; سنڌي شخصيتون: ناصر زهراڻي - ‫عيسيٰ ميمڻ

05 September, 2017

ناصر زهراڻي - ‫عيسيٰ ميمڻ

ناصر زهراڻي
تاريخ جو روشن باب

عيسيٰ ميمڻ
جُڳن جي تاريخ ۾، انسان پنهنجي وندر ورنهن تفريح ۽ اصلاح لاءِ قصا، ڪهاڻيون ۽ داستان وغيره نه صرف پيش ڪندو رهيو آهي پر انهن جي محفوظ ڪرڻ لاءِ غارن/پٿر واري دؤر کان اڄ جي جديد ٽيڪنالوجي دؤر تائين ڪوششون به ڪندو رهيو آهي. ڇا ڪاڻ ته اهي قصا ڪهاڻيون توڙي داستان پنهنجي ذات ۾ خود هڪ تاريخ به رکن ٿا. اهي سڀ ڳالهيون مجموعي انسان ذات جون نه صرف ميراث آهن پر جديد اب جو بنياد به آهن. سنڌي ادب جي شروعات هونئن ته نظم سان ٿي آهي، جنهن ۾ جنگي، رومانوي ۽ خيالي داستان ۽ قصا بيان ڪيا ويا آهن جيڪي اڄ تاريخ جو املهه حصو آهن ۽ نثري صنفن جي شروعات خطن سان ٿي آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ قديم ترين خط راجا ڏاهر جو ڇهين صديءَ ۾ ملي ٿو. باقي نثري صنفن جو باقاعده آغاز انگريز دؤر کان نظر اچي ٿو. جنهن ۾ ڪهاڻي، مضمون، ناول، ترجمو، تحقيق، وغيره جهڙا علم شامل آهن. انهن نثري صنفن ۾ ناول جي شروعات ته داستان ۽ قصا آهن جن ۾ ”بوبنا ۽ ڄام جراڙ“، ”لاکو ۽ مهر راڻي“، ”اڍو ڪيهر“ ۽ ”هوٿل پري“ وغيره مهم جوئي عشقيه داستان رهيا آهن جيڪي اڳتي هلي مغربي ناول جي اثر ۾ سنڌي ناول جو بنياد بڻيا. ان کان اڳ دنيا جو پهريون ناول سروانٽس (Cervants) جو ڊان ڪنگز وٽ Don Quingzote اسپين ۾ ۱۶۰۵ع ۾ شايع ٿيو هو. سنڌيءَ ۾ پهريون ناول جانسن جي انگريزي ناول ”راسيلاس“ جو ترجمو ڪري ۱۸۷۰ع جي منشي اڌرام ٿانو داس، ۽ ساڌو نولراءِ شايع ڪرايو. جنهن کان پوءِ اصلو ڪا ناول لکڻ جو آغاز پڻ ٿيو. جنهن ۾ ۱۸۸۵ع ۾ مرزا قليچ بيگ جو ناول رستم پهلوان ۽ ۱۹۹۰ع ۾ ”زينت“ ناول شامل آهن. ان کان اڄ تائين سنڌي ادب ۾ ناول ترقي ڪري سماجي مسئلن کان قوميت، صوفي ازم، دهريت، اشتراڪيت جي موضوعن تي لکيا ويا آهن. جنهن سان سنڌي ادب جي جهولي مالا مال ٿي آهي.


سنڌي ادب جي هن سفر ۾ سائين ناصر زهراڻيءَ جو هيءُ ناول ”دنيا دم درياهه“ پڻ هڪ زبردست اضافو آهي. ناصر زهراڻيءَ جو تعارف هونئن ته ادب جي دنيا ۾ هڪ ڪهاڻي ڪار جو رهيو آهي. جنهن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون جهڙوڪ؛ ”لوڙهو“ ”رنڊيءَ جو پٽ“، مان ”ٿڪجي پيو آهيان“، ”غربت جو زهر“، ”چچريل آڱريون“ وغيره سنڌي ادب ۾ اهم جڳھ والا رين ٿيون. هي ناول جيڪو وک وک تي سماج جي پيڙائن جو ذڪر ڪندي، ماڻهوءَ جي ڪيفيت ئي تبديل ڪري ٿو ڇڏي. ناول شروع ڪرڻ کان ختم ڪرڻ تائين پڙ هندڙ کي پنهنجي سحر ۾ رکي ٿو ته هڪ ئي وقت شهري زندگي توڙي ٻهراڙيءَ جي سماج جي تصوير به پيش ڪري ٿو. جنهن ۾ قبائلي جهيڙن جي منظر ڪشي، بک جو احساس، ڪينسر جي مريض جون ڪيفيتون، آفيسر شاهيءَ جون بدمعاشيون، هيٺين ڪلاس جون محروميون ۽ مجبوريون پسي سگهجن ٿيون. جنهن ۾ انهن المين سان گڏ شاهه لطيف، شيخ اياز شاعريءَ کان وٺي حضرت علي جي قولن تائين فڪري طور تي تراشيندو رهي ٿو. ”ناول“ جيڪو پنهنجو ڀرپور اثر ته ڇڏي ٿو پر پڙهندڙ جي ذهني ڪيفيت به تبديل ڪري ٿو ڇڏي ته اتي تاريخ جا به دروازا کولي ٿو. هڪ هنڌ لکي ٿو ته؛
چاليهي جي ڏينهن ۾ اتر سنڌ ڪچڙي منجهند جو ائين ويران ٿي ويندي آهي ڄڻ ته رڳو ”گهوڙا ڙي گهوڙا ڙي“ جو آواز بلند ڪري مدد خان پٺاڻ جي لشڪر جي آمد جو اطلاع ڏنو ويو آهي.“
ناول نگار نه صرف حالتن جو پسمنظر پيش ڪري ٿو ان سان گڏوگڏ انهن حالتن جو پيشمنظر به کولي رکي ٿو ته ساڳي وقت آفيسر شاهيءَ جي اندر ۾ لڪل بدمعاشي جو ذڪر ڪندي، ڊي سي صاحب جو به ذڪر ڪري ٿو. اهو ڪامورو جيڪو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي گهراڻي جو چشم چراغ آهي پر آفيسر شاهيءَ جي نشي ۾ چُور ٿي مظلوم ماڻهن جو رت چوسڻ کان وٺي، عورتن جي عصمت دريءَ تائين سڀ عمل ڪري ٿو پوءِ به سماج جي نگاهه ۾عزت لائق آهي. هي سڀ درد جا داستان ناول نگار پنهنجي اکين سان نه صرف ڏٺا آهن پر انهن جو گهرائيءَ سان مشاهدو به ڪيو آهي.

هي اهوئي ناصر زهراڻي آهي جيڪو ۲۷ مئي ۱۹۷۱ع تي ڏوڪري جي اوڀر-اتر ۾ ۳ ڪلو ميٽر پري ڳوٺ ڏني واهڻ ۾، ان دؤر جي تاريخ جو اهم نانءَ غلام حسين موريل زهراڻي جي گهر ۾ جنم ورتو هو، غلام حسين موريل زهراڻيءَ جنهن جا پورهيت هٿن، ڏوڪريءَ جي روڊن تي ويهي جتن کي ڳنڊيو ۽ ان وقت جي نوجوانن توڙي سياسي، سماجي ۽ ادبي ڪارڪنن جي ذهني ۽ فڪري پرورش ۾ به ڪردار ادا ڪيو. هن ناصر نه صرف پنهنجي والد جي ڇڏيل فڪري ۽ علمي ڪم کي اڳتي وڌايو آهي پر پنهنجو الڳ تعارف ۽ مقام به پيدا ڪيو آهي. جيڪو ايندڙ نسلن جي رهنمائي لاءِ مشعل راهه رهندو. هن جو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۾ ڪيل ڪم هجي يا موهن جو دڙو سوشل ويلفيئر ايسوسيئشن ڏوڪريءَ ۾ علم جون شمعون ٻارڻ هجڻ، اهي سڀ عمل تاريخ جو روشن باب آهن. هي ناول ان روشن باب ۾ زبردست اضافو به آهي ۽ حوالو به آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا