ناصر زهراڻي
تاريخ جو روشن باب
عيسيٰ
ميمڻ
جُڳن جي تاريخ ۾، انسان پنهنجي
وندر ورنهن تفريح ۽ اصلاح لاءِ قصا، ڪهاڻيون ۽ داستان وغيره نه صرف پيش ڪندو رهيو
آهي پر انهن جي محفوظ ڪرڻ لاءِ غارن/پٿر واري دؤر کان اڄ جي جديد ٽيڪنالوجي دؤر
تائين ڪوششون به ڪندو رهيو آهي. ڇا ڪاڻ ته اهي قصا ڪهاڻيون توڙي داستان پنهنجي ذات
۾ خود هڪ تاريخ به رکن ٿا. اهي سڀ ڳالهيون مجموعي انسان ذات جون نه صرف ميراث آهن
پر جديد اب جو بنياد به آهن. سنڌي ادب جي شروعات هونئن ته نظم سان ٿي آهي، جنهن ۾
جنگي، رومانوي ۽ خيالي داستان ۽ قصا بيان ڪيا ويا آهن جيڪي اڄ تاريخ جو املهه حصو
آهن ۽ نثري صنفن جي شروعات خطن سان ٿي آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ قديم ترين خط راجا ڏاهر
جو ڇهين صديءَ ۾ ملي ٿو. باقي نثري صنفن جو باقاعده آغاز انگريز دؤر کان نظر اچي ٿو.
جنهن ۾ ڪهاڻي، مضمون، ناول، ترجمو، تحقيق، وغيره جهڙا علم شامل آهن. انهن نثري
صنفن ۾ ناول جي شروعات ته داستان ۽ قصا آهن جن ۾ ”بوبنا ۽ ڄام جراڙ“، ”لاکو ۽ مهر
راڻي“، ”اڍو ڪيهر“ ۽ ”هوٿل پري“ وغيره مهم جوئي عشقيه داستان رهيا آهن جيڪي اڳتي
هلي مغربي ناول جي اثر ۾ سنڌي ناول جو بنياد بڻيا. ان کان اڳ دنيا جو پهريون ناول
سروانٽس (Cervants) جو ڊان ڪنگز
وٽ Don
Quingzote اسپين ۾ ۱۶۰۵ع ۾ شايع ٿيو هو. سنڌيءَ ۾
پهريون ناول جانسن جي انگريزي ناول ”راسيلاس“ جو ترجمو ڪري ۱۸۷۰ع جي منشي اڌرام ٿانو
داس، ۽ ساڌو نولراءِ شايع ڪرايو. جنهن کان پوءِ اصلو ڪا ناول لکڻ جو آغاز پڻ ٿيو.
جنهن ۾ ۱۸۸۵ع ۾ مرزا قليچ بيگ جو ناول رستم پهلوان ۽ ۱۹۹۰ع ۾ ”زينت“ ناول
شامل آهن. ان کان اڄ تائين سنڌي ادب ۾ ناول ترقي ڪري سماجي مسئلن کان قوميت، صوفي
ازم، دهريت، اشتراڪيت جي موضوعن تي لکيا ويا آهن. جنهن سان سنڌي ادب جي جهولي مالا
مال ٿي آهي.
