; سنڌي شخصيتون: احمر نديم ميمڻ

05 September, 2017

احمر نديم ميمڻ

احمر نديم ميمڻ
ڪئناڊا ۾ سنڌ جو شانائتو خدمتگار
ذوالفقار شيخ (ٽورانٽو، ڪئناڊا)
سڌريل معاشرن ۾ فيس بوڪ ۽ سوشل ميڍيا جا ٻيا پليٽ فارم هڪ ٻئي سان ڄاڻ ونڍڻ لاءِ ڪم آندا پيا وڃن پر ڏٺو اهو ويو آهي ته اسان سنڌين جي گھڻائي فيسبوڪ کي هڪ پئي جا پٽڪا لاهڻ لاءِ ئي استعمال ڪري ٿي ۽ اهي پليٽ فارم ڪجھ دوستن جي هٿ ۾ ائين آهن جيئن ڀولڙي جي هٿ ۾ بندوق. اسان مان گھڻائي انقلاب جا فارمولا هٿ ۾ کنيو پيا هلن، جن تي عمل توهان اسان کان ئي ڪرائڻ چاهيندا ۽ جيڪر اسان مان ڪنهن انهن سان اختلاف ڪرڻ جي جرئت ڪئي يا شين کي انهن انقلابين جي نظرن سان نه ڏٺو ته پوءِ ڪله مري ويا. مون جڏهن سنڌ کان هزارين ڪوھ ڏور پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ماروئڙن جو چنگ چوريندڙ ڪردارن تي لکڻ جو سوچيو هيو ته اها به خبر هيم ته ان جي مخالفت به ٿيندي ۽ اهو ئي ٿيوجو گزريل هفتي منهنجي هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر اعجاز ترڪ تي لکيل ڪالم منهنجي دلبر اسحاق تنيو کي سفا ڪاوڙائي وڌو، هو پراڻو دوست به آهي ته اڪابر ۽ سنڌ پرست شاعر طور به سڃاتو ويندو آهي، مون سندس تنقيد کي اکين تي رکندي پنهنجي هن سلسلي کي ان ڪري جاري رکڻ جو سوچيو آهي ته شايد ان سان اسان جي نئين نسل کي سنڌ سان بي انتها پيار ڪندڙ اهڙن ڪردارن مان اتساھ ملي.


مان اڄ توهان آڏو هڪ اهڙي ڪردار جو ذڪر ڪندس جنهن کي ڏسي توهان به ان تي فخر ڪرڻ کان رهي نه سگھندا، اهو دوست ڪئناڊا جي ڪئلگري شهر ۾ رهندڙ احمر نديم ميمڻ آهي جيڪو هن خطي ۾ سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپيءُ جو غير سرڪاري سفير آهي. مون جڏهن هن دوست جي ڪردار ۽ جهد بابت ٻڌو ته يڪدم دل مان اها دعا نڪتي ته شال سنڌ جون مائرون اهڙا ئي ڪجھ سئو ٻيا پٽ ڄڻي وجھن ته هوند سنڌ تي ڏکن ۽ ڏولاون، بک ۽ بدحاليءُ جا جيڪي ڪڪر ڇانيل رهن ٿا، سي ڪڏهو ڪو ٽري چڪا هجن هان ۽ سنڌ تي خوشحاليءُ جو هوائون گھلڻ لڳن هان. اهو هيءُ دوست ئي آهي جيڪو اجرڪ جي ٽاءِ جو موجد پڻ آهي. ٻڌايائون ته هيءُ دوست ۱۹۹۰ واري ڏهاڪي ۾ ڪئلگري شفٽ ٿيڻ بعد اتان جي بسن ۽ پارڪن ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي هلندو هيو ته جيئن سنڌي ماڻهون کيس سنڌي سمجھي ساڻس ملن ۽ پوءِ هن سنڌين لاءِ ننڍا ننڍا سيمينار ڪرائڻ شروع ڪيا جن ۾ هو نون آيلن کي روزگار، ڊرائيونگ ۽ ٻين قانون بابت آگاهي ڏيندو هيو. جيئن اڳ ۾ ذڪر ڪيو هيم ته ڪئناڊا جو اميگريشن جو پروگرام تام دل لڀائيندڙ آهي جيڪو اعلي تعليم يافته ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي ۽ ماڻهون جڏهن هت پهچندا آهن ته کين قدم قدم تي ڏکيائيون پيش اينديون آهن ۽ پوءِ هو مدد لاءِ هيڏانهن هوڏانهن واجھائيندا آهن ۽ ان وقت جڏهن اهڙن ماڻهن کي جڏهن پنهنجي ديس جو ۽ پنهنجي ويس وارو ماڻهون ملي پوي ته هيانو ٻيڻو ٿي پوندو آهي. مون کي ياد آيو ته اسان يونيورسٽي جي طرفان پاڪستان ٽرپ تي وياسين ۽ لاهور، اسلام آباد، ڪوھ مري ايبٽ آباد وغيره کان ٿيندا وڃي گلگت ۽ هنزه وادي پهتاسين جتي واجھائيندا هياسين ته پاڻ ۾ ته سنڌي ڳالهايون ٿا پر ٻيو ڪو سنڌي ڳالهائيندڙ ڇو ڪون ٿو ملي ۽ اهڙي پچار ڪندي اسان جڏهن هڪ اجرڪ اوڍيل سنڌي همراه پنهنجي گھر واري ۽ ٻارن سان گڏ گلگت ۾ گھمندي ڏٺو ته دل ٺري پئي هئي، سو اهو ئي تصور ڪيم ته جڏهن ديس جي ٻاڙيل پرديسين کي احمر ميمڻ ديس کان هزارين ميل ڏور اجرڪ ۽ ٽوپيءُ سان نظر آيو هوندو ته انهن ڇا محسوس ڪيو هوندو.
هن وقت ڪئناڊا جي حڪومت اميگريشن سان گڏ ٻاهرين ملڪن جي ذهين ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ خاطر اعلي تعليم جو هٿيار استعمال ڪري رهي آهي ۽ ان لاءَ اعلي تعليم کي صنعت جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ حڪومت جي سپورٽ سان ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ٿي رهيون آهن ۽ چين ۽ انڊيا جا ماڻهون ان پروگرام جو تمام گھڻو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، ۽ ان حوالي سان جڏهن اسان سنڌي پاڻ ڏانهن ڏسون ٿا ته عقل کان وانجھيل نظر اچون ٿا. اسان جا والدين پنهنجن ٻارن کي يونيورسٽي جي ڊگري ڏيارڻ بعد ٻني ٻارا کپائي به انهن کي ماستر، پوليس وارو يا ڊي سي آفيس ۾ ڪلارڪ بنرائڻ لاءِ ڏھ ڏھ ۽ ويھ ويھ لک ڏيڻ لاءِ تيار نظر ايندا آهن. هلڪين ڦلڪين نوڪرين وارا والدين وري اولاد کي ۱۷ گريڊ جي ڪا نوڪري ڏيارڻ لاءِ اڃان وڌيڪ رشوت ڏيڻ لاءِ تيار هوندا آهن. ٻئي طرف ڏسنداسين ته اسان جي ڀر واري صوبي پنجاب جا والدين، انڊيا ۽ چين جا ماڻهون پنهنجي اولاد کي اتي نوڪريون ڏيارڻ بجاءِ ننڍپڻ کان ئي آمريڪا، ڪئناڊا ۽ يورپ جا خواب ڏيکاريندا آهن تنهنڪري ئي هتي انهن قومن جي ماڻهن جي مقابلي ۾ سنڌين جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر هوندو آهي.
مان سنڌ واسين کي اپيل ڪندس ته اهي پنهنجي نوجوانن کي رشوت عيوض نوڪريون ڏيارڻ بجاءِ ان ئي پئسي ذريعي آمريڪا ۽ ڪئناڊا موڪلين ۽ اڄ ڪله اهو ڪو گھڻو مشڪل به ڪونهي ۽ ان لاءِ صرف انگريزي زبان تي ٿورو گھڻو عبور گھرجي ٿو. جيئن ذڪر ڪيم ته ڪئناڊا ۾ تعليم کي صنعت جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ هتي جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ تمام آسان ٿي پئي آهي، صرف انگريزي زبان جي امتحان (آءِ اي ايل ٽي ايس) پاس ڪرڻو پوي ٿو. هتي جي ڪاليجن جي سرٽيفڪيشن ڪورسز ۽ بيچلرس پروگرامن لاءِ آءِ اي ايل ٽي ايس جا ۶ بينڊ گھربا آهن جڏهن ته يونيورسٽي پروگرامن لاءِ وري ۷ بينڊ جو اسڪور گھربو آهي. انگريزي سکڻ ڪو وڏو مسئلو به ڪونهي، پر ڇاڪاڻ ته اسان جي صوبي جي تعليم جو اهڙو معيار ڪونهي تنهنڪري اهو اڄ ڪله جي نوجوانن لاءِ وڏو مسئلو بڻيل آهي ۽ هونئن به اسان جا نوجوان شارٽ ڪٽ چاهيندا آهن تنهنڪري سڀڪو چوندو آهي ته اهڙو ڪو رستو ٻڌايو جنهن ۾ انگريزي جو امتحان نه ڏيڻو پوي ۽ مون کي افسوس ٿيندو آهي ته ان جو ڪو شارٽ ڪٽ نظر ڪون ايندو اٿم. ان مسئلي جو هڪ ئي حل هوندو آهي ته نوجوان انگريزي سکڻ لاءِ ۶ مهينا يڪسوئيءَ سان محنت ڪن ته اهو آساني سان حاصل ڪري سگھجي ٿو. مان سنڌ جي والدين ۽ نوجوانن کي اها صلاح ڏيندس ته اهي انگريزي سکن ۽ ڪئناڊا جي اسڪولن ۾ داخلا وٺن ۽ ان ذريعي آساني سان پرمننٽ ريزيڊنٽ بنجي سگھندا ڇو ته ڪئناڊا ۾ جيڪي نوجوان ماسٽرس ڪن ٿا تن کي ورڪ پرمٽ جي بنياد تي ڇهن مهينن اندر ئي آساني سان پرمننٽ ريزيڊنسي ڏني وڃي ٿي. هتي ڪنهن ڪاليج ۾ داخلا لاءِ نوجوانن کي صرف شروعات ۾ هڪ سال جي ٽيوشن في ۽ هاسٽل جو خرچ ايڊوانس ۾ ڏيڻو هوندو آهي، ان بعد ويزا آساني سان ملي وڃي ٿي، هاڻي ته داخلا وٺندڙ اميدوار جي پارٽنر (مڙس کي زال لاءِ ۽ تعليم پرائڻ لاءِ داخلا وٺندڙ زال جي مڙس کي) به ويزا سان گڏ ورڪ پرمٽ ڏني وڃي ٿي. هڪ سال جو اهو خرچ ڏھ کان ويه هزار ڊالر هجي ٿو ۽ نوجوان اچڻ سان ئي پڙهائي سان گڏ ڪا هلڪي ڦلڪي نوڪري ڪري پنهنجو خرچ ڪڍيو ويٺا هوندا آهن ۽ گھڻائي پنهنجي والدين تي وڌيڪ وزن ڪون وجھندي آهي، صرف ٽوٽي نوجوان ئي هر وقت والدين کي پئسن موڪلڻ لاءِ تنگ ڪندا آهن، اهڙا نوجوان هر هنڌ اٽي تي چٽي هوندا آهن. ڪاش اسان جا نوجوان اهڙين سهوليتن مان فائدو حاصل ڪن جنهن سان سنڌ ڏانهن به ٻاهريون ناڻو وڃي ۽ خوشحالي اچي.
سو ڳالھ پئي ڪئيسين سائين احمر نديم ميمڻ جي جنهن ڪجھ سال اڳ جڏهن کيس ڏکئي ڏيھ جي ڏڪاريل ٿر ۾ ٻارڙن جي خوراڪ جي کوٽ ۽ پيئڻ جي پاڻيءٌ جي اڻهوند سبب ٿيندڙ موتن جون خبرون مليون ته هيءَ به انهن هزارن لکن سنڌين ۾ شامل هيو جن جا جيءَ جھريا، پر انهن هزارن مان هيءُ انهن چند ماڻهن مان هڪ بنيو جنهن ڏکيءَ جي ڏيھ لاءَ ڪجھ ڪرڻ جو پاڻ سان عهد ڪيو. ان بعد هو پنهنجي زال سان گڏجي جمعي ڏهاڙي تي مسجدن ٻاهران ۽ آچر تي ڪليسائن ٻاهران اجرڪ جون ٽايون، واسڪوٽيون، ٻيون گھر ۾ سجاوٽ واريون شيون يا ڊيڪوريشن پيسز وڪڻي پئسا گڏ ڪندو آهي. هو ڪئناڊا جي قومي ڏهاڙن تي به شهر جي مرڪز ۾ ٿيندڙ ميڙاڪن ۽ مختلف هنڌن ٿي ٿيندڙ سرڪاري ۽ غير سرڪاري نمائشن ۾ سنڌ مان گھرايل سوکڙين ۽ ٻين مختلف شين جا اسٽال پڻ لڳائيندو آهي ۽ ان مان ٿيندڙ سموري آمدني سنڌ جي ڏکايل ڏيھ ٿر ۾ نلڪا هڻائڻ ۽ کوھ کوٽائڻ لاءَ اماڻيندو آهي. هاڻي ته سندس شهر جا ماڻهون کيس ان ڪم جي حوالي سان سڃاڻڻ لڳا آهن تنهنڪري انهن مان ڪي انسان دوست ته کائنس ۵ دالر واري شي ۲۵ يا ۵۰ ڊالرن ۾ به وٺندا آهن. مون سان پهريون دفعو هن دوست جو ذڪر اسان جي دلبر ليکڪ ۽ اڳوڻي سيڪريٽري سائين آفتاب ميمڻ ڪيو هيو جنهن جو آءٌ تڏهن پي آر او رهيو هيس جڏهن هو سيڪريٽري ايڪسائيز ۽ ٽئڪسيشن هيو، ان بعد مون کي کي جڏهن سائين احمر ميمڻ جي  سماجي خدمتن جي سڌ ملي ته دل ۾ ان مٿير مڙس سان ملڻ جو شوق جاڳيو ۽ نيٺ گزريل سال جي سيپٽمبر مهيني ۾ آمريڪا جي ڊيٽرائيٽ شهر ۾ سانا جي ٿيل سالياني ميڙاڪي ۾ ساڻس ملڻ جي خواهش پوري ٿي. ان بعد ساڻس ڪڏهن ڪڏهن رابطو ڪري کانئس حال احوال وٺندو رهندو آهيان ۽ غير محسوس طريقي سان کانئس سندس سنڌ سان عشق واري هن جدوجهد بابت پڻ پڇندو رهندو آهيان.
احمر ميمڻ ٻڌايو پئي ته هن شيل ڪمپنيءَ ۾ سندس نوڪريءَ دوران پنهنجي چئريٽي لاءَ اسٽال هڻڻ شروع ڪيا جتان کيس تمام گھڻي سٺي موٽ ملي جنهن بعد هن ڊاڪٽر منير ڀرڳڙيءُ سان رابطو ڪري ڪم ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري ۽ هن وقت تائين هو ڊاڪٽر منير ڀرڳڙي ۽ ٻين دوستن جي سهڪار سان ڏيپلو ۽ ٻين هنڌن تي ۳۰۰ نلڪا هڻائي چڪو آهي ۽ ان سان گڏ هن مختلف ڳوٺن ۾ ۵۲ کوھ پڻ جوڙايا آهن ۽ سندن ڪم کي ڏسندي آمريڪا ۾ ڊاڪٽرن جي تنظيم “اپنا” پڻ کين ۸۰ نلڪا هڻائڻ لاءِ فنڊس ڏنا.
سنڌ ۽ سنڌي تهذيب ۽ تمدن سان چاھ رکندڙن لاءِ اهو تصور ڪرڻ ئي روح ريجھائيندڙ هوندو ته سنڌ کان ايترو ڏور رهندڙ سنڌي ڪئناڊا جي قومي ڏهاڙن جي پريڊن ۾ سنڌي ٽوپيون پائي، اجرڪ ڪلهن تي اوڍي، اجرڪ جون ٽايون پائي سنڌي گيتن تي نچندا ڪڏندا هلن. اهڙين تقريبن ۾ سنڌين جي جوش واري شرڪت ڏسڻ وٽان هوندي آهي، ڪئلگريءَ ۽ البرٽا صوبي جي ٻين شهرن جي اهڙين سرگرمين ۾ سانا جو سابق عهديدار اويس لغاري، مئڪس ميمڻ، نواز پنهور، ڊاڪٽر امان الله پنهور، ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو آصف پنهور، مشهود قاضي، سانا جو تازو جوائنٽ سيڪريٽري بڻيل ممتاز لانگاھ، منهنجو پيارو عمران شيخ، سرگرمي سان حصو وٺندا آهن پر ڪئلگري شهر جي اهڙين تقريبن جو روح روان احمر ميمڻ ئي هوندو آهي.

احمر ميمڻ چيو پئي ته هن ڀريا سٽي جي هڪ ڳوٺ کاهي قاسم کان پنهنجو سفر شروع ڪيو، مهراڻ ڪاليج آف انجنيئرنگ ۽ ٽئڪنالاجي (هاڻوڪي مهراڻ يونيورسٽي) مان انجنيئرنگ ڪرڻ بعد ڪجھ وقت سنڌي جي ورڪس ۽ سروسز کاتي ۾ نوڪري ڪئي ۽ اتان انگلينڊ وڃي ايم فل ڪئي جتان هو ۱۹۹۵ ۾ ڪئناڊا جي شهر وينڪوور پهتو ۽ اتي ٽي سال رهڻ بعد، هو ۱۹۹۸ کان ڪئلگري شهر ۾ رهي پيو. ڪئناڊا جو البرٽا صوبو جنهنجو ڪئلگري وڏي ۾ وڏو شهر آهي، سو تيل جي پئداوار سبب تمام شاهوڪار ليکيو ويندو هيو. جنھنڪري اتي نوڪريون جام هيون ۽ نوان ايندڙ ماڻهو به ڊگريون وٺي اوڏانهن ڊڪندا هيا. پر گزريل سال، سعودي حڪومت جي تيل واري انڊسٽري تي اجاره داري سبب، تيل جا اگھ ڪيرايا ويا. جنهن سبب البرٽا ۾ تيل جي انڊسٽري کي زوال مليو ۽ ۸۵ هزار کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار بڻيا. جن ۾ احمر ميمڻ پڻ شامل هيو. پر هن دوست همت ناهي هاري ۽ پنهنجي جيئڻ جي جستجو سان گڏوگڏ، ٻين جي جيئڻ جو وسيلو پڻ بڻيل آهي. سماجي طرح هو سانا (سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا)، آءِ ڊي آر ايف (انٽرنيشنل ڊولپمينٽ اينڊ رليف فائونڊيشن) انڊس ائسوسيئيشن آف ڪئناڊا، لاينز ڪلب، سنڌي سرائيڪي ڪميونٽي ائسوسيئيشن ۽ ٻين ڪيترين ئي تنظيمن سان جڙيل آهي جتان هو پنهنجي شهر ڪئلگري ۾ رهندڙن خاص طور سنڌين ۽ ٻين پاڪستاني قومن جي ماڻهن سان گڏو گڏ سنڌ ۾ رهندڙن لاءَ ڪجھ نه ڪجھ ڪندو رهي ٿو. اي ڪاش اسان جا ٻاهر رهندڙ سنڌي احمر نديم ميمڻ جهڙا بڻجڻ جي ڪوشش ڪن ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين لاءِ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪارائتا بڻجن.

No comments:

راءِ ڏيندا