سڪندر شيخ
لاڙڪاڻي جو ساغر صديقي
استاد خالد چانڊيو
اڄ دل
چيو ته ڪجھ لکجي پر ڇا لکجي ڪنهن تي لکجي. لاڙڪاڻي شھر جي رستن تي موٽر بائيڪ ڊوڙائيندي
سوچيندو رهيس ته لاهوري محلي جي روڊ تان گذرندي هڪ سٻاجهڙي ۽ جهونڙي ادبي ساٿي سان
ملاقات ٿي وئي. ذھن جنبش کاڌي. مٿيون عنوان لکجي ويو. دوست به سوچيندا هوندا ته
آخر لاڙڪاڻي ۽ ساغر صديقي جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق. پر ڪڏھن ڪڏھن ڪي شخصيتون، فطرتن ۽
عادتن، هڪجهڙيون لڳنديون آھن. ايئن ئي لاڙڪاڻي شھر جي ادبي ماحول ۾، ھو مون کي
ساغر صديقي جهڙو لڳندو آھي. جيئن لاهور جي فٽ پاٿن تي، ساغر کي چانھ چڪي پيئاري،
سندس محنتن مان ڪيترا ئي ادب جا وڏا نالا ٿي ويا، تيئن ئي هتي لاڙڪاڻي ۾ هن فقير
صفت انسان سان لاهوري محلي جي هڪ ننڍڙي هوٽل تي ويٺي ويٺي، ڪيترا ئي دوست، شاعريءَ
جي ميدان ۾ صاحبِ ڪتاب ٿي ويا.
جڏھن
ته زماني جي ستم ظريفي ۽ جياپي جي جنگ ۾ ھي شخص روزبروز وڃي ٿو گمناميءَ جي غار ۾
گم ٿيندو.
هي آھي
سنڌي ادب جي ڪيترن وڏن نالن جو دوست رهندڙ ”سڪندر شيخ“.
سڪندر
شيخ، جيڪو زندگي جي جلاد سان جهيڙيندي هاڻي جهڪي پيو آھي. سنڌي شعر ۽ ادب کي، چار ڏھاڪا
ارپيندڙ ھيءُ شاعر، اڄڪلھ گردن جي تڪليف ۾ مبتلا آھي. هڪ ٻه ڀيرا چانڊڪا اسپتال جي
يورالاجي وارڊ ۾ داخل به ٿيو پر اخراجات جي اڻهوند سبب علاج پوريءَ طرح ڪرائي نه
سگهيو.
تنهن
لاء اڄ دل چيو ته وس آھر هن سهڻي تخليقڪار جي به ڪا سار لهجي.
سندس
شعري مواد، سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن ۾ سال ۱۹۸۲ع کان ڇپجندو پيو اچي.
سندس ڪلام
جو ڪجھ نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
* * *
* * * *
غزل
ھي جو ڪائنات
۾ اجالو آ،
ھا!
سندءِ سونھن جو حوالو آ.
اڄ ته
دل سان پيار اي ساقي !
تنھجي
در تي آيو موالو آ،
اي ڀٽائي!
اوھان جي بيتن جو.
رنگ ھر
جاءِ تي نرالو آ!
مون
سان نفرت ڇڏي ملڻ تنھنجو،
ڄڻ لڳو
ڪنھن کي بڙڇي ڀالو آ،
عشق ڪيڏو
رئاريو آ مون کي!
ٿي وھاڻو
سڄو ويو آلو آ!
ڪير
مون لئه ڪڇي نٿو سڪندر!
خلق جي
وات تي تالو آ!!
* * *
* * * *
غزل
عشق اکڙين
۾ خواب جاڳي ٿو
ڄڻ ته
رڻ ۾ سراب جا ڳي ٿو
وئين ڀري
جيءَ ۾ جام جوڀن جو
انگ
انگ ۾ شراب جاڳي ٿو
پيا ڇڙي
ساز ياد جي لئه تي،
روح بڻجي
رباب جاڳي ٿو
درد پيڙ
کٽي ته ڪيئن کٽي!؟
نئين
سج نئون عذاب جاڳي ٿو
تون آن
ننڊ جوانيءَ جي ڀاڪر ۾!
سندءِ
سڳيءَ ۾ گلاب جاڳي ٿو،
اڀ جي
ھنج ۾ سڀ ستارا سمھيا
ھڪ ڪوي
ٻيو ڪتاب جاڳي ٿو
* * * * * * *
مان آھيان خساري ۾۔ ۔ ۔
نثري نظم ________
نه ڪي
حوصلو،
طور
سينا تي،
تنهنجي
جلوي پسڻ جو
نه ئي
حوصلو آھي،
ڪنھن
اسماعيل کي،
تو تان
واري سگهڻ جو،
نه
مقدس مسيح جان،
صليب
تي سگهان ٿو لٽڪي،
مان ته
بيوس گمراھ بندو،
پيو
آھيان ڀٽڪي،
ڪا راھ
ڏي تون؛
ڇو ته،
مان
نياز آھيان سراپا،
بي
نياز تون آ مولا،
ھي مرض
جو آ مون تي،
حياتئ
جي عطا ٿيڻ جو،
ڪفارو
۔
قرض جو
آمون تي
لاھ ۔ سارو
مولا
ڪشڪول
آھي مون وٽ۔
گدا
آھيان۔
۽ تون دست
عطا آھين۔
ھن
منھنجي حياتي جي
ڪشڪول
۾ڏي اڇلي۔
ڪي سڪا
شفاعت جا۔
وٽ
پنھنجي سھاري ۾۔
مان
آھيان خساري ۾۔
مان
آھيان خساري ۾
* * * * * * *
*ورثي
۾ وصيعت*
آزاد نظم ________
او
منھنجي، ٻچڙن جي ماءُ!
ڀونءِ
کي ڏيندي، ريج لھوءَ جو،
وڃان
جي مري مان!
ته،
تون نه ماندي ٿئجان!
نه ڪنھنجي
باندي ٿئجان!
پر تون
پنھنجي،
اروڙ
جھڙي سيني ۾،
تن ٻچڙن
کي سانڍي رکجان!؟...
ھن ھنج
ھنج ھيراڪن کي،
ھن ٿڃ
پياڪن کي
پينگھي
منجھ لوڏي تون!
ڏجان!
ديس
جون لوليون تون!
مٺي
ممتا جون، ٻوليون تون،
گس غير
جا ڳولين تون!
پوئتي
نه ھٽن شل ھي!
جيڪو
ماڳ ڇڏيل منھنجو،
سو ماڳ
کٽن شل ھي!
تڏھن،
سورھيه تن سورمن کي،
اتي
تون وٺي اچجان،
جنھنجي
جي ھنج ۾،
ستل
ھوندس مان!
ھا.....
اھا ماءُ مٽي منھنجي،
جا
تنھجي به جيجل آ ...
تنھن
مھل پوي مھڪي،
۽ سينڌ مٺي
تنھنجي، پوي ٻھڪي
تيسين
تو وٽ ھي، امانت ھن،
ڌرتيءَ
جي ضمانت ھن،
جا
تنھنجي به جيجل آ!
منھنجي
به جيجل آ!
اھا
ورثي وصيعت،
مو ن
کي به مليل آھي
مو ن
کي به مليل آھي.
* * *
* * * *
No comments:
راءِ ڏيندا