; سنڌي شخصيتون: لياقت علي سومرو- ساجد مسڻ

05 September, 2017

لياقت علي سومرو- ساجد مسڻ

لياقت علي سومرو
سماج سُڌارڪ جون سماجي خدمتون
ساجد مسڻ
اسان کي آڱرن تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ملندا، جيڪي پنهنجي سموري زندگي خلق جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن. انهن ۾ سماج سڌارڪ، روشن خيال، شاگرد دوست، علم و ادب دوست ۽ عوام دوست لياقت علي سومرو به هڪ آهي. هن جو جنم محترم خدا بخش سومرو جي گھر ۰۱-۰۶-۱۹۵۹ع ۾ اباڻي ڳوٺ سيهڙ ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ئي اباڻي ڳوٺ سيهڙ ۾ حاصل ڪئي. هن ميٽرڪ ۱۹۷۷ع ۾ گورنمينٽ حيدربخش جتوئي هاءِ اسڪول ڏوڪري مان ڪئي ۽ انٽر به ۱۹۷۹ع ۾ گورنمينٽ حيدربخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪري مان ڪئي.


لياقت علي سومرو جي زندگي شاگردي واري زماني کان وٺي فلاح و بهبود  جي ڪمن سان سلهاڙيل رهي آهي. هي ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي ڳوٺ جي بي پهچ، لاچار، غريب ۽ مسڪين ماروئڙن جي خدمت بنا ڪنهن متڀيد جي ڪندي گذاري آهي. هي ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي ڳوٺ جي بي سهارا ۽ بي پهچ عوام کي نادرا آفيس ۾ وٺي وڃي شناختي ڪارڊ ٺاهرائي ڏياريندو هيو، شاگرد واري زماني کان وٺي ايترو ئي چُست چالاڪ ۽ ذهين هوندو هيو جو، ان وقت به هن پنهنجي مدد پاڻ تحت  پنهنجي ڳوٺ ۾ ”سوشل ورڪ ڪائونسل“ نالي تنظيم جو بنياد وڌو ۽ ان جي پليٽ فارم تان پنهنجي پسگردائي وارن ڳوٺن جي مدد ڪندو رهندو هيو. زندگي جا ستاويهه سال اسٽيٽ بنئڪ سکر ۾ ڊيوٽي ڪندي گذاريا آهن، کين سماجي ڪمن ڪرڻ جي سُتي تي ننڍي هوندي کان پيل جو هئي،سو اتي به لڳاتار سي-بي-اي ( C.B.A) ڏهه سال جنرل سيڪريٽري رهي چُڪا آهن، جتي هن پنهنجي يونين اندر ڪافي سماجي ڪم سر انجام ڏنا،ان کان علاوه هي ”آل پاڪستان فيڊيرشن  آف اسٽيٽ بئنڪ“ جو سينيئر نائب صدر رهي چڪو آهي، هي واحد سنڌي هيو جيڪو ايترو وقت ان عهدي تي رهيو آهي.
هي قائداڻي صلاحيتن جو مالڪ آهي،اڳواڻي ڪرڻ وارا ڳُر ڪير هن کان سکي، طبيعت مان تمام سادو، ماٺيڻو مزاج رکندڙ، محبتي ماڻهو، خوددار قسم جو اعلى انسان، سچو کرو، شاگردن جي مدد ڪندڙ،نوجوانن کي همٿائيندڙ، انهن جي مالي مدد ڪندڙ، سماجي ڪمن سان بي انتها دلچسپي رکندڙ، غريبن جي مدد ڪندڙ، يتيمن جو سهارو بڻيل جهڙين خوبين سان مالا مال آهي.
ڏوڪري شهر واسين ۽ خصوصي نوجوانن جي اصرار تي هن ۲۰۱۵ع واري مڪاني چونڊن ۾ ڏوڪري ٽائون تي چيئرمين جي حيثيت ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت سان فارم ڀرايو هيو ۽ ڏوڪري واسين هن کي ووٽ ڏئي ڪامياب بڻايو آهي،هي هن وقت ڏوڪري ٽائون تي چيئرمين جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي.
ڏوڪري شهر ۾ جڏهن برسات ٿيندي هئي ته برسات جو پاڻي مهينو مهينو نيڪال ڪو نه ٿيندو هيو، سڄو شهر گپ ۽ سان ڀريل هوندو هيو، ڏوڪري جو شهر ڄڻ ته کنڊر ۽ ڦٽل شهر جو ڏيک ڏيندو هيو، جڏهن ڪو ماڻهو فيملي سان اسپتال ويندو هيو ته ترڪندو، ٿاٻڙجندو ۽ ڪرندو وڃي اسپتال پهچندو هيو، موٽر سائيڪلون سلپ پيون ٿينديون هيون، جيستائين وڃي برسات جو پاڻي، گپ ۽ گارو سڪي، پر جڏهن کان هن سماج سُڌارڪ ڏوڪري ٽائون تي چيئرمين جو حلف کنيو آهي، تڏهن کان ڏوڪري شهر جي صفائي سٿرائي پنهنجي موجودگي ۾ پاڻ بيهي ڪرائي رهيو آهي، هر پاسي صفائي ۽ سٿرائي نظر اچي رهي آهي، شهر مان ناجائز حد دخليون هٽائي رهيو آهي...
ڏوڪري شهر ۾ برسات پوڻ کان پوءِ هي صبح کان ويندي رات جو ۹ بجي تائين پاڻ بيهي شهر جي صفائي ۾ مصروفِ عمل نظر آيو.هن جي موجودگي ۾ شهر جي سڀني رستن تان ٽريڪٽر جي ذريعي گپ ۽ گاري کي پاسي تي ڪيو ويو ۽ آخر ۾ ٽرالي ذريعي انهن کي ميڙي کڻي وڃي شهر کان ٻاهر اڇلايو ويو،ائين محسوس ٿي رهيو هيو ڄڻ ته هت برسات پئي ڪا نه آهي، اهي ئي ساڳا روڊ رستا صاف سٿرا ۽ ٽريفڪ روڊن رستن تي  معمول مطابق بحال نظر اچي رهي هئي، جڏهن ته اڳ ۾ ڏوڪري ۾ برسات پوڻ کان پوءِ اهي ساڳا روڊ رستا مهينن جا مهينا گپ ۽ گاري سان ڀريل نظر ايندا هئا.ڇا ان وقت اهي ٽريڪٽر ۽ صفائي وارو عملو موجود ڪونه هيو؟ يا سڀ موڪل تي ويا هيا؟ يا ڏوڪري شهر کي گندگي کان پاڪ صاف رکڻ ۾ ڪنهن کي دلچسپي ڪانه هئي؟؟؟

لياقت سومرو ٻڌايو ته الله جو شڪر آهي جو هن وقت تائين مون ڪڏهن به شڪست ناهي کاتي، هر وقت هر اليڪشن ۾ سوڀارو ٿيو آهيان، ڇاڪاڻ ته مان عوام جي ئي خدمت ڪئي آهي، عوام جي اميدن تي پورو لٿو آهيان، هن وقت تائين جتي به اليڪشن وڙهي آهي ته ڪاميابي منهنجا قدم چميا آهن، هاڻي به وچن ڪيان ٿو ته ڏوڪري جي عوام جي خدمت ڪندو رهندس. هن وڌيڪ ٻڌايو منهنجي ذاتي خواهش آهي ته ڏوڪري واسين لاءِ علي پارڪ کي مثالي پارڪ بڻائيندس،جنهن ۾ رات جي وقت ڀلي فيمليز اچي پنهنجو وقت وندرائين، ان پارڪ ۾ ٻارڙن لاءِ جهولا به لڳاريا ويندا، جنهن جو ڪم جاري آهي، مان پاڻ ان جي نگراني ڪري رهيو آهيان، جلد ان کي مڪمل ڪيو ويندو، آخر ۾ هن چيو ته مان ڏوڪري واسين جو نهايت ئي شڪر گذار آهيان، جنهن مون تي اعتماد ڪري مون کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آهي، جيستائين زندگي رهي ته ڏوڪري واسين جي هميشهه جيان خدمت ڪندو رهندس...

No comments:

راءِ ڏيندا