; سنڌي شخصيتون: سيد پريل شاھ - آزاد انور ڪانڌڙو

04 September, 2017

سيد پريل شاھ - آزاد انور ڪانڌڙو

سيد پريل شاھ
آزاد انور ڪانڌڙو
مجسما ساز سيد پريل شاھ ھاڻي ھن بي وفا دنيا ۾ناھي رھيو. ھن جنھن چيڪي مٽيءَ کي سينگاري سنواري مجسمن جي فن کي نوان روپ ڏنا افسوس ته ھن پنھنجي سڄي زندگي غربت، مفلسي، مالي پريشاني ۽ بيمارين ۾ گذاري. سيد پريل شاھ سڄي عمر مجسما سازي جي فن کي رت ۽ ست ڏنو افسوس ته موٽ ۾ ھي فن سندس پيٽ به پالي نه سگھيو ۽ نه ئي بيماريءَ ۾ سندس واھر ٿي سگھي.


سنڌ جو ناميارو مجسما ساز، سيد پريل شاھ، تازو ۲۳ اگسٽ ۲۰۱۷ع تي ميھڙ ۾ ڦڦڙن ۽ دل جي بيمارين سبب وڇڙي ويو. کيس ۳ پٽ سيد ميرگل محمد، سيد صدا حسين، سيد فيض علي شاھ، ھڪ نياڻي، ھڪ بيوه سوگوار ڇڏيا آھن. سيد پريل شاھ ۹-نومبر ۱۹۶۰ع تي ميھڙ جي ٻٽ محلي ۾ سيد ڇٽل شاھ جي گھر ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ پاس سيد پريل شاھ مجسما سازي جي فن جي شروعات ۱۹۷۵ع ۾ مئٽرڪ پاس جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ غربت سبب ۵-روپيا في نه ھئڻ ڪري ھاءِ اسڪول ميھڙ کي مريم توب ٺاھي ڏيڻ سان ڪئي. ان دور ۾ ميھڙ ھاءِ اسڪول جو ھيڊ ماستر، ڪريم بخش کھڙو ھو. نامياري اديب، مصور، ڪالم نگار صرير پنھور به کيس ھن فن ڏانھن دلچسپي ڏياري. سنڌي ادبي سنگت ميھڙ پاران به سندس مجسمن جي نمائش ڪجھ سال اڳ رکي وئي ھئي. نمائش جو افتتاح برک اديب، محقق، تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ نامياري اديب، محقق حڪيم عبدالحميد خان چانڊيو ڪيو ھو.
ڦڦڙن ۽ دل بيماري سبب ۵۷ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويل مجسما ساز سيد پريل شاھ شھيد بينظير ڀٽو، شھيد ذوالفقارعلي ڀٽو، سائين جي ايم سيد، تحريڪ آزادي ءَ جي اڳواڻ قائد اعظم، سر سيد احمدخان، علامه اقبال، سردار عبدالرب نشتر، ليڊي ڊائنا، نواز شريف، لياقت علي جتوئي ۽ ٻين جا چيڪي مٽيءَ مان مجسما ٺاھيا.
ھن چيڪي مٽيءَ مان ۱۲ فوٽ اوچائي وارو مينار پاڪستان ٺاھيو. جڏھن ته ڀٽ ڌڻيءَ جو روضو، عمرڪوٽ جو قلعو، قائد اعظم جو مقبرو به ٺاھيو.
ھن شاھ سائينءَ جي سورمين عمر مارئي، مومل، سسئي جا مجسما به ٺاھيا. جڏھن ته ھن ڀٽ ڌڻيءَ جو تصوراتي مجسمو بلڪل نئين ۽ جديد انداز ۾ چيڪي مٽيءَ مان تيار ڪيو جيڪو شاھ جي ھن وقت تائين تصوراتي تصويرن، مصوري کان بلڪل الڳ ٿلڳ ۽ مختلف آھي.
ھن سنڌ جي مختلف سازن بنئسري، الغوزو، مرلي، بوڻينڊو جا اھڙا مجسما ٺاھيا جيڪي اصل حالت ۾ وڄائي به سگھجن.

سَوين مجسما ٺاھيندڙ سنڌ جو ھي فقير منش آرٽسٽ، سيد پريل شاھ، ميھڙ جي گھاڙي روڊ سان ڀٽا محلا ۾ مسواڙ جي گھر ۾ ڦڦڙن ۽ دل جي بيماريءَ سان جھيڙيندي زندگيءَ جي جنگ ھارائي ويو. 

No comments:

راءِ ڏيندا