; سنڌي شخصيتون: دوست علي پيرزادو - ستار پيرزادو

04 September, 2017

دوست علي پيرزادو - ستار پيرزادو

دوست علي پيرزادو
مڙس مڻيادار
ستار پيرزادو
اسان جو ڏاڏو عبدالعظيم، حاجي لعل بخش شيخ جو سڳو سوٽ هو. کيس اولاد ۾ نَو پٽ هئا، ڌيءَ پيدا ئي ڪا نه ٿيس. مون پنهنجو ڏاڏو ڪو نه ڏٺو. مان سندس ننڍي پٽ دوست عليءَ جو پهريٺي پٽ آهيان. اسان جا چار چاچا ته ڳوٺ فيدر، يعني هن ڳوٺ ۾ اچڻ کان اڳئين ڳوٺ ۾، بنا شاديءَ جي فوت ٿي ويا هئا. اسان جو ڏاڏو به ان ئي ڳوٺ ۾ اجل جو راهي بڻيو هو. سندس گھر واري حاجي لعل بخش شيخ جي ڀيڻ هئي، جيڪا به هن ڳوٺ ۾ اچڻ کان پوءِ اجل جو سڏ اونائي راهي بڻجي وئي.


اسان جو والد دوست علي ۱۹۱۳ع تي فيدر ۾ پيدا ٿيو هو. جو ان زماني ۾ نواب شاهه ته هو يا نه باقي درياهه شاهه جي ٻنهي ڪپن تي لاڙڪاڻو پرڳڻو لڳندو هو، ۽ ديهه ٻيلي گاجي هئي. بابا جي شادي به ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ ۾ ٿي هئي. منهنجي والده جو والد يعني منهنجو نانو، بابا جو سوٽي سوٽ ۽ منهنجي ڏاڏيءَ جي ڀائٽي غلام حسين جي ننڍي ڌيءُ هئي.
جڏهن فيدر ۱۹۳۶ع جي وڏي ٻوڏ ۾ پائجي ويو هو ۽ اسان جي ان ڳوٺ کي درياهه شاهه ڳڙڪائي ويو هو، پر ان سان گڏ اهو ويل به حاجي لعل بخش سان ڪندو ويو جو سندس سموري آباد زمين تي لٽ جي بدران واري وجھي ويو. جنهن جي ڪري حاجي لعل بخش جو خاندان، هاڻوڪي ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيو، ۽ درياهه جي ڊپ کان پنهنجا جھڳا محفوظ ڪرڻ جي لاءِ اچي ڳوٺ ٻلهڙيجي، ساريا ۽ ڪنڀرن جي لڳ سڪونت اختيار ڪيائون ته اتي روز گار جي مسئلي ڪرُ کنينِ. ڇو ته پڪي تي اسان جي خاندان مان ڪنهنجو ٻنيءَ جو ڪو به ٽڪر ڪو نه هو. تنهن ڪري سڀني ڪو نه ڪو ڪم ڪرڻ جي لاءِ سوچڻ شروع ڪيو. جيڪي جانٺا جوان هئا، اهي ڪا نه ڪا مزدوري مڙي ڪرڻ کي لڳي ويا. انهن ڏينهن ۾ مزدوري صرف زميندارن جي زمينن تي سارين جي رونبي ڪرڻ جي هوندي هئي. يا وري لوب ڪرڻ وقت، اهي مزدوري ۽ ڪجھه ونگاري ڪرائيندا هيا.
حاجي لعل بخش جو اولاد، ان وقت جي رواج مطابق فارسي ته پڙهيل هو، پر هنن انگريز حڪومت جي نوڪري ڪرڻ کي انگريز جي ٻانهپ سمجھندي، انهن جي چوائڻ جي باوجود به کين جواب ڏئي ڇڏيو هو. تنهن ڪري باقي اسان جي خاندان جو گذر سفر جو دارو مدار مريدي خادميءَ مان ڏن جي اوڳڙ تي وڃي رهيو هو. جيڪو منهنجي ناني غلام حسين سميت خاندان جا ڪيترا ئي فرد، مجبور ٿي ڪندا هئا. اها ڳالهه اسان جي والد دوست عليءَ کي نه وڻي هئي. تنهن ڪري هو والده جا پيسا کڻي، درياهه ٽپي وڃي سڪرنڊ نڪتو.
اهو ڪهڙو سن هو، مان ڀانيان ٿو ۱۹۳۸ يا ۱۹۴۰ع جي لڳ ڀڳ ڪو سال هوندو. ان زماني ۾ سڪرنڊ ۾ سنڌ جي زرعي کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ هوندي هئي، جنهن جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالباقي محمد سليمان شيخ سکر وارو هوندو هو. جيڪو اتي پنهنجي ڪٽنب سان رهندو هو. نه ڄاڻ بابا هن وٽ ڪهڙي نموني وڃي سهڙيو ۽ هن وٽ گھرو ڪم ڪار جي لاءِ اردليءَ طور ڪم ڪرڻ لڳو، جو زرعي ڊائريڪٽوريٽ کان سڪرنڊ شهر، ٽي ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي اُتر طرف آهي. جتان گھر جي لاءِ ڪو سودو سلف وٺڻ يا ڪو ننڍو وڏو ڪم ڪرڻ جي لاءِ کين، اهڙي نوجوان جي ضرورت هئي.
هاڻ بابا کي ڄڻ سنڌ حڪومت جي نوڪري ملي وئي. هو ڳوٺ مهيني ماسي، ڀائرن سان ملڻ جي لاءِ ايندو هو. ور نه سڪرنڊ ۾ ڊاڪٽر شيخ جي گھر ۾ اردليءَ جي ڪئاٽر ۾ رهندو هو. اتي رهڻ ۽ زراعتي زرخيز زمين ۾ ڪڻڪ ۽ وونئڻن جي پوکائي، فصل لھڻ يا ڪڪڙن جي ڦٽِين جو چونڊو ڪرڻ ڏسندو ۽ سکندو رهندو هو. پر ان سان گڏوگڏ واندڪائيءَ جي وندر خاطر، دوست يا واقفڪار، خاص ڪري ڊائريڪٽوريٽ جي ملازمن سان، جنهن به ڪرت واري سان دوستي بڻيس، ان ڪم جي ڀليءَ ڀت واقفيت حاصل ڪيائين، جن ۾ کيس جن هنرن جي ڄاڻ حاصل ٿي، اهي هي هئا، درزڪو ڪم، ڊکاڻڪو ڪم، لوهارڪو، رازڪو ڪم ۾ به چڱي خاصي مهارت حاصل ڪري ورتي هئائين. انهن ڪِرتن مان درزڪو ۽ رازڪو ڪم چڱيءَ ريت ايندو هوس.
دوست علي، شاديءَ کان ونءُ ويندو هو، پر نيٺ سندس ڀاءُ رحمت الله پاڻ وڃي سڪرنڊ مان کيس وٺي آيو هو ۽ اچي پنهنجي سوٽي سوٽ ناني غلام حسين جي ننڍي ڌيءَ سان وواهه ڪرائي، شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌي، سوگھو ڪري ڇڏيائينس. اهو سال لڳ ڀڳ ۱۹۴۵ع جو هو. جيئن ته اسان جي والده جي عمر شاديءَ ويل تمام گھٽ هئي، تنهن ڪري کيس اولاد به ڪافي دير سان ٿيو. مان ۲۹ جنوري ۱۹۵۰ع ٿي تولد ٿيس، پر سندس ڀاءُ رحمت الله منهنجي پيدا ٿيڻ کان هڪ سال پوءِ ۱۹۵۱ع ۾، تپ دق جي سبب هي جهان ڇڏي ويو. ان جو دوست عليءَ کي جيڪو ڀرجھلو هو، اهو ڇڄي ويس، تنهن ڪري هاڻ ته سندس وڏي ڀاءَ امام بخش جي اولاد کان سواءِ، سندس ٻئي ڀاءُ رحمت الله جو اولاد به سندس ذميواريءَ هيٺ اچي ويو. چاچو رحمت الله، گھر واريءَ کان سواءِ چار ڌيئر ۽ هڪ پٽ پوئتي ڇڏي ويو هو. تنهن ڪري انهن جي ڪفالت به سندس ذمي اچي وئي. ڇاڪاڻ جو اسان جو هڪڙو چاچو ولي داد ننڍڙو هاري هو ۽ کيس به ٽن ٻارن جو اولاد هو. ٽيون چاچو ڪريم بخش ته هو ئي فقير منش. ڀاءُ جي ايتري اولاد جي ڪري، پنهنجي اولاد کي ايترو ويجھو نه ٿي رکيائين جيئن، ڀاءُ جي اولاد کي احساسِ ڪمتري نه ٿي پوي ته کين والد نه آهي.
باقي بابا پنهنجي دؤر جي سڀ کان وڏي آفيسر وٽ رهڻ ڪري سدائين خوش پوش ۽ گھرو لحاظ کان بهتر آمدنيءَ ڪري خوشحال گذارڻ لڳو. ان حد تائين جو سموري ڳوٺ ۾ اسان جو ڪٽنب ئي مڇي مانيءَ وارو هوندو هو. ان کان سواءِ بابا جيئن ته اڪثر ٻاهر گذارڻ جي ڪري گھر ۾ فرنيچر ۽ ڪراڪري به اهڙي آندي، جهڙي ٻئي ڪنهن به ڳوٺ واري وٽ ڪا نه هوندي هئي. ان دوران هو پنهنجي وڏي ڀائٽئي عبدالرحيم کي پاڻ سان گڏ رکندو هو ۽ سندس پڙهائڻ تي ڪافي ڌيان ڏيندو هو، سندس سمورو خرچ پاڻ ادا ڪندو هو. پر نه ڄاڻ عبدالرحيم جي والده، جيڪا اسان جي خاندان مان نه هئي، اها پنهنجي مڙس جي وفات کان پوءِ، پنهنجي پيڪن ڏانهن هلي وئي هئي. ان جي چئي تي بابا جي وات-ڪوٺي ڀيڻ جي مدد سان، جڏهن عبدالرحيم ۽ سندس ڀيڻ، بابا جي اجازت بنا والده ڏانهن موڪلي ڏنا ته بابا ڏاڍو رنج ٿيو هو ۽ ان جي ڪري پنهنجي ان ڀيڻ سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ اچ وڃ ڇڏي ڏنو هئائين.
مان اڃا ٻئي يا ٽئين درجي ۾ هوس ته اسان جي ٽيون چاچو وليداد به پويان ٽي نياڻيون ڇڏي اجل جو آواز اونائي اوڏانهن راهي ٿي ويو، ته سندس گھر واريءَ عدت پوري ٿيڻ کان هڪدم وڃي ٻي شادي رچائي. ان سبب، سندن اهي ٽئي ڌيئر به بابا جي ذميواريءَ هيٺ اچي ويون. مون کي چٽي يادگيري آهي ته چاچو وليداد، حامد ٻالي سان گڏ بند جي هيٺان شاهن جي زمين تي هارپو ڪندو هو. بابا اول ٻنهي ڀائرن جي نياڻين جون شاديون ڪرايون، جن مان چاچي رحمت االله جي ٽيون نمبر نياڻي، منهنجي نڪاح ۾ آئي، چاچي وليداد جي ننڍي نياڻي، منهنجي ننڍي ڀاءُ غلام صديق کي ڏنائين، اهو چئي ته منهنجون ڀائٽيون آهن. غلام صديق جي گھر واري ساڻس آخر تائين گڏ رهي ۽ بيماريءَ ۾ به خوب تيمارداري ڪندي رهيس.
مون بابا کي درزڪو ۽ رازڪو ڪم ڪندي ته پنهنجي اکين سان ڏٺو. هن جيڪي پنهنجون ٻه جايون جوڙيون هيون، اهي ڳوٺ جا سڀ ماڻهو ڏسڻ لاءِ ايندا هئا، هو ٿورو ٿڪو گھر خاطر واڍڪو ۽ لوهارڪو ڪم به ڪندو هو ۽ ان ڪم جا مڙئي وسلا هن وٽ گھر ۾ هوندا هئا جو ڳوٺ وارا به اسان کان نه صرف اهي پر مهمانن جي اچڻ ويل ڪرسيون، ٽيبل، کاڌي جا ٿانءَ به وٺي ويندا هئا. هن پنهنجي ٻنهي گھرن جي انجنيئرنگ به پاڻ ڪئي ۽ اوساري به پاڻ ڪئي. ويندي سرون به پاڻ پنهنجي مرضيءَ مطابق ٺهرايائين. گھر ۾ کورو هڻي پچارايائين به پاڻ ۽ اوساري به پاڻ ڪري جاءِ جوڙي راس ڪيائين. اهڙي جاءِ ان وقت ڳوٺ ۾ ڪنهن زميندار، توڙي ٻئي ڪنهن جي به ڪا نه هوندي هئي ۽ اهي جايون ڳوٺ جا معزز سيڙجي ڏسڻ ايندا هئا.
ان کان پوءِ بابا هڪڙي اوطاق، گھر جي چؤديواريءَ اندر، سڄي ڪاٺين ۽ سَرن جي جوڙي. ان جون مٽيءَ جي گاري سان ديوارون ٺاهي، انهن جي ديوارن ۾ در ۽ دريون به وڌائين ته اهو به ڳوٺ وارن جي لاءِ هڪڙو عجوبو بڻجي پئي هئي. ان ۾ رهندڙ ڪنهن به مهمان کي اها خبر پوندي هئي ته اهو پڻ ڏسي حيران ٿي ويندو هو. هونءَ ته ڳوٺ ۾ هر ڪنهن جون جايون ڪچيون، اوڏڪيون يا ڪانن جي ڪنڌين ۽ لئيءَ جي لڪڙ مان جڙيل ڪنڌين جون ئي هونديون هيون پر انهن ۾ دريون بيهارڻ جو پهريون ڀيرو ڪامياب تجربو بابا ئي ڪيو هو.

بهرحال اکين جي غلط آپريشن ٿيڻ ڪري. نظر بهتر ٿيڻ بدران ويتر به خراب ٿي پيس ۽ سائيڪل هلائڻ سندس وس ۾ نه رهيو. هڪ ڏينهن ڀيڄن جي ڳوٺ مان ڏوڪريءَ پنڌ پئي آيو، ته هڪ زميندار جي ڪار جي ڊرائيور انتهائي خراب حادثو ڪري ڇڏيس، جو کيس پويان روڊ کان لهي اچي گاڏي هنيائين ۽ ان سان کيس گهليندو اڳتي کڻي ويو. جنهن جي ڪري بابا جي ساڄي ٻانهن ڏوري مان نڪري به پئي ۽ ڀڄي به پئي. ٽنگ دُڏِ مان نڪرڻ سان گڏ سٿر کان ڀڄي به پيس. هو ڪراچيءَ پاڻ کڻائي آيو ۽ جناح اسپتال مان آپريشن ڪرايو ويو، جو ڪامياب نه ٿيس ۽ هو مون وٽ، انهن ڏينهن ۾ ڪورنگيءَ ۾ رهيل هو. پر خدا جي ڪرڻي جو ۱۹۸۹-۱۹۹۰ع وارن سنڌي-مهاجر مارا ماريءَ جو زمانو هو، تنهن ڪري اسان کي ڪراچي ڇڏي ڳوٺ وڃڻو پيو. پر بابا جو علاج درست ٿي نه سگھيو. ان ڪري ڪيتري وقت جي لوڙ لوڙان کان پوءِ، بابا ۴ نومبر ۱۹۹۱ع مطابق ۲۵ ربيع الثاني ۱۴۱۲ هجريءَ تي اسان کان سدائين لاءِ وڇوڙو ڪري ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا