; سنڌي شخصيتون: شهباز دراني - حميد ڀٽو

24 October, 2017

شهباز دراني - حميد ڀٽو

شهباز دراني
سنڌ جو ليجنڊ اداڪار ۽ فلم اسٽار
حميد ڀٽو
سنڌ ڌرتي جي سونهن سان سينگاريل سوين خوبصورت ۽ مڻيادار، موتين جهڙا اداڪار، فلمسٽار موجود آهن. اهڙن ئي خوبصورت احساسن جو مالڪ اداڪاري وسيلي سنڌ جي لکين ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندڙ شهبازخان دراني به هڪ آهي. شهبازخان دراني هڪ اداڪار هجڻ سان گڏو گڏ سنڌ جي لاءِ وسيع ۾ بهترين سوچون رکندڙ ماڻهن ۾ هڪڙو موتيءَ داڻو هو. ٽيليويزن جي متعارف ٿيڻ بعد ناٽڪ جي دنيا تمام گهڻو اوج ماڻيو، جنهن ۾ تمام ٿورڙن اداڪارن پاڻ ملهايو جن جي نرالي اداڪاري اڄ به ڪنهن کان وسري نه ٿي سگهي. اهڙن ئي اداڪارن منجهان ”شهبازخان دراني“ پڻ هڪ آهي شهباز دراني ۳۱ ڊسمبر ۱۹۴۶ع ڌاري حافظ محمد جمن جي گهر پٺاڻ ڳوٺ ويجهو نيو سعيد آباد ۾ جنم ورتو. سندس والد انگريز دور جو دوراڱو ھو. سندس ننڍپڻ ۾ حافظ قرآن جي گهر ۾ جنم وٺڻ سبب کيس مذهبي پاسي ڏانهن لاڙو هو. شهباز دراني کي ننڍي هوندي ئي نيو سعيد آباد جي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن ديني تعليم حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هن کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو ۽ انجنيئرنگ ڪورس ڪري آبپاشي کاتي ۾نوڪري ورتائين. جتان شهبازخان دراني سال ۲۰۰۰ع ڌاري ايگيوڪيٽو انجنيئر جي عهدي تان ريٽائرمينٽ حاصل ڪئي. شهباز دراني کي ۱۹۶۵ع ڌاري فني دنيا ۾ اچڻ جو شوق پيدا ٿيو. کيس ناليواري فلمي ڪهاڻيڪار ۽ هدايتڪار موسيٰ ڪليم ۽ هدايتڪار ايس واءِ احمد جن سنڌي فلم رنگ محل ۾ اداڪار طور هن کي متعارف ڪرايو، جنهن کانپوءِ شهباز دراني ۳۰ کان وڌيڪ فلمن ۾ پنهنجي فني صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، جن فلمن ۾ ڌاڙيل جو دشمن، جانو ڌاڙيل، پرو چانڊيو، غيرت جو سوال، جلال چانڊيو، بي بي سي لاءِ تيار ڪيل عالمي شهرت يافته فلم جناح ۾ خان عبدالغفار خان جو اهم ڪردار پڻ ادا ڪيو. اردو فلم جهان برف گرتي هي، ديواني دو، تلاش، هانگ ڪانگ ڪي شعلي، ٽينا ۽ دنيا جي پهرين پشتو فلم يوسف خان شهربانو سميت انگار، فرار، ڦانسي، ديلار بدر، آخري گولي ۽ ٻين فلمن ۾ هن اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا ۽ بي بي سي لاءِ تيار ڪيل انگريزي ڊرامي ٽريفڪ ۾ ڊرائيور جو مک ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته شهباز دراني کي ٽيليويزن تي عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. جنهن سان شهباز دراني جي تمام پراڻي سنگت رهي. شهباز دراني ٽيليويزن جي سمورن وڏن پروڊيوسرن سان گڏجي ڪم ڪيو آهي، سندس ٽيليويزن تان ديوارين ناٽڪ ۾ ڪيل ڪردار کيس تمام گهڻي شهرت ڏياري. جنهن بعد مقبوليت جي بلندين تي فن جي دنيا اندر وڏي شهرت ماڻي.


شهباز دراني ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي، آواز ٽي وي، ڌرتي ٽي وي ۽ مهراڻ ٽيلويزن لاءِ تيار ڊرامن، سيريل ۾ بهتر ڪردار نگاري جو مظاهرو ڪيو آهي. شهباز دراني جي ۱۶ سالن جي عمر ۾ مائٽن مان شادي ڪرائي وئي، پهرين زال جي ڊليوري دوران وفات کانپوءِ سندس مائٽن ٻي شادي ڪرائي ۽ ٻي گهر واري جي وفات کانپوءِ مائٽن کيس ٽين شادي ڪرائي جنهن مان ۷ پٽ ۽ ۳ نياڻين جو اولاد اٿس. جن ۾ وڏو پٽ ڪريم گل، سي پورٽ تي ليبر آفيسر، رحيم گل هيڊ ماستر، زرين گل ڪمانڊر، شميم گل ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر ورڪس کاتي ۾ ۽ سليم گل چيف انجنيئر، وسيم گل ۽ عظيم گل تعليم حاصل ڪرڻ بعد زمينداري سنڀالين ٿا. جڏهن ته ٽنهي نياڻين جي شادي ڪرائي ڇڏي اٿس. شهباز دراني زندگي جي آخر تاھين خانگي ٽي وي چينلز جي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي علائقي ۾ زمينداري ڪندو رهيو..

شهباز دراني پنهنجي قدآور شخصيت ۽ منفرد انداز جي اداڪاري ڪرڻ سبب فني دنيا ۾ پنهنجي هڪ الڳ حيثيت ٺاهي جنهنجو ٻيو ڪو اداڪار مقابلو ڪري نٿو سگهي. هڪ بهترين انسان دوست انسان هو جنهنجي ۲۱ آڪٽوبر ۲۰۱۷ع  تي رات جو دير سان وڇوڙي تي سنڌ جي سمورن ساڃهه وندن جي دل جهري آهي. شهباز دراني گذريل پنجن سالن کان مسلسل بيمار رهيو سندس علاج ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف اسپتالن اندرٿيندو رهيو پر زندگي وفا نٿي ڪري هر انسان کي مالڪ حقيقي ڏي هلڻو آهي پر ڪجهه اهڙا ماڻهو هوندا آهن جن جي وفات تي وڏو صدمو رسندو آهي. شهباز دراني اهڙن ماڻهن ما هڪ آهي. شهباز دراني کي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ طرفان سنڌ ايڪسلينس ايوارڊ، لائف ٽاِئيم ايوارڊ ملڻ سميت سوين ايوارڊن سان نوازيو ويوھو پشتو فلمن تي کيس حڪومت طرفان تڏھوڪي صدر پاڪستان اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو. شهباز دراني جي تدفين ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷ع تي سندس آباڻي شهر سعيد آباد ڪئي وئي. شهباز دراني سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جو مرڪزي وائيس چيئرمين هو. سنڌ فنڪار ويلفير ٽرسٽ طرفان شهباز دراني جي وفات تي ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. شهباز دراني صدائين مرڪندڙ اعليٰ انسان هو.




شهباز دراني
اڳي پوءِ هلڻ منهنجو هوت ڏي
حيات علي شاهه بخاري
ڇنڇر جي رات جيئن ئي ستس ته صبح ڇهين وڳي ڌاري اک کُلي ۽ کنگهه ٿي، ڪجهه دير کانپوءِ ڪمري جو در کُليو ته ننڍي ڌيءَ عريشه پڇيو ”ابو جاڳو پيا“ مون هاڪار ڪئي، چيائين ته ”نيٽ تي هڪ پوسٽ آئي آهي ته شهباز درانيءَ جي ڊيٿ ٿي وئي، اڄ آچر تي هڪ وڳي منجهند سعيدآباد ۾ سندس جنازي نماز ٿيندي“. اها خبر ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو، پوءِ صبح اُٿڻ تائين مون کي ننڊ ڪا نه آئي، سڄو وقت شهباز درانيءَ جو رعب، دٻدٻي ۽ محبت ڀريو چهريو اکين آڏو ڦرندو رهيو، ساڻس گهاريل گهڙيون ياد اينديون رهيون، سندس ڏنل قرب دل تي تري آيو، ماضيءَ ۾ هليو ويس ته سنڌي فلم ”رنگ محل“ کان وٺي 50 سالن تي محيط هڪ ڊگهي فلم هلڻ لڳي، جڏهن فلم رنگ محل ٺهي رهي هئي ته ڪهاڻيءَ جي مناسبت سان ٻيلو ۽ ڪجهه ٻنين ۾ شوٽنگ ڪرڻي هئي، ڪنهن ڏس ڏنو ته سعيدآباد جي ڀرپاسي اوهان جي ڪهاڻيءَ جي مناسبت سان لوڪيشن آهي، واقفيت ڪڍي وئي، آبپاشي کاتي جي هڪ آفيسر سان يونٽ جي ڪنهن ماڻهوءَ جي ڄاڻ سڃاڻ نڪري پئي، جنهن جو نالو ”شهباز دراني“ هو. شهباز درانيءَ فلم جي يونٽ سان سهڪار ڪيو، کين رهائش، کاڌ خوراڪ ۽ شوٽنگ سميت سموريون سهولتون مهيا ڪري ڏنيون. شهباز درانيءَ جي چواڻي ته فلم جي يونٽ جو تمام سٺو آڌر ڀاءُ ڪيم، ٻيلي جي سنگت (ڌاڙيلن) کي به چئي ڇڏيم ته منهنجا مهمان ڪجهه ڏينهن هتي ڪم ڪندا، ان ڪري پنهنجون سرگرميون محدود ڪري ڇڏين. يونٽ جي ڪم ڪار لاءِ ساڻن ملاقاتون ٿيڻ لڳيون، ان دوران منهنجو قدبت ۽ هلڻ ڦرڻ جو اسٽائل ڏسي فلم جي هدايتڪار ايس وائي احمد ۽ ڪئميرامين نظير حسين سوچيو ته جيڪڏهن شهباز دراني اسان جي فلم ۾ ڌاڙيل جو ڪردار ڪندو ته تمام سٺو لڳندو. نيٺ هنن مون سان ڳالهايو، پهرين ته مون انڪار ڪري ڇڏيو، ڇو جو منهنجو تعلق پٺاڻ قبيلي پڙانگ سان هو ۽ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو تصور نه پئي ڪري سگهيس، هنن منهنجي دوستن يارن کان چورايو ته نيٺ وڃي راضي ٿيس، پر فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ پهرين پنهنجي اداري جي آفيسر کان لکت ۾ اجازت ورتم.
شهباز درانيءَ پنهنجي پهرين فلم ”رنگ محل“ ۾ پنهنجو ڪردار تمام سٺي نموني ادا ڪيو، ان کانپوءِ هن ڪجهه ٻين سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو، پي ٽي وي جي ڪافي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، وري اڳتي هلي رنگ محل فلم جي ڪئميرامين نظير حسين پشتو فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ته ان فلم ”يوسف خان شيربانو“ ۾ شهباز درانيءَ ولين جو ڪردار ادا ڪيو، ان فلم ۾ هيرو جو ڪردار بدر منير ادا ڪيو، جيڪو ڪراچيءَ جي ماڊرن اسٽوڊيو ۾ اردلي/ قلي جي نوڪري ڪندو هو، پهرين پشتو فلم ”يوسف خان شيربانو“ جو هدايتڪار منهنجو دلبر دوست عزيز تبسم هو، ان پشتو فلم ۾ شهباز درانيءَ جي اداڪاري لاجواب هئي، اڳتي هلي نظير حسين هڪ اردو فلم ”جهان برف گرتي هي“ ٺاهڻ جو ارادو ڪيو، جيئن ته نظير حسين جو تعلق سوات جي علائقي سان هو ته ان فلم جي ڪهاڻي به ان علائقي سان تعلق رکندڙ هئي. ان فلم ۾ بدر منير کانسواءِ شهباز درانيءَ اهم ڪردار ادا ڪيو، فلم جي گهڻي ڀاڱي شوٽنگ سوات جي برفاني علائقي ۾ ٿي، نظير حسين پنهنجي فن سان ايترو سچو هوندو هو جو پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندو هو، فلم ”جهان برف گرتي هي“ جي سوات ۾ شوٽنگ دوران شهباز دراني کي بندوق سان ڪنهن ڪردار تي فائر ڪرڻو هو. ٿيندو ائين آهي ته ڪارتوس مان ڇيرا ڪڍي رڳو بارود ڇڏي ڏبو آهي، فائر ڪرڻ سان بندوق جي ناليءَ مان شعلو نڪرندو آهي، جيڪو حقيقي فائر جهڙو هوندو آهي، پر ان وقت تڙ تڪڙ ۾ هڪ ڇيرو ڪارتوس ۾ رهجي ويو، جڏهن شهباز درانيءَ فائر ڪيو ته اهو ڇيرو اسسٽنٽ ڪئميرامين مدن کي لڳو، همراهه ڊهي پيو ۽ رتورت ٿي ويو، وڏو مسئلو ٿي پيو، پوليس اچي نڪتي، شهباز درانيءَ کي گرفتار ڪري وٺي وئي، ٻه ڏينهن بعد شهباز درانيءَ جي ضمانت تي آزادي ٿي. مون کي ياد آهي جڏهن ڪراچيءَ جي ايسٽرن فلم اسٽوڊيو ۾ فلم ”جهان برف گرتي هي“ جي شوٽنگ ٿي ته فلم جي هدايتڪار ۽ ڪئميرامين نظير حسين سوات جي هڪ ڳوٺ جو سيٽ لڳايو. ڪاٺ جا خوبصورت گهر جوڙايائين ۽ ان کي حقيقي رنگ ڏيڻ لاءِ لوڻ جون ٻه ٽي ٽرڪون گهرائي سيٽ تي ۽ گهرن جي ڇت تي پکيڙي ڇڏيائين، نظير احمد گهٽ ڳالهائڻ وارو خاموش طبع هوندو هو، ان ڪري بنا ڪنهن ڪم ڪار جي نڪو ڪير هن سان ڳالهائيندو هو ۽ نه ئي ان جي ڪنهن شوٽنگ دوران ڪو اوپرو ماڻهو سندس سيٽ تي ويندو هو، آئون اسٽوڊيو جي ڪاريڊور ۾ بيٺو هئس ته اسٽوڊيو جو مالڪ سعيد هارون آيو، نظير حسين کيس چيو ته اچو ته اوهان کي پنهنجي فلم جو سيٽ ڏيکاريان، آئون به سعيد هارون سان اسٽوڊيو ۾ هليو ويس، جڏهن ته نظير احمد زور سان ”فل لائٽ“ چيو ته سڀ بتيون ٻري پيون ۽ سيٽ ڏسي سخت حيرت ٿي، ائين لڳو ڄڻ اسان سچ پچ سوات ۾ بيٺا آهيون، سوات جهڙا ڪاٺ جا گهر، مٿن پيل لوڻ ائين پئي لڳو ڄڻ برف هجي. سعيد هارون به تعريف ڪئي، جڏهن سعيد هارون ۽ آئون ٻاهر نڪتاسين ته سعيد هارون مون کي آهستي چوڻ لڳو ”بخاري هِن چرئي (نظير حسين) سيٽ ته لاجواب لڳايو آهي، پر هيتري ساري لوڻ جي ڪري اسٽوڊيو ۾ سڄو لوهه جو سامان ڪٽجي/ زنگجي ويندو.
اِهي سڀ يادگيريون آهن شهباز درانيءَ جي شخصيت جون، جيڪو هڪ رڄ چڱو مڙس به هو، فنڪار به هو، هڏ ڏوکي به هو ته سٺيون صلاحون ڏيندڙ به هو، مون کي جڏهن به فون ڪندو هو، گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ ڪچهري ٿيندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن حسين آباد جي پٺاڻ ڳوٺ ساڻس ملڻ ويندو هئس ته ماني جي وقت ماني نه ته حسين آباد مان پڪوڙا گهرائي کارائيندو هو، پي ٽي وي جي منهنجي لکيل ڪافي ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين، گهڻو اڳ سنڌ ٽي وي جو هڪ ڊرامو تحرير به ڪيم ته ڊائريڪٽ به ڪيم، ان ۾ ڪم ڪيائين، پر پئسا نه ورتائين، چوڻ لڳو ته آئون تو مرشد کان پئسا ڪونه وٺندس، رڳو دعا ڪر“. ٻه سال پهرين مهراڻ ٽي وي جي هڪ ڊرامي ۾ شاهه لطيف جي فقير جو ڪردار شهباز دراني کان ڪرايم، ڀٽ شاهه ۾ ڊرامن جي رڪارڊنگ ٿي، تمام سٺي نموني ڪردار ادا ڪيائين، فارغ ٿيڻ کانپوءِ کيس هٿ کان وٺي ڪار تائين ڇڏڻ آيس، موڪلائڻ وقت چيومانس ته ”جلد اوهان سان ملندس“ اکيون ڦوٽاڙي دڙڪو ڏئي چيائين ”ڇا لاءِ ملڻ ايندين؟“ مون کلي چيومانس ته ”ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ جا پئسا ڏيڻ ڪونه ايندس، پر اوهان کان پئسا وٺڻ ايندس“ وڏو ٽهڪ ڏئي چيائين ته پوءِ ڀلي اچجان.
سعيدآباد ۾ شهباز درانيءَ جي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿي ڪلهي ڪانڌي ٿيس، جنازي نماز کانپوءِ جڏهن سندس مُنهن ڏيکاريو ويو ته سندس مٿي وٽان سندس فرزند زرين گل ڏکارو بيٺل هو، صاف محسوس پئي ٿيو ته لڙڪ روڪيو بيٺو آهي.

شهباز دراني سدائين لاءِ موڪلائي ويو، پر مون پنهنجي موبائل تان سندس نمبر ناهي ڊليٽ ڪيو ۽ ڪندس به ڪونه، الائجي ڪيڏي مهل سندس ڪال اچي ”بابا السلام عليڪم، اوهان جو خادم شهباز دراني پيو ڳالهايان....“

No comments:

راءِ ڏيندا