سني پنهور
ايم ايڇ پنهور ٽرسٽ جي چيئرمين سان ملاقات
انٽرويو وٺندڙ: ڊاڪٽر قاسم راڄپر
ايم ايڇ
پنهور جو شمار سنڌ جي ڪجهه انهن شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، جن هڪ کان وڌيڪ شعبن ۾ سنڌ جي
خدمت ڪئي آهي. سندس وفات کانپوءِ سندس ڇڏيل ڪم سندس پُٽ سني پنهور اڳتي وڌائي رهيو
آهي. لاس اينجلس ۾ سانا ڪنوينشن منعقد ڪرائڻ ۾ سندس اهم ڪردار هو، ڪنوينشن کانپوءِ
ساڻس ڪچهري ٿي، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي ايم ايڇ پنهور ٽرسٽ جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون.
سوال: سني اوهان پنهنجي مرضيءَ سان امريڪا آيا، يا
وري ايم ايڇ پنهور صاحب جي صلاح شامل هئي؟
جواب: مون کي ننڍپڻ کان ذمينداريءَ جو شوق هو،
پر ۱۹۷۹ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاهي
آئي ته اسان کي بابا ٻه ڳالهيون چيون، هڪ ته سرڪاري نوڪري نه ڪرجو، نوڪري ڪرڻ ته
پري جي ڳالهه پر نوڪريءَ لاءِ درخواست به نه ڏجو ۽ ٻيو ته هاڻي هن ملڪ (پاڪستان) ۾
اوهان لاءِ رستا سوڙها ٿيندا پيا وڃن، بابا تنهن دؤر ۾ اسان لاءِ اميگريشن فائل ڪئي،
بابا وٽ گرين ڪارڊ هو. اسان ۱۹۸۶ع ۾
امريڪا ۾ آياسين. اسان پاڻ ۾ چار ڀائر هئاسين، اسان مان ڪنهن به ڀاءُ سرڪاري نوڪريءَ
لاءِ درخواست نه ڏني. تنهن دؤر ۾ نوڪريون عام جام پئي مليون. اسان جو ڏاڏو هر هاري
هو، بابا Self made ماڻهو هو. اسان جي والد تمام
گهڻي محنت ڪئي، سندس اها محنت اسان جي سکيا جو حصو هئي. اسان امريڪا اچي تمام گهڻي
محنت ڪئي. منزل ماڻڻ ۾ وقت لڳي ٿو. هاڻي الله جي مهرباني سان سڀڀ ڪجهه ميسر آهي.
سوال: اوهان تعليم ڪٿان حاصل ڪئي؟
جواب: مون پنجين ڪلاس تائين تعليم سينٽ بونا
وينچر هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي، ڇهين کان انٽر تائين پبلڪ اسڪول حيدرآباد، مهراڻ
يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئرنگ ۾ بيچلر ڪيم، ۱۹۸۶ع ۾ شادي ڪري پنهنجي گهر واريءَ سوڌو امريڪا هليو آيس.
سوال: امريڪا ۾ اچڻ کانپوءِ اوهان جون مصروفيتون
ڪهڙيون رهيون؟ خاندان پاران مدد ڪئي وئي يا وري اوهان پنهنجو پاڻ سڀ ڪجهه ڪيو؟
جواب: مون کي اميد هئي ته بابا کان جيڪي ڪجهه
گهران ها، بابا اهو وس آهر ڏئي ها. اسان کي سکيا ئي اها ڏني وئي هئي ته ڪنهن تي
بار ناهي ٿيڻو، پنهجا هٿ پير هڻجو. شروع ۾ ٽي مهينا نيو يارڪ ۾ رهيس، پر نيو يارڪ
شهر مون کي نه وڻيو. ڊسمبر ۱۹۸۶ع ۾
لاس اينجلس آيس ۽ اڄ ۳۱ سال ٿي
ويا آهن، هتي ئي رهان پيو. هتي اچڻ کانپوءِ مون ننڍيون وڏيون نوڪريون ڪيون.
ايستائين جو شراب جي دڪان تي به ڪم ڪيم. ٻئي هنڌ اسٽور مئنيجز به ٿيس. ۱۹۹۱ع ۾ هڪ فرينچائز ورتم. شڪر الحمد لله هن وقت ۶ اسٽور اٿم، اسٽيٽ جو به ڪاروبار ڪريان پيو. مون ننڍپڻ ۾ ئي اهو سکي ورتو
هو ته ڪو به هڪ ڪم نه ڪجي.
سوال: سنڌ ڇڏي اچڻ کانپوءِ پنهور صاحب ۽ ٻين سان
رابطو رهيو؟
جواب: رابطن جي ڪري اچڻ وڃڻ ۾ دير ضرور ٿيندي
هئي، پر لڳاتار رابطو هيو، بابا ٻئي ٽئي سال هتي امريڪا ۾ ايندو هو. هو هڪ رهنما
هو. ۲۰۰۴ع ۾ هتي منهنجي وڏي ڀاءُ کي
سندس نوڪر قتل ڪيو هو. سندس ٻار ٻچا هتي آهن.
سوال: ايم ايڇ پنهور صاحب جي لاڏاڻي کانپوءِ
سندس ڇڏيل ڪم ڪٿي پهتو آهي؟
جواب: هن دنيا ۾ الله تعاليٰ کانپوءِ منهنجو
وجود منهنجي ماءُ پيءُ جي ڪري آهي. هر انسان تي اهو فرض آهي ته هو والدين جي ڇڏيل ڪم
کي اڳتي وڌائي. مان پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿو ته هڪ عالم جي گهر ۾ پيدا ٿيس.
پنهور صاحب سادو ماڻهو هو، کيس مڃتا جي طلب نه هوندي هئي. سنڌ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ
جيترا سچا سنڌي پيدا ٿيا آهن، ايم ايڇ پنهور به انهن مان هڪ هو. مان ڪنهن تي به
احسان نه پيو ڪريان پر اهو منهنجي لاءِ اعزاز آهي ته مان ان شخص لاءِ هر سال سنڌ وڃان
ٿو، ان جو ڏهاڙو ملهايان ٿو. ڪو نه ڪو ڪتاب ڪا نه ڪا تخليق پڌري ڪريان ٿو.
سوال: پنهور صاحب جي ڊجيٽيل لائبريري )پنهور ڊاٽ
ڪام( شروع ڪرڻ جو خيال ڪيئن آيو؟
جواب: اهو خيال بابا ئي مون کي ڏنو هو، بابا جو
کوڙ مضمون جدا جدا هنڌن تي شايع ٿيا، سنڌ ڪوارٽرلي ۾ تمام گهڻا مضمون بابا جا شايع
ٿيا. اهڙا مضمون ٻين رسالن ۾ به ايندا هئا، اهي سنجيده ۽ وسيع مضمون هئا. مون سندس
حياتيءَ ۾ ئي کين چيو ته اوهان ٻه ماڻهو رکو، جيڪي اهي آرٽيڪلز ٽائيپ ڪري مون کي
موڪلي ڏيارين. شروعات ۾ مون صرف بابا جا لکيل مضمون اپ لوڊ ڪرايا، پوءِ اڳتي هلي
مون ڏٺو ته بابا جو تمام گهڻو مواد سنڌ بابت آهي، جنهن کي مون جدا جدا شعبن ۾
ورهايو، سنڌ تي جيڪو مواد هو، اهو ۳۰ هزار
صفحن تي مشتمل هو. اهو http://panhwar.com/ تي موجود آهي. انهن ۾ انتهائي اڻلڀ ڪتاب به شامل آهن، پوءِ مون کي
شوق ٿيو ته مان به اهڙا اڻلڀ ڪتاب پي ڊي ايف ۾ تبديل ڪري اپلوڊ ڪريان، مون به ٽي
ساڍا ٽي سؤ ڪتاب پي ڊي ايف ۾ اپلوڊ ڪيا. ان ويب سائيٽ مان روز سوين ماڻهو لاڀ
پرائين ٿا.
سوال: پنهور صاحب جي گهر کي لائبريريءَ ۾ تبديل ڪرڻ
وارو فيصلو ڪنهن جو هو؟
جواب: اهو فيصلو بابا جي حياتيءَ ۾ ئي سڄي
فيمليءَ ئي ڪيو هو، پنهور صاحب جو جيڪو به اثاثو آهي، اهو سنڌ جي ملڪيت آهي. پنهور
صاحب جي حياتيءَ ۾ ئي ايم ايڇ پنهور ٽرسٽ فيمليءَ گڏجي ٺاهيو هو. ان ۾ پنهور صاحب
جي سڄي ملڪيت سنڌ لاءِ وقف ڪئي وئي هئي. ان ۾ اسان فقط هڪ شرط رکيو ته ان ٽرسٽ جا ٽرسٽي
پنهور صاحب جا گهر ڀاتي هوندا، ڪو ٻيو ماڻهو نه ٿي سگهندو. پنهور صاحب وٽ ۲۴ هزار چونڊ ڪتاب آهن. جن ۾ اڻلڀ ڪتاب، قلمي نسخا وغيره شامل آهن. مان
سمجهان ٿو ته خانگي لائبريرن ۾ پنهور صاحب جهڙي لائبريري ڪنهن وٽ به ناهي. ان
لائبريريءَ کي گهر تائين محدود ڪرڻ سنڌ سان زيادتي آهي. ان زماني ۾ مظهر الحق
صديقي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو، ان کي درخواست ڪئي ته سنڌ يونيورسٽيءَ
۾ اسان کي زمين ڏيو ته اسان اُتي عمارت ٺهرائي ان ۾ لائبريري به شفٽ ڪريون ۽ پنهور
صاحب جيڪو تحقيقي ڪم جتي ڇڏيو هو، ان کي جاري رکي سگهجي. سنڌ يونيورسٽيءَ ڀرسان گهڻيون
يونيورسٽيون آهن، اتي هزارين شاگرد پڙهن ٿا، انهن کي فائدو ٿيندو. سينڊيڪيٽ اسان
جي تجويز منظور ڪئي ۽ عمارت ٺهي راس ٿي آهي. لطيف آباد واري بنگلي ۾ ڪتابن جي ڪيٽلاگنگ
به ٿئي پئي ۽ بانڊنگ ٿئي پئي. ۵ ماڻهو
روزانو اُتي ڪم ڪري رهيا آهن. آگسٽ سيپٽمبر تائين لائبريري نئين عمارت ۾ منتقل ٿي
ويندي، اڻلڀ ڪتابن کانسواءِ سڀ ڪتاب عام ماڻهن جي پڙهڻ لاءِ هوندا، جڏهن ته اڻلڀ ڪتابن
جون ڪاپيون موجود هونديون. جڏهن ته اها لائبريري ڊجيٽل به هوندي. هن وقت هڪ نوجوان
ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پنهور صاحب جي ڪم تي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي، اسان ان جي
مدد ڪري رهيا آهيون. پنهور صاحب جي ڪم توڙي سنڌ جي تاريخ ۽ زراعت تي به جيڪڏهن ڪو
نوجوان تحقيق ڪندو ته اسان ان جي مدد ڪنداسين.
سوال: ٽرسٽ شاگردن جي مدد لاءِ ڪهڙو پروگرام رکي
ٿو؟
جواب: ٽرسٽ جي سڄي رقم تحقيقي ڪم تي خرچ ٿيندي.
پنهور صاحب جو گهڻو ڪم سنڌ جي تاريخ تي آهي، ان سلسلي ۾ اسان شاگردن جي مدد ڪنداسين.
پنهور صاحب جو ڪم سائنسي بنيادن تي هو. گذريل ڏهن سالن دوارن پنهور صاحب جي تحقيق
جي مڃتا وڌي آهي. سنڌ جي آبپاشيءَ جا ۶۰۰۰ ورهيه
سندس لاجواب تحقيق آهي. هو منفرد انداز ۾ تحقيق ڪندو هو.
سوال: هن وقت تائين پنهور صاحب جا ڪيترا ڪتاب
شايع ٿي چڪا آهن؟
جواب: هن وقت تائين ۱۴
ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، ٻه ڪتاب هن سال شايع ڪيون پيا.
پنهور صاحب جو گهڻو ڪم انگريزيءَ ۾ آهي، ان ڪري عام ماڻهن تائين گهٽ پهتو آهي، هو
انگريزيءَ ۾ لکندو هو، اسان ان جي ڪتابن جو ترجمو ڪرائي چڪا آهيون. ان ۾ غلام محمد
لاکي ۽ عمر سومري گهڻو ڪم ڪيو آهي. پنهور صاحب جو زرعي تحقيق جي سلسلي ۾ تمام گهڻو
ڪم ٿيل آهي. هن فصلن جا مئنيولز لکيا آهن. سڄي دنيا مان ٻج کڻي آيو. اسان زرعي
يونيورسٽيءَ سان لهه وچڙ ۾ آهيون ته اهي مئنيولز سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايا وڃن، اسان
کي ڪو مترجم مليو ته اسان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائينداسين. جيئن سنڌ جا آبادگار ان مان
لاڀ حاصل ڪري سگهن.
سوال: پنهور صاحب جو زرعي فارم ڪيئن وجود ۾ آيو
۽ ڪيئن پيو هلي؟
جواب: بابا سائنسي سوچ وارو ماڻهو هو، هن ۱۹۶۴ع ۾ کيسانه موريءَ ۾ فارم ٺاهيو. جنهن ۾ هن اهي فصل ۽ ميوا پوکيا، جن جي
پوکائيءَ جو سنڌ ۾ تصور به نه هو. ۱۰۹ ايڪڙن جي زرعي فارم تي هڪ جنرل مئنيجر، چار مئنيجر ۽ ۴۸ پورهيت هوندا هئا. سمورا زرعي گريجوئيٽس هئا. بابا پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي
انبن جا ۵۶ قسم متعارف ڪرائي چڪو هو. اهي
روايتي جنسن کان ڌار هيون. سندس سائنسي سوچ سبب ئي جيڪا آمدني ان فارم مان ٿئي ٿي،
عام آبادگار هڪ هزار مان به اها حاصل نه ٿو ڪري سگهي.
سوال: سانا ۾ ڊگهي عرصي کان اختلاف آهن، ڪجهه
دوستن جو خيال آهي ته سانا تي هڪ گروهه جو قبضو آهي؟
جواب: مان ڊسمبر ۱۹۸۶ع ۾ آمريڪا ۾ آيو هئس ۽ جنوري يا فيبروري ۱۹۸۷ع ۾ مان سانا جو ميمبر ٿيس. ٻه ڀيرا ريجنل سيڪريٽري، ٻه ڀيرا نائب صدر ۽ ٻه
ڀيرا صدر رهيس. اڄ ڏينهن تائين سڌي يا اڻ سڌيءَ ريت سانا جي معاملن سان لاڳاپيل
آهيان. سانا پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين جي واحد تنظيم آهي، جيڪا مڪمل جمهوري آهي، هر ٻئي
سال چونڊون ٿين ٿيون. نئين ٽيم اچي پنهنجي مرضيءَ سان وهنوار هلائي ٿي، ڪير به ان
۾ مداخلت نه ٿو ڪري. مان سمجهان ٿو ته ڪجهه دوست ناراض ناهن، پر انهن دوستن جو
پروگرام سانا تي قبضو ڪرڻ هو. هو جڏهن ان ۾ ناڪام ٿيا آهن ته سانا کي بدنام پيا ڪن.
مثال طور اعجاز ترڪ، وليد شيخ، جميل دائودي ۽ خليل ميمڻ تي دوست الزام پيا هڻن، پر
حقيقت اها آهي ته سانا جي مجموعي چندي کان وڌيڪ اهي چار دوست سانا جي ٻيڻي مدد ڪن ٿا.
جيڪو ماڻهو هڙان پيسا ڏيندو، اهو ڪرپشن ڇو ڪندو. اسان گڏجي هلڻ لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون
ڪيون آهن، پر دوستن جي پنهنجي ايجنڊا آهي، اهي سانا کي تباهه ڪرڻ گهرن ٿا. اسان ته
کين ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ ۾ به اچڻ جي آڇ ڪئي پر اهي راضي نه ٿيا. اسان اڄ به گڏ هلڻ
لاءِ تيار آهيون.
سوال: سانا اڳ سنڌ مان گهڻي ڀاڱي سياستدانن کي
گهرائيندي هئي، هاڻي پروفيشنلز تي گهڻو زور آهي، اها تبديلي ڪيئن آئي؟
جواب: اڳ اهو سمجهيو ويندو هو ته شايد سياسي اڳواڻ
هتي اچي سنڌ جو ڪيس پيش ڪن، پر اڳتي هلي محسوس ڪيو ويو ته سنڌ جي ترقيءَ لاءِ
ضروري آهي ته مختلف شعبن جا ماهر گهرائي سنڌ تي ڳالهائجي، هاڻي اهو تجربو تمام گهڻو
ڪامياب ويو آهي.
سوال: سنڌ مان آيل پيڙهي اڄ به اباڻن ڪکن سان
چنبڙيل آهي، پر اوهان جو هتي ڄاول نسل پنهنجي وڏڙن کان وٿيرڪو ٿي ويو آهي، ان کي ڪيئن
ڳنڍي سگهجي ٿو؟
جواب: اهو انتهائي اهم سوال آهي، اهو سوال مان
پنهنجي پاڻ کان به ڪندو آهيان، هڪ حقيقت آهي ته اوهان جڏهن لڏپلاڻ ڪريو ٿا ته پوءِ
اوهان کي کوڙ سمجهوته ڪرڻا پون ٿا. اسان ته سنڌ ۾ ڄاواسين، جواني اُتي گذاري، پر
جيڪي هتي ڄاوان نپنا، انهن جون پاڙون سنڌ ۾ ناهن، ڪجهه ماڻهو ته هر سال ٻارن کي وٺي
وڃن ٿا، جيئن لهه وچڙ ۾ رهن. اسان سانا کي انهن نوجوانن وسيلي هلائڻ چاهيون ٿا.
No comments:
راءِ ڏيندا