; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر محمد علي شيخ

04 September, 2017

ڊاڪٽر محمد علي شيخ

ڊاڪٽر محمد علي شيخ
سنڌ مدرسته السلام يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر سان ملاقات

انٽرويو: ڊاڪٽر قاسم راڄپر
رپورٽ: اسد مماز رڏ


سوال : سنڌ مدرسي کي اسڪول مان يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟
جواب : ادا، اگر توهان ٽائيم مشين جي ذريعي ۱۳۰ سال پوئتي هليا وڃو ته توهان کي اهڙي سنڌ ڏسڻ ۾ ايندي، جنهن ۾ ۷۵ سيڪڙو مسلمان، ۲۲ سيڪڙو هندو ۽ ۳ سيڪڙو عيسائي، پارسي ۽ يهودي رهندا هئا. انگريزن جي تعليمي نظام، مولوي طبقو قبول نه ڪندو هو. اهو نه چاهيندو هو ته اسان جا ٻار انهن اسڪولن ۾ پڙهن. جڏهن ته ٻين مذهبن جا اسڪول موجود هئا. نتيجو اهو نڪتو ته سنڌ جو مسلمان، جيڪو آباديءَ ۾ ۷۵ سيڪڙو هو؛ ان وٽ نه نوڪريون هيون، نه ڪاروبار هو.  فقظ زراعت هوندي هئي ۽ ان به هڪڙا وڏيرا هوندا هئا، ٻيا هاري هئا. جيڪي سڄو ڏينهن پيٽ جي لاءِ پريشان هوندا هئا. سنڌ سڀا، جنهن جو صدر هو ڏيارام ڄيٺمل ۽ حسن علي آفندي نائب صدر هو. انهيءَ سنڌ سڀا جي هڪ اجلاس ۾ چيو ويو ته؛ سنڌ ۾ ڪاليج ڪو نه آهي. تنهن ڪري سنڌ ۾ سنڌ آرٽس ڪاليج کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنهن تي حسن علي آفندي چيو ته؛ سڄي سنڌ ۾ فقط ٽي شاگرد آهن، جن مئٽرڪ پاس ڪئي آهي، ڪاليج کولڻ سان انهن ٽن کي ته فائدو ٿيندو، باقي سڄي سنڌ ان مان فائدو حاصل ڪري ڪو نه سگھندي. سو مان هڪ اهڙو ادارو کولڻ چاهيان ٿو، جنهن مان سموري سنڌ کي فائدو ٿئي ۽ سنڌ جو جيڪو اڻپڙهيل ماڻهو آهي، ان جو اهو اعتراض به ختم ٿئي ته جڏهن ان جو ٻار جيڪڏهن انهن ادارن ۾ پڙهندو ته اهو مذهب کان پري نه ٿيندو. اڳتي هلي سنڌ سڀا ٽٽي پئي. ڏيارام وارن سنڌ آرٽس ڪاليج (هاڻوڪو ڊي جي سنڌ ڪاليج) ۽ حسن علي آفندي سنڌ مدرسو قائم ڪيو. وائسراءِ هند هڪ ئي ڏينهن تي، انهن ٻنهي ادارن جو افتتاح ڪيو هو. هن اداري جو بنيادي مقصد سنڌ جي مسلمانن کي تعليم ڏيڻ هئو. پر فقط مسلمان نه ٻين مذهبن جا استاد ۽ ٻار به هن اداري ۾ رهيا. جيئن علي ڳڙهه جو مثال موجود هو، جيڪو ۱۸۷۵ ۾ اسڪول طور تي قائم ٿيو، ۱۸۷۷ ۾ ڪاليج بڻيو، جنهن کي محمدن اورينٽيئل ڪاليج سڏيو ويندو آهي، ۱۸۹۸ع ۾ سر سيد  ته انتقال ڪري ويو، پر علي ڳڙهه کي ۱۹۲۰ع ۾ يونيورسٽي بڻايو ويو. هي ادارو به علي ڳڙهه جي ماڊل تحت ٺاهيو ويو. جنهن مهل هي اداري ٺهي پيو، ان وقت سر سيد احمد خان جي ملاقات ،حسن علي آفندي سان ٿي هئي. جنهن ۾ سر سيد احمد خان، حسن علي آفندي کي چيو؛ فقط اسڪول جو نه سوچو، هن کي ڪاليج ۽ پوءِ  وري يونيورسٽيءَ ۾ تبديل ڪجو. پوءِ اهو خواب هلندو رهيو. ڪاليج وارو خواب ۱۹۴۳ع ۾ پورو ٿيو. جنهن جو افتتاح محمد علي جناح ڪيو هو. محمد علي جناح پنهنجي ملڪيت جو ٽيون حصو به هن اداري کي ڏنو هو. پوءِ وري مختلف مرحلن ۾ ڪاليج، اسڪول کان جدا ٿيندو رهيو. مان جڏهن ۱۹۹۴ ۾ هتي آيس ته مون کي هميشه اهو احساس ٿيندو هو، ته سنڌ جو هي ادارو هڪ سؤ کان وڌيڪ سالن جو هئڻ جي باوجود، اسڪول ئي آهي. علي ڳڙهه، اسڪول کان يونيورسٽيءَ تائين پهچي ويو. ان جو وڏو نالو آهي، پر هي ادارو اتي جو اتي ئي آهي. ان وقت ته اسان وٽ اسڪول ڪو نه هئا پر هاڻ ته گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ اسڪول آهن. اهو ائين ئي آهي، جيئن هڪ ٻار ڄمي ۽ اهو اُتي جو اُتي ئي رهي. سو اڄ سنڌ کي سٺي يونيورسٽيءَ جي ضرورت آهي، جيڪا سڄي سنڌ جي ٻارن کي ائين ئي تعليم ڏئي، جيئن ۱۸۷۵ع ۾ سنڌ مدرسي اسڪول جي حيثيت ۾ ڏني هئي. سنڌ ۾ سرڪاري يونيورسٽين جو معيار سٺو ناهي رهيو.

سوال : يونيورسٽي جي ٺهڻ سان اهو اسڪول ڪٿي گم ٿي ويو آهي؟
جواب : اهو تمام اهم سوال آهي. هڪ ٿيوري آهي ارتقا جي. مثال اسان پيدا ٿياسين، ٻار هئاسين، شاگرد هئاسين، اڄ اسين ڊاڪٽر آهيون. سو هاڻي اگر ڪو اهو سوال ڪري ته سائين اهو ٻار پنجن سال وارو محمد قاسم راڄپر ڪٿي آهي؟ ته جواب اهو هوندو ته هي ئي محمد قاسم راڄپر آهي، جيڪو وقت سان وڏو ٿي ويو آهي. ان کي چئبو آهي ارتقا. سو هي ادارو به ارتقا وارن مرحلن مان گذريو آهي، جيئن علي ڳڙهه، جيئن آڪسفورڊ ڪئي. هاڻ اتي اسڪول موجود ناهن، پر يونيورسٽين ۾ تبديل ٿي ويا آهن. تيئن هي اسڪول به يونيورسٽي ۾ تبديل ٿي ويو آهي، پر اسان پنهنجي طور تي اسڪول کي به قائم رکي ويٺا آهيون. جنهن کي اسان ايس ايم آءِ يو ماڊل اسڪول جي نالي سان برقرار رکيو آهي.
سوال : هن وقت يونورسٽيءَ ۾ ڪيترا ۽ ڪهڙا شعبا آهن؟
جواب : بنيادي طور تي اسان هن اداري ۾ پنج شعبا قائم ڪيا آهن؛ ڪمپيوٽر سائنس، بزنس ايڊمنسٽريشن، ميڊيا، ماحوليات ۽ ايجوڪيشن. جنهن ۾ تقريباً ٻه هزار شاگرد آهن. باقي نئون ڪيمپس تيار ٿئي پيو. جئين اهو تيار ٿيندو ته ڪجهه نوان شعبا قائم ڪيا ويندا.
سوال : توهان فقط انهن شعبن جي چوند ڇو ڪئي؟
جواب : اهو ان جي ڪري ته جيئن اسان جي نوجوانن کي روزگار ڏياري سگھون. جيئن ڪمپيوٽر سائنس آهي، يا ميڊيا سائنس، باقي ٻه شعبا اسان سوشل سروس جي بنياد تي کوليا آهن، جيئن ماحوليات آهي، دنيا ۾ جيڪي ماحولياتي تبديليون ٿين پيون، انهي کي سمجھڻ لاءِ اسان جي سنڌ ۾ اهڙا ماهر هجن، ڀلي اهي ٿوري تعداد ۾ هجن، جيڪي انهن مشڪلاتن کي منهن ڏئي سگھن. ٻيو آهي ايجوڪيشن. هن مهل اسان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي ڊگري ڏيون ٿا ته جيئن اسان جي تعليم جي ٻُڏل ٻيڙي کي تاري سگھن.
سوال : توهان وٽ فيس اسٽرڪچر ڪهڙو آهي؟
جواب : اسان جي اداري ۾ سيمسٽر جي فيس ۱۸ هزار آهي. انهن ٻارن جي لاءِ جيڪي ڏئي سگھن ٿا، پر جيڪي نٿا ڏئي سگھن، انهن کان فيس ناهيون وٺندا. پر ڪجهه ٻارن کي في وٺڻ جي بدران ۶ هزار مهينو يونيورسٽي ڏيندي آهي. مون هتي اهو اصول ٺاهيو آهي ته فيس نه هجڻ جي ڪري ڪو ٻار تعليم کان رهجي نه سگھي. يونيورسٽيءَ جي بجيٽ ۳۲ ڪروڙ آهي، جنهن ۾ ۱۰ ڪروڙ سنڌ حڪومت ۱۰ ڪروڙ هائير ايجوڪيشن ڏئي ٿي. اٺ ۸ ڪروڙ اسان خرچن مان بچايون ٿا. باقي ۴ ڪروڙ فيسن مان حاصل ڪندا آهيون.
سوال : هن اداري جي سڃاڻپ سنڌي ٻولي به رهي آهي. اوهان سنڌ صدين کان ڪانفرنس ۾ سنڌ اڀياس سينٽر جي ڳالهه ڪئي هئي، نه سينٽر قائم ٿيو ۽ نه وري سنڌي ٻولي پڙهائڻ  جو ڪو نشان نظر پيو اچي؟
جواب : هن اداري جو بنيادي مقصد، سنڌ جي ٻارن کي انگريزي تعليم ڏيڻ هئو، پر پوءِ پرائمري ۾ ٽي زبانون چونڊيون ويو هيون؛ اردو، سنڌي ۽ گجراتي. هڪ سيڪشن سنڌيءَ جو هو، اهو تاثر غلط آهي ته هي ادارو سنڌي زبان لاءِ هو. هڪ وقت اهڙو به آيو، جو هن اداري ۾  فقط ٽي ملازم سنڌي هئا. سن ۱۹۹۴ ۾ اسان پهريو دفعو سيڪنڊري اسڪول شروع ڪيو. هن وقت به ايس ايم آءِ يو ماڊل اسڪول ۾ سنڌي ميڊيم قائم آهي.
منهنجي اها خواهش آهي ته سنڌ اسٽڊيز سينٽر هتي هجي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ادب پڙهايو وڃي. اسان جي نئين ڪيمپس ۾ پهريون شعبو اهو قائم ڪيو ويندو. ٿورو اسان جي پوزيشن بهتر ٿئي ته ڪم ڪنداسين. منهنجي ذاتي خواهش آهي ته اسان وٽ ڇهون شعبو، انگريزيءَ جو هجي. ڇو جو اسان جو سنڌي انگريزيءَ جو ماهر ٿي، سڄي دنيا ۾ سنڌ جو سفير ٿي وڃي.
سوال : اخبارن ۾ ائين پڙهڻ ۾ ٿو اچي ته ڄڻ توهان خلاف هن اداري ۾ وڏا احتجاج ٿين پيا ان جا ڪهڙا سبب آهن؟
جواب : هڪ ته هتان جي نسلي سوچ آهي. اسان ٿوري عرصي ۾ تمام گھڻو ڪم ڪيو آهي. جنهن  تي اسان کي عالمي پذيرائي به ملي آهي. هي ادارو جنهن جو نالو ئي سنڌ سان شروع ٿو ٿئي، اها ڳالهه به برداشت نٿي ٿئي. توهان غير جانبدار ٿي، ٻين ادارن کي هڪ ان اداري سان ڀيٽيو ته توهان کي واضح فرق ڏسڻ ۾ ايندو. باقي ڪجهه ماڻهن جا پنهنجا مفاد آهن. حسن علي آفنديءَ تي به تنقيد ڪئي وئي هئي. توهان جڏهن ڪو چڱو ڪم ڪندئو ته توهان تي چار آڱريون ضرور کڄنديون....!
سوال : هڪ والد ڀلا توهان جي يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجو ٻار داخلا ڇو ڪرائي؟ توهان وٽ ٻين يونيورسٽين کان مختلف شيءِ ڪهڙي آهي؟
جواب : يونيورسٽيءَ جي شروعات ۾ ۱۱۲ ٻار داخل ٿيا هئا. وري ٻئي سال ۾ صرف ۶۲ ٻارن داخلا ورتي هئي. پر ٽئين سال ۵۱۲ ٻارن داخلا ورتي هئي، جڏهن ته پندرنهن سؤ ٻارن جي درخواست اچي ٿي، جنهن ۾ چار سئو جي چوند ڪئي ويندي آهي.
سوال : سنڌ جي ٻهراڙين جي شاگردن لاءِ اوهان وٽ داخلا وغيره جو ڪهڙو بندوبست ٿيل آهي؟
جواب : بلڪل انهن جو حق آهي. مون هتي ٻن ادارن کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏياريو آهي؛ دائود ڪاليج ۽ سنڌ مدرسو. اسان جيڪو اهو سمجھندا ھياسين ته ٻهراڙين جا ماڻهو پوئتي پيل آهن. اهو تاثر غلط آھي. هاڻي ٻهراڙين ۾ بهتر تعليم ملي ٿي. اسان وٽ اڄ به ٻهراڙيءَ جي ٻارن جو تعداد گھڻو آهي.
سوال : توهان جو بهتر شعبو ڪهڙو آهي؟

جواب : پهرئين نمبر تي ڪمپيوٽر سائنس، ٻئي تي بزنس ايڊمنسٽريشن، ٽئين تي ميڊيا، چوٿين تي ماحوليات ۽ پنجين تي ايجوڪيشن.



ڊاڪٽر محمد علي شيخ

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ کي جديد درسگاهه بڻائڻ ۾ سندس ڪردار

مصطفيٰ جتوئي

گذريل ڪجهه ڏينهن کان وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي عبدالحق ڪيمپس جي سنڌي شعبي جو هڪ ملازم فيس بڪ ۽ باقي ميڊيا تي اها مهم هلائي رهيو آهي ته، “سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري ۾ جلد کان جلد سنڌي شعبا قائم ڪيا وڃن.” ان مهم دوران هو همراهه سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي انتظاميا تي ان مطالبي کان به اڳتي وڃي الزام هڻي سنڌ جي ماڻهن خاص طور اديبن، دانشورن، صحافين ۽ تعليمي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ بابت ڪافي غلط فهميون پيدا ڪري رهيو آهي. ظاهر آهي ته جڏهن اصل ڳالهه جو ٻيو پاسو نه ڏسبو ته هڪ پاسائين ڳالهه کي ماڻهو سچ سمجهي ويهي رهندا. ۽ ائين ئي ٿيندو آهي ته ماڻهو گوئبلز جي سئو ڀيرا ورجايل ڪوڙ کي سچ سمجهڻ لڳندا آهن. اسان هتي سنڌ جي علمي، ادبي ۽ صحافتي شعبن سميت ٻين شعبن سان لاڳاپيل دوستن جي ڄاڻ لاءِ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ کي جديد درسگاهه بڻائڻ ۾ ڊاڪٽر محمد علي شيخ جي ادا ڪيل ڪردار جو جائزو پيش ڪيون ٿا.

۱۹۹۴جي وچ ڌاران ڊاڪٽر محمد علي شيخ، جيڪو ان وقت مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ تعليم ۽ تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل هو، ان کي سنڌ مدرسي جو پرنسپل مقرر ڪيو ويو. ان بعد سنڌ مدرسي جي ترقيءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿيو.

ڊاڪٽر محمد علي شيخ سنڌ مدرسي کي هڪ جديد تعليمي ادارو بڻائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڏنيون. هن تعليمي معيار تي ڌيان ڏيڻ سان گڏ شاگردن کي جديد سهولتون پڻ ڏنيون، سنڌ مدرسي ۾ ڪمپيوٽر ليبارٽري قائم ڪئي وئي. ۱۹۹۵ع ۾ هِن سنڌ مدرسي کي وري ڪاليج جو درجو ڏياريو. ٻن سالن کانپوءِ ڊاڪٽر محمد علي شيخ سنڌ مدرسي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ گرلز سيڪنڊري سيڪشن قائم ڪري، ان لاءِ الڳ عمارت جوڙائي، اتي سنڌي ماسترياڻيون مقرر ڪيون، جن مان اڄ به ڪجهه پنهنجون خدمتون انجام ڏيئي رهيون آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سندس ان عمل جي ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن تمام گهڻي مخالفت ڪئي هئي ته، سنڌ مدرسي ۾ رڳو سنڌي ڇوڪرين لاءِ ڇو اسڪول قائم ڪيو ويو آهي؟ جنهن تي ڊاڪٽر محمد علي شيخ صاحب جو کين اهو ئي جواب هوندو هو ته؛ “جيئن ته ڪراچي شهر جي لڳ ڀڳ هر گهٽي ۾ انگريزي ۽ اردو ميڊيم اسڪول قائم آهن، پر سنڌ نياڻين لاءِ اهڙا نه جي برابر اسڪول قائم هوندا، تنهن ڪري ئي هيءُ سيڪشن قائم ڪيو ويو آهي.”

ڊاڪٽر محمد علي شيخ ان دوران سنڌ مدرسي جي تباهه ٿيندڙ عمارتن جي بحاليءَ تي ڌيان ڏنو، ۽ سنڌ مدرسي جي پٿر جي ٺهيل مکيه عمارت کي جيڪو گاري جو ليپو ڏنو ويو هو، اهو هن سينڊ بلاسٽنگ سان ختم ڪرائي ان جي اصل صورت بحال ڪرائي.

هاڻي سنڌ مدرسو هڪ جديد تعليمي اداري جي شڪل وٺي چڪو هو. مارچ ۱۹۹۹ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو، جڏهن مخالف ڌر جي اڳواڻ هئي، سا پنهنجي جلاوطني کان اڳ ۾ سنڌ مدرسي جي دوري تي آئي، جتي ڊاڪٽر محمد علي شيخ کيس عرض ڪيو ته، هُوءَ سنڌ مدرسي کي يونيورسٽي جو درجو ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ان سان گڏ سنڌ مدرسي جي  چوڌاري خانگي اداري جيڪي دڪان ٺهرائي، ان جي سونهن کي متاثر ڪيو آهي، اُهي ختم ڪرايا وڃن. شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ساڻس واعدو ڪيو ته، “هاڻي جڏهن به سندس پارٽي اقتدار ۾ آئي ته هوءَ سنڌ مدرسي کي يونيورسٽيءَ جو ضرور درجو ڏياريندي.” هِن سنڌ مدرسي جي وزيٽرس بڪ ۾ به ڊاڪٽر محمد علي شيخ پاران سنڌ مدرسي کي جديد ادارو بڻائڻ تي سندس تعريف ڪئي ۽ لکيو ته هيءُ اهو ادارو آهي، جيڪو منهنجي ورَ جي تڙناني (حسن علي آفندي) قائم ڪيو هو ۽ جتي منهنجو ڏاڏو (سر شاهنواز ڀٽو) پڙهيو هو. پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڊسمبر ۲۰۰۷ع ۾ شهيد ٿي وئي.

۲۰۰۸ ۾ پيپلزپارٽي اقتدار ۾ آئي، ته ان وقت ملڪ جي نئين چونڊيل صدر، آصف علي زرداري صاحب، ڊاڪٽر محمد علي شيخ سان ايوانِ صدر ۾ ملاقات ڪئي، ۽ واعدو ڪيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو سنڌ مدرسي کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ لاءِ جيڪو واعدو ڪري وئي آهي، اهو جلد پورو ڪيو ويندو.  هِن ۲۰۱۰ع ۾ سنڌ مدرسي پاران منعقد ڪيل ٽن ڏينهن واري قائد اعظم ڪانفرنس جي، وزير اعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيل افتتاحي تقريب ۾ سنڌ مدرسي کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

ان وقت سنڌ مدرسو جيئن ته هڪ وفاقي ادارو هو، تنهن ڪري اهو وفاقي يونيورسٽي پئي بڻيو، جنهن لاءِ وزير اعظم يوسف رضا گيلاني هڪ ڪميٽي به جوڙي، پر ۲۰۱۱ع ۾ ارڙهين آئيني ترميم جي پاس ٿيڻ کانپوءِ ٻين ادارن جيان سنڌ مدرسي جو ڪنٽرول وفاق کان سنڌ حڪومت جي حوالي ٿيو. هاڻي سنڌ سرڪار سنڌ مدرسي کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. ان طرح ڊسمبر ۲۰۱۱ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ اتفاق راءِ سان سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جو ايڪٽ منظور ڪيو، ۽ ۱۶ فيبروريءَ تي سنڌ جي گورنر ان ايڪٽ تي صحيح ڪئي ۽ ڊاڪٽر محمد علي شيخ کي ان جو پهريون ۽ باني وائس چانسلر مقرر ڪيو.

سال ۲۰۱۲ع ۾ هڪ نئين يونيورسٽيءَ جو ڍانچو ٺاهڻ، فيڪلٽي ۽ ٻيا گهربل ملازم ڀرتي ڪرڻ، ڪلاس رومز، ليبارٽريز ۽ لائبرري وغيره ٺاهڻ ۾ لڳي ويو. ۽ جنوري ۲۰۱۳ع کان سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جا ڪلاسز  شروع ٿيا. شروع ۾ محدود وسيلن ۽ محدود جاءِ هئڻ سبب يونيورسٽيءَ ۾ پنج شعبا قائم ڪيا ويا، جن ۾ بزنس ايڊمنسٽريشن، ڪمپيوٽر سائنس، ميڊيا اسٽڊيز، ايجوڪيشن ۽ انوائرونمينٽل سائنس شامل هئا.

جڏهن سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته، ڊاڪٽر محمد علي شيخ جي سربراهيءَ ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ جي انتظاميا سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ ۾ وڌيڪ شعبا بشمول سنڌي، انگريزي ۽ اردو شعبو کولڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ جو فيصلو ڪيو. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر محمد علي شيخ ان وقت جي سنڌ سرڪار جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان ڪراچيءَ جي ايجوڪيشن سٽيءَ ۾مفت ۾ هڪ سئو ايڪڙ زمين ورتي. زمين حاصل ڪرڻ کانپوءِ ان جو ماسٽر پلان جوڙائي ان جي اڏاوت لاءِ خاص طور وفاقي سرڪار کان مالي مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سندن انهن ڪوششن رنگ لاتو، جو ۲۰۱۷ع ۾ وفاقي حڪومت هائر ايجوڪيشن ڪميشن ذريعي سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي ملير ڪيمپس جي ابتدائي اڏاوت لاءِ هڪ ارب ۵۷ ڪروڙ رپيا منظور ڪيا. ان بعد ۲۵ ڊسمبر ۲۰۱۷ع تي سنڌ جي موجوده گورنر محمد زبير صاحب ان جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ٽن مرحلن ۾ تيار ٿيندڙ ان ملير ڪيمپس جو پهريون مرحلو ٽن سالن ۾ مڪمل ٿيڻو آهي.

تازو ڊاڪٽر محمد علي شيخ جي ئي ذاتي ڪوششن سان سنڌ جي وڏي وزير هاڪس بي ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽي لاءِ ڏهه ايڪڙ زمين مفت ۾ ڏني آهي، جتي آءِ ٽي انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويندو. جڏهن ته سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي اندر ئي سنڌ مدرسي جي هڪ وڏي پلاٽ تي غير واسطيدار ماڻهن جو ڪيئي ڏهاڪن کان قبضو هو، جيڪو به ڪجهه مهينا اڳ ۾ سنڌ سرڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد سان خالي ڪرايو ويو آهي. هاڻي اُتي سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي اسڪول جي هڪ وڏي عمارت ٺاهڻ سان گڏ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جو پڻ هڪ تعليمي بلاڪ ٺاهيو ويندو.

اهو پڻ هِتي ڄاڻائڻ ضروري آهي ته سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ جي قائم ٿيڻ سان نه ته ان جو اسڪول ختم ٿيو آهي ۽ نه وري ان مان سنڌي سبجيڪٽ ختم ڪيو ويو آهي. اڄ به سنڌ مدرسه يونيورسٽي جو ماڊل اسڪول سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ جي حدن اندر ئي ٽن عمارتن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جتي اڳ وانگر ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ شاگردن سان گڏ سنڌي شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڻ پڙهي رهيا آهن، ۽ جتي ساڳي طرح سنڌي سبجيڪٽ پڙهايو پيو وڃي.  اسان کي حيرت ٿي ٿئي ته اسان جا علم ۽  ادب سان لاڳاپيل دوست به ڪا جاچ جوچ ڪرڻ کانسواءِ اُن وهڪري ۾ وهي ٿا وڃن، جيڪو کين ٻيا ٺاهي ٿا ڏين.

سنڌ مدرسي جي اسڪول بابت سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ جي وائس ڊاڪٽر محمد علي شيخ ۱۳ مارچ ۲۰۱۸ع تي سنڌ مدرسي جي اسڪول جي پرنسپل، وائس پرنسپل ۽ ٻين سينئر ٽيچرس سان هڪ ملاقات ڪري واضح طور چيو هو ته، سنڌ مدرسي جي اسڪول ۾ سڀني شاگردن، پوءِ چاهي هو ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندا هجن، انهن سڀني کي پڻ سنڌي ٻولي پڙهائي وڃي. ان سان گڏ سڀني شاگردن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري پڻ پڙهائي وڃي. هِن اهو به مٿن واضح ڪيو هو ته سنڌ مدرسي جو اسڪول ان جي يونيورسٽي جو بنياد آهي، جيڪو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو ۽ جنهن کي اڃا وڌيڪ ترقي ڏياري ويندي.

ڊاڪٽر محمد علي شيخ ته سنڌ جي حوالي سان ۲۰۱۴ع ۾ هڪ ڪامياب “ٻي بين الاقوامي ’سنڌ صدين کان‘  ڪانفرنس” منعقد ڪئي هئي. سنڌ مدرسه يونيورسٽي ئي ڪراچي شهر جي اڪيلي يونيورسٽي آهي، جيڪا ڊاڪٽر محمد علي شيخ جي ذاتي دلچسپيءَ تحت سنڌ لٽريچر فيسٽيول هجي يا انٽرنيشنل لطيف ڪانفرنس هجي، انهن جي مهمانن جي مانَ ۾ آجياڻا ڏيندو رهيو آهي. تازو ڊسمبر مهيني ۾ ملهايل چئن ڏينهن واري آرٽ اينڊ آئڊياز فيسٽيول ۾ سنڌي ڪتابن تي تبصرن سان گڏ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌي ڪلچر تي ٽيبلوز پيش ڪيا، جڏهن ته يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻين ڀٽائي سائينءَ تي ستن سورمين تي پرفارم ڪيو، تنهن ڪري جڏهن سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي موجوده شاندار ڪردار ۽ ان جي وائس چانسلر ڊاڪٽر محمد علي شيخ جي حوالي سان ڪي فرد غلط فهميون پيدا ڪن ٿا ته سندن اهڙي سوچ تي افسوس ٿئي ٿو.

اهو افسوس ان ڪري به وڌيڪ ٿئي ٿو ته جڏهن سنڌ مدرسو ۱۹۹۰ع جي شروعاتي چئن سالن تائين هڪ عام سرڪاري پيلو اسڪول هو ۽ جڏهن اهو شديد انتظامي بحران جو شڪار هو، تڏهن ان جي ڪنهن به مالڪي نه ڪئي. اهڙي طرح سنڌ مدرسي جي ايراضي تي جڏهن ٻين ماڻهن جا قبضا هئا، تڏهن به ڪنهن ان خلاف آواز نه اٿاريو، اڄ به جڏهن ان جي زمين تي ٻين ماڻهن جا ٺهيل ۶۲ دڪان هلي رهيا آهن، تڏهن به انهن خلاف ڪير آواز نٿو اٿاري، باقي سنڌي شعبي جي حوالي سان (جيڪو قائم ڪرڻ جو هنن همراهن جي مطالبي کان اڳ ۾ ئي سنڌ مدرسه يونيورسٽي پاران فيصلو ٿيل آهي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ بابت سنڌ جي ماڻهن ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ ۽ هن تاريخي اداري جي غلط تصوير پيش ڪرڻ تي تمام گهڻو افسوس ٿئي ٿو. اهو بهتر نه ٿيندو ته اسان پنهنجا پنهنجا ڪم ڪيون، جن ادارن ۾ ويٺا آهيون، اُنهن کي آئيڊيل بڻايون، ۽ ٻين ادارن جي ترقيءَ لاءِ به دوستاڻي انداز ۾ گڏجي ويهي ڪم ڪيون، نه ڪي انهن جا دشمن بڻجي وڃون.

No comments:

راءِ ڏيندا