; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ غلام حسين لغاري - نثار لغاري

04 September, 2017

ڪامريڊ غلام حسين لغاري - نثار لغاري

ڪامريڊ غلام حسين لغاري
هڪ آدرشي انسان
نثار لغاري
ڪامريڊ غلام حسين لغاري يقينن هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو پر سندس خيال يا آدرش تمام گهڻا عظيم هئا. هو هڪ مسڪين پورهيت طور پنهنجي زندگي شروع ڪري ٿو. ماءُ ۽ پيءَ جي مسڪين هجڻ سبب، ھن پگهار تي ٻالڪ-جتيءَ ۾ ئي، ٻڪريون چارڻ سان پنهنجي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. هي ڏک اهو ئي ڄاڻي سگهي ٿو، جيڪو ننڍپڻ ۾ پورهيو ڪندڙ رهيو هجي يا مسڪينيءَ حال ۾ رهيو هجي يا وري هڪ ڪامريڊ جي بقول ميڪسم گورڪيءَ جي زندگي جهڙا شاهڪار ڪتاب پڙهيا هجنس جن ۾ هو روس توڙي دنيا جي هر غريب جي زندگي کي ناول ۽ ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ عڪس ڪري ٿو. بهرحال اسين وري ڪامريڊ غلام حسين طرف واپس اچون ٿا.


ڪامريڊ غلام حسين سموري زندگي هڪ پورهيت رهيو ۽ هو ڪامريڊن سان جڏهن روشناس ٿيو هو. تڏهن هو پنهنجي عمر ۾ هٽيل هو يعني هو چاليهن سالن کان به وڏي عمر جو هو. هڪ اڻ پڙهيل پر روحاني طرح پڙهيل جو فرق ئي اهو هوندو آهي ته جڏهن جنهن به عمر ۾ توهان کي سچائي ملي قبول ڪري وٺو.
سن ۱۹۹۱ع ۾ سوويت يونين ۽ سوشلسٽ بلاڪ ختم ٿي ويو. آدرشي سياست ۽ انقلابن جي تذڪرن جو دور پورو ٿيو پر ڪي اهڙا انسان هئا جن شڪست جا به دليل گهريا ۽ کين وري نوان سبق مليا. اهڙن ڪامريڊن ۾ هڪ عظيم انسان ڪامريڊ عاصم آخوند هو، جيڪو اسان کي مليو، ڄڻ اسان جي اڳيان آدرش کي هڪ نئين صورت ۾ ڇڏي ويو. ڪامريڊ غلام حسين، عاصم آخوند جي هڪ اهم دريافت هو. سن ۲۰۰۵ع جي اليڪشن ۾ ڪامريڊ عاصم ڪامريڊ غلام حسين، محب لغاري ۽ ڪامريڊ غلام حسين لغاري جي گهر واري کي اليڪشن ۾ بيهارڻ جو فيصلو ڪيو. هُن اسان کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ليڪچر ڏنا ته توهان ڇو اليڪشن ۾ وڃو ۽ هن وقت اهو ضروري آهي. هن بظاهر ننڍڙي اليڪشن ۾ ڪامريڊ عاصم آخوند، حاڪم مڱرئي سان گڏ تمام اهم دليل کڻي ايندو هو. بهرحال اسان ڪامريڊ غلام حسين کي اليڪشن ۾ بيهاريو ته کيس ڪامياب ڪري ڏيکاريو.
اهو ڪامريڊ غلام حسين جو حوصلو هو جو هو نون دوستن تي يقين ڪري اليڪشن ۾ بيهي رهيو. اهو اعتماد تمام وڏي ڳالهه آهي جيڪو ھُن ننڍن ۽ نون دوستن تي ڪيو. اسان وٽ اڪثر ماڻهو پراڻين روايتن ۽ تصورن تحت جيئندا آهن. اڪثر ماڻهو پنهنجي خانداني پُراڻ پسندي کي ناهن ڇڏيندا، پر ڪامريڊ غلام حسين هر چڱي خيال کي نه فقط پسند ڪيو پر اُن کي اختيار پڻ ڪيو. هن مثال طور واڻڪي وسيءَ جي لغارين جي تاريخ کي ٽوڙيندي پنهنجي گهر واري ڪامريڊ سونيءَ کي اليڪشن ۾ بطور ڪائونسلر بيهاريو ۽ هٿين خالي وڏي همت سان مقابلو ڪري ڏيکاريو. اها نظريي جي طاقت هئي، اتي ئي ڪي ماڻهو اِهو سمجهندا هئا ته ڪامريڊ خالي ۽ بي مقصد خواب ڏسندو آهي پر هو بيٺو ۽ هُن ڪاميابي حاصل ڪري ڏيکاري. هو ڪامياب ويو.
خود اهو خيال پڻ هتي هڪ خواب نظر آيو جڏهن ڪامريڊن بلدياتي اليڪشن کٽي ڏيکاري. اها ڳالهه ختم ٿي وئي ته ڪامريڊ سدائين هارائيندا رهندا. غلام حسين جو کٽي اچڻ، ڄڻ راويتن جي شڪست هئي. ڇو ته اسان اليڪشن ۾ فقط پنهنجو وجود ثابت ڪرڻ ۽ پاڻ کي عوام آڏو پيش ڪرڻ لاءِ بيٺا هئاسين. اسان جي دوستن جو ڪو به اهو خيال نه هو ته اسين اليڪشن کٽي وڃي يونين ڪائونسل ۾ ويهنداسين. بظاهر اهو هڪ معجزو هو پر هڪ مارڪسي سائنسي معجزو!! ڪامريڊ جي اليڪشن کٽڻ کانپوءِ ئي صورتحال تبديل ٿي ۽ يونين ڪائونسل مسوڀرڳڙي ۾ ۷۷ لک روپين جي ڪرپشن خلاف جيڪا جدوجهد هلي اُن سموري ماحول کي تبديل ڪري ڇڏيو. هڪ ٻن ڳوٺن کانپوءِ سموري يونين ڪائونسل جي لڳ ڀڳ ۷۰ ڳوٺن ۽ آسپاس جي يونين ڪائونسلن ۾ پڻ ڪامريڊ غلام حسين ۽ ڪامريڊ لڏي جو چرچو ٿي ويو.
نئين انسان تخليق ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ نظريي مارڪسزم، لينزم ننڍي پئماني تي ئي صحيح اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هڪ مسڪين ماڻهو هاري ۽ هاري جو پٽ به پنهنجي حقن بابت آگاهي حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪري اليڪشن تائين وڃي سگهن ٿا. جيڪو يقينن هن سسٽم ۾ هڪ نهايت پيچيده عمل آهي. ڪامريڊ لينن چوندو هو ته؛ هر ڏکئي عمل ۾ به وڃڻ ۽ ان مان گذرڻ، هڪ لازمي عمل آهي. خود موجود نام نهاد وڏيرن جي، پئسي وارن جي جمهوريت ۾ توهان پنهنجو آواز اُٿاريو، ماڻهن کي سجاڳ ڪريو. اهو هڪ وڏو اهم عمل آهي، جيستائين عام غريب ماڻهن جو هڪ وسيع حلقو اوهان تي اعتبار نٿو ڪري. اُن وقت تائين توهان پنهنجي نظريي کي عملي وجود نٿا ڏئي سگهو.
نظريو جڏهن ڪنهن فرنٽ تان هارين جي تنظيم وسيلي يا ڪنهن به ٻئي طريقي ماڻهن جي ذهنن ۾ ضم ٿي جسماني وجود وٺي ٿو، تڏهن اُهو هڪ طاقت بڻجي ٿو. اهي سبق ياد ڪندي ڪامريڊ غلام حسين هر وقت هارين سان مزدورن سان، مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن سان نه فقط گڏ رهيو پر اُنهن جي هر ڏک ۾، توڙي سک ۾ سندن ساٿ ڏيندو رهيو. انهيءَ دوران مظلوم ماڻهن تي جيڪي ڏکيون گهڙيون آيون، امتحان جو وقت آيو ته ان وقت به هو ثابت قدم رهيو. هڪ بااثر وڏيري جڏهن مزدورن جي هڪ ليبر جا ۷۲ هزار مزدوري ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته ان جدوجهد ۾ پڻ ڪامريڊ غلام حسين اڳڀرو رهيو. مزدورن کي پوري معاشري ۾ اهو يقين ڏياريو ويو ته هاڻ توهان کي پئسا نه ملندا، خاموش ٿي گهرن ۾ ويهي رهو ۽ قيامت جي ڏينهن تائين وڃي ٻيو ڪو ڪم ڪريو. ان ڏينهن پاڻهي وڏيري سان حساب ڪتاب ٿيندو. نهايت مايوسي واري صورتحال ۾ به ڪامريڊ تمام گهڻن دانائن ۽ پڙهيل لکيل اڪابرن کان ويندي پارٽي ۾ روايتي سوچون رکندڙن کان اڳتي وڌي هن جدوجهد کي هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ انصاف حاصل ڪري اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته انسان جيڪڏهن مضبوط ٿي بيهي ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو.
موجوده دور ۾ توڙي هر دور ۾ اُهو انسان تمام گهڻو باشعور ۽ سمجهدار ڄاتو وڃي ٿو، جيڪو انسان پنهنجي دور جي سياسي، سماجي، تاريخي حالتن کان نه فقط واقف هجي پر اُنهن کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو هجي. ڏکي گهڙيءَ ۾ سقراط جيان علم ۽ دليل لاءِ قرباني پڻ ڏيندو هجي. ٻي صورت ۾ ڪئين انسان آيا ۽ هليا ويا انهن جو نالو ۽ نشان محدود خاندان جي اندر رهيو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ کين ڪو ياد ڪرڻ وارو به نه رهيو. ڪامريڊ غلام حسين هڪ سياسي ڪارڪن رهيو ۽ آخري وقت تائين پنهنجي اصولن ۽ آدرشن تي قائم رهيو. جيتوڻيڪ هن مالي طور تي پنهنجي پويان غربت ڇڏي پر سندس وڏائي انهيءَ ڳالهه ۾ لڪل آهي ته هُن پنهنجا آدرش ۽ اصول ڇڏيا آهن. ڪامريڊ عوامي ورڪرس پارٽي سان وابسته رهيو ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نظرياتي طور مايوس نه ٿيو، سندس اهي اصول هميشه مظلوم ۽ پيڙهيل طبقن جي جدوجهد ۾ ياد رکيا ويندا.
جوڳيئڙا جهان ۾؛ نوري ۽ ناري،

ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندي اُن ري. (شاهه)

No comments:

راءِ ڏيندا