; سنڌي شخصيتون: حاجي مولا بخش بوزدار - احسان علي لغاري

05 September, 2017

حاجي مولا بخش بوزدار - احسان علي لغاري

حاجي مولا بخش بوزدار
ناليوارو سگهڙ ۽ شاعر - ستاويھين ورسيءَ جي مناسبت سان
احسان علي لغاري
منهنجو بزرگ دوست فقير ولي محمد هنڱورو، پنهنجي ڪچهريءَ ۾ جڏهن به سگهڙن ۽ شاعرن بابت ڳالهائيندو هو ته پنهنجي مُربي استاد صادق فقير ڀنڀري ۽ ڪجهه ٻين سٺن شاعرن، جن سان هن گهڻو وقت گذاريو ۽ گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو، يا جن سٺن ماڻهن جي صحبت کيس نصيب ٿي، انهن جو  ذڪر ڪندو هو، ته حاجي مولابخش بوزدار جو ذڪر ضرور ڪندو هو. استاد ولي، معاشي طور غريب هوندي به علم ۽ ڄاڻ جي معاملي ۾ سندس دل اڇڙي ٿر جي واريءَ جي ڀٽن وانگر آهي، جيڪا سدائين پئي موجون هڻندي آهي، ڪنهن به موضوع تي ڳالهائبو ته ٻئي جي ڳالهه روڪي به پنهنجي ڳالهه ٻڌائيندو ۽ اهڙي ته معلومات ڏيندو جو وڃي ٿئي خير، ۽ وري جي خبر نه هوندس ته صفا هٿ مٿي کڻي سڌو ڪندو ۽ چوندو بابا ان بابت خبر ناهي. مون سميت ادبي دنيا جو وڏو حلقو کيس چاهي ٿو، ۽ سڀني کي خبر آهي ته استاد ولي پنهنجي ڳالهين ۽ ڄاڻ ۾ صفا کرو ماڻهو آهي. مون کي به سندس انهيءَ ادا متوجه رکيو آهي، ۽ خوش نصيبي آهي جو سندس صحبتين ۾ شامل آهيان.


حاجي مولا بخش بوزدار جو ايترو تعارف ٿيندو رهيو ته هو سٺو سگهڙ، شاعر ۽ نيڪ انسان هو، ۽ سندس ڪلام ڏسڻ جي دل ۾ تاس سدائين رهندي پئي آئي، پر ڪو اتفاق ٿيو ئي ڪونه جو سندس ڪلام ڏسڻ جو موقعو ملي ها.
تازو، منٺار فقير راڄڙ جي ميلي جي موقعي تي اچڻ ٿيو، فقير دين محمد ڪنڀار، استاد امام بخش منڱريو ۽ استاد ولي محمد سان گهڻي رهاڻ ٿي. سخت سيءُ ۾ اسان جا ٽهڪ ٻڌڻ وٽان هئا. بهرحال استاد ولي ياد ڏياريو ته حاجي مولابخش بوزدار جي ورسي جمعي ڏينهن تي ٿيڻي آهي، مون کي ان جو انتظام ڪرڻو آهي، سڀاڻي آچر تي آءٌ سندس ڳوٺ ويندس. موقعي جي غنيمت ڏسندي مون به کيس پڪ ڏني ته گڏجي هلبو. ٻئي ڏينهن آءٌ ۽ استاد ولي، پياري عطا محمد هنڱوري جي چانهه پي نڪتاسين ۽ کپري جي ڀر ۾ ڳوٺ حاجي مولابخش بوزدار پهتاسين، جتي استاد ولي منجهند جي مانيءَ جو به انتظام رکرايو هو. رستي ۾ ڳوٺ پهچڻ کان اڳ استاد ولي هڪ مڪان ڏانهن هٿ کڻي هڪ مزار ڏانهن اشارو ڪيو ته اها حاجي مولا بخش بوزدار جي مزار آهي ۽ سامهون سندس ڳوٺ آهي.
ڳوٺ پهچي اوطاق تي ويٺاسين ته حاجي مولابخش بوزدار جو وڏو فرزند حاجي محمد ايوب بوزدار ۽ سندس ڀاءُ محمد رئوف بوزدار به پهتا. گهڻي ڪچهري ٿي. مون حاجي مولا بخش بوزدار جي ڪلام ۽ تصوير لاءِ اسرار ڪيو. محمد ادريس همٿ ڪندي منهنجي خواهش پوري ڪئي ۽ مواد جي زبون ٿيل ڪاپي کڻي آيو ۽ مون جائزو ورتو.
حاجي مولابخش بوزدار جي شاعريءَ جو مطالعو ڪرڻ بعد مون کي اندازو ٿيو ته هو واقعي سٺو شاعر هو، ۽ ڪافيءَ جي سٺن شاعرن ۾ سندس شمار ڪري سگهجي ٿو. گڏوگڏ هو پنهنجي همعصر دور جي شاعرن، جن ۾ خود استاد ولي محمد اچي وڃي ٿو، ۾ سٺي حيثيت رکي ٿو. ٻڌايو ويو ته سندس ڪلام جو گهڻو حصو ضايع ٿي چڪو آهي، دستياب ٿيل نوٽ بُڪ جا به ڪي ٿورا صفحا صحيح سلامت هئا.
نوٽ بُڪ جو جائزو وٺندي، حمل فقير لغاريءَ جا گهڻا بيت ۽ ڪافيون لکيل نظر آيون، ۽ فقير مولابخش جي شاعريءَ ۾ به حمل فقير وارو انداز بخوبي نظر اچي ٿو، سندس هڪ ڪافي ڏاڍي پسند آيم، ۽ نوٽ بڪ جي مطالعي دوران ڄڻ ته منهنجي دل ئي دل ۾ تنوار جيان پئي هلي، ڪافي جو بند آهي ته:
تنهنجو پيار دل تان وسارڻ ڏکيو آ،
جدائيءَ ۾ جانب گذارڻ ڏکيو آ.
حاجي مولابخش بوزدار، پهرين ڊسمبر ۱۹۲۴ع تي حاجي خان محمد بوزدار جي گهر ۾ جنم ورتو. ست درجا فائينل پاس ڪري، هو پنهنجي اباڻي ڪِرت زمينداري ڪرڻ لڳو، پر کيس ننڍي هوندي کان ئي شعر و شاعريءَ سان شغف هو، جنهن ڪري جوانيءَ ۾ هو، ان ڏانهن وڌڻ لڳو. صوفين جي ڏهاڙن تي وڃڻ ۽ صوفي صفت انسانن سان رهاڻين، کيس ان خيال ۾ پختو ڪيو. سندس صحبتين ۾ حاجي يعقوب بوزدار ڍليار وارو، حاجي صديق بوزدار، حاجي حيات بوزدار فقير، عبدالواحد لاشاري، استاد ولي محمد هنڱورو کپري جا، غلام الله بوزدار ڍڍرو جو، شفيع محمد هنڱورو نانگنا، فقير دائم هنڱورو ۽ فقير خانو خارٿ هٿونگي وارا شامل هئا. کيس سگهڙپائيءَ ۾ وڏي مهارت هئي، ڏور، ڳجهارت جو ڄاڻو هو، البته سندس هٿ آيل ڪلام ۾ سگهڙائپ جو ڪلام نظر نه آيو، جيڪو شايد ضايع ٿي ويو.
حاجي مولابخش بوزدار سال ۾ ٻه ڏهاڙا وڏي عقيدت ۽ اهتمام سان ملهائيندو هو، ۽ روايت آهي ته مهمانن لاءِ ڍڳو ڪُهندو هو. هڪڙو ۷ محرم تي پنهنجي اوطاق تي سگهڙن جي ڏور بيت جي وڏي ڪچهري ڪرائيندو هو، جنهن ۾ خاص طرح محرم جي مهيني ۽ ڪربلا جي واقعي جي مناسبت سان بيت پيش ڪيا ويندا هئا ۽ سڄي سنڌ مان سگهڙ ايندا هئا. ٻيو ڏهاڙو ۱۱ ربيع الثانيءَ تي وڏي محفل ڪرائيندو هو، جنهن ۾ صوفي راڳ رنگ پيش ٿيندو هو ۽ هن محفل ۾ به سڄيءَ سنڌ مان فنڪار ايندا هئا ۽ صوفي راڳ پيش ڪري ٻڌندڙن کي سُرور بخشيندا هئا.
حاجي مولابخش بوزدار درگاهه راڻيپور جي جيلاني پيرن جو مريد هو، ۽ پير سيد بخشل شاهه جيلاني جو هٿ بعيت مريد هو. پنهنجي مرشد سان سچي محبت ۽ عقيدت جي نسبت هو جيلاني پيرن جو ضلعي سانگهڙ لاءِ خليفو مقرر ٿيو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ به پنهنجي مرشدن کي ياد ڪيو آهي، هڪ ڪافيءَ ۾ چيائين ته:
منهنجو پير دستگير جيلاني ته آهي،
من جون مرادون رهبر رسائي.
هن وقت سندس فرزند خليفو خان محمد بوزدار پڻ جيلاني پيرن جو ضلعي سانگهڙ لاءِ خليفو مقرر ٿيل آهي، جيڪو به پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندو پيو اچي. فقير مولا بخش بوزدار ۲۱ ربيع الثاني ۱۹۹۱ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو ۽ هڪ نياڻي سميت ٽن پٽن حاجي محمد ايوب بوزدار، خليفو خان محمد بوزدار ۽ محمد رئوف بوزدار کي سوڳوار ڇڏيائين.
حاجي مولا بخش بوزدار جي صوفياڻي صحبت ۽ ڏنل محبت کي ياد ڪندي شهيد حاجي گهرام بوزدار ۽ اسان واري بزرگ دوست فقير ولي محمد هنڱوري ۱۹۹۲ع کان سندس ورسي ملهائڻ شروع ڪئي، جيڪا اڄ تائين جاري آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ جا فنڪار اچي محفل ڪندا آهن. ان ۾ سندس فرزندن جو وڏو هٿ آهي. حاجي گهرام کي سندس مائٽن شهيد ڪري ڇڏيو، پر تادم هو به حاجي مولا بخش جي صحبت جا ڳڻ ڳائيندو رهيو. هن وقت فقير ولي محمد هنڱورو خاص منتظمين ۾ شامل آهي. ڌڻي در دعا آهي ته فقير مولا بخش بوزدار کي الله تعاليٰ جنت ۾ بلند درجو عطا فرمائي ۽ سندس اولاد کي هي ڏهاڙو ملهائي فقير کي ياد ڪرڻ جي سعادت فرمائي.

ڳوٺ مان نڪرندي، واپسيءَ ۾ پياري ادريس بوزدار ۽ مون فقير مولابخش جي مزار تي دعا گهُري، ۽ ادريس جا قرب جو، فقير جا فوٽو ۽ نوٽ بُڪ کپري کڻي هليو ۽ مون کي ان جا نقل ڏنائين.

1 comment: