; سنڌي شخصيتون: سيٺ، هرڀڳوانداس بٺيجا، حسيب ناياب منگي،
Showing posts with label سيٺ، هرڀڳوانداس بٺيجا، حسيب ناياب منگي،. Show all posts
Showing posts with label سيٺ، هرڀڳوانداس بٺيجا، حسيب ناياب منگي،. Show all posts

04 September, 2017

سيٺ هرڀڳوانداس بٺيجا - حسيب ناياب منگي

سيٺ هرڀڳوانداس بٺيجا
حسيب ناياب منگي
سنڌ جي وشال ڌرتي، جتي هزارين هيرن ۽ لعلن جو جنم ٿيو آهي، جن نه صرف غريبن جي سهائتا لاءِ پنهنجو مال خرچ ڪيو، پر علم جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ هنن جون خدمتون ڪٿي ٿيون وساري سگهجن. سيٺ هرڀڳوانداس ڌنومل بٺيجا جو شمار به سنڌ جي انهن مهاپرشن ۾ ٿئي ٿو، جن تعليم کي هٿي وٺرائڻ خاطر پنهنجي مايا وارا مٽ کولي اچي سڀ جي آڏو پيش ڪيا. سندن اهڙي عمل سان سنڌ جون الائجي ڪيتريون نسلون سڌريون ۽ علمي زيور سان نوازجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ لڳيون.