊس ايسوسيئيشن جي مرڪزي عهدن تي رهيو. ستار ڀٽي 300 کان وڌيڪ ادبي ۽ ثقافتي تقريبون منعقد ڪرايون۔ سندس ڪتاب ”لاڙڪاڻو؛ ليڊرن جي ڌرتي“ بهترين ڪتاب آهي جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي سياسي تاريخ ۽ سياستدانن بابت ڀلي ڄاڻ آهي۔ هن ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي جي تمام گهڻين سياسي، ادبي، سماجي شخصيتن بابت سوانحي خاڪا لکيل آهن جن ۾ جان محمد جوڻيجو، سر شاهنواز ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ايوب کهڙو، علي محمد راشدي، عبدالقادر ميواخان کوکر، پير حسام الدين راشدي، سوڀو گيانچنداڻي، ذوالفقار علي ڀٽو، ممتاز ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو پير حسام الدين راشدي، انور پيرزادو، فقير محمد لاشاري وغيره شامل آهن.
ستار ڀٽي جاکوڙي طبيعت جو انسان هو، سدائين مصروف رهندو هو. ملنسار ۽ قربائتو ماڻهو هو۔ سندس تعلقات تمام وسيع هئا، هر هنڌ سندس دوست هوندا هئا. حضرت علي عليه السلام جو قول آهي ته ”دنيا ۾ اهڙي ريت رهو جو جيستائين جيئرا رهو تيستائين ماڻهو توهان ڏانهن مائل رهن ۽ جڏهن دنيا مان وڃو ته ماڻهو اوهان لاءِ لڙڪ وهائين“ ستار ڀٽي به علي عه سائين جي قول وارن ماڻهن مان هو.
گذريل هفتي ساڻس فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ جمعي ڏينهن 10نومبر تي سندس پوسٽ ڪيل ڪتاب جنهن جي باري ۾ ذڪر ڪيو هئائين سو مليو، مون اڃا سوچيو پئي ته ڪتاب موڪلڻ جا ٿورا مڃيانس ته اڱاري ڏينهن فيس بڪ تي ڪرم الاهي چنا جي پوسٽ پڙهي  اندر ۾ جهٽڪو لڳو ته: ”انتهائي ڏک جي خبر، اسان جو سگا جو ساٿي ۽ مشهور ليکڪ ستار ڀٽي وفات ڪري ويو.“


ستار ڀٽي
ڪتاب ”ستار ڀٽي، شخصيت ۽ خط“ جي روشني ءَ ۾
ادل سولنگي
ڏهين آڪٽوبر 2017ع جي ڏهاڙي تي، پياري دوست ستار ڀٽيءَ ”ستار ڀٽي-شخصيت ۽ خط“ ڪتاب موڪليو، جنهن کي پڙهندي ستار ڀٽي جي ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ تائين ۽ جواني کان وٺي اڄ تائين سندس علمي، ادبي، سياسي، سماجي سرگرمين سميت سندس زندگيءَ جي ڪيترين ئي ڏسائن جي ڄاڻ ملي ٿي. هيءُ ڪتاب، سنڌي-اردو-انگريزي خطن-مضمونن-تبصرن ۽ ڪالمن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ يادگار تصويرون، مختلف تنظيمن ۽ پارٽين جي دعوتنامن جو وچور جيڪي مختلف موقعن ۽ وقتن تي ستار ڀٽي ڏانهن موڪليا ويا ۽ اهڙا خط جيڪي هن جي لکيل خطن جي موٽ ۾ موڪليل جوابي خط به آهن جن سان ستار ڀٽي جي-علمي-ادبي-سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۽ سندس شخصي اهميت جي ڄاڻ به ملي ٿي.
آئون جڏهن ننڍپڻ ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ رهندو هئس، تڏهن کان هن جي ننڍي ڀاءُ عبدالجبار ڏيري کي سڃاڻيندو هئس، اهو ان ڪري جو جناح باغ ۽ پاڪستان چوڪ جي وچ تي ڊاڪٽر روشن علي شيخ جي ڪلينڪ جي ڀرسان سندس ڌوٻڪو دڪان هوندو هو ۽ آئون ان کان ڪپڙا استري ڪرائيندو هئس، ان کانپوءِ جبار ڏيرو ڪراچيءَ ۾ به مليو، جڪيو اتي به ساڳيو ئي ڪم ڪندو هيو، ان کانپوءِ منهنجي سڃاڻپ رزاق ڏيري سان ٿي، جيڪو ان وقت جيئي سنڌ محاذ لاڙڪاڻي ضلعي جو سيڪريٽري هيو ۽ وڪالت به ڪندو هيو، اڳتي هلي هن اين جي اوز ۽ ڪي ٻيون سياسي پارٽيون به جوائن ڪيون، ستار ڀٽي سان سڃاڻپ لاڙڪاڻي ۾ سگا جي هڪ پروگرام ۾ ٿي هئي، جتي مختلف ضلعي تنظيمن سان ”ڊائلاگ“ پروگرام هيٺ سگا جي مرڪزي عهديدارن جي گڏجاڻي رٿيل هئي، لاڙڪاڻي ۾ رهندي به لاڙڪاڻي جي سياسي سرگرمين کان اڻ واقف هجڻ ڪري ساڻس سياسي سڃاڻپ گهٽ هئي، جڏهن ته سماجي سرگرمين جي حوالي سان ستار ڀٽي جي سڃاڻپ جي ڏس ۾ مون وٽ ”لاڙڪاڻو فرينڊس ايسوسئيشن“ جو سگهارو حوالو آهي، ڇاڪاڻ جو شاهنواز ڀٽو لائبريري ۾ هن تنظيم جي ڪجهه پروگرامن ۾ آئون شريڪ به رهيو آهيان، خاص ڪري بئريسٽر جان محمد جوڻيجي واري پروگرام ۾.
ستار ڀٽي صاحب جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي ادارن جي حوالي سان ڪافي سرگرمي رهي آهي، ستار ڀٽيءَ سان ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان وڌيڪ سڃاڻپ ۽ ويجهڙائي رهي آهي. ماضيءَ ۾ خاص ڪري شاگرد سياست ۾ هن جو سرگرم ڪردار نظر اچي ٿو. هن ڪتاب ۾ هڪ هنڌ هن جو پڇتاءُ به ڏيکاريو ويو آهي ته 16 گريڊ جي نوڪري عيوض پنهنجو سياسي مستقبل قربان ڪري هن وڏي غلطي ڪئي هئي. ڇاڪاڻ جو هن جي مقابلي ۾ ٻين اهڙن ماڻهن جو سياسي قد ايترو وڌيڪ ۽ اهم نه هئو جيترو پارٽي پاران کين نوازيو ويو. ياد رهي ته ستار ڀٽي پ پ جو پراڻو جيالو هو، پر گهڻي تجربي کيس گهڻو ڪجهه سيکاريو، هن ڪتاب ۾ ڏنل تصويرن مان به هن جي سياسي، ادبي، علمي، سماجي سجاڳي ۽ لڳ لاڳاپن جي ڄاڻ ملي ٿي. ستار ڀٽي سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن جي بينر هيٺ سنڌ ۾ مختلف تخليقڪارن کي انهن جي فن جي مڃتا ۾ ڪيترائي ايوارڊ ڏنا. عالمن اديبن جا جنم ڏينهن ۽ ورسيون ملهائي کين ياد ڪيو ۽ پنهنجي ليکي هڙان وڙان لاڙڪاڻي جي انهن شخصيتن بابت ڪتاب لکي شايع ڪيا، جن جو سنڌ جي علم، ادب، سياست، صحافت ۽ سماجي جاڳرتا ۾ اهم ڪردار رهيو آهي.
هن ڪتاب کي اٺن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي.
ڀاڱو پهريون-ستار ڀٽي جي علمي-ادبي-سياسي-سماجي خدمتن تي لکيل 15 مضمون ڏنا ويا آهن.
ڀاڱو ٻيون-ستار ڀٽي جي ڪتابن تي ڪيل تبصري وارا 7 تاثر ۽ مضمون ڏنا ويا آهن.
ڀاڱو ٽيون-ستار ڀٽي جي فن ۽ شخصيت بابت لکيل 8 ڪالم ڏنا ويا آهن.
ڀاڱو چوٿون-ستار ڀٽي بابت 5 تاثر ۽ اخباري رپورٽون ڏنل آهن.
ڀاڱو پنجون-ستار ڀٽي ڏي سنيها-سنڌي خط.
ڀاڱو ڇهون-اردو 4 خط.
ڀاڱوستون-ستار ڀٽي ڏي انگريزي خط.
ڀاڱو اٺون-ستار ڀٽي ڏي موڪليل دعوتناما-سنڌي ۽ انگريزي.
ڪتاب تي ٻه اکر لکيا آهن، ستار ڀٽي-مهاڳ لکيو آهي، حميده ستار ڀٽي، هن ڪتاب ۾ لياقت راڄپر ستار ڀٽيءَ جي دوست جي حيثيت ۾ سندس سياسي سرگرمين بابت خوب لکيو آهي، جيڪو ستار ڀٽي جو ڀرپور نموني پروفائيل آهي. حميده ستار ڀٽي به، ستار ڀٽي بابت تمام سٺو لکيو آهي. حميده ستار ڀٽي سماج ۾ ٿيندڙ ٻه اکيائي جو به ذڪر ڪيو آهي ۽ پنهنجي تنظيمي سرگرمين جو وچور به ڏنو آهي ته ستار ڀٽي جي انهن دوستن جي روين جي به ڳالهه ڪئي آهي، جن ستار ڀٽي بابت ٻه چڱائيءَ جا اکر لکڻ کان به ڪن لاٽار ڪئي، سماج ۾ پلجندڙ، حسد، ساڙ، ڪيني ۽ ڪلفت جون وارتائون به هن ڪتاب ۾ آهن ته موٽ ۾ اڻ ميون محبتون، پيار مڃتا ۽ قبوليت به آهي، جيڪا ستار ڀٽي جي ميراث آهي. سنڌي ادبي سنگت، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو عهديدار رهندي هن ڪيترائي پروگرام ڪرايا جيڪي تنظيمن جي ريڪارڊ تي اڄ به موجود آهن.
ستار ڀٽي جي زندگيءَ بابت لياقت راڄپر جي لکڻي ٻڌائي ته سياست ۾ سرگرم رهندڙ ستار ڀٽي جڏهن پ پ سرڪار کان نوڪري وٺڻ لاءِ وڃي ٿو ۽ مختلف وزيرن جي آفيسن مان جاري ڪيل نوڪري جا آرڊر کڻي لاڳاپيل کاتي جي سيڪريٽرين تائين پهچي ٿو ته کيس نوڪري نه هجڻ ۽ جاءِ ڀرجي وڃڻ، ٻه ٽي مهينا انتظار ڪرڻ وارا جواب ملندا رهيا پر ستار ڀٽي کي نوڪري نه ملي ۽ هو لاڙڪاڻي موٽي آيو. هن لکڻي ۾ پيپلز پارٽي جي ان وقت جي روئداد بيان ڪيل آهي.جڏهن پارٽي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو هيو ۽ ان زماني ۾ وڏيرن، جاگيردارن، سردارن جي مائٽن کي پي آءِ اي، ڪسٽم، اسٽيل مل، ايف آءِ اي، ڪي پي ٽي، پورٽ قاسم سميت وڏن ادارن ۾ وڏن عهدن واريون نوڪريون ڏنيون ويون هيون، جڏهن ته غريب ورڪر پنهنجي واري جو انتظار ڪندا رهيا آهن. عبدالرزاق سومري به ستار ڀٽيءَ جي پارٽي خدمتن جي واکاڻ ڪئي آهي، لاڙڪاڻي جي باقراڻي روڊ تي ستار ڀٽي ۽ رزاق ڏيري جو گهر علم ادب، سياست جو مرڪز رهيو آهي.
لاڙڪاڻي جي شخصيتن بابت لکڻ ۽ انهن کي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ وارو ڪم نهايت ئي ڪارائتو ۽ وقتائتو عملي ڪم آهي. ستار ڀٽي، ڪهاڻيڪار، ڪالمسٽ هجڻ سان گڏ ادب ۽ سماج ۾ تحرڪ پيدا ڪندڙ متحرڪ شخص رهيو آهي. هن سان سڀ کان پهريون رشتو ته ڳوٺائي هجڻ وارو آهي، ان کان پوءِ ادبي ۽ سماجي لاڳاپو ۽ سڃاڻپ رهي آهي. ڪراچي ادبي سنگت ۾ ستار ڀٽي ۽ ڀاڄائي حميده ڀٽي ٻنهي جو ڪردار مثالي رهيو هو، ستار ڀٽي نه رڳو ميڙا مچايا پر ميڙا ملهائيندڙ جي مڃتا به ڪئي. هي خوش پوش، خوش لباس ۽ خوش گفتار شخص پنهنجي وهنوار ۾ تمام وڏو اعتبار جوڳو، ۽ معتبر شخص رهيو، جنهن جي ويجهو رهڻ وارن کي ئي هن جي وڌيڪ خوبين جي ڄاڻ ٿيندي.
پ پ جي سياست ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ، پنهنجي دور جو بهادر شاگرد اڳواڻ پارٽي سان ڪمينٽمٽ رکندڙ ۽ آدرشي وادي جنهن پارٽي کان ڪجهه به نه ورتو نه وري پارٽي قيادت کيس ڪجهه ڏئي سگهي، هن کي جيڪا نوڪري ملي اها به هن جي پنهنجي تعليمي لياقتن آڌار ملي هئي.
هي ڪتاب ستار ڀٽي جي شخصيت، سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي جاڳرتا لاءِ ڪيل سندس جدوجهد ۽ جاکوڙ جي ڪهاڻي آهي. هر انسان جي زندگيءَ ۾ اهڙا لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، هي ڪتاب اهڙن لاهن چاڙهن جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي پاران ڇپرايو ويو آهي.


عبدالستار ڀٽي
جاني ڀاءُ وقتي الوداع
عبدالغفار تبسم

جاني ڀاءُ
وقتي الوداع
ملنداسين ۔۔۔۔
وري گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي
جي ويڪري ميدان تان
اجھو کلندي، ٽھڪاريندي
اسٽوڊنٽ يونين جي اليڪشني وھنوار
يا ايڪھتر جي اليڪشن جا ٻيھر حصا ٿي،
الله ورايو انور جنھن، خبر اٿيئي موج تخلص رکيو آھي ،
اجھو يارمحمد عباسي ،اڙي ادا
ھي ساڳيو غضنفر،
جنھن ياد اٿئي نه، الله ورائي سان گڏجي
آڌين مانجهين جو ٺوف چوسول، ممو، ڌوڻ لاشارين يا ڳيريلي جي سڻڪن تي
دوگانن جا آلاپ وکيريا ھئا،
ھيءُ تنهنجو منهنجو گھڻ-گھرو
منظور لاڙڪ، ذوالفقار سيال،
سڀنن سان وک وک ۾ اڌ صدي کن ياريءَ جا پيچ پائي مرڪڻ، مھڪڻ وارو
اگر تون
منھنجين رفاقتن کان ھاڻي ٿڪجي پيو آھين
تون ڀانيان ٿو منهنجن ڪتابن جون مھورتون ڪرائي ڪرائي منهنجين ڪثير
لکڻين تي مون سان ورچي پيو آھين،
مان به سوچيان ٿو ته
تون به ته آخر ٿڪيو هوندين نه
پرايون بيگرون
پنھنجي تواريخ ،يادگيرين جي سھيڙ
پنھنجين غمگينين پراون جي اٻاڻڪن ۽ سکڻن چھچٽن ٻھروپي رئگًن ٽھڪارن
کان
انسان آھين
تون ضرور ٿڪيو ھوندين
۽ منهنجا مٺا ڀاءُ،
اھو به ڄاڻان ٿو
ته تون سچين محبتن جو قائل
يارن سان غمن، گوندرن ۾
ساڻن گذريل گھڙين ۾ پورين سچائين سان ساٿ ڏيڻ وارو
ھن ھاڻوڪين مصنوعيتن کان چڙي
پري ويو آھين
پر جي توکي اھي ھٿراديون ھمدرديون
اڄ جون منافقتون نه پئي وڻيون
ته مان به تنهنجين صحبتن ۾ ڪجهھ
چڱائين جون روشون پرائيون هوندم
مان به توکان ڪجھه چوکا ۽ چڱائين جا رنگ ورتا ھوندم
جاني ڀاءُ،
سچ ٻڌايانءَ ته مان پاڻ اجھو
تو پڄاڻان
پنھنجي قلم
پنهنجين وفائن کي
پنهنجيءَ ڌرتيءَ سان ارپي
ھنن دغابازين، مڪرن، ڪوڙن، فريبن
کي ھتي ئي دفنائي
بس ڪجھ عرصي ۾ سوچيان ٿو
ته توڏي ھليو اچان
صرف ڪجھ مهلتن ۾ ڪلڪ ۽ تڪڙ ۾ ھن قلم جو
ٿورو گهڻو حق ڏئي سندس قرض ادا ڪري وٺان
بس ائين سمجھه ته
اجھو پهتس
تيسين جاني ڀاءُ الوداع ۔۔۔
الوداع۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

(في البديھ) تو لاءِ ستار ادا۔





عبدالستار ڀٽي
سنڌ جي قومي ورثي جهڙو صوفي شخص
آصف رضا موريو
سائين عبدالستار ڀٽي جي پيدائش ۵ جون ۱۹۵۲ع ڌاري لاڙڪاڻو شهر جي ڪليڪٽر آفيس جي هڪ سرڪاري ڪوارٽر ۾ ٿي، جيڪو حڪومت طرفان سندس ڏاڏي کي رهائش ڪارڻ مليل هيو. سندس ڏاڏو، ان وقت روينيو کاتي ۾ چوڪيدار هئڻ سان گڏ، ڪالونيءَ جي مسجد ۾ پيش امام پڻ هوندو هيو. بعد ازان، سندس والد خاڪسار قمر الدين ڏيرو، جنهن جو پاڪستاني چوڪ تي استري جو دوڪان هوندو هيو، شهر جي باقراڻي روڊ تي اتاترڪ ٽاور ڀرسان اتر طرف پنهنجو گهر ورتو. سائين ستار ڀٽي اسان جي دوستن ۾ ان پسمنظر ۾ اڪيلو ماڻهو هيو جيڪو پنهنجي والد جي ذات “ڏيري” سان نه پر والده جي ذات “ڀٽي” سان سڃاتو وڃي ٿو جنهن جو سبب اهو آهي جو کيس پرائمري اسڪول رحمت پور ۾ سندس مامي پروفيسر ولي محمد خان ڀٽي داخل ڪرائي، سندس نالي پٺيان پنهنجي ذات “ڀٽي” لکرائي هئي. ستار ڀٽي جي شادي ۱۹۷۷ع ۾ پنهنجي خاندان ۾ ٿي. جنهن مان کيس ٻه نياڻيون ۽ خالد ستار ڀٽي ۽ جاويد ستار ڀٽي نالي ٻه پٽ آهن.
سدا بهار، خوش پوش، منفرد شخصيت ۽ آڌر ڀائي طبيعت جو مالڪ، ڪچهرين جوڪوڏيو، ميڙاڪن جو مور سائين ستار ڀٽي جنهن سياست، ادب ۽ سماجي ڀلائي جي رستي ۾ تمام ڊگهو ۽ اڙانگو سفر اڪلايو تنهن اٿاهه خوبين جي مالڪ ۽ سنڌ جي هن ديومالائي ڪردار جي جدوجهد ۾ سورمي هئڻ جا تمام سانباها سفر ڪن ٿا. هو هڪ مخلص ماڻهو، جاکوڙي ليکڪ، دوستن جو گهڻگهرو، بي لوث سماج سڌارڪ، بهترين تنظيم ساز، هڏ ڏوکي ۽ اهڙو ساڃاه وند انسان هيو جنهن جو هر ماڻهو سان پنهنجائپ وارو رستو ۽ رشتو هوندو هيو.
جيتري سنڌ ڀٽائي سرڪار پنهنجي رسالي ۾ ڪٺي ڪئي آ اوترا ئي گهڻا دوست سائين ستار ڀٽي پنهنجي زندگي ۾ ڪٺا ڪيا. سندن ساٿين ۾ هر طبع، فڪر ۽ ڪرت جا ماڻهو شامل هوندا هيا اداڪارن کان گلوڪارن تائين، سياستدانن کان سياستڪارن تائين، اديبن کان حڪيمن تائين، ملن کان صوفين تائين، صحافين کان سيلانين تائين اسان جي هيرو جا انداز ئي نرالا رهيا. ڪير اهڙو اڪابر هوندو هيو جيڪو سندس دوستيءَ جو دم نه ڀريندو هيو چاهي اهو شيخ اياز هجي يا ابراهيم جويو، شمشير الحيدري هجي يا الطاف شيخ. ڪنهن يونيورسٽي جو ڪو وي سي هجي يا پروفيسر، سنڌ جو وڏو وزير يا ننڍو، لکاري هجي يا ايڊيٽر، ڪو ايڪٽيوسٽ يا اينجيوئسٽ. هن سانول جي زندگي جا هزارين رنگ هوندا هيا ۽ هر رنگ روپ ۾ هو معتبر ۽ واهه جو هوندو هيو ڇوته سندس ڀرپور زندگي جا تمام رنگ، تمام رخ سماج ڏانهن ڪارائتا هوندا هيا.
ستار ڀٽي ڪمال جو گهڻ رخو، اڻ ميو ۽ اٿاهه خوبين جو مالڪ هوندو هيو. سندس شوق به پاڻ جيان نرالا هوندا هيا. فنون لطيفه جاسڀئي رنگ ۽ رتون سندس اک جي اشاري جون محتاج هونديون هيون. کيس ننڍي هوندي کان ڪرڪيٽ، اسڪائوٽنگ ۽ فلمن ڏسڻ جو تمام گهڻو شوقين هوندو هيو ته هن سماجي ڀلائي جا ڪم ڪيا، تنطيمون جوڙيون، تقريبون منعقد ڪرايون، سيمينار ڪرايا، سياست ڪئي، صحافت ۾ پاڻ آزمايو، اداڪاري سان گڏ صداڪاري ۾ به نانءُ ڪمايو. سو سٺو مقرر، مدبر ۽ مفڪر پڻ هيو. سائين بڇل شاهه وانگر کيس سٺا ڪپڙا پهرڻ سان گڏ ڪپڙن ۾ رنگن جي چونڊ ۽ سلائي جي سليقي ۾ به کيس ڪمال حاصل هوندو هيو. منهنجو مرحوم دوست عثمان فليش مين جيڪو جناب ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جو سڄي عمر خدمتگار رهيو سوٻڌائيندو هيو ته جواني واري دور ۾ نه رڳو اسان جا کوڙ سارا دوست پر پيپلز پارٽي جا ڪيترائي وزير، مشير، چڱا مڙس ۽ اداڪار ستار ڀٽي کان ڪپڙا ڪهڙا وٺڻ ۽ ڪيئن پائڻ سان گڏ ڪهڙي درزي کان سبرائڻ جون صلاحون پڻ وٺندا رهندا هيا.
ستار ڀٽي ۱۹۶۳ع ۾ رحمت پور پرائمري اسڪول مان۵ درجا پاس ڪيا. اٺين درجي ۾ داخلا لاڙڪاڻو جي ڊي سي اسڪول ۾ ورتي جتان ۱۹۶۸ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ۱۹۷۱ع ۾انٽرميڊئيٽ، ۱۹۷۳ع ۾بي اي گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان ۽ ۱۹۹۲ع ۾ايم اي سياسيات سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪئي. ڪاليج ۾ پڙهائي جي شروعاتي ڏينهن ۾ ستار ڀٽي سنڌ جي آزادي جي تحريڪن ۾ ڀرپور بحرو وٺندو رهندو هيو. سموري عمر هن سنڌ ۽ سنڌين سان ڪنهن به صورت ۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف هن هر دور ۾ قلمي ۽ ذاتي مهاڏو اٽڪايو جنهن جي موٽ ۾ هر طرح جون سختيون ۽ ڪٺنايون پڻ ڀوڳيون. پاڻ سنڌ آزاد ماروئڙا فيڊريشن جو صدر رهيو. غريب گهراڻي سان تعلق هئڻ سبب کيس مسڪين شاگردن جي سماجي حالتن جو گهڻواحساس هوندو هيو ان لاءِ هو ڪاليج ۾ پڙهندڙ غريب، بي پهچ ۽ اٻوجهه شاگردن جي هڙان وڙان مدد ڪرڻ سان گڏ سندن هر قسم جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ سدائين اڳڀرو رهندو هيو.
ستار ڀٽي ادبي ذهن رکندڙ مهذب انسان هيو جنهن زندگي جو وڏو حصو سماجي، فلاحي ۽ تحقيقي ڪمن لاءِ وقف ڪري ڇڏيوهيو. پاڻ پاڪ حيدري اسڪائوٽ لاڙڪاڻو جو ۱۹۶۶ع کان ۱۹۶۸ع تائين وائيس گروپ ليڊر رهيو. سنڌي پورهيت تنظيم لاڙڪاڻو جو ۱۹۷۲ع کان ۱۹۷۳ع تائين صدر رهيو. لاڙڪاڻو ٽانگا يونين جو صدر ۽ لاڙڪاڻو مزدور فيڊريشن جو ۱۹۷۱ع کان ۱۹۷۳ع تائين ڪوآرڊينيٽر رهيو.
ستار ڀٽي ڪاليجي دور کان وٺي ڀٽي صاحب سياسي قافلن جومهندار رهندو آيوهيو جنهن جي ابتدا پاڻ ۱۹۶۸ع ۾ لاڙڪاڻو اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن جي جوائنٽ سيڪريٽري طور ڪئي. تنهن کان پوءِ بيشمار ادبي، تعليمي، تدريسي ۽ سياسي تنظيمن جو روحِ روان ۽ متحرڪ ڪارڪن رهيو. شاگردي واري زماني ۾ هن ۱۹۶۸ کان ۱۹۷۲ع تائين ون يونٽ موومينٽ، چار مارچ تحريڪ ۽ سنڌي ٻولي قومي تحريڪ ۾ به ڀرپور بهرو ورتو جنهن جي پاداش ۾ مٿس ۱۶ ڪيس مڙهيا ويا، ۳ دفعا گرفتار ڪيو ۽ ۶ مهينا سکر سينٽرل جيل جي ياترا به ڪئي. ستار ڀٽي ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت کان تمام گهڻو متاثر هيو ان لاءِ ئي سنڌي سياست جو مستقبل منڊڪائيندو ڏسي ۽ سائين جي ايم سيد جي ڏنگي ٻارن سان نه پوڻ ڪري ڇڏي قومي سياست ڇڏي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. ۱۹۷۳ع ۾ کيس سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن سپاف ضلعي لاڙڪاڻو جو صدر ٿيو.
ستار ڀٽي پنهنجي زندگي جو بهترين دور ۽ هڪ وڏو عرصو پاڪستان پيپلز پارٽي کي بي غرضي سان ارپيو پر پارٽي وارن مان ڪنهن نه ۽ ڪڏهن به سندس قدر ڪونه ڪيو جو پاڪستان ۾ سياسي پارٽين لاءِ غريب ماڻهن ۽ انهن جون اولادون رڳو ٻارڻ جو ڪم ڏينديون آهن. ستار ڀٽي جي سياسي زندگي ڀٽو صاحب کان نثار کهڙي تائين، وحيد ڪٽپر کان ممتاز ڀٽو تائين، غلام مصطفا جتوئي کان قائم علي شاهه تائين، رهنمائن کان ڪارڪنن تائين، ضلع کان مرڪز تائين بيوفائي، بي يقيني ۽ منافقي جو سبق آموز داستان آهي. هڪ ڊگهو عرصو سياست جي خارزاروادي پنهنجا پير ڦٽي ستار ڀٽي هاڻي سمجهي چڪو هيو ته سياست جي نالي تي ٿيندڙ ڪوڙ، وحشت، فساد، بي اعتمادي ۽ بي راه روي سندس طبيعت جو جز يا ڪل ڪونه هئي ان لاءِ پاڻ سمورا سياسي ٻيڙا ساڙي نوڪري جي ڪڍ پيو جيڪا پڻ سوين ڪشالا ڪڍڻ کان پوءِ ممتاز ڀٽو جي مهرباني سان ملي.
کيس ڦوهه جواني واري دور ۾ ۱۹۷۵ع ۾ فيڊرل منسٽري آف ڪميونيڪيشن پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ ۱۶ گريڊ جي نوڪري اسسٽنٽ اسٽورآفيسر طور تڏهن ڀرتي ٿيو جڏهن هو سپاف (ممتاز ڀٽو) گروپ جو وائيس چيئرمن هيو. هن پورٽ قاسم اٿارٽي مان ۲۰ گريڊ جي ڊائريڪٽر پرچيز اسٽورز جي پوسٽ تان ۲۰۱۲ع ۾ رٽائر ڪيو. نوڪري جي ڪري کيس پنهنجي جنم ڀومي ۽ گيان ڀومي مان ۱۹۷۵ع ۾ ماڻهن جي ٻيلي ڪراچي ڏانهن بنواس ورتو جتي هن گارڊن روڊ تي واقع پراڻي سرڪاري ڪالوني پاڪستان ڪوارٽرز ۾ رهائش اختيار ڪئي جتي ستار ڀٽي پنهنجي سرگرمين جومحور ادبي، فلاحي، سماجي، ثقافتي ۽ تهذيبي مامرن کي رکيو. ستار ڀٽي سنڌي سماج ۾ موجود سوين ادارن کان مٿاهون ۽ مانائتو هئڻ جي باوجود ۽ پورٽ قاسم جهڙي ڪمائو اداري ۾۲۰ گريڊ جو ڪامورو هئڻ جي باوجود پاڻ سموري عمر پاڪستان ڪوارٽر جي ان عام گهر ۾ سادگي سان گزاري جنهن دور ۾ پورٽ قاسم ۾ ڪم ڪندڙ ڪلرڪ به ڊفينس ۽ ڪلفٽن جي بنگلن ۾ رهندا هيا.
سنڌي ادب جي هن لاڏلي ڪردار سنڌ ۾ تعليمي ۽ تهذيبي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لاءِ بيشمار سماجي، ادبي ۽ تهذيبي تنظيمن جو بڻياد وڌو، بيشمار ادارن کي سنواريو سجايو پيرن تي بيهاريو هو سنڌ ڪلچرل ايسوسيشن جو باني سربراهه رهيو. ۱۹۸۸ع ۾ هن لاڙڪاڻو فرينڊس ويلفيئر ايسوسيئيشن ڪراچي رجسٽر ڪرائي ان جو باني ۽ سربراهه مقرر ٿيو. ان تنظيم جي پليٽ فارم تان هو لاڙڪاڻو واسين کي ڪراڇي ۾گڏڻ لاء سال ۾ ٻه اڍائي ورائٽي شو، سيمينار، ادبي پروگرام يا ويهڪون ضرور ضرور ڪرائيندو هيو جنهن لاءِ سندس پسنديدهه وينيو ٿيوسوفيڪل هال ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچي هوندا هيا. ستار سائين مجموعي طور ۳۰۰ کان مٿي تهذيبي، ادبي، ثقافتي ۽ تاريخي تقريبون ڪوٺايون.
۱۹۷۵ع وارو وقت ڪراچي ۾ سنڌين لاءِ راڪاسي، ويچارائپ ۽ مسڪيني جو دور هوندوهيو پر سائين ستار سمونڊ جهڙي هن وشال شهر ۾ جلد ئي پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي هو رمپا پلازه جي ٽئين ماڙتي سنڌي ادبي سنگت جي ويهڪن ۾ باقاعدگي سان ويندو رهندو هيو. ڪراچي ۾ پنهنجا پير پختا ڪري ستار ڀٽي ان شهر ۾ وسندڙ سنڌين لاءِ ثقافتي،سماجي، ادبي ميڙاڪا، موسيقي جا پروگرام ۽ سيمينار ڪرائي سنڌي نوجوانن کي پنهنجي مٽي، ماڳ، تهذيب، ثقافت ۽ تاريخ ڏانهن لاڙو پيدا ڪيو. رهاڻيون، ورسيون، پروگرام، ڪچهريون ۽ مهورتون سندس بهترين مشغلا هوندا هيا. اڳتي هلي هڪڙو دور اهڙو به آيو جو پاڪستان ڪوارٽرز ڪراچي وارو ڊي-۹۹ گهر ڪراچي ۾ رهندڙ ۽ ايندڙ ويندڙ اديبن، لکارين ۽ ڀلوڙ ماڻهن لاءِ ممتاز ۽ معروف ٽڪاڻو بڻجي ويو.
لکڻ پڙهڻ جي چس ستار ڀٽي کي ننڍي هوندي کان هوندي هئي جيڪا بالغ سندس ڪاليجي دور ۾ ٿي جڏهن هو گورمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان نڪرندڙ رسالي جي انگريزي شعبي جو انچارج هوندو هيو. سندس پهريون ٻه ڪهاڻيون “پيار” ۽ “ڪکن سندو محل” به انهيءَ ميگزين ۾ شايع ٿيون هيون. ستار ڀٽي ٽن چئن ڏهاڪن کان مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقائدگي سان ڪالم لکندو رهيو. لاڙڪاڻي جي تاريخ ساز شخصيتن تي ٻن تحقيقي ڪتابن سميت سندس لکيل ٻيا ڪيترائي ڪتاب سنڌي ادب جو اهم سرمايو آهن جيڪي هو تمام پنهنجي هڙان وڙان ڇپرائي دوستن ۾ تقسيم ڪندو هيو. ستار ڀٽي جي ڇپيل ڪتابن ۾ پهريون ڪتاب “لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي” (انگريزي ۽ سنڌي ۾) سندس زندگي ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو جيڪو ۱۹۹۸ع ۾ ڇپيو. ٻيو ڪتاب ۲۰۰۰ع ۾ “لاڙڪاڻو امر شخصيتون”، ۲۰۰۸ع ۾ “پير حسام الدين راشدي” تي انگريزي ۾ ڪتاب)، ۲۰۱۴ع ۾ سندس ڪتاب “چنڊ چوان سچ” شايع ٿيو جيڪو تمام شاندار ادبي ڪارنامو آهي. اهو ڪتاب ۴ سال عوامي آواز ۾ ڇپجندڙ ۱۸۲ ڪالمن تي مشتمل ۽ ۷۵۰ صفحن تي مشتمل هند سنڌ جي سياسي، ادبي ۽ سوانحي تاريخ جو ڀنڊار آهي. ۲۰۱۲ع ۾ سندس ڪهاڻين جو ڪتاب “قيدي جي عيد” ۽ آخري ڪتاب “لاڙڪانه فن و ادب ڪي افق پر” (اڙدو ۾) اهم آهي. سائين بيشمار سووينيئر پڻ ڪڍيا جن ۾سرشاهنواز ڀٽو ۽ مولانا دين محمد وفائي تي انگريزي زبان ۾ ڪڍيل ڪتابچا خاص آهن.
پنهنجي سماجي سرگرمين، فلاحي ڪمن ۽ قلمي ڪاوشن جي مڃتا طور کيس بيشمار اعزاز، ايوارڊ ۽ شيلڊون ملي چڪيون آهن جن مان اهم ۲۰۰۰ع ۾ آل پاڪستان لاشاري تنظيم پاران دولهه دريا خان ايوارڊ، ۲۰۰۴ع ۾ سگا رويو ميگزين ايوارڊ، ۲۰۰۵ع ۾ مهراڻ ايڪسيلنس ايوارڊ اهم آهن.
مون کي فخر آهي جو ستار ڀٽي جهڙي وڏي ادبي ماڻهوءَ سان منهنجو پيار ۽ دوستي وارو رستو رهيو. هو جڏهن به اسلام آباد يا لاڙڪاڻو ايندو هيو ته مان به سندس ترجيحات ۾ شامل هوندو هيس اهڙي ريت ڪراچي جو چڪر لڳي ۽ مان سندس قدم بوسي نه ڪيان ائين گهٽ ئي ٿيندو هيو. مون جهڙي ننڍڙي لکارين کي وڏو مان ڏيڻ سندس خاص خوبي هوندي هئي. سندس سادگي ۽ محبت جي انتها هوندي هئي کيس وڏائي واري هوا ئي ڪڏهن ڪونه لڳي هيس. ڪجهه سال اڳ جڏهن سندس اسلام آباد اچڻ ٿيس ته مون کي فون ڪيائين ته ملڻو آهي ۽ مان هن وقت ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو جي آفيس ادبيات اڪيڊمي پاڪستان ۾ ويٺو آهيان. مون عرض ڪيم ته سائين ڪنهن ٽائيٽ شيڊيول ۾ ڪشمير ۾ آهيان اڄ مشڪل آهي پر سائين حڪم ڪيو اڄ ملڻو آهي متان مان سڀاڻي واپس وڃان. سندس اسرار تي مان ٻيا ڪم ڪار ڇڏي اسلام آباد پڳم. ظاهر آ ڪافي دير سان پڳم پطرس بخاري روڊ تي پڳم ته ڏٺم سائين پنهنجي وني ڀاڀي حميده ڀٽي گڏ سان ادبيات اڪيڊمي جي جهازي دروازي ٻاهران ٻيٺو آهي. سائين ٻڌايو ته اسان هڪ ڪلاڪ کان ٻاهر روڊ تي نڪري تنهنجو انتظار ڪري رهياهئاسين. آهي ڪو اندازو هن دور ۾ اهڙي اخلاق ۽ شرافت جو سو به مون جهڙي بيڪار انسان لاءِ جيڪو ستار ڀٽي جي لکين چاهيندڙ پرستارن منجهان هڪڙو هيو. سندس اخلاقي بلندي، سادگي ۽ مهانتا جا هزارين ٻيا مثال هي مضمون لکڻ مهل منهنجي ذهن ۾ تري اچن ٿا.
سائين الطاف شيخ ۽ سائين ستار ڀٽي جهڙن ماڻهن جو سٻاجهي، سادي، سهڻي ۽ سليقي واري ڪردارن جي سنگت ۽ انهن جي اخلاقي معيارن جي احساس سدائين مون جهڙي ٽرڙي انسان کي پنهنجي آپي ۾ رکيو ته جڏهن اهڙا وشال ماڻهو به پنهنجي اندر سونهن ڀري سادگي ۽ سانڀيان واري زندگي گذارن ٿا ته پوءِ آصف رضا موريو تون ڪهڙي کيت جي موري آهين جو ڳالهه ڳالهه تي اٻرين ٿو.
سائين ستار ڀٽي ۱۴ نومبر ۲۰۱۷ع جو صبح ۷ وڳي ۳۰ منٽ ڌاري دل جي دوري پوڻ سبب لياقت نيشنل اسپتال ڪراچيءَ ۾لاڏاڻو ڪري ويو. الله کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي درجات بلند ڪندو. مون جهڙي ماڻهو لاءِ سندس موت جي خبر بر صغير جي ورهاڱي ۽ ڪميونسٽ بلاڪ ٽٽڻ کان به وڌيڪ هيبتناڪ رهي پر اسان بي وس ۽ لاچار ماڻهو ڪري به ڇا ٿا سگهون سواءِ لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ جي.
مون جهڙا جيتامڙا لکاري ۽ پيار ڪندڙ ادا ستار جهڙن ماڻهن جا زندگي ڀر ڳڻ ڳائيندا رهندا جو هن سموري زندگي سنڌين، سنڌي ٻولي، علم، تاريخ، ادب، تهذيب ۽ ثقافت جي مثالي خدمت ڪري سنڌ جي نوجوانن کي شعوري جاکوڙ جو گس وٺايو. اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي ذھني پورھئي، ادبي قد ڪاٺ ۽ سماجي جاڳرتا واري ڪردار سبب زندگي ۾ ئي ستار ڀٽي سنڌين جو لاڏلو، سگهارو ۽ ناماچاري رهيو۔ سچ آهي ته اسان جهڙي توازن وڃايل قوم لاءِ ستارڀٽي جهڙا ماڻهو منزل جي مينارن جهڙي حيثيت رکندا آهن جو انهن جون مثبت سرگرميون چرين کرين کي به پنهنجي مياڻ ۾ رکنديون آهن. تاريخ گواهه آهي ته جڏهن رياستن ۾سماج ۽ ادارا پنهنجو تقدس وڃائي ويهندا آهن ته ستار ڀٽي جهڙا ساڃاه وند فرد ئي اڳڀرو ٿي سماجي قدرن جي بقا لاءِ ڪردار ادا ڪندا آهن.



عبدالستار ڀٽي
سنڌي ثقافت جو سفير
آغا نور محمد  پٺاڻ
گذريل هفتي سنڌي ٻولي ۽ ثقافت سان محبت ڪندڙ مانائتي شخصيت عبدالستار ڀٽي جي لاڏاڻي جي خبر پئي ته دل کي ڏاڍو صدمو پهتو. جنهن کي اسان پيار ۾ ستار ڀٽي چوندا هياسين ۽ اِهو ان جو ادبي نالو به هيو. مونکي اهو زمانو ياد آهي جڏهن ڪراچي ۾ اسان اڪيڊمي ادبيات جي صوبائي شاخ قائم ڪئي هئي سون، ان زماني ۾ لاڙڪاڻي کان ٻه دوست مونسان ملڻ آيا جن ۾ هڪ عبدالستار ڀٽي هيو ۽ اڪيڊمي ادبيات جي باري ۾ معلومات پڇي هيائون. ان زماني ۾ پنجابي ادب جو هڪ اديب ۽ ناول نگار فخرزمان اسانجو چيئرمين مقرر ٿيو هيو ۽ شهيد بينظر ڀٽو چونڊون کٽي وزير اعظم ٿي آئي هئي. ستار ڀٽي مونکي ٻڌايو هيو ته هو شروع کان وٺي لاڙڪاڻي شهر ۾ شاگردي جي زماني ۾ ڀُٽي صاحب جي شخصيت کان متاثر هيو ۽ شاگردن جي تنظيم سپاف سان به ان جو تعلق هيو ۽ لاڙڪاڻي جي ڊگري ڪاليج ۾ اسٽوڊنٽ يونين جو عهديدار به رهيو هيو. انهيءَ وقت ڀُٽي صاحب چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪرائي هئي ۽ شاگردن جون سرگرميون ڏاڍيون تيز تر هيون. ان ٻڌايو ته ڪيترا وزير جيڪي هن وقت حڪومت ۾ آهن اهي منهنجا ڪلاس فيلو رهيا آهن، بعد ۾ تعليم جي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هو جڏهن پورٽ قاسم ۾ ملازمت دوران ڪراچيءَ ۾ رهيو تڏهن به هن جو ثقافتي سرگرمين جو جوش ۽ جذبو خاموش نه رهيو. هو هتي آيو ته هن سنڌ ڪلچرل اڪيڊمي جي نالي سان هڪ ثقافتي تنظيم ٺاهي. اسانجو دوست مولا بخش چنڊ ۽ محمد اسماعيل چنڊ ان جا ساٿي هيا. مونکي ياد آهي ته ان زماني ۾ گِذري لياري ۽ ملير کانپوءِ سنڌي ماڻهن جو هڪ مشهور ماڳ هيو ۽ جڏهن ته سچل ڳوٺ ۽ ڀٽائي آباد جو اڃا وجود ڪو نه هيو، گِذري ان وقت ريلوي اسٽيشن کان ايندي دهلي ڪالوني، ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۽ جي وچ تي هڪ سنڌين جو ڳوٺ هيو جنهن ۾ اسان دوستن گڏجي گِذري سماجي سنگت قائم ڪئي هئي ۽ موجود وڏي وزير اعليٰ مراد علي شاهه جي والد سيد عبدالله شاهه مرحوم کي دعوت ڏئي گھرايو هيوسون ۽ ان اتي گِذري ڊگري ڪاليج قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هيو ۽ جيڪو اڄ به اتي الله جي فضل سان موجود آهي ۽ عبدالله شاهه غازي جي مزار جي ڀرسان هڪ سنڌي ميڊيم اسڪول به قائم ڪرايو هيو جيڪو هاڻي سنڌي ميڊيم نه رهيو آهي.
ڪيتريون ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون اسان پنهنجي دوست ستار ڀٽي سان گڏجي ڪيون سي ۽ انجمن ترقي مصنفين ۽ لاڙڪاڻو فرينڊس ۾ به مشهور شاعر ۽ نثر نگار مسلم شميم سان گڏجي به هن ڪافي ڪم ڪيو. ڪراچي ۾ لاڙڪاڻي جا اهي اردو ڳالهائڻ وارا دوست جيڪي لاڙڪاڻو ڇڏي ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيا جن ۾ مسلم شميم ۽ محسن ڀوپالي (مرحوم) جا نالا مشهور آهن. اهي لاڙڪاڻو فرينڊس جي نالي سان هر سال هڪ ڊنر پروگرام به ڪندا هيا جن ۾ ذوالفقار قادري ۽ ٻيا وڏا وڏا سنڌي ۽ اردو آفيسر گڏ ٿيندا هيا جنهن ۾ ستار ڀٽي جو به وڏو سرگرم ڪردار رهيو آهي.
مونکي ياد آهي ته فخرزمان جي چيئرميني جي زماني ۾ هڪ دفعو هو هوٽل پرل ڪانٽينيٽل ۾ اسان سان ملڻ آيو ۽ هڪ ڪتاب جو مسودو کڻي آيو جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي مشهور اديبن، شاعرن ۽ سماجي شخصيتن جو ذڪر لکيل هيو، تقريباً ۳۰۰ صفحن جو ڪتاب هو ڪمپوز ڪرائي کڻي آيو هيو ۽ چيائين ته هن وقت پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي ۽ فخر زمان چيئرمين آهي تنهن ڪري هي ڪتاب اوهان اڪيڊمي ادبيات پاران ڇپرايو. ان وقت اڪيڊمي سنڌي ڪتاب ڪو نه ڇپرائيندي هئي تنهنڪري فخرزمان به هن کي چيو ته هن ڪتاب جو اردو ترجمو ڪري کڻي اچو ته پوءِ ڏسنداسين. بهرالحال هي مايوس ٿي موٽيو بعد ۾ اهو ڪتاب هن پاڻ ڪنهن طريقي سان ڇپرائي پڌريو ڪيو. هڪ دفعو پير حسام الدين شاهه راشدي جي ورسي اڪيڊمي ادبيات پاران سنڌي ادبي بورڊ جي تعاون سان هوٽل آواري ٽاور ڪراچي ۾ ملهائي هئي سون جنهن ۾ ان وقت سائين حسين شاهه راشدي به زندهه هيو ۽ سائين غلام رباني آگرو به موجود هيو، ان موقعي تي به هن پير صاحب جي شخصيت تي انگريزي ٻوليءَ ۾ هڪ ڪتاب جو مسودو ڏيکاريو هيو جيڪو ڪنهن سرڪاري اداري ته ڪو نه ڇاپيو پر هن پنهنجي محنتن ۽ ڪوششن سان اهو به ڇپائي پڌرو ڪيو. اهڙا ڪئي ڪتاب ۽ مضمون هن لاڙڪاڻي جي شخصيتن جي باري ۾ لکيا. بقول شاهه عبداللطيف ڀٽائي:
جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي
وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين،

اهڙي طريقي سان مونکي ياد آهي سائين خورشيد احمد شاهه جڏهن پهريون دفعو وفاقي وزير تعليم ٿيو تڏهن محمد اسماعيل چنڊ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ ملازم هيو ۽ مولا بخش چنڊ ان سان گڏجي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڏينهن ملهايو هيو جنهن ۾ هن سنڌ ڪلچرل اڪيڊمي پاران وڏو شاندار پروگرام منعقد ڪيو هيو جنهن ۾ سائين خورشيد شاهه مهمان خصوصي طور ان ۾ شريڪ ٿيو هيو. انهي زماني کان هن جي ثقافتي ۽ ادبي سرگرمين جو سلسلو جاري هيو ۽ هو ڪڏهن به واندو نه ويٺو. رٽائرمينٽ کانپوءِ اسان جو هي دوست اسلام آباد ۾ آيو ۽ چوڻ لڳو ته هاڻي اسان نوڪري کان آزاد ٿيا آهيون ۽ هاڻي اهي رهيل ڪم پورا ڪنداسون پر حياتي جا ڏينهن مقرر آهن ۽ اها افسوس ناڪ خبر مونکي پنهنجي ڪراچي جي دوست سنڌ پبلڪ لائبرري ڀٽائي آباد جي سرواڻ جاويد مهر ان وقت ٻڌائي جڏهن مان عمر ڪوٽ ۾ هڪ اسڪول لائبرري جي افتتاحي تقريب ۾ ويٺو هيس. ستار ڀٽي هڪ جفاڪش، باصلاحيت اديب ۽ محقق دوست هيو جنهن ڪراچي ۾ سنڌي ادب ۽ ثقافت جي سرگرمين کي خوب ملهايو ۽ ان وقت اسان کان جدا ٿيو جڏهن اسان هاڻي ايڪتا جي ڏهاڙي جي حوالي سان ثقافتي سرگرميون ملهائي رهيا آهيون. ضروت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙن محبتي انسانن جي ترتيب ڏنل پروگرامن کي هڪ ٽيم جي شڪل ۾ جاري رکيو وڃي ۽ ڪراچي جا اهي ماڳ مقام جيئن سچل ڳوٺ، ڀٽائي آباد، گِذري، ملير ۽ لياري آهن، انهن ۾ نوجوان اديبن، استادن ۽ شاگردن کي سرگرم رکيو وڃي. اسانجو دوست ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو هينئر وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ لئنگويجز جو ڊين مقرر ٿيو آهيو ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي جي مولوي عبدالحق ڪئمپس لياري ۾ آهي، انهيءَ سان گڏجي هنن سرگرمين کي وڌيڪ جاري رکيو وڃي تان ته اتي آباد قديم سنڌي وسندين ۽ ٻروچن جي اندر سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي آبياري ٿي سگھي.




ستار ڀٽي
هڪ بهترين انسان جو وڇوڙو
درياخان شنباڻي
هڪ سال پهريان مون سائين ستار ڀٽي مرحوم کي خيرپور جي هڪ پروگرام ۾ ڏٺو هيو ۽ پڻ ٻڌو به هيو، هو مون کي محبت ڪندڙ ۽ ھڪ باعمل انسان لڳو جو ان جي خبر مون کي تڏھن پئي جڏھن ان پروگرام ۾ جيڪو اوپن ايئر ٿيئٽر ۾ ٿيو تنهن ۾ اسٽيج سيڪريٽري صاحب پنهنجو ڳلو ڦاڙي ڦاڙي چئي رهيو هيو ته، اسان کي اهڙن پروگرامن ۾ پنهنجن گهروارن، ٻچن ۽ نياڻين سميت اچڻ کپي ۽ اها روايت اسان سڀني کي وجهڻ کپي، پر ان جو پنهنجو گهر اوپن ايئر ٿيئٽر مان سڏ پنڌ تي هجڻ باوجود سندس ٻچا گهر ويٺا هيا ۽ اها ڳالھ ان ڏينهن سائين ستار ڀٽي مرحوم اچي ڊائيس تي به ڪئي ته، اسان کي صرف ٻين کي ئي تلقين نه ڪرڻ کپي پر پاڻ کي به اهڙين ڳالهين تي پورو لهڻ کپي ۽ ان مهل سائين ستار ڀٽي مرحوم پنهنجي گهرواريء جيڪا پڻ اسان سان گڏ پنڊال ۾ ويٺي هئي تنهن ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، مان جتي به ويندو آھيان، پنهنجي گهرواريء کي ساڻ وٺي ويندو آھيان، سائين ستار ڀٽي مرحوم سان منهنجي فيس ٽه فيس ملاقات اها ئي هئي پر ساڻس منهنجون ٻيون به ڪي ملاقاتون هيون، هڪڙي ملاقات پندرهن نومبر ٻه هزار نو ۾ تڏھن ٿي جڏھن مان فريئر هال بجاء صدر واري ڪتابي ميلي جنهن ۾ ڪتاب زمين تي پيا هوندا آھن، اتي جڏھن ڪي ڪتاب اٿلائي پٿلائي رهيو هيس ته هڪ ڪتاب تي نظر پئي ته ان کي پٽ تان کڻي سيني سان لڳايم، اهو ڪتاب هيو؛
Pir Hussamuddin Rashdi.
Compiled by. Abdul Sattar Bhatti.
پير حسام الدين راشدي صاحب تي پنجاه کان وڌيڪ مختلف شعبهء حيات سان وابسته سياستدانن، ليکڪن، دانشورن ۽ شاعرن جا انگريزيء ۾ لکيل مضمون آھن، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد کان محمد ابراهيم جويو تائين، شيخ اياز کان سوڀو گيانچنداڻي تائين، پير علي محمد راشديءَ کان سراج الحق ميمڻ تائين، تاجل بيوس کان ماهتاب محبوب تائين جا لکيل مضمون آھن.
مون اهو ڪتاب ته ان ئي سال ڊسمبر جي سرد راتين ۾ پڙھي پورو ڪيو، پر ان ڪتاب کي جڏھن اڄ ھٿ ۾ کنيم ته ان ۾ قيمتي قيمتي سٽون انڊر لائين ٿيل هيون ۽ هي سمورو ڪتاب ئي انمول آھي جنهن ۾ سنڌ جي هيرن جون ڳالهيون پير حسام الدين راشديء لاء لکيل آھن، پر ان ۾ ٻه ٽي کن بلڪل ئي شروعاتي سٽون انڊرلائين ٿيل آھن جنهن ۾ سائين ستار ڀٽي مرحوم پنهنجي لاء لکي ٿو ته ،
This book is a labor of my love in the field of History.
I do not claim to be a historian، but as a student of history، culture and literature. I have been attending regularly the literary gatherings at various places from 1970.
مان جڏھن اهي شيون ٻيهر پڙھان ٿو ته سوچ ۾ پئجي ٿو وڃان ته سائين ستار ڀٽي مرحوم ته منهنجي پيدائش کان به پهريان انهن ڪمن ۾ مصروف هيو، سو هن جو ڪيترو نه وسيع مشاهدو ۽ مطالعو هوندو.
خيرپور واري ان پروگرام وقت ئي مون کيس فيسبوڪ فرينڊ شپ رڪيسٽ موڪلي ته شايد ان ئي رات يا صبح جو منهنجي درخواست قبول ڪيائون ۽ ان پروگرام جي ٻئي ڏينهن تي سائين ستار ڀٽي مرحوم ۽ سندس گهرواري ڪوٽڏجي گهمڻ ويا ۽ پوء اها تصوير به فيسبوڪ تي اپلوڊ ڪري ڇڏيائون، مون سندن تصوير ڏسندي چيو هيو ۽ شايد ڪمينٽ به ڪيم ته، دو هنسون ڪا جوڙا،،،،،، ۽ اڄ اها سٽ پنهنجي تڪميل پهتي ته، دو هنسون ڪا جوڙا، بڇڙ گيو ري،،، غضب ڀيو ظلم ڀيو.
سائين ستار ڀٽي مرحوم ادبي دنيا ۾ تمام گهڻو ايڪٽو رهندو هيو ۽ اسان جهڙن گهٽ علم رکندڙ ماڻھن جي رهنمائي ڪندو رهندو هيو.






عبدالستار ڀٽي
سنڌ جي قومي ورثي جهڙو صوفي شخص
آصف رضا موريو
گذريل سال ۱۴ نومبر تي هن ڏکائتي خبر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي اهل علم و ادب طبقي کي اداس ڪري ڇڏيو ته سنڌ جو هڪ ڀرجهلو ادبي ۽ سٻاجهو سماجي ڪردار سائين عبد الستار ڀٽي دل جي دوري پوڻ سبب ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
سدا بهار، خوش پوش ۽ منفرد شخصيت جو مالڪ، ڪچهرين جوڪوڏيو، ميڙاڪن جو مور سائين ستار ڀٽي جنهن سياست، ادب ۽ سماجي ڀلائي جي رستي ۾ تمام ڊگهو ۽ اڙانگو سفر اڪلايوهيو. هو هڪ مخلص ماڻهو، جاکوڙي ليکڪ، دوستن جو گهڻگهرو، بي لوث سماج سڌارڪ، بهترين تنظيم ساز، هڏ ڏوکي ۽ اهڙو ساڃاهوند انسان هيو جنهن جو هر ماڻهو سان پنهنجائپ وارو رستو ۽ رشتو هوندو هيو.
سائين عبدالستار ڀٽي جي پيدائش ۵ جون ۱۹۵۲ع ڌاري ۾ لاڙڪاڻو شهر جي ڪليڪٽر آفيس جي هڪ ڪوارٽر ۾ ٿي جيڪو سرڪار طرفان سندس ڏاڏي کي رهائش ڪاڻ مليل هيو جيڪو روينيو کاتي ۾ چوڪيدار هوندو هيو. سندس والد خاڪسار قمر الدين ڏيرو جنهن جو پاڪستاني چوڪ تي استري جو دوڪان هوندو هيو.
سائين ستار ڀٽي اسان جي دوستن ۾ ان پسمنظر ۾ اڪيلو ماڻهو هيو جيڪو پنهنجي والد جي ذات “ڏيري” سان نه پر والده جي ذات “ڀٽي” سان سڃاتو وڃي ٿو جنهن جو سبب اهو آهي جو کيس پرائمري اسڪول رحمت پور ۾ سندس مامي پروفيسر ولي محمد خان ڀٽي داخل ڪرائي سندس نالي پٺيان پنهنجي ذات لکرائي هئي.
ستار ڀٽي کي ننڍي هوندي کان ڪرڪيٽ، اداڪاري، صداڪاري، مقرري، اسڪائوٽنگ ۽ فلمن ڏسڻ جو تمام گهڻو شوقين هوندو هيو. منهنجي ياداشت ۾ جيترا دوست سائين ستار ڀٽي پنهنجي زندگي ۾ چوطرف ڪٺا ڪيا اوترا ڪنهن ٻئي جي حصي ۾ ايندي مون ڪونه ڏٺا. سندس دوستن ۾ هر طبع فڪر ۽ ڪرت جا ماڻهو شامل هوندا هيا اداڪارن کان وٺي گلوڪارن تائين، سياستدانن کان وٺي سياستڪارن تائين، اديبن کان حڪيمن تائين، جاکوڙين کان صوفين تائين، صحافين کان سيلانين تائين اسان جي هيرو جا انداز ئي نرالا رهيا. سندس ڀرپور زندگي جا تمام رنگ ۽ رخ سماج ڏانهن ڪارائتا هوندا هيا.
ستار ڀٽي زندگي ڀر سنڌين، سنڌي ٻولي، علم، تاريخ، ادب، تهذيب ۽ ثقافت جي مثالي خدمت ڪري سنڌ جي نوجوانن کي شعوري جاکوڙ جو گس وٺايو. اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي ذھني پورھئي، ادبي قد ڪاٺ ۽ سماجي جاگرتا واري ڪردار سبب زندگي ۾ ئي ستار ڀٽي سنڌين جو ايترو ته لاڏلو، سگهارو ۽ ناماچاري رهيو جو هڪڙي دور ۾ سندس گهر D-۹۹ پاڪستان ڪوارٽرز ڪراچي سنڌ جي تمام اديبن ۾ پسنديدهه ٽڪاڻو هوندو هيو.
ستار ڀٽي ۱۹۶۳ع ۾ رحمت پور پرائمري اسڪول مان پنج درجا پاس ڪيا. ڊي سي اسڪول لاڙڪاڻومان ۱۹۶۸ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو جڏهن ته ۱۹۷۱ع ۾انٽرميڊئيٽ، ۱۹۷۳ع ۾بي اي ۽ ۱۹۹۲ع ۾ايم اي سياسيات سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين. ڪاليج ۾ پڙهائي دوران غريب، بي پهچ ۽ اٻوجهه شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ سدائين سرس رهندو هيو. سندس شادي۱۹۷۷ع ۾ ٿي. کيس اولاد ۾ٻه نياڻيون ۽ ٻه پٽ آهن.
ستار ڀٽي ادبي ذهن رکندڙ مهذب انسان هيو جنهن زندگي جو وڏو حصو سماجي، فلاحي ۽ تحقيقي ڪمن لاءِ وقف ڪري ڇڏيوهيو. پاڻ پاڪ حيدري اسڪائوٽ لاڙڪاڻو جو ۱۹۶۶ع کان ۱۹۶۸ع تائين وائيس گروپ ليڊر رهيو. سنڌي پورهيت تنظيم لاڙڪاڻو جو ۱۹۷۲ع کان ۱۹۷۳ع تائين صدر رهيو. لاڙڪاڻو ٽانگا يونين جو صدر ۽ لاڙڪاڻو مزدور فيڊريشن جو ۱۹۷۱ع کان ۱۹۷۳ع تائين ڪوآرڊينيٽر رهيو.
ستار ڀٽي شاگردي جي دور کان وٺي ڀٽي صاحب سياسي قافلن جومهندار رهندو آيوهيو جنهن جي ابتدا پاڻ ۱۹۶۸ع ۾ لاڙڪاڻو اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن جي جوائنٽ سيڪريٽري طور ڪئي. تنهن کان پوءِ بيشمار ادبي، تعليمي، تدريسي ۽ سياسي تنظيمن جو روحِ روان ۽ متحرڪ ڪارڪن رهيو. پاڻ سنڌ آزاد ماروئڙا فيڊريشن جو صدر پڻ رهيو. سنڌ سان ڪنهن به صورت ۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف هن هر دور ۾ مهاڏو اٽڪائڻ جي پاداش ۾ سختيون پڻ ڀوڳيون. ۱۹۶۸ کان ۱۹۷۲ع تائين ون يونٽ موومينٽ، چار مارچ تحريڪ ۽ سنڌي ٻولي قومي تحريڪ ۾ به ڀرپور بهرو ورتو جنهن جي پاداش ۾ مٿس ۱۶ ڪيس مڙهيا ويا، ۳ دفعا گرفتار ڪيو ۽ ۶ مهينا سکر سينٽرل جيل جي ياترا به ڪئي.
ستار ڀٽي پنهنجي زندگي جا بهترين سال ۽ بهترين جذبا پاڪستان پيپلز پارٽي کي ارپيا پر انهن ڪڏهن به سندس قدر ڪونه ڪيو. هڪ ڊگهو عرصو سياست جي خارزار وادي کي ڏيڻ ڪري ستار سمجهي ويو ته سياست جي نالي تي ٿيندڙ وحشت، بي اعتمادي ۽ بي راه روي سندس طبيعت جو خاصو ڪونه هئي ان لاءِ پاڻ سياسي ٻيڙا ساڙي نوڪري جي ڪڍ پيو. ۱۹۷۵ع ۾ کيس فيڊرل منسٽري آف ڪميونيڪيشن پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ اسسٽنٽ اسٽورآفيسر ۱۶ گريڊ جي نوڪري ملي جتان ۲۰۱۲ع ۾ ۲۰ گريڊ جي ڊائريڪٽر پرچيز اسٽورز طور رٽائر ڪيو.
نوڪري ملي ته ڪراچي لڏي ويو. اهو دور ڪراچي ۾ سنڌين لاءِ راڪاسي دور هيو پر سائين ستار جنن جهڙي هن وشال شهر ۾ جلد ئي پنهنجي جاءِ ٺاهي پنهنجا پير پختا ڪري ان شهر ۾ وسندڙ سنڌين لاءِ ثقافتي،سماجي، ادبي ميڙاڪا، موسيقي جا پروگرام ۽ سيمينار ڪرائي سنڌي نوجوانن کي پنهنجي مٽي، ماڳ، تهذيب، ثقافت ۽ تاريخ ڏانهن لاڙو پيدا ڪيو.
سنڌي ادب جي هن لاڏلي ڪردار سنڌ ۾ تعليمي ۽ تهذيبي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لاءِ بيشمار سماجي، ادبي ۽ تهذيبي تنظيمن جو بڻياد وڌو، بيشمار ادارن کي سنواريو سجايو پيرن تي بيهاريو. پاڻ سنڌ ڪلچرل ايسوسيشن جو باني سربراهه هيا. ۱۹۸۸ع ۾ هن لاڙڪاڻو فرينڊس ويلفيئر ايسوسيئيشن ڪراچي رجسٽر ڪرائي ان جو باني ۽ سربراهه مقرر ٿيو، لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي جو باني ۽ سربراهه مقرر ٿيو. ان کان علاوه سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪراچي جو صدر ۽ سرگرم ڪارڪن، سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جو سرگرم عهديدار، پورٽ قاسم ريٽائرڊ آفيسرز ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري رهيو. سنڌ گورنمنٽ ايمپلائيز ايسوسيئيشن جو مرڪزي عهديدار پڻ رهيو. جدوجهد جي رستي تي ستار ڀٽي رستي تي هن ۱۹۹۰ع ۾سنڌ ڪلچرل ڪائونسل جوڙي سڄي سنڌ جھاڳي ماڻهن ۾ خاص طور نوجوان طبقي ۾ تعليمي ۽ سماجي روح ڦوڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ستار سائين مجموعي طور ۳۰۰ کان مٿي تهذيبي، ادبي، ثقافتي ۽ تاريخي تقريبون ڪوٺايون.
لکڻ پڙهڻ جي چس به کيس ننڍي هوندي کان هوندي هئي جيڪا بالغ سندس ڪاليجي دور ۾ ٿي جڏهن هو ڊگري ڪاليج مان نڪرندڙ رسالي جي انگريزي شعبي جو انچارج هوندو هيو. سندس پهريون ٻه ڪهاڻيون “پيار” ۽ “ڪکن سندو محل” به انهيءَ ڪاليج جي ميگزين ۾ شايع ٿيون هيون. ستار ڀٽي چار ڏهاڪن کان مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقائدگي سان مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکندو رهيو.
سندس پهريون ڪتاب “لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي” ستار ڀٽي جي زندگي ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو جيڪو ۱۹۹۸ع ۾ ڇپيو. ۲۰۰۰ع ۾ “لاڙڪاڻو امر شخصيتون”، ۲۰۰۸ع ۾ پير حسام الدين راشدي تي انگريزي ۾ ڪتاب، ۲۰۱۴ع ۾ سندس ڪالمن جو ڪتاب “چنڊ چوان سچ” شايع ٿيو. ۲۰۱۲ع ۾ ڪهاڻين جو ڪتاب “قيدي جي عيد” ۽ ۲۰۱۷ع ۾ مرڻ کان مهينو اڳ سندس آخري ڪتاب “ستار ڀٽي شخصيت ۽ خط” اسان کي پڙهڻ لاءِ ڏنو. ان کان علاوه ستار ڀٽي بيشمار سووينيئر پڻ ڪڍيا جن ۾سرشاهنواز ڀٽو ۽ مولانا دين محمد وفائي تي انگريزي زبان ۾ ڪڍيل ڪتابچا خاص آهن.
پنهنجي سماجي سرگرمين، فلاحي ڪمن ۽ قلمي ڪاوشن جي مڃتا طور کيس بيشمار اعزاز، ايوارڊ ۽ شيلڊون ملي چڪيون آهن جن مان ۲۰۰۰ع ۾ آل پاڪستان لاشاري تنظيم پاران دولهه دريا خان ايوارڊ، ۲۰۰۴ع ۾ سگا رويو ميگزين ايوارڊ، ۲۰۰۵ع ۾ مهراڻ ايڪسيلنس ايوارڊ اهم آهن.
ستارڀٽي جهڙا ماڻهو ڪنهن به قوم لاءِ منزل جي مينارن جهڙي حيثيت رکندا آهن جو انهن جو مثبت سرگرميون ۽ آدرشي رويا رستو ڀليل مسافرن کي به پنهنجي آپي ۾ رکنديون آهن ڇوته جڏهن سماجن ۾ ادارا پنههنجو تقدس وڃائي ويهندا آهن ته ساڃاهوند فرد سماج جي بقا لاءِ ڪردار ادا ڪندا آهن اهڙن مانائتي ڪردارن ۾ ستار ڀٽي جهڙا انمول هيرا اڳڀرا هوندا آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا