; سنڌي شخصيتون: شهزادو لانگاهه - تجمل حسين

04 September, 2017

شهزادو لانگاهه - تجمل حسين

شهزادو لانگاهه
سنڌ جو خاموش خدمتگار
تجمل حسين
شهزادو لانگاهه، هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان، ايمنسٽي انٽرنيشنل، پروگريسو رائيٽرس ايسوسيئيشن، سنگي، انساني حقوق پارٽي آف پاڪستان، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪراچي برانچ جو فنانس سيڪريٽري، آل پاڪستان لانگاهه جماعت جو اهم رڪن وغيره به آهي. هڪ عاجز مخلص، همدرد، سيلف ميڊ، معصوم شخصيت کان علاوه هر انسان کي وڏي عزت ۽ احترام سان پيش ايندو آهي. انهن جي جائز قانوني ۽ اخلاقي مدد به ڪندو آهي.


لانگاهه صاحب جو زندگيءَ ۾ نهايت اهم ڪارنامو ان جا لکيل ۲ اهم ڪتاب آهن. پهريون سول سروس لاز ان پاڪستان، جيڪو نيشنل بوڪ فائونڊيشن اسلام آباد جي سيڪٽر جي ايٽ فور مان پهريون دفعو ۲۰۰۹ع، ٻيو دفعو ۲۰۱۳ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. هن ڪتاب کي هائر ايڊيوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان اسلام آباد ايل ايل بي جي ڪورس ۾ ٽن سبجيڪٽس ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ٻيو ڪتاب ليبر مئنيجمينٽ رليشن ان اسلام، هي ڪتاب هاير ايڊيوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان اسلام آباد ۲۰۱۱ ۽ ۲۰۱۴ ۾ ڇپجي چڪو آهي. هن ڪتاب ۾ ليبر لاز کي قرآن ڪريم، حديث ۽ اسلامي فقه سان تقابلي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو انهيءَ موضوع تي هاير ايڊيوڪيشن ڪميشن طرفان پهريون دفعو ڇپرايو ويو آهي. خاص طور ليبر ليڊر ريسرچ ڪندڙ، قانون سان وابسته جج، وڪيل ۽ شاگردن کان علاوه اين جي اوز جي ليبر متعلق ڪم ڪن ٿيون. انهن لاءِ هڪ رهنما اصول بيان ڪندڙ ڪتاب آهي. هاير ايڊيوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان هن ڪتاب کي اڪنامڪس، سوشيالاجي، ايم پي اي، ايل ايل بي، ايل ايل ايم جي ليبر لاز سبجيڪٽ، سوشل ورڪ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلومه ان ليبر لاز نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ليبر ائڊمنسٽريشن ۽ ٽريننگ Nilat يونيورسٽي روڊ ڪراچي ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلومه ان هيومن ريسورس مئنيجمينٽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ڪورس ڪوڊ نمبر ۹۵۰۹، جيڪا دنيا جي ملڪن ۾ شاگردن جي لحاظ کان پاڪستان جي تمام وڏي يونيورسٽي آهي هن ڪتاب کي شامل ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب سرڪاري ۽ پرائيوٽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن، خاص طور ڪارپوريشن، خودمختيار ادارن، اٿارٽيز کان علاوه حڪومت سنڌ، ليبر کاتو به خاص فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. جيئن ته پاڪستان مين پاور انسٽيٽيوٽ، نيشنل ٽريننگ بيورو، ڊدائريڪٽوريٽ آف ورڪس ايڊيوڪيشن، ڊاڪ ورڪس سيفٽي بورڊ، نيوز پيپر امپلائيز، سوشل ويلفيئر، ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي، پرائيوٽ ادارا، لا ڪاليج، يونيورٽيز، لائبرري ۾ ريسرچ ڪندڙن لاءِ ريفرنس طور ڪم اچي سگهي ٿو. هن ڪتاب ۾ اهم ۴۰ نقطه جي مشتمل ليبر جي جملي مسئلن جو جامع ۽ واضح حل پيش ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب کي ڪيترن ملڪن ۽ بين الاقوامي ادارن تعريف ڪئي آهي. جنهن ۾ انڊونيشيا، ملائيشيا ۾ هندستان جا سفير، پاڪستان ريڊ ڪراس سوسائٽي اسلام آباد، وفاقي محتسب، انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد ۽ صوبائي ليبر کاتو وغيره شامل آهن.
شهزادو لانگاهه ۲ باب مرڪنٽائل لا ڪتاب ۾ ڇپجي چڪا آهن، جيڪي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد جي ڪورس ڪوڊ نمبر ۴۶۰ ۾ شامل آهي. هي ڪتاب بي ڪام، بي اي ليول جي شاگردن کي پڙهايو ويندو. شهزادو لانگاهه ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايل ايل ايم جي ڊگري کي ايم فل لا جي برابر ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
صدارتي ايوارڊ حاصل ڪندڙ ۽ ايڏي وڏي مڃتا ماڻيندڙ شهزادو لانگاهه کي ڪنهن وڌيڪ اعزاز جي گهرج ته نه هوندي پر خاص ڪري سنڌ سان واسطو رکندڙ سنڌ جي سماجي ۽ تعليمي شعبن وارين سرڪاري توڙي غير سرڪاري تنظيمن جو هي اخلاقي فرض آهي ته اهي به پنهنجن باڪردار ماڻهن جي همٿ افزائي ڪن. ڇو ته سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙيندر ماڻهوءَ کي جڏهن سنڌ وارن وٽان پذيرائي ملندي ته ان کي شايد صدارتي سول ايوارڊ تمغه امتياز کان اڃا به وڌيڪ سرهائي حاصل ٿئي ۽ سنڌ وارن کي پنهنجو اخلاقي فرض نڀائڻ کپي!
اسين ان کان علاوه سنڌ جي سماجي ۽ تعليمي شعبن جي تنظيمن کي به گذارش ڪنداسين ته اهڙي سنڌ دوست انسان جي مڃتا ضرور ڪن ۽ تعليمي شعبي ۾ ان جون خدمات حاصل ڪن. خاص طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت واري دور ۾ جيڪي ملازم محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي حڪومت ختم ٿيڻ سبب نواز حڪومت لاهي ڇڏيا هئا ۽ صدر آصف علي زرداري صدارتي آرڊيننس ۲۰۱۰ع جي ذريعي بحال ڪيل وفاقي ادارن جا ملازم ۹۸-۱۹۹۶ع تائين مختلف ادارن ۾ ۱۲۰۰۰ کان وڌيڪ بحال ٿيا هئا، ان شڪايت سيل جو انچارج شهزادو لانگاهه رهي چڪو آهي. جيڪي به آفيسر ۽ هيٺين طبقي جا ملازم بحال ڪيا ويا هئا. جيڪڏهن انهن ماڻهن هڪ دفعو به لانگاهه سان خود روبرو ملاقات ڪري چڪا آهن اهي ماڻهو لانگاهه جي ڪردار، شخصيت ۽ ڪارنامن جا زندهه ثبوت موجود آهن. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته پيپلزپارٽي اهڙي ماڻهو کي به پنهنجو جائز ۽ قانوني حق گهرڻ باوجود به نه ڏنو ويو. اها ڳالهه رڪارڊ تي موجود آهي، وقت ۽ تاريخ پنهنجو فيصلو ضرور ڪندا، جيڪو يادگار هوندو.

ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا

No comments:

راءِ ڏيندا