; سنڌي شخصيتون: سيٺ هرڀڳوانداس بٺيجا - حسيب ناياب منگي

04 September, 2017

سيٺ هرڀڳوانداس بٺيجا - حسيب ناياب منگي

سيٺ هرڀڳوانداس بٺيجا
حسيب ناياب منگي
سنڌ جي وشال ڌرتي، جتي هزارين هيرن ۽ لعلن جو جنم ٿيو آهي، جن نه صرف غريبن جي سهائتا لاءِ پنهنجو مال خرچ ڪيو، پر علم جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ هنن جون خدمتون ڪٿي ٿيون وساري سگهجن. سيٺ هرڀڳوانداس ڌنومل بٺيجا جو شمار به سنڌ جي انهن مهاپرشن ۾ ٿئي ٿو، جن تعليم کي هٿي وٺرائڻ خاطر پنهنجي مايا وارا مٽ کولي اچي سڀ جي آڏو پيش ڪيا. سندن اهڙي عمل سان سنڌ جون الائجي ڪيتريون نسلون سڌريون ۽ علمي زيور سان نوازجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ لڳيون.



سيٺ هرڀڳوانداس ڌنومل بٺيجا جو جنم شڪارپور ۾ ۱۸۸۱ع ڌاري ٿيو، هتان جي اوجهن ۽ تعليمي ادارن مان پڙهي لکي ان قابل ٿيو ته زماني جي ڪمن ڪارين کي پروڙي سگهي. اول شڪارپور ۾ سيٺ نندرام داس گيانچند جئسنگهه وٽ ملازمت اختيار ڪئي، سندس پِتا انهن ڏينهن ۾ ڪلارڪ هو. سندس ايمانداري ۽ ڏاهپ کي نظر ۾ رکندي سيٺ کيس ڀائيوار بڻايو. ۱۹۱۲ع ۾ هن سيٺ کان عليحدگي اختيا ڪئي ۽ مختلف ڪاروباري ڪرتن ۾ اڳتي اُسري آيو ۽ سيٺ هرڀڳوانداس جو ڪاروبار پکڙيو.سيٺ سکيو ستابو ۽ خوشحال ماڻهو هو، هن جي دل ۾ ٻين لاءِ رحم ۽ قياس وارو جذبو موجود هو. پاڻ هميشه ان ڳالهه تي ثابت قدم بيهندي نظر آيو ته مايا کي ٻين ڪاڻ به استعمال ڪجي ته اُها منهن ڪاري نه پر هانوءَ جو ٺار ثابت ٿيندي. ۱۹۲۷ع کان شڪارپور ۾ ڪاليج جي قيام لاءِ ڪوششون ورتيون ويون، ان جدوجهد ۾ سيٺ چيلا سنگهه بجاج ۽ سيٺ سيتلداس پنجابي سان گڏ شڪارپورين به خوب ملهايو. سيٺ هرڀڳوانداس به ان عمل ۾ پٺتي نه رهيو، ڪاليج هلائڻ لاءِ نه صرف پنهنجي جاءِ سندن حوالي ڪري ڇڏي، پر جڳهه جي مرمت لاءِ ۳۵۰۰ روپيه ڏئي شڪارپور جي ماڻهن جي مرجهيل چهرن تي مرڪ آڻي ڇڏي هئي. ان عمل تي نه صرف اسين پر تاريخ به کيس احترام ڀريو سلام ٿي پيش ڪري. شڪارپور ۾ راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال جو قيام ۱۹۳۳ع ۾ عمل هيٺ آيو ته سيٺ هرڀڳوانداس به ٻين سخي مردن جيان اسپتال کي آپريشن ٿيٽر لاءِ ۲۵ هزار دان ڪري ڏنا. سيٺ وٽ شڪارپورين جي ايتري ئي نه پر اڃان به وڌيڪ حجت ۽ هٿ پُڄندي رهي. شڪارپور ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ سيٺ هڪ لک روپيو دان ڏنو. جنهن مان هڪ اسڪول ۱۹۳۷ع ۾ ٻين شڪارپورين جي مدد سان تيار ٿيو. سيٺ شڪارپور ۾ مختلف خير جي ڪمن ۾ سڀ سان هٿ ونڊرائيندو هو. گئوشالا کان اکاڙي تائين آشرم کان اسڪولن مٿان سندس هٿ رهيو ته سالن جا سال اهي سکيا گذريا. هندستان ويو ته پنهنجي ڌرم پتني شريمتي وشن ديوي سائنس ڪاليج مئسور ۽ پنهنجي نالي پٺيان اروڊ ۾ ميٽرنٽي اسپتال قائم ڪرائي. نيڪي ۽ خير جا ڪم سرانجام ڏيندي سيٺ ۱۹۶۳ع ۾ سرڳواسي ٿيو.

No comments:

راءِ ڏيندا