محمد عظيم رند
ٽھڪ ڪڏھن به ناھن مرندا
ناصر پنھور
ڪالهه
محمد عظيم رند به گذاري ويو. جيتوڻيڪ هو سنڌ يونيورسٽي ۾ مختلف انتظامي عهدن تي
رهيو، ڪجهه عرصو پبلڪ رليشن آفيسر طور ڪم ڪيائين، پر سندس اصل سڃاڻپ هڪ طنز و مزاح
جي ليکڪ هئڻ سان گڏ هڪ سماجي ڪارڪن واري آهي. بدين ضلعي جي ٽنڊي غلام علي جي ڀرسان
ڳوٺ حاجي جاني رند ۾ جنم وٺندڙ عظيم رند هڪ ليکڪ طور ڄڻ ته علي احمد بروهي ۽ حليم
بروهي جو تسلسل هئو. هو سنڌ يونيورسٽي ڪالوني جي سنڌي ادبي سنگت جي بنيادي ڪارڪنن
مان هڪ هو. سندس دوستن ۾ شوڪت شورو، عبدالقادر جوڻيجو، عابد مظهر ۽ بلبل کورواهي
شامل هئا. ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ ماهوار پارس جي اوائلي سٿ
جو حصو رهيو. انهيءَ سٿ ۾ قاسم حيدر، نياز پنهور، ڊاڪٽر بدر سومرو، شفيع چانڊيو ۽
سريش ماکيجاڻي شامل هئا. پارس ۾ ئي هن باقاعده لکڻ شروع ڪيو. جنهن ۾ طنز و مزاح تي
مبني سندس ڪيتريون ئي لکڻيو ڇپيون.
عظيم
رند جون لکڻيون يا ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو انداز، خاص ڪري سندس گفتا اهڙا هوندا هئا،
جو ماڻهو کلڻ تي مجبور ٿي ويندا هئا. مثال طور: هو پنهنجي گهر جي تعليمي شرح کي
سريلنڪا جي تعليم جي شرح سان ڀيٽ ڪندي چوندو هو ته سندس گهر جي تعليم جي شرح سريلنڪا
جي برابر يعني ۹۹ سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. ڇاڪاڻ
ته سندس سڀ ٻار ته لکي پڙهي ويا آهن، پر ڪيڏي مهل ٻارن جي ماءُ به انگريزي ڳالهائي
ٿي!
ڪيڏي
به سنجيده محفل هجي پر عظيم رند جو هڪ ئي گفتو ٽهڪڙا مچائي ڇڏيندو هو. هڪ دفعي ڊپٽي
ڪمشنر بدين ضلعي ۾ تعليم جي بهتري لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌائي رهيو هو ته عظيم رند
کيس چيو ته اهي سڀ قدم چڱا پر جيستائين هڪ اهم قدم نه کڻندو، تيستائين تعليم ۾
بهتري مشڪل آهي. ڊپٽي ڪمشنر کانئس تجويز پڇي ته کيس چيائين ته تعليم جي سڌاري لاءِ
پوليس جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پونديون ۽ ان لاءِ (معذرت سان) يونين ڪائونسل سطح تي
ماسترن کي هڪ ڦوهارو صبح جو ۽ هڪ شام جو ڪرڻو پوندو. ان تي ڊپٽي ڪمشنر به کلي پيو
۽ چيائين ته آخر ۾ اهو به پيو ته ڪنداسين.
عظيم
رند سڄي عمر محنت ۽ جفا ڪشي ڪئي. هن سنڌ يونيورسٽي کان علاوه شام جو مختلف نوڪريون
ڪري پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياري. هو ريڊيو پاڪستان سان به ڪيترو عرصو ٽرانسليٽر
طور وابسته رهيو. هڪ سماجي ورڪر طور پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪيترائي ڳوٺ سڌار سيمينار ڪرايائين،
جنهن ۾ ايم اين اي عبدالله هاليپوٽو، ڊپٽي ڪمشنر عثمان پنهور، عبدالغفار سومري،
سبحان ميمڻ، شمشير الحيدري، ڊاڪٽر خان محمد پنهور، قلندر شاهه ڊاڪٽر مسرت خواجه، ڊاڪٽر
حسين بخش ڪولاچي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. عملي طور تي ڪوششون وٺي ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي
فراهمي، رستا، بجلي جون سهولتون ڏياريائين ۽ اسڪول قائم ڪرايائين.
عظيم
رند کي هميشه بدين جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا کان شڪايت هوندي هئي ته سندس
ڳوٺ بدين ۽ حيدرآباد ضلعن جي سرحد تي هئڻ ڪري هميشه نظرانداز ڪيو ٿو وڃي. مان کيس ڊاڪٽر
خان محمد پنهور پاران قائم ڪيل مختلف ادارن جو وزير خزانه چوندو هئس، ڇاڪاڻ ته سنڌ
ڳوٺ سڌار سنگت هجي يا سنڌ گريجوئيٽس ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي، پارس هجي يا
اينميري شمل انسٽيٽيوٽ، سڀني جو حساب ڪتاب (اڪائونٽنگ) جو ڪم عظيم رند سڀاليندو
هو. مان کيس هميشه لکڻ لاءِ چوندو هئس. خاص ڪري ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل لکڻين کي ڪتابي
صورت ۾ آڻڻ لاءِ زور ڀريندو هئس پر هو چوندو هو ته ليکڪ جي لاءِ ضروري آهي ته هو
معاشي مسئلن کان آجو هجي. انساني روين بابت سندس چوڻ هو ته، جنهن ماڻهوءَ مان شناس نڪري وڃي،
اهو ان بيمار کان به وڌيڪ بيمار آهي، جنهن کي آخري ساهن وقت پنهنجي آيل عزيزن کي سڃاڻپ
ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي!
جيتوڻيڪ
آخري ڏينهن ۾ هن لکڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ بيماري جي ڪري گهر تائين محدود ٿي ويو هو، پر ڪاوش
اخبار باقاعدگي سان پڙهڻ سان گڏ ريڊيو به ٻڌنڌو هو. افسوس ته اسان جي ڪنهن به
اداري عظيم رند جي تخليقي صلاحيتن جو فائدو نه ورتو ۽ هو ڪيتري عرصي کان بيماريءَ
کي منهن ڏيندي، خاموشيءَ سان هي جهان ڇڏي ويو. هو يقينن هڪ زنده دل ۽ سدا بهار شخص
هو.اڄ هو اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي پر اسان جي ذهنن ۾ سندس ٽهڪ گونجن پيا. ٽهڪ
مري ناهن سگهندا. ٽهڪ زنده رهندا آهن. عظيم رند جي لکڻين ۾ جيڪي ٽهڪ آهن، اهي
هميشه پڙهندڙن جي ڇهرن تي مرڪون وکيريندا رهندا. عظيم رند جي وڇوڙي تي اڄ دل ڏکاري
آهي، اکيون آليون آهن.
نه سي
وونڻڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پسيو
بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي. (لطيف)
No comments:
راءِ ڏيندا